; سنڌي شخصيتون: سُهراب گوپانگ - حفيظ چانڊيو

07 August, 2019

سُهراب گوپانگ - حفيظ چانڊيو


سُهراب گوپانگ
مسڪينن جو مسيحا
حفيظ چانڊيو
بنهه ٿورڙا ماڻهو ٻين جي جيون جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ رات ۽ ڏينهن پير پٿون ڪندا آهن، سندن اهنج ۽ ايذاءَ جي خاتمي تائين سک سان ناهن ويهندا، سندن جواني به انساني تشخص جي بحاليءَ لاءِ ارپيل هوندي آهي، اهڙو مقصد عظيم مقصدن مان هڪ آهي، جنهن جي مدد سان هو ٻين جا ٻانهن ٻيلي ٿيندا آهن، اها ان قوم جي خوشنصيبي ئي چئجي جو سندس ڪُک مان اهڙن انسان دوستن جو جنم ٿيندو آهي، انسانيت سان پيار ڪندڙن جو به هڪ الڳ ويڙهو آهي، ان ويڙهي ۾ سڀ حساس طبعيت رکندڙ رضاڪار ٻين جي ڏُکن تي ڏکي پوندا آهن، سندن قافلي جا رخ انسانيت جي علمبرادريءَ ڏانهن هوندا آهن، پرائي دردن کي پنهنجائي جيئڻ سندن شيوو هوندو آهي، اهڙي انساني همدرديءَ واري جذبي سان سرشار نوجوان سهراب گوپانگ به هڪ آهي، جنهن جو جنم ۰۱ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع ڌاران ڳوٺ پليو گوپانگ جي هڪ نيڪ مرد رستم خان گوپانگ جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، جيتوڻيڪ سندس والد ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي ساڻن اڀي پير گڏ  بيٺو رهيو، پر ڪڏهن به هن مانجهي مڙس کانئن ڪنهن شيءَ جي طمع نه رکي، بي ضرر ۽ بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي، هن پنهنجي سموري ڄمار ڳوٺ ۾ موجود ماڻهن جي لاءِ جهڙوڪ ايڌي جيان ڪردار ادا ڪيو، سهراب پنهنجي پيءُ ماءُ جو اڪيلو پُٽ آهي، مسڪيني حال آڌر هنن سندس پرورش ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، تڏهن ته سهراب پنهنجي هڪ جيڏن کان بنهه مختلف آهي، سندس ڳوٺ ۾ موجود سندس هم عصر اڄُ به هارپو ڪندا آهن، هي ڳوٺ جو واحد نوجوان آهي، جيڪو سندن هر ڏُک ۾ ساڻن رات ۽ ڏينهن گڏ رهيو آهي،  هن جي انساني همدرديءَ وارو قافلو جيتوڻيڪ مختصر ماڻهن تي مشتمل آهي، پر مخلص ۽ محبتي آهي، جيڪو ڪڏهن به خاموش ناهي ويٺو، تحرڪ سندن خمير ۾ شامل رهيو آهي، ڇو جو سندس والد رستم خان  به ساڳي مزاج جو هڪ شاندار شخص هو،جنهن مارن جي خوشحاليءَ ۽ صحتيابيءَ لئي پاڻ پتوڙِيو هو، سهراب جو قافلو مختصر ماڻهن تي مشتمل کڻي ڇو نه هجي، پر سندس اهو قافلو مخلوق لاءِ مڌ آهي، مسلسل جدوجهد جو نت نئون روپ آهي جيڪو بيهڻ جو نانءُ نه ٿو وٺي ۽ کٽڻ سندس شيڊيول ۾ ناهي، سندس علائقي ۾ ڪيل خدمتن ۾ ڳوٺ ۾ پرائيوٽ ڪلينڪ جو قيام، اسڪول لاءِ ڀڄ ڊڪ، صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ علمي، ادبي پروگرامن سان گڏ تفريحي پروگرام منقعد ڪرڻ سر فهرست آهن، جيتوڻيڪ هر پاسي ڏينهون ڏينهن نفرت جي ڄر وڌندي ويجهندي رهي ٿي، جنهن جي زهر کي بي اثر ڪرڻ لاءِ هو محبتن جي گُلابن جي پوک ڪندو رهي ٿو ته جيئن سندس ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ موجود بيمار ۽ زنگيل ذهن دنيا سان شانه بشانه هلڻ جي سگهه ساري سگهن، سندس ان سفر ۾ هن جا موبي پٽ رستم خان، مهراب خان، سرفراز علي ۽ دوست سڪندر علي گوپانگ به شامل آهي، سڪندر گوپانگ معذور هوندي به سهراب گوپانگ سان هر قدم تي گڏُ رهيو آهي.


ان سلسلي ۾ سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري ڪيڏو نه خوب لکيو آهي ته:
جو قوم جيئاري، اهو جيئندو رهندو
جو عام اُجاري، اهو جيئندو رهندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.
جيڪي ماڻهو پنهنجي ديس ڌڻين جي اهنجن تي تڙپي اٿن، سندس ڏُک کي پنهنجائين، سندن وهندڙ ڳوڙهن جو تدارڪ ڪن، سي ڪڏهن به قوم جي دلين مان ناهن نڪري سگهندا، سُهراب گوپانگ واقعي اهڙن شاندار ماڻهن منجهان هڪ آهي، جيڪو سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري جي سٽ جو حقيقي عڪس بڻجي، ماڻهن جي لاءِ مسيحا بڻيل آهي، جيڪو سندن حياتي بچائڻ خاطر، کين پنهنجي رت ڏيڻ کان ناهي ڪيٻائيندو، هن چواڻي ته کيس سخت تڪليف ان وقت ٿيندي آهي جڏهن هو آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهن کي هڪ ٻئي کان  خوف زدهه ڏسندو آهي، هن مطابق ته ويساهه جو انت اچي ويو آهي. انصاف ڏيندڙن ادارن کي سنڌ ۾ انسانيت جا ليڪا لتاڙيندر ڌريون نظر کان اوجهل بڻيل ڇو آهن، ڪاروڪاري جهڙي ڪڌي رسم ۾ بي موت مرندڙ بي گناهه نارين جو لال لهو تي سندن مجرماڻي خاموشي ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ڪري وجهي،قبيلائي جهيڙن ۾ ناحق مرندڙ  سنڌ جي ماڻهن جون ڳڙڪجندڙ حياتيون سرڪار کي نظر ئي نه ٿيون اچن، سهراب گوپانگ مطابق انصاف پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي آهي، جنهن کي جيئن وڻي ٿو، تيئن ڪري ٿو، ائين  ٿو لڳي ڄڻ ملڪ اندر جهنگ جو قانون لاڳو ٿي چڪو آهي.
سهراب جو سچائيءَ جو سفر جيتوڻيڪ ڪٺن آهي، پر هو ان رستي تي آهي، جتي ماڻهپي کي مان ملندو آهي، سندس اها همٿ ئي آهي، جيڪا کيس گذريل ٽيهارو سالن کان گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول منجهه رهندي به سندس من کي ڪڏهن ناهي منجهايو، نه ئي وٽس مايوسي مهمان ٿي آهي، هو ته اڏول انسانن جيئن اڳ کان اڳرو آهي، سندس راهن ۾ جيتوڻيڪ نفرت جي ناخدائن، شيشا وڇرائي ڇڏيا، ته جيئن هو پنهنجي منزل تان هٽي وڃي، پر وقت ثابت ڪيو ته تربيتون ئي انساني زندگيءَ ۾ اهميت جون حامل ثابت ٿينديون آهن، هو وحشت ۽ دهشت واري ماحول ۾ ماڻهپي جو داعي بڻجي، محبت ۽ ماڻهپي جي پرچار ڪندو ٿو رهي، اها گهڙي ناهي، جنهن ۾ هُن ڪنهن سان ڀلائي ناهي ڪئي. پليو گوپانگ کان لاڙڪاڻي تائين پهچڻ ۾ تڪريبن پندرنهن منٽ لڳي ويندا آهن، پر جڏهن سهراب گوپانگ، ريڊيو پاڪستان تي فرض جي ادائگيءَ لاءِ نڪرندو آهي ته ريڊيو تي پهچندي پهچندي، کيس ٻه ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، اهي رستا ۽ چارا سندس سچائيءَ جا ساکي بڻيل آهن، جن تي هو پنهنجا پير ضبط ڪري ڪنهن اسپتال ۾ مريض جي مدد لاءِ اڌرات جو بنا ڪنهن خوف جي سندن واهر ڪرڻ لاءِ نڪري پوندو آهي. سهراب گوپانگ پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڌامراهن مان حاصل ڪئي، هو جڏهن نائين درجي ۾ آيو هو ته روزانو هن کي اسڪول تائين پنڌ وڃڻو پوندو هو، اهو ان جي ڪري جو اڳي ڪلاڪن ۾ ڪا لاري مشڪل سان ايندي هئي، هڪ ٻار جي لاءِ نٽهڻ اس ۾ پنج يا ڏهه ڪوهه پنڌ ڪرڻ نهايت ڏکيو هوندو آهي، سڀني ڏکائين سان مڙسيءَ سان منهن ڏيندڙ سهراب نيٺ پڙهي پيو، وڌندڙ بيروزگاريءَ سندس جيئڻ مشڪل بنائڻ پئي چاهيو ته ان وقت  هن همٿ ڀرئي نوجوان پورهئي کي عيب نه سمجهندي، پراڻي بس اسٽينڊ تي ماني ڳڀي ۽ چانهه جو هوٽل کوليو هو، جيڪو هن ٻه چار سال هلايو، ان کان پوءِ هن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي انائونسر لاءِ آڊيشن ڏنو، جتي هن ڪاميابي ماڻي، هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي، ريڊيو پاڪستان ۾ هو اڄُ به هڪ محنتي ڪارڪن طور مشهور آهي، هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ جيئن پروفيشنل لائيف ۾ به ڪميٽيڊ انسان آهي، هاڻي به ڪمن جي ڪُن ۾ ڦاٿل لاتعداد ماڻهو ريڊيو تي سهراب جو پڇي، ساڻس ملڻ ايندا آهن، سهراب گوپانگ، مسڪينن جو مسيحا  آهي، جنهن وٽ انسانيت ئي سڃاڻپ جو پهريون ڏاڪو آهي، هو رنگن، نسلن جي متڀيد کان الاهي مٿاهون انسان آهي، منجهس هزار خوبيون آهن، جن مان هڪ خوبي اها به آهي ته هو جڏهن به ملندو آهي ته سندس لبن تي مرڪ هوندي اهي، جيڪا الائي ڪيترن مسئلن ۽ سماجي معاملن ۾ منجهيل ماڻهن جي مسيحائي لاءِ مددگار هوندي آهي، سندس فقير منش مزاج هر ملندڙ کي پاڻ ڏانهن جلد متوجهه ڪري وجهندو آهي، هو مسڪينن جي مدد ۾ ائين سنجيدو ٿي، سندن معاملي ۾ گهرائيءَ سان گهري ويندو آهي، ڄڻ اها تڪليف هن کي پاڻ سان لاڳو هجي.
سماجي خدمتن کان علاوه سهراب گوپانگ جي سڃاڻپ هڪ بهترين آرٽسٽ به آهي، جيتوڻيڪ هن دجالي دور ۾ سماجي حوالي سان متحرڪ رهڻ ايڏو سولو ڪم نه آهي، پرسهراب گوپانگ ان کي آسان بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، هو نهايت محبتي ۽ ڪمٽيڊ انسان آهي، جنهن هميشه صحتمند سماج جي اڏڻ کي پنهنجي فرضن ۾ شمار سمجهيو آهي، هو زندگيءَ ۾ ڪٿي به مايوس ناهي ٿيو، نه ئي ڪنهن کي مايوس ٿيڻ ڏنو آهي، هميشه هالار جي حوصلي سان همڪنار هي فقير منش انسان، پيو ڳوٺ جي نوجوانن کي اتساهيندو، سندس سموري زندگي اسان جي آڏو آهي، جنهن ۾ هر حوالي سان هڪ باصلاحيت، محبتي، ماڻهپي سان واڳيل، هڪ ارڏو انسان آهي، جيڪو هر پيش ايندڙ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ کان ڪڏهن ناهي ڪيٻائيندو، هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي آهي، سماجي خدمتون سندس جين ۾ شامل آهن، انسانن سان ڀلائي ڪرڻ سهراب جو شوق رهيو آهي، جنهن سان هن جنون جي حد تائين نڀايو آهي، هن ماڻهن سان ڀلائيءَ کي منافعي بخش ڪاروبار ٿيڻ کان بچايو آهي، ڇو جو سهراب گوپانگ جو خيال آهي ته انساني خدمت کي هو خدا تعاليٰ پاران عطا ٿيل هڪ تعفو پيو سمجهي، جنهن کي هو هڪ امانت سمجهي ٿو، ان ڪري هو ٻين جي مدد ڪرڻ کي عبادت سمجهندو آهي.
سندس علائقي ۾ سماجي، علمي ادبي حوالي سان خدمتن کي وسارڻ جهڙوڪ پاڻ وسارڻ جي برابر آهي، سهراب گوپانگ پنهنجي آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهن کي تعليم جي اهميت بابت جيڪا سجاڳي ڏني آهي،ان لاءِ سندس ڪردار ئي شاهدي ڏيندو، سهراب جي سماجي خدمتن، علمي ادبي خدمتن جا مثال، سندس ڳوٺائي، اڄُ به پنهنجي اولاد کي ڏيندا آهن، ته هن پٺ تي پيل خاندان سان تعلق ۾ هوندي به پاڻ پڙهيو آهي ۽ پنهنجي اولاد کي تعليمي زيور سان آراسته پئي ڪيو آهي، تعليم جي فروغ لاءِ ويجهڙ ۾ ساڻس منهنجي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ هن خواهش ڏيکاري ته ڪاش! سندس ڳوٺ ۾ لائبرريءَ جو قيام ٿي پوي، جنهن تي مون سندس اهڙي خواهش کي ساراهيو، کيس همٿايو ۽ ڪتاب ڏيڻ جو واعدو به ڪيو. مون کيس لائبررين جي اهميت بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته قومن جي عروج ۽ زوال ۾ لائبررين جو وڏو هٿ هوندو آهي، تاريخ شاهد آهي ته“ جڏهن به حملي آورن سنڌ سميت ڪنهن به ملڪ جي مقدس ڌرتيءَ تي حملو ڪرڻ چاهيو آهي ته ترجيحي بنيادن تي هنن پهريون اتي موجود مقامي لائبررين کي ساڙايو آهي“، ڇو جو تعليمي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ سان قومون ڊهي پٽ پونديون آهن، انکان علاوه تعليمي ادارن جو قيام استحصالي قوتن جي لاءِ موت جي برابر هوندو آهي ۽ قومن جياپي جو سامان پڻ آهي، تعليم نه صرف جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندي آهي، پر زندگيءَ جي مقصد کي سمجهي پاڻ سان گڏ ٻين کي جيئارڻ ۾ مددگار پڻ ثابت ٿيندي آهي، گڏوگڏ پنهنجن جي لاءِ پارس ۽ دشمنن لئي اک ۾ ڪان بڻجي سندن اکين منجهه چڀندي آهي.
ڳوٺ پلئي گوپانگ ۾ هن سماجي ڪم ڪندڙ نوجوان جو ڳوٺ ۾ لائبرري جو ڏٺل خواب يقينن ساڀيائون ماڻيندو، اهو محظ هڪ خواب ناهي، پر هڪ اهڙي دور انديشي آهي، جيڪا سندس نسلن جي آبياري ڪندي ايندي، سندس من ۾ موجود سماجي ڪمن وارو ڪم، ديس ڌڻين جي خوشحاليءَ وارو خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيائون ماڻيندو.

No comments:

راءِ ڏيندا