; سنڌي شخصيتون: غزاله رفيق

27 August, 2019

غزاله رفيق


غزاله رفيق
خوش ادا، خوش شڪل، خوش آواز
نصير مرزا
ويٺي ويٺي ياد اچڻ شروع ٿي وئي آهي غزالي غزالي اکين واري، خوشبودار خاتون، صداڪاره ۽ اداڪاره غزاله رفيق. اجهو ستر اسي جي ڏهاڪي ۾ ڇا ريڊيو ڊراما ۽ سنڌي ٽي وي ناٽڪ، هر ڊرامي ۾ هوءَ ئي ته هيروئن ۽ ٽاڪ آف دي ٽائون. اتفاق سان روبرو به ته هن کي مون ڏٺو، ڪيڏو حيران ۽ پريشان ٿئس. هيءَ خاتون ته هوبهو جهڙي ٺهيل ٺڪيل ٽي وي اسٽار غزاله رفيق. ڀانئيان ٿو هي ۷۴-۱۹۷۲ع جي ڳالهه، صبح سان ٿڌي ٿڌي هوا ۾ بنگلي جي دروازي آڏو وڃي جي گئلريءَ ۾، ماڪ ڀنل گلاب جي پنکڙين جهڙو ترو تازو چهرو، نڪ ۾ ڊائمنڊ جي ڦلي، مٿي تي نڀور ڪارا گهٽا گهنگهور وار، لڳو ڄڻ فلم اسٽار زيبا کي پيو ڏسان. تڏهن ٻيءَ گهڙي مون هُن کي صاف سڃاڻي ورتو. اها اسان جي ريڊيو ٽي وي ڊرامن جي صدا بهار هيروئن ئي ته هئي: ”غزاله رفيق.“ اديءَ ٻڌايو، هُوءَ اِن ئي ته اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿي، پنهنجي پريوار سان گڏ. رفيق چوڌري، سندس گهر وارو آهي ۽ ٻارڙين جا نالا اٿس. صبا، صدف ۽ پٽڙي جو نالو اٿس: حسن!


ستر جي ڏهاڪي ۾ ڇا ريڊيو حيدرآباد يا ڇا ڪراچي، هر سنڌي ڊرامي جي هيروئن يا ته غزالا رفيق هوندي هئي يا مهتاب چنا. آئون پنهنجي هنن ٻنهي ڀيڻن جي آوازن جي ڇا تعريف ڪيان؟ بس ائين سمجهو ته ٻئي جهڙيون ”بلبل هزار داستان“. هونئن، ريڊيو ڪراچيءَ تان سنڌي اردو ڊرامن ۾ هيروئن جي پارٽ ۾ اچڻ کان پهرئين، فرمائشي نغمن وارن پروگرامن ۾ بلبل مهراڻ روبينه ۽ سشيلا مهتاڻي سان گڏوگڏ، ڪنهن بي اي غزاله جي نالي سان، معصوم معصوم آواز ۾ محمد جمن هالي جي هنن ٻن ڪلامن به ته اسان جي ساري گهر کي موهي وڌو هو. اجهو اهڙن ڪلامن جا ٻول هئا، ”مارو منهنجا ايندا، سانگي منهنجا ايندا“ ۽ ٻئي ڪلام جو مکڙو هو ”اسين ته جن لاءِ، واجهه وجهون ٿا“ هاڻي جيئن ئي سندس نالو انائونس ٿيندو هو بي. اي غزاله،!! تڏهن وڏي ادي چوندي، پڪ سان هيءَ ڪا وڏي پڙهيل لکيل ۽ اعليٰ تعليم يافته گائڪه هوندي. خير اهو ته گهڻو پوءِ ريڊيو جي مشهور رسالي ”آهنگ“ ۾ پڙهيم، هن جو اصل نالو ”بلقيس انصاري“ آهي. شڪارپور جي شاهه حسين محلي جي رهاڪو ۽ نامياري تعليمدان عثمان علي انصاري صاحب جي سڳي ڀائيٽي آهي. باوجود ان جي جو هوءَ روشن خيال خاندان جي تعليم يافته نياڻي هئي، پر ان وقت، راڳ ڳائڻ گهڻو ڪري ڇاڪاڻ ته پيشه وار گائڪائن لاءِ ئي مخصوص هو، ان ڪري روايتي سنڌي ماحول جي طنز کان بچڻ لاءِ، هن بلقيس انصاري سڏرائڻ بدران، پنهنجي انهيءَ نالي جي مخفف کي اختيار ڪندي، پاڻ کي بي.اي غزاله ڪري سڏرايو. سندس ولادت جو سال ۱۹۳۹ع هو ۽ ۱۹۵۸ع ۾ هوءَ، جنهن وقت ريڊيو تان متعارف ٿي، ان وقت ڄمار لڳ ڀڳ ارڙهن سال مس هوندي. سندس آواز ۾ اٿندي ئي جيڪا لوچ هئي ۽ ميٺاڄ، اُن کي ڏسندي، ڊائريڪٽر جنرل زيڊ.اي بخاريءَ هن کي سارنگي نواز بندو خان جي پٽ امراءُ بندو کان سڳو ٻڌرائي سندس شاگرد ڪري ڇڏيو. ريڊيو تان ان وقت ڪنهن انٽرويوءَ ۾ غزاله رفيق ٻڌايو پئي، ريڊيو ڪراچيءَ تي منهنجو پهريون ڊرامو هو ”آگ“ جنهن جو پروڊيوسر زاهد نقوي هو. ان بعد جشن تمثيل ۾ ٻيو ريڊيو ڊرامو هو: ”ڀول ڀُليان.“ اُن جي ليکڪه حسينه معين هئي. ان ڊرامي بعد، اهڙي ته ڪلڪ ٿئس، جو ڇا اردو ۽ ڇا سنڌي ڊراما، ويندي ڪمرشل سروس ۾ به ڪمپيئرنگ ۽ گڏوگڏ صبح سان هفته وار هي ”ڊسڪ جوڪي“ پروگرام به نشر ٿيندا رهيا. ”اتوار ڪي اتوار“ ۽ ”صبح دم دروازه خاور کلا“ گڏ و گڏ اردو موسيقي جا پروگرام ڌار. هي ڪنهن وقت، بلبل مهراڻ روبينه قريشيءَ حمايت علي شاعر جو، جيڪو غزل ڳايو هو ”زيست مشڪل هئه اُسي اور ڀي مشڪل نه بنا“ هُن به پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو. اها رڪارڊنگ، هاڻي ڪٿان ٻڌان سو يو-ٽيوب تي سرچ ڪيم ته ”لطف الله خان“ واري آواز خزاني ۾ موجود هئي. پر هي ته غزاله رفيق جي ”آڊيو-ورلڊ“ جو ذڪر مون ڪيو، جو ۱۹۷۰ع کا هوءَ پي. ٽي ويءَ جي بليڪ اينڊ وائيٽ ڊرامن ۾ به ته اسڪرين تي پهريون ڀيرو ڏٺي ۽ رڳو مون ٿورو ئي. اصل ۾ پي ٽي ويءَ وارن قليچ بيگ جي جڳ پڌري ناول ”زينت“ کي ٽن قسطن ۾ شمشير الحيدري صاحب کان ڊراما ٽائيز ڪرائي ٽيلي ڪاسٽ ڪرائڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ خاندان جي وڏي اسد بيگ مرزا کان ٽيليفون ڪري اجازت طلب ڪئي. هاڻي جيستائين ڊرامو تيار ٿئي، خاندان ۾ گهر گهر بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي اچي وئي. ڊرامو ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، ته سڀني جون ڏندين آڱريون، ”زينت“ جي روپ ۾، هي شگفته آواز ۽ شائسته صورت آخر ڪير خاتون!؟ خبر پئي، اها ئي ته آهي، ريڊيو ڊرامن واري مشهور هيروئن، ”غزاله  رفيق“ يعني بي.اي غزاله! ساڻس ٻيا جيڪي اداڪار هئا، اُهي به ان وقت جا مشهور صداڪار، مثال طور قربان جيلاني، عبدالحق ابڙو ۽ ڪامران ڀٽي وغيره. اسد بيگ مرزا ته پي ٽي ويءَ تي ڊرامي جي شوٽنگ ڏسڻ به ويا. موٽيا، ته ٻڌائڻ لڳا. غزاله رفيق، روبرو ڏسڻ ۾ به ڇا ته سوبر ۽ سٻاجهي نياڻي ۽ انڪساريءَ جو مجسمو. ۽ صاف سٺن سنڌي اچارن ۾ گفتگو ڪندڙ، اعليٰ تعليم يافته خاتون. اڙي واهه! اڃا ان ڊرامي کي ٿورا ڪي سال ٿيا هوندا ته، ’زينت‘ ڊرامي کي نون قسطن ۾، منظور قريشي صاحب اردو ۾ پروڊيوس ڪيو. سلطانه صديقيءَ جي پروگرام ’پارس‘ ۾، هوءَ هُرمچ ڀريل سنڌي لباس ۽ مٿي تي ڦلڙيون ڦلڙيون ٻانڌڻي واري رئي سان ملڪوتي حُسن جي ملڪه پئي لڳندي هئي. ڳالهائيندي هئي ته ٽي وي اسڪرين جهرمر ڪرڻ لڳندي هئي. اهڙي ڪنهن پنهنجي اسٽيج شو ۾ ياد پيو اچيم. ٻڌايائين پئي، لباس ۾ ساڙهي يا شلوار قميص ئي منهنجي ڪمزوري. بنان ٻانهن وارا بلائوز يا بيل باٽم، ۽ اهڙي لباس کان آئون شروع کان ئي سخت الرجڪ! هڪڙي ڀيري کلي کلي ٻڌائين پي، آئون بڻائتي سنڌڻ، آهيان ۽ اها به شڪارپور جي. سو ڪڏهن اردو اسٽيج شوز جي ڪمپيئرنگ ڪندي ڪندي، روانيءَ ۽ بي خياليءَ ۾، سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندي هئس، تڏهن مٿان ڪنسول تان، پروڊيوسر ”ٽاڪ-بئڪ“ تي چوڻ لڳندو اري ڀائي غزاله! مت ڀولو ڪه يه سنڌي نهين، اردو پروگرام هئه“ ان وچ ۾ ياد پيو اچيم غزاله رفيق کي بطور هيروئن، منظور قريشي صاحب سان قمر شهباز جي ڊرامي ”پاڇا ۽ پڙلاو“ ۾ به حسين صورت، حسين مورت مون ڏٺو. پوءِ خاص طرح سان شمشير الحيدري ۽ علي بابا جي مختلف  ڊرامن ۾ دلچسپ ڪئريڪٽر ادا ڪندي به ڏٺو. مثال طور ’معمو‘ ڊرامو يا شايد ’منو‘ ان ۾ هو چلم ڇڪيندڙ، گلا خور سس جي روپ ۾ هئي، جيڪا گهر ديوار جي ڏڙکڙن مان ٻين گهرن جو واءُ سواءِ وٺي، ساهيڙيءَ سان گلا جو گلم وڇايو ويٺي هوندي هئي. شايد هي سال ۱۹۷۵ع، مون هن کي پهريون ۽ آخري ڀيرو فلم ”رت جا رشتا“ ۾ ماءُ جي روپ ۾ جذباتي اداڪاري ڪندي به ته ڏٺو.
هاڻي هي، ۲۴ هين جنوري ۽ ۱۹۷۷ع وارو سال ڪچڙي منجهند وقت ريڊيو ۽ ٽي وي خبر نامي مان ڪمهلي ڪلا جي موت واري خبر مون ٻڌي. ٻڌايو پئي ويو، دبئي يا شايد ڪئنيڊا مان سندس ڀائرن مان، طارق يا شايد حفيظ انصاريءَ جو، هُن پنهنجي گهر ۾ فون پئي اٽينڊ ڪيو جو ڳالهائيندي ڳالهائيندي، ڪريڊيل هُن جي هٿ مان ڇڏائجي ويو ۽ هو فرش تي اچي وئي. خبر پئي، هي هارٽ اٽيڪ نه، هارٽ اريسٽ هو ۽ ان بعد، غزاله رفيق، هميشه هميشه لاءِ ختم.
ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي پروڊيوسر نثار ميمڻ صاحب، ٻڌايم پئي، پاپوش نگر ناظم آباد واري بي ڪنار قبرستان ۾، لحد ۾ هوءَ لهي چڪي، ته هُن جي قبر تان گلاب جو هڪ گل کڻي مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ رکي ڇڏيو. نثار جي واتان اها ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي، تصور ئي تصور ۾، لڳو، گلاب جي اُن گُل جي هيٺان، غزاله رفيق، پنهنجي ٻارن ۽ مداحن کي ياد ڪري، آلين اکين سان احمد فراز جو هي شعر لکي رهي آهي:
اب ڪي هَمُ بڇڙي تو شاد ڪِڀي خوابون مين ملين،
جس طرح سوکي هوئي ڦول، ڪتابون مين ملين!

No comments:

راءِ ڏيندا