سُهراب گوپانگ
مسڪينن جو مسيحا
حفيظ چانڊيو
بنهه ٿورڙا ماڻهو ٻين
جي جيون جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ رات ۽ ڏينهن پير پٿون ڪندا آهن، سندن اهنج ۽ ايذاءَ
جي خاتمي تائين سک سان ناهن ويهندا، سندن جواني به انساني تشخص جي بحاليءَ لاءِ
ارپيل هوندي آهي، اهڙو مقصد عظيم مقصدن مان هڪ آهي، جنهن جي مدد سان هو ٻين جا ٻانهن
ٻيلي ٿيندا آهن، اها ان قوم جي خوشنصيبي ئي چئجي جو سندس ڪُک مان اهڙن انسان دوستن
جو جنم ٿيندو آهي، انسانيت سان پيار ڪندڙن جو به هڪ الڳ ويڙهو آهي، ان ويڙهي ۾ سڀ
حساس طبعيت رکندڙ رضاڪار ٻين جي ڏُکن تي ڏکي پوندا آهن، سندن قافلي جا رخ انسانيت
جي علمبرادريءَ ڏانهن هوندا آهن، پرائي دردن کي پنهنجائي جيئڻ سندن شيوو هوندو
آهي، اهڙي انساني همدرديءَ واري جذبي سان سرشار نوجوان سهراب گوپانگ به هڪ آهي، جنهن
جو جنم ۰۱ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع ڌاران ڳوٺ پليو گوپانگ جي هڪ نيڪ مرد رستم خان گوپانگ جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو،
جيتوڻيڪ سندس والد ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي ساڻن اڀي پير گڏ بيٺو رهيو، پر ڪڏهن به هن مانجهي مڙس کانئن ڪنهن
شيءَ جي طمع نه رکي، بي ضرر ۽ بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي، هن پنهنجي سموري ڄمار ڳوٺ ۾ موجود
ماڻهن جي لاءِ جهڙوڪ ايڌي جيان ڪردار ادا ڪيو، سهراب پنهنجي پيءُ ماءُ جو اڪيلو پُٽ
آهي، مسڪيني حال آڌر هنن سندس پرورش ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، تڏهن ته سهراب پنهنجي هڪ جيڏن
کان بنهه مختلف آهي، سندس ڳوٺ ۾ موجود سندس هم عصر اڄُ به هارپو ڪندا آهن، هي ڳوٺ
جو واحد نوجوان آهي، جيڪو سندن هر ڏُک ۾ ساڻن رات ۽ ڏينهن گڏ رهيو آهي، هن جي انساني همدرديءَ وارو قافلو جيتوڻيڪ
مختصر ماڻهن تي مشتمل آهي، پر مخلص ۽ محبتي آهي، جيڪو ڪڏهن به خاموش ناهي ويٺو، تحرڪ
سندن خمير ۾ شامل رهيو آهي، ڇو جو سندس والد رستم خان به ساڳي مزاج جو هڪ شاندار شخص هو،جنهن مارن جي
خوشحاليءَ ۽ صحتيابيءَ لئي پاڻ پتوڙِيو هو، سهراب جو قافلو مختصر ماڻهن تي مشتمل کڻي
ڇو نه هجي، پر سندس اهو قافلو مخلوق لاءِ مڌ آهي، مسلسل جدوجهد جو نت نئون روپ آهي
جيڪو بيهڻ جو نانءُ نه ٿو وٺي ۽ کٽڻ سندس شيڊيول ۾ ناهي، سندس علائقي ۾ ڪيل خدمتن
۾ ڳوٺ ۾ پرائيوٽ ڪلينڪ جو قيام، اسڪول لاءِ ڀڄ ڊڪ، صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ
علمي، ادبي پروگرامن سان گڏ تفريحي پروگرام منقعد ڪرڻ سر فهرست آهن، جيتوڻيڪ هر
پاسي ڏينهون ڏينهن نفرت جي ڄر وڌندي ويجهندي رهي ٿي، جنهن جي زهر کي بي اثر ڪرڻ
لاءِ هو محبتن جي گُلابن جي پوک ڪندو رهي ٿو ته جيئن سندس ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ موجود
بيمار ۽ زنگيل ذهن دنيا سان شانه بشانه هلڻ جي سگهه ساري سگهن، سندس ان سفر ۾ هن
جا موبي پٽ رستم خان، مهراب خان، سرفراز علي ۽ دوست سڪندر علي گوپانگ به شامل آهي،
سڪندر گوپانگ معذور هوندي به سهراب گوپانگ سان هر قدم تي گڏُ رهيو آهي.
