; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر

02 August, 2019

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر


  منهنجو استاد
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت ۱۹۸۸ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽ مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته  ڏيندو هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي. بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن ۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو، هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾ ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾ ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾ مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.


۱۹۹۳ع ۾ مون جڏهن وڪالت شروع ڪئي ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي ڪاري ڪوٽ ۽ ٽائي ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مهرباني ڪري هاڻي پنهنجي الڳ وڪالت جي آفيس کولي ۽ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وانگر غريب ۽ مسڪينن ماڻهن جي دل سان مدد ڪر. مون سندس چوڻ تي پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اجازت سان آفيس کولي، منهنجي آفيس (چيمبر) جو افتتاح ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، هدايت منگي، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پاڻ ڊاڪٽر سوڍر ۽ ڪجهه ٻين وڪيل دوستن ڪيو. بعد ۾ مان جڏهن وري اينٽي ڪرپشن  ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون ادبي گهراڻي جو فرد آهين، هاڻي جي اگر تون پوليس کاتي ۾ ويو آهين ته مهرباني ڪري قلم نه ڇڏجانءِ، پنهنجي خانداني ادبي روايت آڏو پوليس کاتو رڪاوٽ نه بڻائجانءِ. مون ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ لکڻ جاري رکيو. جڏهن به منهنجا مضمون وغيره اخبارن ۾ ايندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون سروس ڪري تعليم کي نه ڇڏ، بلڪه  هڪ ايم اي ٻي به ڪر!  مون اڳ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي هئي، پر ڊاڪٽر صاحب جي اسرار تي مون ٻي ايم اي انٽر نيشنل رليشنس ۾ به ڪئي.
ڊاڪٽر سوڍر بنيادي طور هڪ ڪهاڻيڪار هئو، شروع ۾ هن ڪجهه ڪهاڻيون لکيون تنهن ڪري ئي هن ٽي وي لاءِ ڊراما ’نصيب‘ ۽ ’ڏاڏاڻي ڏيهه لکيا، جيڪي انهي دؤر  ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيا. لطيف سرڪار جو هو شروع کان ئي شيدائي هو. اهو ئي سبب هئو جو هن پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لاءِ به سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف جي موضوع تي مقالو لکيو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهي ٿيسز کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي ۱۹۹۱ع ۾ ڇپايو. ڊاڪٽر سوڍر لطيف سرڪار جو پڪو شيدائي هجڻ ڪري هن شاهه صاحب تي ڪافي مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. نه فقط شاهه عبداللطيف ڀٽائي پر هو سچل سرمست سان به وڏي عقيدت رکندڙ هو. هن سچل سائين تي به ڪافي تحقيقي جاکوڙ ڪئي. هر سال سچل سائين ۽ لطيف سرڪار جي ميلن تي هو ادبي ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو. سنڌ جي ماڳ مڪانن سان پڻ هن جي خاص دلچسپي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هو ڪافي دفعا ٿر جي ياترا ڪري آيو ۽ ٿر تي ڪافي معلومات حاصل هجڻ ڪري هن مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. ڊاڪٽر سوڍر جهڙا استاد ۽ اديب سنڌ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهن. سندس بي وقتي موت سنڌ کان هڪ عظيم استاد ۽ هڪ مهان محقق کسي ورتو آهي. ڪاش هن موت تي شل موت اچي جو اهڙن عظيم ڌرتيءَ جي سپوتن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري.
(عوامي آواز، هلال پاڪستان، مهراڻ، سنڌو، عبرت، سچ)


ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
شاهه لطيف جو پارکو
ابراهيم لاشاري
وادي مهراڻ جي مٽي کي اهو مٿانهون مان ۽ مرتبو حاصل آهي جو هي ڌرتي سڄڻن ۽ ساڻيهه جي سڪ سان سينگاريل آهي، هن سر زمين سنڌ ڪيترن ئي نالي وارين شخصيتن کي پنهنجي هنج ۾ جنم ڏنو آهي جنهن ۾ صوفين شاعرن ، عالمن، بزرگن اهل قلم، لطيف شناس شخصيتون قابل ذڪر آهن جنهن منجهان نالي وارو محقق، لطيف شناس، علم ادب جو ڏاهو عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر ۱۰ مئي جمعي جي ڀلاري ڏينهن سال ۱۹۴۰ع جهولن جي گرم موسم ۾ وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف (فيض محمد سوڍر) اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، هن ننڍن پڻ ۾ شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي ملا مڪتب مان قرآن ڪريم ناظره پنهنجي سٻاجهڙي ڏاڏي محمد خان سوڍر کان حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم اديب سنڌي مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جي تعليم لاڙڪاڻي منجهان خانگي طور حاصل ڪيائين پاڻ ننڍي وهي کان وٺي لطيف شناس هو  لطيف سائين جو پارکو هو پاڻ لطيف سرڪار جي سر ڪاپائتي جي وندر ۾ وارهه شهر ۾ اچي درزڪو دوڪان کوليائين، جوان ٿيو سندس والد صاحب ڳوٺ جي چگي مڙس ۽ معزز شخصيت محترم مرحوم علي بخش سوڍر جي نياڻي سان نڪاح ڪرايو  تنهن بعد ۱۹۶۳ ڌاري هو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۹ع ۾ هن وڌيڪ تعليم (ايم اي سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي تنهن بعد هن شوق سان  بي ايڊ ۽ انٽر نيشنل رليشن جي پڻ ڊگري ڪيائين ۱۹۷۳ جي زماني ۾ ٺٽي ڊگري ڪاليج ۾سنڌي ادب جو (شعبي) ۾ ليڪچرار مقرٿيو پرفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي پهريون لطيف سائين جو پارکو  هو جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي جيد ۽، ڏاهي عالم علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جي رهنمائي ۾ سڀني کان اول (سنڌي ثقافت ۽ شاهه جي شاعري) جي عنوان تي هڪ زبردست تحقيقي مقالو لکي ۱۹۸۸ع ۾ (ڊاڪٽريٽ) پي ايڇ ڊي  جي ڊگري  حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو،  سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح  تي سندس هي پهرين ٿيسز آهي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب جي محنت ۽ جستجو سبب سنڌ يونيورسٽي کي پڻ لطيف سرڪار تي پهرين لکيل ٿيسز جو اعزاز پڻ مليو، جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد هي مقالو ڪتاب جي صورت ۱۹۹۱ع ۾ شايع ڪرايو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب پنهنجي زندگي جو تمام گهڻو حصو لطيف سرڪار جي جي ڪلام ۽ سندس جي زندگي متعلق تحقيق ۾ وقف ڪيو، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب تحقيق کان علاوه شاعري پڻ ڪندو هو ۽ ڪهاڻين لکڻ جو ڪوڏيو هو پاڻ پنهنجي قلم جي نب سان  ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا، شروع شروع ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب کي ڊرامن لکڻ ڏانهن گهڻو لاڙو هوندو هيس جڏهن ته ان زماني سندس لکيل ٻن سنڌي  ڊرامن (ڏاڏاڻي ڏيهه ۾) (۱۹۹۸۵)۽ هڪ ٻيو سنڌي ڊرامو (نصيب) ۱۹۸۶)۾ پي ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن) تان نشر پڻ ٿيا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪٿي به ڪا ادبي ۽ تعليمي  ڪانفرنس ٿيندي هئي اتي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب ضرور وڃي شرڪت ڪري تحقيقي مقالو پڙهندو هو خاص طور تي لطيف ڪانفرنس يا سچل ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو ان کان علاوه ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب ڪيترائي ڪالم، سفرنامه به لکيا سندس ڪيترائي علمي، ادبي، تحقيقي مختلف موضوعن تي لکيل مواد رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيل ملي ٿو ڊاڪٽر پروفيسر شاهنواز سوڍر صاحب ڪافي عرصو سرڪاري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي جو پروفيسر جا فرض سرانجام ڏيندي نظر آيو ۽ آخرڪار سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ بعد ۾ نئين ديري ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو زندگي جي آخري حصي ۾ سوڍر صاحب ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا آخر دنيا فاني آ زندگي جون (۶۱) بهارون ڏسي ۱۵ مارچ ۲۰۰۱ع  خميس ڏينهن ڌاري چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ ۴ (چئن) پٽن ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر ذوالفقار علي سوڍر، مختار احمد سوڍر ۽ وسيم احمد سوڍر ۽ ٻن نياڻين مٽن مائٽن سوين دوستن کان موڪلائي وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس آخري آرام گاهه وارهه لڳ (سليمان شاهه قبرستان) ۾ موجود آهي وادي مهراڻ جي هن لطيف پارکو جي اڄ ۱۸ورسي وارهه لڳ سندس ڳوٺ ۾ وڏي عقيدت سان ملهائي ويندي.

پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جون ادبي خدمتون
ابراهيم لاشاري
نالي وارو محقق، لطيف شناس، علم ادب جو ڏاهو عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر ۱۰ مئي جمعي جي ڀلاري ڏينهن سال ۱۹۴۰ع جهولن جي گرم موسم ۾ وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف (فيض محمد سوڍر) اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، هن ننڍن پڻ ۾ شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي ملا مڪتب مان قرآن ڪريم ناظره پنهنجي سٻاجهڙي ڏاڏي محمد خان سوڍر کان حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم اديب سنڌي مئٽرڪ، انٽر، ۽ بي اي جي تعليم لاڙڪاڻي منجهان خانگي طور حاصل ڪيائين پاڻ ننڍي وهي کان وٺي لطيف شناس هو لطيف سائين جو پارکو هو پاڻ لطيف سرڪار جي سر ڪاپائتي جي وندر ۾ وارهه شهر ۾ اچي درزڪو دوڪان کوليائين، جوان ٿيو سندس والد صاحب ڳوٺ جي چگي مڙس ۽ معزز شخصيت محترم مرحوم علي بخش سوڍر جي نياڻي سان نڪاح ڪرايو تنهن بعد ۱۹۶۳ ڌاري هو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۹ع ۾ هن وڌيڪ تعليم (ايم اي سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي تنهن بعد هن شوق سان بي ايڊ ۽ انٽر نيشنل رليشن جي پڻ ڊگري ڪيائين ۱۹۷۳ جي زماني ۾ ٺٽي ڊگري ڪاليج ۾سنڌي ادب جو (شعبي) ۾ ليڪچرار مقرٿيو.
پرفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي پهريون لطيف سائين جو پارکو هو جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي جيد ۽، ڏاهي عالم علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جي رهنمائي ۾ سڀني کان اول (سنڌي ثقافت ۽ شاهه جي شاعري) جي عنوان تي هڪ زبردست تحقيقي مقالو لکي ۱۹۸۸ع ۾ (ڊاڪٽريٽ) پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح  تي سندس هي پهرين ٿيسز آهي ۽  ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب جي محنت ۽ جستجو سبب سنڌيونيورسٽي کي پڻ لطيف سرڪار تي پهرين لکيل ٿيسز جو اعزاز پڻ مليو، جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد هي مقالو ڪتاب جي صورت ۱۹۹۱ع ۾ شايع ڪرايو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب پنهنجي زندگي جو تمام گهڻو حصو لطيف سرڪار جي جي ڪلام ۽ سندس جي زندگي متعلق تحقيق ۾ وقف ڪيو،
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب تحقيق کان علاوه شاعري پڻ ڪندو هو ۽ ڪهاڻين لکڻ جو ڪوڏيو هو پاڻ پنهنجي قلم جي نب سان  ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا ، شروع شروع ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب کي ڊرامن لکڻ ڏانهن گهڻو لاڙو هوندو هيس جڏهن ته ان زماني سندس لکيل ٻن سنڌي  ڊرامن (ڏاڏاڻي ڏيهه ۾) (۱۹۹۸۵) ۽ هڪ ٻيو سنڌي ڊرامو (نصيب) ۱۹۸۶)۾ پي ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن) تان نشر پڻ ٿيا.، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪٿي به ڪا ادبي ۽ تعليمي  ڪانفرنس ٿيندي هئي اتي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب ضرور وڃي شرڪت ڪري تحقيقي مقالو پڙهندو هو خاص طور تي لطيف ڪانفرنس يا سچل ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو ان کان علاوه ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب ڪيترا ئي ڪالم، سفرنامه به لکيا سندس جا ڪيترا ئي علمي، ادبي، تحقيقي مختلف موضوعن تي لکيل مواد رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيل ملي ٿو.
ڊاڪٽر پروفيسر شاهنواز سوڍر صاحب ڪافي عرصو سرڪاري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي جو پروفيسر جا فرض سرانجام ڏيندي نظر آيو ۽  آخرڪار سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ بعد  ۾ نئين ديري ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو زندگي جي آخري حصي ۾ سوڍر صاحب ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو مڃتا طور کيس ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ انعام به مليا آخر دنيا فاني آ زندگي جون (۶۱) بهارون ڏسي ۱۵ مارچ ۲۰۰۱ع  خميس ڏينهن ڌاري چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ ۴ (چئن) پٽن ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر ذوالفقار علي سوڍر، مختار احمد سوڍر ۽ وسيم احمد سوڍر ۽ ٻن نياڻين مٽن مائٽن سوين دوستن کان موڪلائي وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس آخري آرام گاهه وارهه لڳ (سليمان شاهه قبرستان) ۾ موجود آهي وادي مهراڻ جي هن لطيف پارکو جي اڄ ۱۷ هين ورسي آهي. ۱۵ مارچ ۲۰۱۸ع تي وارهه لڳ سندس ڳوٺ ۾ وڏي عقيدت سان ملهائي ويندي.

No comments:

راءِ ڏيندا