; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

11 August, 2019

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
۲۷ فيبروري جنم ڏينهن
نوجوان، شاعر ۽ ليکڪ رياضت ٻرڙو ولد شوڪت علي ٻرڙو ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي موجوده قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ بہ قمبر مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي فزڪس ڪيائين. ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ هن ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون بہ حاصل ڪيون، رياضت ٻرڙو بنيادي طرح شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم آهي. پهرين شاھ لطيف ڪاليج قمبر ۽ هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جو ليڪچرار آهي. هي هڪ سال تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”سائنس“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهي چڪو آهي.


رياضت ٻرڙو سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ قمبر شاخ جو ۶ سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي، سنگت قمبر جي نيوز ليٽر باک جو ايڊيٽر بہ آهي، ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي، اڪيدمي پاران نوجوان محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا اٿائين. رياضت ٻرڙي پاران شايع ڪرايل ڪجھ هن ريت آهن، پيار ڪهاڻي ڪهاڻيون: ۱۹۹۴ع، سائنسي معلومات ۱۹۹۴ع، سائنسي سوال جواب ۱۹۹۵ع، سائنسي ڄاڻ ۲۰۰۴ع، شام جي هوا شاعري: ۲۰۰۴ع، ديوان رياضت شاعري:۲۰۰۵ع، چانڊوڻا چمڪن ترتيب: ۲۰۰۷ع، ذات ڏيئا ٻاريا لاڙڪاڻي جا چونڊ شاعر ۲۰۱۰ع.
رياضت ٻرڙي کي ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ ۲۰۰۰ع کان سواءِ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت قمبر پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا سرٽيفڪيٽ به ملي چڪا آهن.
اڄ ۲۷ فيبروري تي سندس جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون، شال سدائين جڙيو رهي.





منھنجي مختصر آتم ڪھاڻي
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ڪھاڻي ڪٿان به ۽ ڪڏهن به شروع ٿي سگهي ٿي. اها نه ته ڪنهن خاص ماڳ جي گهرجائو هوندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن موسم جي. ايئن ئي منهنجي ڪهاڻي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر قنبر ۾، بهار جي آمد سان، ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع تي شروع ٿي، پر ملڪ تي جنرل يحى خان جو مارشل لا مڙهيل هو. منھنجو ٻالپڻو پهرئين چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت دوران گذريو. افسوس، ته مون ڏهه ورهيه به پورا نه ڪيا هئا ته ڀُٽي صاحب کي ڦاهي ڏيارائي، جنرل ضياء مُلڪ تي مارشل لا لاڳو ڪيو، ۽ جڏهن ۱۹۸۸ع ۾، ضياءُ واءُ ۾ وکري ويو، ته مان لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج مان انٽر پاس ڪري چڪو هيم، منهنجيون دلچسپيون جاسوسي ناولن سميت سائنسي مواد پڙهڻ سان سلهاڙجي چڪيون هيون ۽ مضمون لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ جي شروعات ڪري چڪو هيم، ڇاڪاڻ ته قنبر ۾ اسان جي گهر ۾، منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جهڙي شخصيت موجود هئي جنهن جا هزارين ڪتاب اسان جي چوڌاري هوندا هئا ۽ پنهنجي موجوديءَ جو ڀرپور احساس ڏياريندا هئا. منهنجو ٻيو ڀاءُ صحبت ٻرڙو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي تعلقات ۾ پڙهي رهيو هو ۽ ڊاڪٽر محبت جي تسلسل ۾ سياسي طور متحرڪ هو. ٻئي طرف منهنجي بابا، شوڪت علي جو پڻ تاريخي ۽ مذهبي ڪتاب پڙهڻ سان گهڻو شوق هو. هن جا ’شوق‘ جي تخلص سان ڪي شعر پڻ سرجيل آهن، جڏهن ته هن هڪ ضخيم ڪتاب ”اللھ بادشاهه جي ڳالهه“ پڻ لکيو. منهنجو ڏاڏو محمد عثمان ٻرڙو پڻ پنهنجي دَور جي معروف شخصيت هو. هن ڇهه مذهبي ڪتاب ڪتاب لکڻ سميت، پنهنجي ڪٽنب جي تاريخ پڻ لکي ۽ شجرو پڻ مرتب ڪيو. وٽس هڪ ننڍي لائبريري به هئي. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته مان پنهنجي ڪٽنب جي ٽئين نسل ۾ لکڻ پڙهڻ سان لاڳاپيل آهيان ۽ تسلسل جي موجوده ڪَڙِي آهيان.
قنبر ۾، منهنجي ماروٽَ سائين اشرف علي جي وڏوَر پٽ امتياز ٻرڙي (جيڪو مون کان ٻه ورهه وڏو آهي) جي معرفت مون کي سندس دوستَ ستار هڪڙو ۽ امتياز تنيو مليا، جن جي وسيلي خادم رند، غلام حسين هڪڙو، فدا حسين ميرجت ۽ مختيار احمد ڀٽو مليا. اسان سڀني گڏجي، قنبر شهر ۾ پهرين سائنسي اداري ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ جو بنياد ۷ فيبروري ۱۹۸۹ع تي وڌو. اسان جي فڪري رهنمائي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي، جنهن ”ڪلب“ پاران سائنسي موضوعن تي ليڪچر پڻ ڏنا. ٻئي طرف ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سڄاڻ سياسي ۽ ادبي دوستن سان پڻ سندس ”لطيف ڪلينڪ“ تي ويجهڙائي وڌي، جن ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙو، سائين عظيم سومرو، مجيد منگي، ڊاڪٽر نذير شيخ، جامي چانڊيو، محبوب رُڪ راهوجو، سرمد چانڊيو ۽ سائين منظور ڇڄڙو نمايان آهن. انهن مان ڪي دوست سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان به سلهاڙيل هئا. سرمد چانڊيي کي ته مون شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد به ڪيو. پوءِ ته ادبي سنگت جي ٻين دوستن سان به ويجهڙايون پيدا ٿيون، جن ۾ ميهر مجاهد، سائين گل حسن شاد، آتش سنڌي، دين محمد ڪلهوڙو، حَسن علي هَڪڙو، قاسم راهي، علي آڪاش، عبدالخالق ميڻو، گوتم جيسواڻي، مسيحا مگسي (مسيح)، سعيد سومرو، عزيز قاسماڻي، وفا سولنگي، معصوم، علي زاهد شامل آهن. ادبي سنگت جي ٻين ميمبرن مان جن دوستن سان ويجهڙائي رهي آهي، تن ۾ قمرالدين قمر، ايوب ٻرڙو، بشير آچو، شبير لاکو، منير چانڊيو، شورش سنڌي، عباس ڪوريجو، راشد بروهي، ڪوڙل قربدار، اسماعيل ٻرڙو، سيف الحق سيف، شمس چانڊيو، شاهجهان ٻرڙو، ثقلين لاشاري، ايس سرمد ۽ نورالحق نور شامل آهن.
لطيف ڪلينڪ، سنڌي ادبي سنگت قنبر ۽ موهن جو دڙو سائنس ڪلب مون سوڌو منهنجن دوستن جي علمي ۽ ادبي سکيا جا ادارا رهيا آهن. اسان انهن ادارن مان پِرايل علمي اوسر ۽ عملي سرگرمين کي ئي اڳتي وڌائيندا رهيا آهيون.



ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ادبي ۽ علمي خدمتون

شهزادو شيخ

سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر، محقق، نثر نويس، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، استاد، منتظم تعليمدان ۽ سنڌي لغت تي پي ايڇ ڊي جي سند رکندڙ درس ۽ تدريس سان سلهاڙيل ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جو جنم ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع تي قمبر شهر ۾ ٿيو.

سندس والد جو نالو شوڪت علي ”شوق” هو هن ابتدائي تعليم قمبر شهر مان حاصل ڪئي جنهن ۾بي ايس سي (آنرز)۽ ايم ايس سي (آنرز) فزڪس شعبي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان پاس ڪئي. هن ايلمينٽري ڊرائنگ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد پاران اليڪٽريڪل وائرنگ جو ڪورس ڪيو بي ايڊ ( B. Ed)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جي لاڙڪاڻو برانچ مان حاصل ڪئي ايم ايڊ ( M. Ed) ساڳئي يونيورسٽي پاران مهراڻ آرٽس ڪاليج قمبر مان ڪئي هن ايم اي (M. A) پرائيوٽ (سنڌي ۾) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي. ان کان پوءِ هن وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان پي ايڇ ڊي (P. hd) جي اعلي ڊگري ”سنڌي لغت نويسي” جي موضوع تي حاصل ڪئي آهي ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو عملي کيتر ۾ پير پائيندي فزڪس جي شعبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور گورنمينٽ شاھ لطيف ڊگري ڪاليج قمبر ۾ تنهن بعد سنڌ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائڻ کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري فزڪس جي ليڪچرار طور ۲۰۰۱ع ۾ گورنمينٽ شاھ لطيف ڊگري ڪاليج قمبر ۾ مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع کان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي ويجهڙ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي آهي.

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي ادبي کيتر ۾ لکڻ جي شروعات ۱۹۸۷ع ۾ ترجمن کان ڪئي. هن مضمون، تاثر، ڪهاڻيون لکڻ سميت شاعري پڻ ڪئي سندن لکڻين ۽ ترجمن جي سنوار سندس وڏي ڀاءُ نامياري اديب محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعري ۾ سندس رهنمائي نامور شاعر سرمد چانڊئي ڪئي. سندس پهرين لکڻي ۱۹۸۸ع ۾ ڇپي. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو مختلف علمي ادبي ادارن جو ميمبر رهيو آهي جن ۾۱۹۹۰-۹۱ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ٿيو، ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو ميمبر پڻ آهي. سنڌ سوسائٽي ڄامشورو جي ماهوار رسالي سائنس، ۾ ”اسسٽنٽ ايڊيٽر” طور ڪم ڪيو. ٽماهي رسالي ”صحت ۽ ماحول“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو ان کانپوءِ سندس پهريون ڪتاب ۱۹۹۴ع ۾ ”پيار جي ڪهاڻي ڪهاڻين جو مجموعو ڏاهپ پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو. ان کان پوءِ ادبي سنگت قمبر شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو جنهن کان پوءِ پنج ڀيرا سيڪريٽري رهڻ سميت مختلف عهدن تي ڪم ڪيو ۱۹۹۷ع ۾ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو "ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي "جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هن وقت ان اڪيڊمي جي اعزازي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي اڪيڊمي پاران مختلف علمي ادبي ۽ سائنسي ڪتاب ڇپرائڻ سميت سندس هڪ اهم ڪم ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جا ڪتاب سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ آهن ان کان علاوه ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ۲۰۰۳ ع کان ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪيل سوسائٽي” جو ميمبر آهي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ ۲۰۱۵ ۾ آرڪائيوز شعبي جو چيئرمين پڻ رهيو ڊاڪٽر رياضت جا ويهھ (۲۰) ڪتاب ڇپيل ۽ ترجما ٿيل آهن جن مان هيٺ ڪجهه ڏجن ٿا (۱) پيار جي ڪهاڻي (۲) سائنسي معلومات (۳) شام جي هوا (۴) ديوان رياضت (۵) گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم (۶) قمبر ( ۷) تحفو (۸) چانڊوڻا چمڪن ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن ان کان ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو پنهنجي وڏي ڀاءُ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا لکيل ۽ ترجمو ٿيل ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا آهن ان کان علاوه ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جا لسانيات، لغت ۽ ادب ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منظور ٿيل تحقيقي جرنلن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن ڊاڪٽر رياضت کي علمي ادبي ۽ تنظيمي طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو هڪ محبت ڏيندڙ ملنسار ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهندڙ هر هڪ ماڻهو سان پيار ڪندڙ ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ شخصيت آهي. هي پيغمبري جهڙي پيشي درس ۽ تدريس ۾ بحيثيت پروفيسر فزڪس جي سبجيڪٽ ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڪيترن سالن کان وٺي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي علم جهڙي زيور سان شاگردن کي سينگاري رهيو آهي. ڊاڪٽر رياضت هڪ علمي خزانو آهي جنهن وٽ علمي ادبي لفظن جو ڀنڊار آهي. سندس سنڌي ادب ۾ ڪيل ڪم مثالي ۽ مثبت نموني سان ٿيل آهي ڊاڪٽر رياضت سنڌي لغت تي پي ايڇ ڪري هڪ مثالي ڪم ڪيو آهي.

رياضت هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي جنهن ۾ شاعري جو به حوالو به نمايان آهي دنيا ۾ تمام اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن جيڪي علم ادب لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيندا آهن انهن مان ڊاڪٽر رياضت به هڪ آهي ڊاڪٽر رياضت هڪ ذهين، حاضر دماغ، خوش لباس جدوجهد ڪندڙ ۽ محنتي شخص آهي ڊاڪٽر رياضت کي سنڌي اردو ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل آهي هي هڪ قابل عالم، سٺو استاد بھترين مقرر ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ آهي سندس شاعري ۾ ڏک غم درد پيار محبت ۽ اتساهه جو جذبو موجود آهي سندس لکڻين ۾ پختگي شائستگي چاشني موجود آهي سندس تخليق شاندار ۽ لاجواب آهي. هو لکڻين کي پنهنجي قلم جي برش سان ڪاغذ تي اتاري لفظن کي مختلف احساسن جذبن امنگن ۽ اتساهه جا رنگ ڀري پڙهندڙ جي اڳيان پيش ڪندو آهي وٽس فن ۽ فڪر جي ماهرانا مهارت موجود آهي ڊاڪٽر رياضت هڪ آدرشي انسان آهي آدرشي انسان ٻين لاءِ آسائشون ۽ محبتون پيدا ڪندو آهي هو ماڻهن جي محبت جو مرڪز بڻجندا آهن سالن ۽ صدين تائين دلين ۾ جيئندا آهن نه ڊاڪٽر رياضت به يقنين انهن مان آهي ڊاڪٽر رياضت علم جي جوت سان گڏوگڏ علم ادب ۽ ذهني شعور جون نا وسامندڙ لاٽون پڻ سنڌي قوم جي ذهن ۾ روشن رهنديون. ڊاڪٽر رياضت صف اول تعليمدان، شاعر ۽ محقق آهي ان سان گڏوگڏ ڪشاده دل انسان پڻ آهي مان دوست ۽ ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ڊاڪٽر رياضت ۾ جي علمي ادبي حيثيت کان گهڻو متاثر آهيان، ڇو ته ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ سندس ڪيل ڪم هڪ مثالي ڪم آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا