; سنڌي شخصيتون: عبدالماجد ڀرڳڙي

10 August, 2019

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار تائين



جڏهن به جديد سنڌ جي تاريخ لکبي ته ماجد ڀرڳڙي جي بيان کان سواءِ اها اڻ پوري ليکبي. ڇو ته جديد دنيا ۽ جديد سنڌ “ڪمپيوٽر ايج” جي دور جي دنيا کي سڏجي ٿو. ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻوليکي ڪيئن ڪمپيوٽر تي آندو، ان لاءِ هن جو محرڪ ڪهڙو هو؟ هن کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آيا ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪيو. هڪ جاگيردار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هي شخص سي ايس ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ به وڏيرو ڇو ڪونه ٿيو، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ڇو نه بڻيو؟ ۽ هن سنڌ جي ٻولي جي خدمت ۾ ئي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ هن سنڌي قوم جي نوجوانن خاطر نوان درکولڻ لاءِ ڇو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايو؟ اهڙا کوڙ سارا سوال کڻي هن همراهه سان ملڻ جو سوچيو پر پوءِ خبر پئي ته ماجد آمريڪا شفٽ ٿي چڪو آهي. ٽن يا چئن سالن کان پوءِ سنڌ ايندو آهي. هن سان فيس بوڪ تي رابطو ٿيو ۽ واعدو ڪيائين ته جيئن هو سنڌ ايندو تيئن ملاقات ڪندو. ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۱ تي سندس ڀيڻ جي گهر ڪراچي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ٿي ۽ ان طويل ملاقات ۾ هن جو پروفائيل مڪمل ڪيو، جيڪو سموري سنڌ واسين لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.


خانداني شجرو

ماجد ڀرڳڙي، لاڙڪاڻي جي مشهور سياسي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جو پٽ آهي. هن جو تڙ ڏاڏو جان محمد ڀرڳڙي هو، جنهن کي عثمان نالي پٽ هو ۽ ان عثمان ڀرڳڙي کي عبدالجليل نالي پٽ ڄائو ۽ عبدالجليل کي وري عبدالغفور پيدا ٿيو. ماجد جي ماءُ جو نالو خورشيد بانو آهي ۽ سندس نانيءَ جو نالو “رحيم خاتون” آهي. ماجد ڀرڳڙي، اٺ فيبروري اوڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾تعلقي شهداد ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. بقول هن جي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ اتي هڪ ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن هوندي هئي ڇو ته ان جي سامهون ٻه وڏا ڀرڳڙين جا ڳوٺ هوندا هئا. ان ڪري انگريزن ان ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي “ڀرڳڙي اسٽيشن” رکيو هو. انگريزن جي دور کان پوءِ اها اسٽيشن ختم ٿي وئي. ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان هن پرائمري تعليم ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم چار سال جي هوندي هئي ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم ڇهه سال جي هوندي هئي. هن اها مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ اسڪول بئراج ڪالوني سکر، نوشهرو فيروز، لاڙڪاڻو مان هن جي تعليم ۱۹۶۳ع ۾ مڪمل ٿي. فتح محمد قريشي ۽ واحد بخش شيخ هن کي سٺا استاد لڳا. انٽر آرٽس ۾ “ميٿميٽڪس” هن جو سبجيڪٽ رهيو. ۱۹۶۸ ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آرٽس ۾ ڪئي.

سياست کان بيزاري ۽ بيگانگي:

۱۹۶۳ع ۾ هن جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي سياست ۾ سرگرم هو. هن جا دوست قاضي فضل الله ۽ قاضي فيض محمد هئا پر هي سياست ۾ نه رهيو. ۱۹۶۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن جو دوست اعجاز قريشي هو، جنهن وٽ ان دور جي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڄام ساقي ايندو هو.ان دور ۾ يونيورسٽي جو استاد محب الله شاهه هو، پوءِ جنهن نوڪري ڇڏي (C S S ) سي ايس ايس ڪيو، اهو هن کي سٺو لڳو ۽ جنرل هسٽري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڙهائيندو هو، اهو به بهتر استاد لڳو. ان دور جي ون يونٽ تحريڪ، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اڳيان اڳيان هئا، ان ۾ هن حصو نه ورتو يعني پنهنجي ڪم سان ڪم رکيائين هن ڀلجي به سياست ۾ حصو نه ورتو.

عشق جي شروعات :

۱۹۶۹ع ۾ هن ايم اي ( M A ) داخلا سان گڏو گڏ ايل ايل بي (L L B )۾ به داخلا ورتي ۽ گڏوگڏ C S S جي تياري به شروع ڪري ڇڏي، هن وٽ ڪو به ان دور ۾ “خاڪو” نه هو ته هن کي ڇا ٿيڻو آهي پر صرف مائٽن کي ڏيکارڻ لاءِ هن مڙئي داخلا وٺي ڇڏي هئي پر هو هاڻي هڪ، ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ڪنهن به ڳالهه سان هاڻ هن کي دلچسپي نه رهي هئي، تيستائين وري هو تعليم جاري نه رکي سگهيو هو، جيستائين هن جي نرگس سان شادي نه ٿي هئي. “عشق” شادي کان پوءِ به جاري رهيو. ۱۹۷۰ع ۾ شادي کان پوءِ ان مان هن کي چار ٻار پيدا ٿيا يعني ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي پر هن کي “ڇاتي جي ڪئنسر” گهڻو وقت جيئڻ نه ڏنو. منهنجي ملاقات ۾ عبدالماجد ٻڌايو ته ٽي سال اڳ ۾ وفات ڪري وئي هئي. پر عبدالماجد ان کي ياد ڪندي ڳوڙها روڪي نه سگهيو.

نئين شروعات:

۱۹۷۰ع ۾ سي، ايس، ايس ۾ پاس نه ٿي سگهيو هو ڇو ته هو مڪمل طور ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. پر ۱۹۷۱ع ۾ هن جو ايل ايل بي جو ڪم به هلندو رهيو ۽ ٻيهر سي ايس ايس ۾ ويٺو ۽ ٽاپ ۾ پاس ڪيائين. سڄي پاڪستان ۾ صرف هن کان اٺ ماڻهو وڌيڪ مارڪون کڻي سگهيا هئا. هو هاڻي انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿي آيو. سندس پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، لاڙڪاڻو هن جو جنم ڀومي هئي ۽ ماجد جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي حريف هو. پوءِ دير سان ۱۹۷۶ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙي کي ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ ان ۾ ئي رهيو. ان ڪري پهرئين هن لنوايو، پر پوءِ هو اتي مقرر ٿيو. پر چارسال هو اتي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن خبر پئي ته ماجد انتهائي ايماندار آفيسر آهي ته پوءِ هن ڪجهه ڪارڪنن جي خواهش جي باوجود هن کي بدلي نه ڪرايو بلڪه هو اتي ڪيترو ئي عرصو رهيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ هن کي محسوس ٿيو ته هن کي هاڻي هتي نه رهڻ گهرجي ۽ هن پرڏيهه وڃڻ جون تياريون ڪيون. هن ان دور ۾ ايم اي به ڪري ڇڏي هئي، پر جيئن ته هو رشوت نه وٺندو هو ان ڪري هن کي معاشي تنگدستي به ٿي ۽ ضياءُ الحق جي ڪاري دور هن کي ذهني طور وڏو ڌچڪو هنيو. هن آمريڪا جي Arizona Tuscan يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن جي موڪل تي روانو ٿي ويو.

جڏهن هو ڌرتي ڇڏي چڪو:

هن اتي M B A جي ڊگري مئي ۱۹۸۵ع ۾ وٺي ڇڏي ۽ ٻيهر واپس پاڪستان آيو پر هن سروس جوائن نه ڪئي. ان وقت ان ڊگري جي هتي ڪابه اهميت نه هئي. جيئن ته هن جي ايل، ايل، بي ڪيل هئي، ان ڪري هن انڪم ٽيڪس جي وڪالت جو ڪم شروع ڪيو، اتي به هن کي مزو ڪونه آيو. لاهور مان ڪنهن دوست جي چوڻ تي Desktop Publication جو ڌنڌو شروع ڪيائين.هن هڪ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ورتو، حالانڪه هن کي “ ڪمپيوٽر آپريٽ ڪرڻ به نه ايندو هو ، پر پوءِ به هن سکيو. هن ڏٺو ته اردو ڪمپوزنگ ٿئي پئي پر سنڌي زبان ڪمپوز ڪانه پئي ٿي، پوءِ هن تبديليون ڪيون. بقول هن ته هن جي ڪم ۾ هن جي پٽ وڏي مدد ڪئي. ڪافي ڪمپيوٽر پرگرامن ۾ تبديلي کان پوءِ ۱۹۸۷ع جي آخري حصي ۾ هو سنڌي زبان کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

تاريخي ڏاڪو

ڏسو ته ارتقا ۽ ضرورت ڪيئن ماڻهو کان وڏا ڪم سرانجام ٿي ڏياري. هڪڙو اهڙو ماڻهو جنهن جي فيملي ۾ سياست عام هجي پر هو سياست ۾ نه وڃي ۽ وڃي آفيسر شاهي ۾ شامل ٿئي. اهڙي آفيسر شاهي جنهن لاءِ ماڻهو سڪندا ۽ تڙپندا هجن پر هو اتي به راشي نه هجڻ سبب اڻ فٽ ٿي ويو ۽ وري دنيا جي سپرپاور آمريڪا مان M B A ڪئي هجي. ان کي هتي ڪو به روزگار نه ملي ۽ هو وري ڪمپيوٽر جي دنيا ڏانهن وڃي حالتن جي جبر ڪري هن سنڌي ڪمپوزنگ ايجاد ڪئي ان سان سنڌي قوم کي ته فائدو ٿيو پر ان فرد جي زندگي تي ضرور رحم اچي ٿو، پر فطرت جي اصولن کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. شايد فطرت کي اهو ڪم ماجد ڀرڳڙي کان ڪرائڻو هو. هن ڪم کي سنڌ جي وڏي اديب سراج ميمڻ ۽ علي احمد بروهي ڏاڍو ساراهيو. پهريون مضمون انعام شيخ جو روزاني “ هلال پاڪستان” ۾ سنڌي ڪمپيوٽر تي آندو ويو. انعام شيخ ان دور ۾ “ ڪک پن” جي عنوان سان ڪالم لکندو هو. هو پوءِ ان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ ٻيهر ڊسمبر ۱۹۸۷ع ۾ آمريڪا ويو ۽ ڪجهه ٽول (Tool) خريد ڪيائين ته جيئن سنڌي ڪمپيوٽر کي وڌيڪ سڌارجي. پوءِ هن ان ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون. هن کان پوءِ “ڪنهن ڪمپني سمورا حق ۽ واسطا خريد ڪيا. ان کانپوءِ اهڙن ڪمپيوٽرن کي اخبار “ هلال پاڪستان، عبرت ۽ ٻين خريد ڪيو ۽ ايئن سنڌي ڪمپيوٽر تي شيون ڇپجڻ شروع ٿيون. هن چيو ته پوءِ اياز شاهه اهو واڌارو ڪيو جو ۱۹۹۵ع ۾ ان کي P C تي آندو. پوءِ ماجد ڪوشش ڪئي ته اڃا به سنڌي ڪمپيوٽر کي ترقي ڏيارڻ ۽ يونيورسل ڪوڊ ڏيارڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي وڏي ڪمپني جي پال نيلسن سان ملاقات ڪئي ۽ ان هن سنڌي زبان جي مارڪيٽ بابت ٻڌايو، ان ڪري هن جي ڪوشش سان ۲۰۰۱ ۾ اهو سسٽم به رکيو ويو. اڄ جيڪو سنڌي قوم سنڌي ڪمپيوٽر جي ڪري پنهنجي زبان ۽ تهذيب بچائي ۽ مقابلو ڪري رهي آهي ان ۾ ماجد ڀرڳڙي جو ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. هن جي ايماندار روش ۽ ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي جستجو جي ڪري هو ڪنهن هڪ هنڌ نه رهي سگهيو ۽ نتيجي ۾ هن جو اولاد گهڻو پڙهي نه سگهيو. ماجد ڳالهه ٻولهه ۾ بار باراهڙو اظهار ڪندو رهيو، هن وقت آمريڪا ۾ هن جي پٽن سان گڏ رهائش آهي. ايڊريس هي آهي. Washington State 7622- 232nd Street 5E Woodinville, W A 98072، هن کي موسيقي ۾ محمد جمن ۽ محمد يوسف وڻن ٿا. ليکڪن ۾ حسام الدين راشدي ۽ علي محمد راشدي کان متاثر آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي ايم سيد هن جا پسنديده سياستدان آهن هن هڪ صوفي شيخ سيد احمد ابن مصطفيٰ ال، الوي جي مناجات کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو intimate آهي هو سنڌي زبان جو اهڙو سپاهي آهي، جنهن پنهنجي ٻولي کي جديد رنگ ڏئي اَمر بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽر جو جڏهن به ذڪر ٿيندو هن جو نالو زنده رهندو.ڪٿي به هجي ڪيڏي مرتبي تي ڇو نه هجي، ڪهڙي به هنڌ رهندو هجي پر سنڌ لاءِ هو سنڌي ٻولي جو بچاءُ ڪندڙ اڳين صف جو اهو سپاهي آهي، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي.

 

(سنڌي رسالي افيئر ڊسمبر ۱۵، ۲۰۱۲ع تان کنيل)


 

ماجد ڀرڳڙي سان ڳالهه ٻولهه

سنڌي ٻولي کي سائيبر دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ واري عظيم شخص

آصف رضا موريو

سنڌ جي شهر شهداد ڪوٽ شهر جي ويجهو ڪنهن دور ۾ ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن هوندي هئي جيڪا اڄ کان پندرنهن ويهه سال اڳ بند ڪئي وئي هئي. ان اسٽيشن جي اجڙيل آثارن جي اولهه ۾ غلام نبي ڀرڳڙي نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آباد آهي جتي ۸ فيبروري ۱۹۴۸ع ڌاري سنڌ جو مايه ناز پٽ عبدالماجد ڀرڳڙي جو جنم ٿيو. ماجد ڀرڳڙي رواجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۷۲ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري انڪم ٽيڪس گروپ ۾ منتخب ٿيو. ان وقت تائين فيڊرل ڪميشن سروس ۾ (پري ڪامن بيج) جو سلسلو هلي رهيو هيو. ان بيج کان پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو ڪوٽا سسٽم جو سلسلو شروع ڪيو جنهن سان پاڪستان جي ڳوٺاڻي آبادين جي پڙهاڪو شاگردن لاءِ ترقي جا رستا پڻ کلي پيا نه ته ان کان پهريان سنڌ بلوچستان ۽ سرحد جي گڏيل ڪوٽا هوندي هئي ته پنجاب ۽ ڪراچي جي ڪوٽا الڳ هوندي هئي. ۱۹۹۰ع جي ڏهائي ۾ ماجدڀرڳڙي انڪم ٽِڪس مان ڊيپوٽيشن تي انٽرنيشنل ايئرلائينز ۾ جنرل مينيجر مقرر ٿيو جتان ان سال ئي موڪل وٺي امريڪا هليو ويو. اٺ سال آمريڪا رهڻ کان پوءِ ۱۹۹۹ع ۾ هو پاڪستان آيو پر هتي سندس دل نه لڳي ان لاءِ هڪ سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ استعفا ڏئي آمريڪا واپس هليو ويو جتي هاڻي هو مستقل طور تي رهائش پذير آهي. ماجدڀرڳڙي سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي زبان بڻائڻ واري جيڪا جدوجهد ڪئي آهي تنهن جو مثال تاريخ جي ورقن ۾ ڪنهن هڪ شخص سان سلهاڙيل هجڻ جا مثال گهٽ ملن ٿا. هن مرحبائي شخصيت، نفيس طبيعت ۽ ماٺيڻي لهجي واري خوبصورت انسان جي سنڌي ٻولي متعلق بي لوث خدمتن جو قرض لاهڻ لاءِ جيڪڏهن سنڌي قوم جون ڪئي نسلون به سندس اڳيان هٿ ٻڌي بيٺيون هجن تڏهن به مونکي يقين آهي ته سندس حق ادا ڪونه ڪري سگهنديون.

سوال. عام طور تي ڪاموراشاهي اسان جي ملڪ ۾ عوام جو خون چوسي سماج ۽ ادارن کي تباهي ڏانهن ڌڪيندي ڏٺي وئي آهي. مان پڇي ٿو سگهان ته هڪ ڪاموري جي دل ۾ سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي زبان بڻائڻ جو عظيم خيال ڪيئن آئيو؟

جواب. مون کي اهڙو ڪو خيال ڪو نه آيو هيو ته مان سنڌي زبان لاءِ ڪجهه ڪيان ۽ نه ئي مان اهڙي قسم جي ڪا منصوبه بندي ڪئي هئي. اصل ۾ نوڪري مان ملڻ واري پگهار مان منهنجو گذارو ڪونه ٿيندو هيو ان لاءِ اڪثر خيال ايندو هيو ته ٻيو ڪو اهڙو ڪم به ڪيو وڃي جنهن مان آمدني ۾ اضافو ٿئي. منهنجو هڪ دوست لاهور ۾ انگريزي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ جو ڪم ڪندو هيو جنهن پنهنجي ڪاروبار ۾ چڱي منافعي جي ڳالهه ڪري پارٽنرشپ جي آفر ڪئي جنهن سان ڪمپيوٽر جي دنيا ڪاروبار جي ڳرکي مان داخل ٿيم.

سوال. ڊيسڪ ٽاڇ پبلشنگ لاءِ توهان ڪهڙا ڪمپيوٽر استعمال ڪندا هيئو؟

جواب. ان دور ۾ ان ڪم لاءِ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر موزون سمجهيا ويندا هيا. بحرحال مان ان دوست جي مشوري تي ڊيلر کي پيسا ڏئي ڪجهه ڪمپيوٽر گهرائڻ جو آرڊر ڏنو.

سوال. اهي ڪمپيوٽر ڪٿان گهرائيندا هيا؟

جواب. ان دور ۾ ڪمپيوٽر اڄ جيان دوڪانن تي تيار حالت ۾ ڪونه ملندا هيا پر ان لاءِ ڊيلرن کي آرڊر ڏيڻو پوندو هيو جو اهي ٻاهرئين ملڪن کان گهرائي ڏيندا هيا جنهن لاءِ ٻه اڍائي مهينا انتظار ڪرڻو پوندو هيو. جنهن ڊيلر سان اسان جي ڳالهه هلي رهي هئي ان هڪ ڏينهن مون کي ٻڌايو ته “مون وٽ ڪمپيوٽر ۾. اردو ڪمپوزنگ تي به ڪم ٿي رهيو آهي”. منهنجي اصرار تي هو مونکي پي اي سي ايس ايڇ ڪالوني (بهادرآباد) ڪراچي جي هڪ بنگلي ۾ وٺي ويو جتي هن پنهنجو دفتر ته گهمايو پر اهو ڪمپيوٽر ڏيکارڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي اردو ڪمپوز ڪئي ويندي هئي ته “ٽريڊ سيڪرٽ آ” پر اها تفصيل ضرور ٻڌائي ته “اردو ڪمپوزنگ ڪيئن ٿيندي آهي”. ان کان علاوه پنهنجي ڪمپوٽر تي هن اردو جا ڪجهه پرنٽ پڻ ڪڍي ڏيکاريا. ان دور ۾ ڪمپيوٽر نسق ۾ لکيو ويندو هيو جڏهن ته اخبارون نستعليق ۾ لکيون وينديون هيون ۽ اهي به وڏي ڪمپيوٽر تي پرسنل ڪمپيوٽر تي نه. مان سندس طريقي مان تمام گهڻو متاثر ٿيم ۽ ان ڏينهن دل ۾ خيال آيو ته “جيڪر اردو وانگر سنڌي زبان به ڪمپيوٽر تي اچي”. مان هن کان پڇيو ته “توهان ان سسٽم ۾ سنڌي زبان تيار ڪري ڏئي سگهو ٿا” جنهن جي جڏهن هن حامي ڀري ته مون کيس سندس تقاضا موجب سنڌي الفابيٽ مهيا ڪري ڏني پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن معذرت ڪندي چيو ته “سنڌي زبان ۾ ٻاونجاهه لفظ آهن جن جو ڪمپيوٽر تي آڻڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي”. مگر جيئن ته اها ڳالهه منهنجي من ۾ ويهي وئي هئي ان لاءِ هنن کان اهو معلوم ڪري ورتو هيو ته “اهي ڪهڙي ريت عربي ۽ فارسي سوفٽ ويئرز کي ماڊي فاءِ ڪري اردو لکڻ ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ٿا”.

سوال. توهان جي ڪاروبار جو ڇا ٿيو؟

جواب. قسمت جون ڳالهيون آهن جو ان کي مون کان ڪم وٺڻو هيو نه ته ڪٿي انڪم ٽيڪس وارو شخص ۽ ڪٿي ڪمپيوٽر جي دنيا. مان ته اجرتي بنياد تي پنهنجي ڪمائي وڌائڻ جي چڪر ۾ ويو هيس پر زبان جي محبت ٻئي طرف کڻي وئي. جنهن دوست سان پارٽر شپ ڪئي هئي هو به پنهنجي مصروفتن ۽ مجبورين جا بهانا پيش ڪري وچان نڪري ويو پر تيسيتائين گهرايل سامان اچي چڪو هيو. هاڻي مونکي نه ڪاروبار جو تجربو هيو نه ئي اهو سامان رکڻ جي ڪا جاءِ ان لاءِ گهرايل سامان گهر ۾ رکي ڇڏيو ۽ ان سوفٽ ويئر کي سنڌي زبان جي حساب سان موڊي فاءِ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني.

سوال. ڇا توهان کي ڪمپيوٽر جي ماهرائپ متعلق پهريون به ڪو تجربو هيو.؟

جواب. تجربو ته ڪونه هيو پر جيئن ته مان ايم بي اي ملڪ کان ٻاهران ڪئي هئي ان لاءِ ڪمپيوٽر جي ڪافي ڄاڻ هئي پر جنهن ميڪنتاش ڪمپيوٽر تي اهو ڪم ٿئي پيو سو ڪڏهن استعمال ڪونه ڪيو هيو. ان لاءِ سڀ کان پهريون ته مون ان کي سمجهيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪم جي حوالي سان ان ۾ سافٽ ويئر کي ماڊي فاءِ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون جنهن سان پنهنجي بڻيادي مسئلي جو حل ڳولي لڌم.

سوال. ڪيترو عرصو لڳو ان حل کي ڳولڻ ۾؟

جواب. قريبن هڪ مهينو لڳو. توهان منهنجي خوشي جو اندازو ڪونه ٿا لڳائي سگهو جنهن ڏينهن مان پهريون دفعو سنڌ لکت جي پوري پيج جو پرنٽ ڪمپيوٽر مان ڪڍيو هيو.

سوال. اهو ڪهڙي سال ۾ ڪڍيو هيو؟

جواب. ۱۹۸۷ع ۾. ان کان پوءِ هر روز ان معاملي ۾ بهتري ايندي رهي. ڪامياب ٿيڻ ڪري منهنجي ذوق ۽ شوق ۾ به روز بروز اضافو ٿيندو رهيو.

سوال. توهان پنهنجي ان ڪاوش کي باضابطه طور تي ادارن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڇونه ڪئي؟

جواب. ان دوران مون پنهنجي هڪ واقفڪار سان ان سلسلي ۾ حال احوال ڪيو جيڪو هلالِ پاڪستان اخبار ۾ وڏي عهدي تي ڪم ڪندو هيو. ان نه رڳو پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ڪاميابي جي خبر شايع ڪري ڇڏي پر مون کي ان اخبار ۾ انعام شيخ جي ڇپجندڙ “ڪک پن” نالي ڪالم جو هٿ سان لکيل هڪ مضمون مونکي ڏئي چيو ته “ان کي پنهنجي سسٽم ۾ لکي ڏيکار”. مون کين لکي ڏنو ته هنن اهوئي ڇاپي ڇڏيو. بعد ازان جڏهن عوامي آواز اخبار نڪتي ته انهن به منهنجي سسٽم ڌاران ڪم شروع ڪيو.

سوال. توهان هلالِ پاڪستان وارن کي مضمون لکي ڏيڻ بدران اهو سسٽم ئي ڇو نه ڏنو هيو؟

جواب. ان سلسلي ۾ مون جيڪو پرائمري ساليوشن ڪڍيو هيو ان کي ڪنهن به اداري ۾ استعمال ڪرڻ ۾ اڃان ڪجهه مشڪلاتون درڪار هيون.

سوال. ڪهڙيون مشڪلاتون هيون؟

جواب. سڀ کان پهرئين مشڪل اها هئي ته پيج عام طور تي لکڻ ۾ ڏهه پندرنهن منٽ لڳندا هيا تنهن کي منهنجي سسٽم ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويندو هيو. تنهنڪري ان وقت اهو پروگرام ايترو قابلِ عمل ڪونه هيو جو ڪنهن به اداري ۾ ڪاميابي سان هلي سگهي ها پر اهو ڪنهن به ڪامياب سسٽم جي پهرئين شڪل ضرور هيو جنهن کي ان وقت اڃان به وڌيڪ ماڊي فاءِ ڪرڻ جي ضرورت هئي.

سوال. ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ توهان ٻيون ڪهڙيون ڪوششون ورتيون؟

جواب. مان جڏهن مان امريڪا ويم ته اتي به پنهنجي سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون وٺندو رهيم. آخرڪار مارچ ۱۹۸۸ع جي شروعات ۾ ان مسئلي جو مڪمل حل ڪڍي ورتو ته “ڪهڙي ريت هڪ اهڙو سسٽم ڪڍيو وڃي جنهن سان سنڌي زبان متعلق ورڊ پروسيسنگ، ٽائپ سيٽنگ يا اخبارن وارو ڪم ممڪن ٿي سگهي”.

سوال. ۽ اهو بڻيادي ساليوشن ڪهڙو هيو؟

جواب. ساليوشن ته سادو هيو جيڪو بعد ازان جلد ئي عام ٿي ويو ۽ اهو هي هيو ته عربي ۽ فارسي جي ڪجهه حرفن جهڙوڪ ج، خ ۽ چ وغيره جي خاندان جا حرف الڳ ڪري انهن کي ي سان ملائي ٻيا لفظ تييار ڪيا وڃن. اهڙي ريت آهستي آهستي مون ٻاونجاهه حرفن کي ان سسٽم جو حصو بڻايو. هيئن به چئي سگهو ٿا ته مون ڪمپيوٽر ۾ عربي ۽ فارسي زبان سان متعلق موجود ڪيپيسٽي کي هينڊل ڪري سنڌي زبان لکڻ ۾ مدد ورتي هئي.

سوال. ڇا ان ڪم لاءِ ته زبان جو ماهر هئڻ به ضرروي هيو؟

جواب. زبان جو ماهر هئڻ ضروري ڪونه هيو پر مسئلو هي هيو ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جو پيج ڪهڙي ريت لکيو وڃي ۽ سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر تي ڪيئن آندو وڃي.

سوال. ان سلسلي ۾ سنڌي ٽائپ رائيٽر ته متعارف ٿي چڪو هيو توهان ان جي ڪيز مان ڪا مدد ورتي؟

جواب. مون ان مان مدد ڪونه ورتي ڇوته ٽائپ رائيٽر ۾ ڪمپيوٽر جي نسبت محدوديت هئڻ سان گڏ هن ۾ هر حرف جون صرف ٻه صورتون هونديون هيون ۽ ٻيو ته ان جي لغات ۾ حرف به تمام گهڻا هيا. ٽائپ رائيٽر کي به مون جهڙي ئي ڪنهن ماڻهو ضرورت تحت ماڊي فاءِ ڪيو هوندو جنهن ۾ نه رڳو ٽائيپنگ ڪرڻ واري کي سدائين مشڪل ٿيندي هوندي پر هن جي رفتار وڌائڻ به مشڪل رهيو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٽائيپنگ اسان جي ادارن ۾ سولائي سان جاءِ ٺاهي ڪونه سگهي.

سوال. ڇا ان دور ۾ ڊيسڪ ٽاپ تي پبلشنگ يا فوٽو ٽائپ سيٽنگ جو ڪم به ٿيندو هيو؟

سوال. ها. اها ۱۹۸۷ع ۽ ۱۹۸۸ع جي ڳالهه آهي جڏهن اڃان انٽرنيٽ متعارف ڪونه ٿي هئي تڏهن ڪمپيوٽر جو سمورو ڪم ورڊ پراسيسنگ تحت ٿيندو هيو. خاص طور تي ڊيسڪ ٽاپ تي پبلشنگ جو ڪم ٿيندو هيو. ان وقت به فوٽو ٽائپ سيٽنگ سسٽم هوندو هيو جيڪو ان دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن وٽ به هوندو هيو پر اها مشين ڪتاب ڇاپڻ يا ڇپائڻ جي حوالي سان تمام گهڻي مهانگي هوندي هئي جو ان سان چپجڻ واري ڪتاب جي هڪ هڪ پيج جي قيمت لڳائي ويندي هئي جنهن سان ڪتاب جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪندي هئي. ان لاءِ ڪجهه ادارن ۾ جيڪڏهن فوٽو مشينيون هونديون به هيون ته اهي ايتريون ته مهانگيون هونديون هيون جو اهي پاڻ به اها ڇپائي استعمال ڪونه ڪندا هيا ته عام ماڻهو ان مان فائدو وٺڻ جو سوچي به ڪونه سگهندا هيا. سنڌي ادبي بورڊ وارن به مشڪل سان هڪ ٻه ڪتابون ڇاپڻ کان پوءِ ان مشين کي هڪ ايئرڪنڊيشنڊ روم ۾ رکي ڇڏيو هيو جتي پئي پئي اها تباهه ٿي وئي هئي. ان لاءِ ضروري هيو ته وڏي وڏي مشينن بجاءِ پرسنل ڪمپيوٽر وانگر ان سلسلي ۾ ڪو سولو حل تلاش ڪيو وڃي.

سوال. توهان واري محنت يعني حل جو ڪهڙو نتيجو نڪتو؟

جواب. سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي زبان بڻائڻ ۾ هڪ لحاظ کان اهو پهريون ساليوشن هيو جيڪو مون ڪڍيو هيو جنهن سان سنڌي اخبارن، رسالن سان گڏ پريس و پبلشنگ ڪي دنيائن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.

سوال. ان کان پهريون اخبارن ۽ رسالن جي دنيا جي ان سلسلي ۾ ڪهڙي صورتحال هئي؟

جواب. ان دور ۾ ڇپجڻ واريون اخبارون جيڪڏهن توهان ڏٺيون هونديون ته اهي پنهنجي حالتِ زار متعلق پاڻ به ٻڌائي سگهن ٿيون جو انهن ۾ ڇپجڻ واريون خبرون گهڻي حد تائين پڙهڻ جي قابل به ڪونه هونديون هيون ايتري تائين جو انهن جا ٽبڪا به گهڻو تڻو نظر ڪونه ايندا هيا. مون وٽ اڄ به ان دور جون اخبارون پيل آهن جيڪي جيڪڏهن توهان هاڻي پڙهو ته مڪمل پڙهڻ ۾ به ڪونه اينديون. مون کي ياد آهي ان دور ۾ جڏهن مان هلالِ پاڪستان اخبار جي دفتر ويو هيم ته اتي چاليهه ڪمپوزر ڪم ڪري رهيا هيا ۽ سڀني جي مشترڪه راءِ هئي ته “ هي پروفيشن اسان لاءِ ڪنهن بد دعا جيان آهي جو ان کي هينڊل ڪندي ڪندي اسان کي ڊيڊ پوائزننگ ٿي ويندي آهي. نه اسان هن کي ڇڏي ٿا سگهون نه ڪرڻ تي دل آماده آهي پر ڇا ڪجي جو روزگار جو مسئلو آهي.” ۽ هاڻي هي انقلاب ناهي ته ٻيو ڇا آهي جو پهريون جنهن اخبار ۾ چاليهه آپريٽر ڪم ڪندا هيا پر منهنجي ساليوشن کان پوءِ عوامي آواز وارن چار ڪمپيوٽر ورتا هڪ ليزر پرنٽر ورتو ۽ ان سان سموري اخبار تيار ڪري وٺندا هيا توڙي جو اهو منهنجي ڪوششن جو پهريون دور هيو.

سوال. توهان پنهنجي ٺاهيل سسٽم کي ڪاروباري لحاظ کان متعارف ڇونه ڪرايو؟

جواب. شروعات ته مون به ان ئي مقصد کان ڪئي هئي پر بعد ۾ پيسي ڪمائڻ جي ڌن تي زبان جي محبت حاوي ٿي وئي. شروعاتي طور تي ڪجهه اخبارن منهنجي مدد سان هن نظام کي رائج ڪيو ته مونکي جيڪا خوشي محسوس ٿي ان جو نعم البدل پيسو ڪونه هيو.

سوال. پر جيڪڏهن ان سسٽم مان پيسا به ڪمائجن ها ته خوشي ٻيڻي ٿي پوي ها؟

جواب. توهان جي ڳالهه شايد درست هجي پر مان ان معاملي ۾ شروع کان پروفيشنل ڪونه هيم ۽ نه ئي آهيان. اهو ئي سبب آهي جو هن پسمنظر ۾ جيڪو به ڪم منهنجي سامهون ايندو آهي ته مان ان کي پروفيشنلي نه پر پرسنلي وٺندو آهيان. يعني پنهنجي سسٽم مان ڪمائڻ جا گر استعمال ڪرڻ بجاءِ سڀني جي مسئلي جو حل ڪڍي ڏيندو رهندو آهيان حالانڪه مان ان دور ۾ گهر جي هڪ ڪمري ۾ دفتر ٺاهيو هيو جتي اسٽاف ۾ عطيه دائود ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو مون وٽ ٽائپسٽ طور ڪم ڪندا هيا.

سوال. توهان جي سسٽم کي حاصل ڪرڻ لاءِ اخبار وارا يا ڪجهه ٻيا ادارا به ته آيا هوندا توهان وٽ؟

جواب. ها ڪيترائي ڀيرا آيا. هڪ دفعو سنڌيڪا اڪيڊمي جو چيئرمن نوراحمد ميمڻ پڻ آيو هيو. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپيل هڪ ڪتاب کي ڪمپوز ڪرائڻ لاءِ پر مان پنهنجي طبيعت آڌار کيس سمورو سسٽم سمجهايو جنهن کي هن هڪ ڏيڍ سال بعد پنهنجي اداري ۾ پڻ رائج ڪيو.

سوال. ان سلسلي ۾ اياز شاهه به ته ڪم ڪيو هيو؟

جواب. جڏهن مان امريڪا مان هتي واپس آيم ته اياز شاهه مون سان مليو هيو. منهنجي سسٽم متعارف ڪرائڻ کان پوءِ هو پڻ اهڙي قسم جو سسٽم پرسنل ڪمپيوٽر تي کڻي آيو هيو. اصل ۾ مون وارو بڻايل سسٽم ميڪنٽاش ڪمپيوٽر تي هلندو هيو جيڪو مروجه ضرورتن پٽاندر سپورٽ گهٽ ڏيندو هيو. ان جو هڪ سبب هي پڻ هيو ته پراڻا ڪمپيوٽر مهانگا ٿي چڪا هيا جن جو رکڻ ۽ سنڀالڻ به ڏچو هوندو هيو جو اهي جڳهه ۽ بجلي جهڙي معاملن ۾ به مهانگا پون پيا ۽ پوءِ سولائي سان بازار ۾ دستياب به ڪونه هيا جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ نوان ڪمپيوٽر نه رڳو سهانگا ملي رهيا هيا پر جڳهه ۽ قيمت گهٽ هئڻ سان گڏ انهن جو ونڊوز آپريٽنگ سسٽم به تمام آسان هيو ان لاءِ ضرورتِ وقت جي حساب سان فائدو وٺڻ لاءِ اياز شاهه صاحب منهنجو ئي ساليوشن ۽ اپروچ کي نئين ڪمپيوٽر جي وندوز ۾ متعارف ڪرايو.

سوال. ڇا ان وقت تائين توهان جو سسٽم عام ٿي چڪو هيو؟

جواب. ان وقت تائين اسان جيڪو ڪم ڪري رهيا هياسين اهو عربي ۽ فارسي ۾ موجود فونٽن ۾ تبديليون آڻي سنڌي زبان ۾استعمال جي لائق بڻائيندا هياسين پر اها اپروچ عام ماڻهن لاءِ قابلِ قبول ڪونه هئي جو اها اپروچ هڪ لحاظ کان شخصي ماهري جي ضمري ۾ پئي اچي ۽ هر ماڻهو ان ۾ پنهنجي پنهنجي ڪاريگري جي حساب سان ڪم ڪندو ۽ وٺندو هيو يعني ان سسٽم ۾ فونٽن کي مان پنهنجي سهولت جي اعتبار سان تيار ڪيو هيم ته توهان پنهنجي سهولت جي اعتبار سان. ان ترتيب کي امريڪا يا برطانيه ۾ ويٺل ماڻهو ڪونه سمجهي سگهندو هيو ته “ڪهڙي ڪي کي ڪهڙي حرف لاءِ استعمال ڪجي”. اهڙي ريت اياز شاهه منهنجي سوليوشن کي پنهنجي حساب سان رائج ڪيو. ان وقت تائين اسانجون ڪيل سموريون ڪوششون هڪ لحاظ کان non standard اپروچ جون حامل هيون يا ائين کڻي چئجي ته ان مسئلي جو اهو ديرپا حل ڪونه هيو جيڪو حقيقت ۾ اسان چاهيون پيا يا جيڪو اصل ۾ ٿيڻ گهرجي ها. مان هڪ مثال ٻيو ڏيندم. ائين سمجهو ته هڪ گهر ۾ ٻاونجاهه خانا موجود آهن جن مان هر خاني ۾ الف، ب، پ، ت، ث وغيره رکيل آهن. ڪمپيوٽر جي مثال ان گهر جهڙي آهي جيڪو احڪامات ڏيندو آهي ته هن خاني مان هي لفظ کڻي اچو ۽ ڊسپلي ڪيو. ڪمپيوٽر حرفن جي معاملي ۾ زبان کي سمجهندو ئي اهڙي ريت آهي جنهن ۾ هر حرف لاءِ هڪ انگ ڏنل هوندو آهي ڇوته ان کي عدد سمجهه ۾ ايندو آهي حرف نه. ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هر ٻولي جي الفابيٽ لاءِ هڪ ڪوڊ پيج هوندو آهي جيڪو ان جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ ۾ اپرووڊ هوندو آهي. يوني ڪوڊ به اهڙي قسم جو هڪ اسٽينڊرڊ آهي. ان وقت تائين عربي ۽ فارسي وغيره جا اسٽينڊرڊ ڪوڊ تيار ٿي چڪا هيا پر سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر ۾ لکڻ لاءِ اسٽينڊرڊ ڪونه هيو. ان لاءِ اسان انهن مروجه ٻين زبانن جي خانن يا اسٽينڊرڊ ۾ ٿورڙي تبديلي ڪري انهن کي ان قابل ڪيو جو انهن جي مدد سان اسان ڪمپيوٽر تي سنڌي زبان لکڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. بعد ۾ جڏهن يوني ڪوڊ (يونيورسل ڪوڊ) آيو ته ان کي تيار ڪرڻ وارن تمام زبانن جي ڪوڊن کي هڪ ئي اسٽينڊرڊ ۾ شامل ڪيو. يوني ڪوڊ اچڻ کان پوءِ اياز شاهه مونسان اچي مليو هيو ته “مونکان هيءَ ڳالهه هينڊل ڪونه ٿي ٿئي ۽ توهان هينڊل ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي ريت ان جو فونٽ تيار ڪيو وڃي”.

سوال. تنهن کانپوءِ توهان مزيد ڪهڙو ڪم ڪيو فونٽن وغيره جي تياري جي سلسلي ۾؟

جواب. ان وقت تائين ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ بيشمار تبديليون ۽ ترقيون متعارف ٿي چڪيون هيون. سن ۲۰۰۰ع ۾ جڏهن مان امريڪا ويم ته اتي هي ساڳو ڪم ان فيلڊ ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سامهون رکندي شروع ڪيم. سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ واري ڪوششن متعلق اهو منهنجو ٻيو مرحلو يا دور هيو. تيسيتائين ورلڊ ويب سان گڏ بيشمار ٻيون ويب سائيٽس پڻ منظر تي اچي چڪيون هيون. اتي مون سنڌي جو پهريون فونٽ تيار ڪيو جيڪو يوني ڪوڊ سان مطابقت رکندو هيو ۽ وندوز ڪي آپريٽنگ سسٽم جي روٽس کي به قابلِ استعمال ڪرڻ جي لائق بڻايو ته جيئن اسان سنڌي زبان کي هڪ بين الاقوامي اسٽينڊرڊ مطابق استعمال ڪري سگهون ته جيئن ڪو ماڻهو اگر لاڙڪاڻو ۾ ڪمپوز ڪري ته امريڪا، آسٽريليا، برطانيه ۽ تمام دنيا ۾ ويٺل ماڻهو ان کي سولائي سان پڙهي سگهن. مون جولائي کان آگسٽ ۲۰۰۰ع تائين پهريون فونٽ تيار ڪري جڏهن ان کي ونڊوز ۾ استعمال ڪيو ته وري ڪجهه نئين مسئلن منهن ڪڍيو جن تي سوچ ويچار ڪرڻ سان انهن جو حل به ملندو ويو. اهڙي ريت مسئلن جا حل ڪڍندي ڪڍندي هڪ ڏينهن مون پنهنجي طرفان هڪ “پرفيڪٽ سسٽم” ڪري ورتو. پر ان سسٽم کي استعمال ڪرڻ وقت نتيجو اهو ڪونه نڪتو جيڪو بين الاقوامي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ ضروري هيو. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون مائڪرو سافٽ وارن سان رابطو ڪري ان وقت تائين ڪيل پنهنجي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. منهنجي ڪم کي پرکڻ کان پوءِ انهن ٻڌايو ته “توهان صحيح دڳ تي ڪم ڪيو آهي پر اسان جي بين الاقوامي آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي زبان لاءِ ڪابه سپورٽ موجود ڪونه آهي ان لاءِ توهان جو ڪم مڪمل طور تي قابلِ عمل ڪونه پيو ٿئي”. تڏهن مون کي به پنهنجي ڪم ۾ خامي نظر اچي وئي ڇوته يوني ڪوڊ ۾ ته هزارين زبانون موجود هيون پر جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي آپريٽنگ سسٽم ۾ زبان جا قائدا ۽ سپورٽ نه هجي ته اسان جو ڪم بيڪار هيو.

سوال. توهان عربي ۽ فارسي زبانن مان جيڪا مدد ورتي هئي انهن جي سپورٽ ته ڪمپيوٽر جي آپريٽنگ سسٽم ۾ موجود هئي ڇا اهي سنڌي زبان کي سپورٽ ڪونه پيون ڪن؟.

سوال. فارسي ۽ عربي الفابيٽ ته سوين زبانن کي هينڊل ڪنديون آهن جن جا حروف، شڪلون ۽ قائدا پنهنجي پنهنجي طريقي سان فيڊ ٿيل هوندا آهن جن سان ڪمپيوٽر کي سپورٽ ملندي آهي. بدقسمتي سان سنڌي زبان جي سلسلي ۾ اتي اهڙو ڪجهه به ڪونه هيو. مائڪرو سوفٽ وارن سان اهو بحث ڪيترا مهينا رهيو جنهن سان منهنجي ان ڪم ۾ دلچسپي جو شايد انهن تي اثر ٿيو.

سوال. مائڪرو سافٽ وارن وٽ توهان جو ڪنهن سان رابطو ٿيو هيو؟

جواب. خوش قسمتي سان منهنجو رابطو مائڪرو سافٽ وارن جي آفيس ۾ ان شخص سان ٿيو جيڪو اتي ونڊوز جي لنگول انجڻ جو ذميوار هيو. کيس منهنجو تيار ٿيل فونٽ به پسند آيو. مونکي ياد آهي هن هڪ ڏينهن مونکي چيو هيو ته “انسان هئڻ ناطي تنهنجو هيترو سارو ڪم ڏسي منهنجو فرض ٿئي ٿو ته مان تنهنجي هر ممڪن مدد ڪيان. ان لاءِ تون پنهنجي پروگرام کي ٽيسٽ ڪري مونکي موڪليندو رهه ۽ مان انهن کي ماڊي فاءِ ڪري قابلِ استعمال بڻائيندم”.

سوال. ان ماڻهوءَ جو نالو ڇا هيو؟

جواب. منهنجي ان محسن جو نالو پال سائمن هيو. ان کان پوءِ مان پنهنجو پروگرام ٽيسٽ ڪري کيس موڪليندو رهندو هيم جنهن کي هو جتي جتي ضروري سمجهندو هيو اتي ماڊي فاءِ ڪندو هيو.

سوال. مائڪروسافٽ وارا ته تمام پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪندا آهن پر توهان جي ٻڌائڻ مان لڳي ٿو ته پال نيلسن توهان وارو سمورو ڪم شخصي طور تي ڪيو هيو اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟.

جواب. توهان جي ڳالهه درست آهي ته اهي عام طور تي اهڙي ريت ڪم ڪونه ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. مائڪروسافٽ وارن جو هيڊڪوارٽر سياٽل رياست جي شهر ريڊمنڊ ۾ آهي جتي وڃي منهنجو ان ماڻهوسان ملڻ ۽ ان جو منهنجي ڪم مان متاثر ٿيڻ ۽ منهنجي مدد ڪرڻ جي حامي ڀرڻ واقعي حيرت انگيز آهي.

سوال. عام طور تي اهڙي معاملن ۾ سندن ڪم ڪرڻ جو ڪهڙو طريقي ڪار هوندو آهي؟.

جواب. اتي هر سيڪشن جي هيڊڪوارٽر جي انتظاميه ڪوبه ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آهي يا ڪنهن حڪومت طرفان مائڪروسافٽ کي فارمل رڪوئيسٽ ڪئي وڃي يا وري جيڪو ڪم ٿئي ٿو ان جي بين الاقوامي آبادي ۾ مارڪيٽ هجي پر منهنجي حوالي سان اهڙي ڪنهن به قسم جي انوالمنٽ ڪونه هئي.

سوال. پال نيلسن ۽ توهان جي اشتراڪي ڪوششن جو سلسلو نتيجي خيز ٿيڻ تائين ڪيترا ڏينهن هلندو رهيو؟

جواب ٽن مهينن تائين پال نيلسن مائڪرو سافٽ ونڊوز ۾ وڃي سنڌي جي فونٽن کي ملٽي لنگئل انجڻ ۾ ماڊي فاءِ ڪري اتي سنڌي زبان جي اپروچ تيار ڪندو رهيو تاڪه اها قابلِ استعمال ٿي سگهي. جڏهن اسان جو سمورو ڪم مڪمل ٿيو ته مان ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تي عام ماڻهوءَ جي اپروچ لاءِ رکي ڇڏيو. ان کان پوءِ جڏهن مان پاڪستان آيم ته ايازشاهه صاحب سان ملاقات ٿي جنهن چيو ته “توهان ايتري آساني سان سڀني لاءِ ايتري قيمتي شي کي ڪمپيوٽر تي رکي ڇڏيوآهي ۽ جيڪڏهن توهان هر ڪنهن کي مفت ۾ ڏيندا رهندا ته اسان کان ڪير خريد ڪندو”. سندس خيال هيو ته منهنجي سسٽم کي ڪاروباري مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي جهڙي ريت اردو ۽ ٻين زبانن وارا ان دور ۾ ڪري رهيا هيا ته ٽي چار سو ڊالر ۾ پيڪيج تيار ڪري وڪرو ڪندا هيا يا وري پشاور واري علائقي ۾ سي ڊي ۽ ڪتابن جي صورت ۾ پيڪيج تيار ڪري ست اٺ سو ڊالرن ۾ وڪڻندا هيا پر مون کان اهو سڀ ٿي ڪونه سگهيو. تنهنڪري مون سموريون ضروري شيون جهڙوڪ فونٽ، ڪي بورڊ، فائل، انسٽالر وغيره تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکي ڇڏيا. پر ان جي باوجود اياز شاهه پنهنجي طرفان محنت سان ان سسٽم تحت ڪافي پيسا ڪمايا.

سوال. جڏهن توهان جو پروگرام انٽرنيٽ تي مفت ۾ موجود هيو ته اخباروارن يا ٻين ادارن اياز شاهه کان اهڙو سسٽم ڇو تيار ڪرايو؟

جواب. اصل ۾ ان دور ۾ انهن تمام مرحلن کي طئه ڪرڻ ۽ سمجهڻ وارا ماڻهو گهٽ هوندا هيا جيڪي سولائي سان انٽرنيٽ تان ان سسٽم تحت فائدو وٺي سگهن ۽ وري انهن کي اهو پڻ خوف هوندو هيو ته متان انٽرنيٽ تان کنيل پروگرام درست طور تي ڪم نه ڪري. توڙي جو مان عوامي آواز، هلالِ پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ پاڻ وڃي ٻڌايو هيو ته “اهي ڪهڙي ريت ان پروگرام مان فائدو وٺن”. مگر اياز شاهه صاحب ڪافي ادارن کي ريجهائي ورتو هيو ته هي سسٽم آسان ڪونه آهي يا ڪمپيوٽر لاءِ ڀاري آهي، يا مشڪل آهي وغيره وغيره. ڪمرشل ادارن ۾ خوف جي وڏي اهميت هوندي آهي جو انهن کي اهڙو نظام کپي جيڪو سولائي سان هلندو رهي ۽ انهن لاءِ ڪي به مشڪلات جنم نه وٺن.

سوال. هاڻي سنڌي زبان استعمال ڪرڻ وارا دنيا ڀر ۾ موجود آهن پر ڇا اها اپروچ جيڪا توهان جي معرفت مائڪروسافٽ وارن تيار ڪئي هئي وري ان ۾ بهتري آئي يا اتي ئي آهي؟

جواب. بدقسمتي سان اسان جي زبان ۾ اڄ به مائڪروسافٽ وارن جي اها ئي سپورٽ موجود آهي جيڪا ان وقت حاصل ڪئي هئي سنڌي زبان اڃان تائين فارمل لينگويج طور سليڪٽ ڪونه ٿي آهي.

سوال. ان کان پوءِ توهان، ڪنهن ٻئي شخص، ڪنهن اداري يا وري مائڪروسافٽ وارن ان کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي؟

جواب. ڪوششون ته ٿيون پر اسان جي رياست، ادارن ۽ ماڻهن ان سلسلي ۾ سدائين ڪم عقلي جو مظاهرو ڪيو ان لاءِ ڳالهه اتي ئي رهجي ويندي آ. جڏهن مائڪرو سافٽ وارا ونڊوز وستا تيار ڪري رهيا هيا ته انهن مون کي هڪ اليڪٽرونڪ پروفارما موڪليو هيو جنهن ۾ زبان متعلق تمام معاملا شامل هيا جهڙوڪ نالا، ڏهائيون ڪيئن لکجن يا پرسنٽيج ڪيئن ڪڍجي وغيره وغيره. جڏهن به ڪنهن زبان جو ڪوبه سسٽم ڪمپيوٽر لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ته اهڙي قسم جون ڳالهيون پڻ ان ۾ شامل ڪيون وينديون آهن. اسان وٽ لينگويج سپورٽ موجود هئي ۽ اهو به ته “سنڌي ڪيئن لکي وڃي” پر جڏهن زبان ڪمپيوٽر تي آندي وڃي ته زبان کي فارمل سپورٽ ڏيڻ لاءِ ڏينهن وغيره جا نالا به هجڻ گهرجن ته جيئن زبان سان گڏ ڪيلينڊر ۽ ڊائريون يا اهڙي شين جي درستگي به ٿي سگهي. مون انهن جو موڪليل پروفارما ڀرڻ لاءِ سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن کي موڪلي ڏنو ته جيئن ڀري موڪلن جو اهوخاصو ڊگهو ڪم هيو جيڪو هڪ ماڻهو جي وس جي ڳالهه ڪونه هئي بلڪه ادارن جو ڪم هيو. انهن ادارن وٽ زبان ۽ لغت جا ماهر پڻ موجود هيا ته ڪمپيوٽر ايڪسپرٽ به. مون انهن کي سمورو معاملو نه رڳو لکي موڪليو پر ٻڌايو ۽ سمجهايو به. ان کان علاوه کين ان ڳالهه جي اهميت کان به آگاهه ڪندو رهيم ته توهان رڳو فارم ڀري مونکي موڪلي ڏيو باقي منهنجو ڪم آهي. هڪ ڊگهي عرصي تائين سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن وٽان باوجود ڪئي ياد دهانين جي ڪو جواب ڪونه مليو. البته سنڌ يونيورسٽي جي چانسلر صديقي صاحب هڪ دفعو جواب ڏنو ۽ متعلقه فردن کي به لکيو جنهن جي ڪاپي مون کي موڪلي. اتان ڪمپيوٽر سائنس ڊيپارٽمنٽ وارن هڪ دفعو مون سان رابطو ڪري مون کان پوڇيو هيو ته “توهان جيڪو فارم موڪليو آهي اهو ڪهڙي ريت ڀريو وڃي”. مون کين ٻيهر ضروري ڳالهيون ٻڌايون ۽ هي پڻ چيو ته “توهان وٽ ڪمپيوٽر جا انتهائي ماهر موجود آهن جن لاءِ هي سمور ڪم ڪرڻ مشڪل ڪونه ٿيندو”. بحرحال جيسيتائين اسان جا صاحب اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿين تيسيتائين مائڪروسافٽ وارن وستا ونڊوز جا فائل وغيره تيار ڪري لانچ به ڪري ڇڏيا.

سوال. بعد ۾ توهان ان سلسلي ۾ مائڪرو سافٽ وارن سان ڪو رابطو ڪونه ڪيو؟

جواب. ڪيو هيو پر اسان جي ڪوتاهي سبب انهن معذرت ڪئي ته توهان مقرره وقت تائين پنهنجو ڪم ڪري ڪونه ڏنو هيو ان لاءِ اسان پنهنجو ڪم ته ڪونه ٿا روڪي سگهون.

سوال. ان سموري پروسيس تحت ڪيترو وقت لڳو هوندو؟

جواب. چهه ست مهينا ته ضرور لڳا هوندا.

سوال. ڇا سنڌي لينگويج اٿارٽي يا سنڌي ادبي بورڊ وارن اهو پروفارما بعد ۾ ئي سهي ڀري ڏنو توهان کي؟.

جواب. اڃان تائين ته ڀري ڪونه ڏنا آهن (مسڪرائيندي). ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ تائين سنڌي زبان استعمال ڪرڻ لاءِ منهنجي ويب سائيٽ تان يا ٻين دوستن جي ويب سائيٽ تان اها سپورٽ لاهڻي پوندي آهي يا انسٽالر رن ڪرڻو پوندو آهي جيڪو بڻيادي طور تي “ڪي بورڊ” مهيا ڪندو آهي ته جيئن سنڌي ٽائپ ڪري سگهجي.

سوال. ڇا وستا ۾ اڃان تائين سنڌي زبان جي سپورٽ موجود ڪونه آهي؟

جواب. اها سپورٽ وستا ۾ به آهي ته ونڊوز ۷ ۾ به آهي پر “ڪي بورڊ” ناهي. سنڌي زبان انهن جي اسٽينڊرڊ زبانن جي فهرست ۾ شامل ڪونه آهي ان لاءِ مجبورن اسان کي عربي يا فارسي وغيره جهڙي زبان کي سليڪٽ ڪري سنڌي کي سپورٽ ڏيڻي پوي ٿي. توهان هيئين به چئي سگهو ٿا ته تيڪنيڪي اعتبار کان هر شي مهيا آهي جنهن سان سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي لکي سگهجي ٿي، سنڌي ڪمپيوٽنگ ٿي سگهي ٿي، سنڌي انٽرنيٽ تي استعمال ڪري سگهجي ٿي، سنڌي ۾ ورلڊ وائيڊ ويب استعمال ڪري سگهجي ٿي، چيٽنگ ڪري سگهجي ٿي، اي ميلز ڪري سگهجن ٿيون. پريڪٽيڪلي هر اهو ڪم جيڪو ٻين ترقي يافته زبانن ۾ ڪري سگهجي ٿو اهواڄ سنڌي زبان ۾ ڪري سگهجي ٿو پر هن زبان کي سسٽم ۾ ڪي بورڊ جي ذاتي سپورٽ ڪونه آهي..

سوال. هاڻي اها سپورٽ ڪهڙي ريت حاصل ڪري سگهجي ٿي؟

جواب. هاڻي ان لاءِ سنڌ يا پاڪستان جا ادارا مائڪروسافٽ وارن جي ريجنل آفس سان رابطو ڪري انهن کان هي فارمل سپورٽ حاصل ڪري سگهن ٿا پر اهي ڪري ڪونه رهيا آهن.

سوال. فارمل سپورٽ ۽ ڪي بورڊ ملڻ سان سنڌي زبان کي سسٽم ۾ ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

جواب. ان سان فائدو اهو ٿيندو جو ڪوبه شخص ڪمپيوٽر کوليندو ته ان کي سڌو سنئون سنڌي زبان ويب تي ملندي جهڙي ريت انگريزي يا ٻيون زبانون ملن ٿيون. اسان کي ڪنهن ٻي ويب تي وڃي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت ڪونه ٿيندي. بحرحال سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي اچي چڪي آهي، لکجي ۽ سمجهي وڃي ٿي پر ان کي هاڻي ڪيتري ويڪر، وسعت ۽ ترقي ڏيڻي آهي يا ان مان ڪهڙو فائدو وٺڻو آهي ان جو انحصار اسان جي حڪومت، اداران ۽ فردن جي سچائي تي آهي.

 

(منهنجو مضمون سنڌي رسالي افيئر جي تازي شماري ۾ ڇپيل)


 

عبدالماجد ڀرڳڙي

سنڌي ٻوليءَ جو عاشق

رضا ٻٻر

چوندا آهن ته اهي ئي قومون زندهه رهنديون آهن جيڪي پنهنجي ٻوليءَ کي زندهه رکن، ٻولي قوم جو بنيادي جز آهي. ٻوليون اهي زندهه رهنديون آهن جيڪي عام واهپي يا مارڪيٽ جو حصو هجن. جيتوڻيڪ، سنڌي ٻولي ۾ ادب جو اڻ کٽ خزانو موجود آهي، اهو ئي سبب هو جو انگريزن سنڌ تي قبضي بعد سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ان جي باقاعده رسم الخط پڻ جاري ڪئي، پر صنعتي انقلاب اچڻ کانپوءِ ۽ ڪتابن توڙي اخبارن جي پريس ۾ ڇپائي کانپوءِ جتي ڪيتريون ئي سهولتون پيدا ٿيون اتي انهن لاءِ ڪجهه مسئلن به ڪر کنيو، جيئن ٽائيپ رائيٽر جي تياري ۽ ان جو معيار، بهرحال، سنڌي وارو ٽائيپ رائيٽر ته تيار ٿيو ۽ استعمال به ٿيو، جيڪو هاڻي سنڌالاجي ۾ رکيل آهي.

پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٻين ٻولين کي ڇڏي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو، ان ڪري سرڪاري سطح تي ٻين ٻولين جي واڌ ويجهه يا ارتقا ختم ٿي وئي، سرڪاري لک پڙهه اردو ۾ ڪرڻ شروع ڪرڻ سبب سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو، پر جس لهڻن اسان جا اهي اديب، دانشور، ليکڪ ۽ سياستدان جن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ کان وٺي سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان لاءِ کين سختيون به برداشت ڪرڻيون پيون.

جديد دور ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان سان پڻ ٻين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ لاءِ به هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪلاتون پيدا ٿيون ڇاڪاڻ ته ڪمپيوٽر جي بنيادي ٻولي انگريزي هئي. ترقي يافته ۽ آزاد قومن ان مسئلي جو حل ڳولڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي قومي ٻولين کي ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. انهن قومي ڪردارن منجهان سنڌ ڌرتي جو هڪ موتي سائين ماجد ڀرڳڙي به آهي، جنهن ٻولي لاءِ اهڙا ڪارناما ڪيا آهن جن عيوض ٻوليءَ کي بنيادي حيثيت ملي چڪي آهي.

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي به رائيس ڪئنال ذريعي پيدا ٿيندڙ سارين جي ان ديس جو ماڻهو آهي، جتي گرمي ۽ سردي هميشه گهڻي ٿيندي آهي، پاڻ ۸ فيبروري ۱۹۴۸ع تي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ علمي، ادبي توڙي سياسي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جي گھر ۾ جنم ورتو، سندس والد پيشي جي لحاظ کان وڪيل هو، جيڪو بعد ۾ ايم پي اي ۽ وزير ۽ به ٿيو.

هن جو ننڍپڻ به غير روايتي رهيو آهي. بنيادي تعليم پي وي اسڪول مان حاصل ڪئي، ثانوي ۽ اعلى ثانوي تعليم پهرين ميونسپل هاءِ اسڪول ۽ پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ڄامشوري اچي سنڌ يونيورسٽي جي جنرل هسٽري شعبي ۾ داخلا ورتائين، جتان گريجوئيشن ڪري چٽاڀيٽي جي وڏي امتحان يعني سي ايس ايس ۾ بهرو ورتائين ۽ ۱۹۸۳ع ۾ انڪم ٽيڪس ڊپارٽمنيٽ ۾ نوڪري سان لڳي ويو. جتان ۱۹۸۵ع ۾ آمريڪا جي ايروزينا يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتي ئي کيس ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سان شناسائي ٿي. عبدالماجد ڀرڳڙي پاڻ هڪ ڀيري ٻڌايو ته ان وقت سندس هڪ انڊين دوست ڪمپيوٽر تي پنهنجي ٻولي لاءِ ڪم پئي ڪيو، جنهن کي ڏسي کيس به شوق پيدا ٿيو ته ڇونه سنڌي ٻولي کي به ڪمپيوٽر تي آندو وڃي. ان وقت شايد اڍائي لک رپين ۾ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر خريد ڪيو ۽ ان ڪم سان لڳي ويو ۽ آخر سنڌي لاءِ هڪ پروگرام ٺاهي تيار ڪيائين، جنهن کي آزمائشي طور اچي هڪ اخبار ۾ لاڳو ڪيائين جيڪو انتهائي ڪامياب تجربو ثابت ٿيو، ان بعد ان کي مڪمل طور لاڳو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان وقت سنڌي پروگرام ۾ ڪافي سڌارن جي ضرورت سميت ڪافي نقص به هئا پر ان کان اهو وڌيڪ هو ته سنڌي ٻولي ان وقت ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو حصو ٿي چڪي هئي.

ان سلسلي ۾ پاڻ مختلف تجربا ڪندو رهيو ۽ مختلف ادارن سان پڻ لهه وچڙ ۾ ايندو رهيو، تان جو ۲۰۰۰ع ۾ يونيڪوڊ اچي چڪو هو، جنهن سبب ٻين ٻولين لاءِ آساني پيدا ٿي چڪي هئي ته اهي پنهنجي رسم الخط ۽ ٻولين کي ڪمپيوٽر تي آڻين ۽ نيٺ۲۰۰۱ع ڌاري عبدالماجد ڀرڳڙي سنڌي جو يونيڪوڊ پاڻ تيار ڪيو ۽ ايئن آهستي آهستي ڪافي فونٽس تيار ٿيندا رهيا، مائيڪرو سافٽ ۽ ٻين ادارن سان مسلسل لک پڙهه جي ڪري سنڌي ٻولي کي پنهنجو الڳ لوڪيل ملي ويو، هاڻي ته ونڊوز ۸ سڄي سنڌي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. اڄڪلهه سنڌي ٻولي ڪيترن ئي پيلٽ فارمز تي آساني ۽ رواني سان استعمال ڪري سگھجي ٿي، جنهن ڪري سنڌي ۾ نه صرف ڪتاب، اخبارون ڇاپڻ پر انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پڻ سنڌي آساني سان استعمال ڪئي پئي وڃي. اردو پاڪستان جي قومي ٻولي هئڻ باوجود اڃان تائين ايتري ترقي نه ڪئي آهي جيتري عبدالماجد ڀرڳڙي اڪيلي سر سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻي ڪرائي آهي، جنهن لاءِ سڄي قوم هميشه لاءِ سندس ٿورائتي رهندي.

اهو ۱۹۶۹ع جو سال هو، سندس ملاقات هڪ ڪشميري ڇوڪري سان ڪوئيٽا ۾ ان وقت ٿي جڏهن هو پنهنجي ڪٽنب سان تفريح لاءِ ڪوئيٽا ويل هو، ترت ئي ۱۹۷۰ع ڌاري ان ڪشميري ڇوڪري، جنهن جو نالو نرگس هو، سان شاديء جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. ۳۸ سالن کانپوءِ ۲۵ اپريل ۲۰۰۸ع تي سندس جيون ساٿياڻي هيمشه لاءِ الوداع چئي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي ملي. ڀرڳڙي صاحب کي ۳ پٽ عبدالمصور، عبدالباري ۽ عبدالباسط ۽ هڪ نياڻي عائشه آهي، جيڪي سڀ آمريڪا جي سيٽل شهر ۾ رهن ٿا. جيتوڻيڪ، ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي جون گرم يادون ۽ لُڪن وارو ملڪ ڇڏي آمريڪا جي ٿڌين هوائن ۾ رهي ٿو پر سندس دل اڄ به شاهه لطيف جي ڌرتي ۽ ٻولي لاءِ ڌڙڪي ٿي.


 

عبدالماجد ڀرڳڙي

سنڌي زبان کي سائبر ٻولي بڻائڻ واري عظيم انسان سان حال احوال

آصف رضا موريو

عبدالماجد ڀرڳڙيءَ ۸ فيبروري ۱۹۴۸ع ڌاري شهدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جيون ورتو. پاڻ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. سندس مسلسل جدوجهد سبب سنڌي ٻوليءَ ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ شامل ٿي سگهي جنهن ڪري اڄ سنڌي ٻوليءَ کي سموري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس سافٽ ويئر جو نالو”ايم بي سنڌي MB Sindhi” (ماجد ڀرڳڙيءَ جو تيار ٿيل سنڌي سافٽ ويئر) يا ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (Computer Operating System) سڏجي ٿو. عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي اِنهيءَ پروقار ۽ عظيم ڪارنامي جي ڪري سنڌي قوم هميشه سندس زيرِبَارِ رهندي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي گولي تي اڳرو ۽ نشابر بڻايو.

سوال. توهان کي سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي زبان ٺاهڻ جو خيال ڪيئن آيو؟

جواب. اصل ڳالهه اها آهي ته نوڪري جي پگهار مان پورت نه هئڻ سبب ڪنهن ڪاروبار ڪرڻ جو خيال آيو. منهنجي هڪ دوست ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ جي ڪاروبار ۾ پارٽنرشپ جو خيال ڏيکاريو جيڪو لاهور ۾ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر جو ڪم ڪندو هيو ته بسم الله ڪيم. ان وقت اڄ جيان ڪمپيوٽر دوڪانن تي دستياب ڪونه هوندا هيا پر ٻاهرين ملڪن کان هتان جي ڊيلرن ذريعي آرڊر تي گهرايا ويند هيا. ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن دوست جي بهادر آباد ۾ ڪمپيوٽر آفيس گهمڻ ويم. ان مون کي ٻڌايو ته اردو ڪمپوزنگ ڪيئن ڪئي ويندي آهي. ان دور ۾ اردو نسق ۾ لکي ويندي هئي جڏهن ته اخبارون نستعليق ۾ لکيون وينديون هيون سي به وڏي ڪمپيوٽر تي پرسنل ڪمپيوٽر تي نه. ان ڏينهن مون کي خيال آيوته اردو جيان ڇونه سنڌي ٻولي کي به ڪمپيوٽر تي آڻجي. ان لاءِ دوست کان پڇيو “ڇا توهان ان سسٽم ۾ سنڌي زبان تيار ڪري ڏئي سگهو ٿا”. هن پهريون ته هائوڪار ڪئي پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ معذرت ڪندي چيائين “سنڌي ٻولي جا ٻاونجاهه لفظ ڪمپيوٽر تي آڻڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪونهي”. مان تيسيتائين انهن کان معلوم ڪري چڪو هيم ته “اهي عربي ۽ فارسي جي ڪنهن سافٽ ويئر کي موڊي فاءِ ڪري اردو ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائن ٿا، ان لاءِ گهربل سامان ۽ سافٽ ويئر وٺي سنڌي جي حساب سان ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيم”.

سوال. ڇا توهان کي ڪمپيوٽر متعلق پهريون تيڪنيڪي تجربو هيو؟

جواب. تجربو ته ڪونه هيوپر ٻاهرئين ملڪ ۾ ايم بي اي پڙهڻ سبب ڪمپيوٽر سان ڪافي ڄاڻڪاري هئي پر جنهن ميڪنٽاش ڪمپيوٽر تي اهو ڪم ٿئي پيو اهو ڪڏهن استعمال ڪونه ڪيو هيو. ان لاءِ پهريون ان کي سمجهي پوءِ ڪم جي حوالي سان ان ۾ سافٽ ويئر کي موڊي فاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ان مسئلي جو بنيادي حل تلاش ڪري ورتو. اها سال ۱۹۸۷ع جي ڳالهه آهي ۽ ان ڪم ۾ مون کي هڪ مهينو لڳي ويو هيو. جنهن ڏينهن مان پهريون ڀيرو سنڌي ۾ پورو پيج لکي پرنٽ ڪيوهيو اهو مون لاءِ عيد جو ڏينهن هيو. ان کان پوءِ هر نئين ڏينهن سان ان ڪم جي سلسلي ۾ بهتري ايندي وئي.

سوال. توهان پنهنجي سسٽم کي ادارن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي؟

جواب. پهريون هلالِ پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ان دور ۾ انعام شيخ هڪ ڪالم ڪک پن جي عنوان سان لکندو هيو جنهن مون کي سندس ڪالم لکي ۽ پرنٽ به ڪري ڏنو هيوجيڪو ان اخبار ۾ ڇپيو پڻ. عبرت وارن سان به رابطو ڪيو ڪجهه ٻيا ادارا به پر لائق موٽ ڪٿان به ڪونه ملي هئي.

سوال. توهان هلالِ پاڪستان وارن کي مضمون ڇو سيٽ ڪري ڏنو سسٽم ڇونه ڏنو؟

جواب. سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائئئڻ جي سلسلي ۾ اهو منهنجو شروعاتي حل يا ڪامياب قدم هيو. يا چئجي ته ڪنهن سسٽم جي پهرين ڪامياب شڪل ۽ ڪوشش هئي پر ان کي ڪنهن اداري ۾ استعمال ڪرڻ ۾ اڃان به ڪجهه مشڪلاتون درپيش هيون. مثال طور ان دور ۾ هڪ پيج لکڻ ۾ ڏهه پندرهن منٽ لڳندا هيا پر مون کي منهنجي سسٽم ۾ لکڻ دوران هڪ ڪلاڪ لڳي ويو هيو ان لاءِ کيس اڃان به ماڊي فاءِ ڪرڻ جي ضرورت هئي.

سوال. ان سلسلي ۾ توهان ڪهڙي پيش رفت ڪئي؟

جواب جڏهن مان امريڪا ويم ته اتي به پنهنجي سسٽم کي بهتر بڻائڻ جو ڪوششون جاري رکيون. آخرڪار مارچ ۱۹۸۸ع جي شروعات ۾ اهو حل ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيم ته “ڪيئن سنڌي زبان ۾ ڪي ورڊ پروسيسنگ، ٽائپ سيٽنگ يا اخبارن جو ڪم ٿي سگهي ٿو”. اهو حل هيو به سولو هيو، جيئن عربي ۽ فارسي جي ڪجهه اکرن جهڙوڪ، ج، خ ۽ چ جي جاءِ تي سنڌي جا لفظ استعمال ڪيا وڃن. يا جيئن سنڌي جي اکرن ڇ ۽ چ وغيره جي خاندان واري اکرن جا ٽبڪا الڳ الڳ ڪري انهن کي ي سان ملائي لفظ جوڙياس وڃن. اهڙي طرح مون ٻاونجاهه اکرن کي آهستي آهستي پنهنجي سسٽم جو حصو بڻايو ۽ اهڙي طرح ڪمپيوٽر ۾ عربي  ۽ فارسي ٻولي متعلق موجود ڪيپيسٽي کي استعمال ڪري سنڌي زبان لکڻ ۾ مدد ورتي هئي.

سوال ان دور ۾ ته سنڌي ٽائپ رائيٽر ايجاد ٿي منظر عام تي اچي چڪو هيو ڇا توهان ان جي ڪيز مان به مدد ورتي؟

جواب. مون ڪونه ورتي ۽ اها ان لاءِ جو ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪمپيوٽر جي نسبت محدوديت هئڻ سان گڏ ان ۾ لفظن جون رڳو ٻه صورتون هونديون هيون. ٻيو ته اسان جي لغت ۾ اکر به تمام گهڻا هيا. سنڌي ٽائيپ رائيٽربه ايجاد ڪونه ٿيو هيو ۽ جيڪو اسان وٽ رائئج هوندو هيو ان کي ڪنهن دوست پنهنجي عقل آهر ماڊي فاءِ ڪيو هوندو.

سوال. ڇا ان دور ۾ ڊيسڪ ٽاپ تي پبلشنگ يا فوٽو ٽائپ سيٽنگ جو ڪم ٿيندو هيو؟

جواب. ها، اها ۱۹۸۷ع يا ۱۹۸۸ع جي ڳالهه هوندي جڏهن انٽرنيٽ اڃان تائين متعارف ڪونه ٿي هئي تڏهن ڪمپيوٽر جو سمورو استعمال ورڊ پراسيسنگ تحت ٿيندو هيو. خاص طور تي ڊيسڪ ٽاپ تي پبلشنگ جو ڪم ڪبو هيو. فوٽو سيٽنگ جو سسٽم ان وقت سنڌ ۾ رڳو سنڌي ادبي بورڊ وارن وٽ هوندو هيو پر اها مشين ڪتاب ڇاپڻ يا ڇپائڻ لاءِ مهانگي هوندي هئي ان لاءِ ڪو ان تي ڪتاب ڇپرائڻ جي همت نه رکندو هيو.

سوال. توهان جي ان سلسلي ۾ ڪڍيل حل جو نتيجو ڇا نڪتو؟

جواب. ٿيڻو ڇا هيو البته سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي واري منهنجي سسٽم سنڌي اخبارن، رسالن سان گڏ پريس ۽ پبلشنگ جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سڀ ڪجهه توهان جي سامهون آهي.

سوال. توهان ان سسٽم کي پروفيشنلي متعارف ڇونه ڪرايو؟

جواب. مون شروعات ته ان مقصد لاءِ ڪئي هئي پر بعد ۾ پيسي ڪمائڻ جو احساس ٻولي جي محبت کان گوءِ کڻي ويو. ان محنت جي نتيجي دوران جيڪا روحاني خوشي ملي ان باقي سب احساس کسي ورتا هيا.

سوال. اخبار وارن کان علاوه ٻيا ڪي ادارا به توهان وٽ ان ڏس ۾ آيا؟

جواب. کوڙ آيا ۽ ايندا به رهندا آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي جو چيئرمن نوراحمد ميمڻ به سنڌي ادبي بورڊ وارن جو هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ آيو هيو. مون کيس سمورو سسٽم ٻڌايو جيڪو ڏيڍ سال کان پوءِ هن به پنهنجي اداري ۾ رائج ڪيو؟

سوال. ان وقت يا پهريون ڇپجڻ جي سلسلي ۾ اخباران جي ڪهڙي صورتحال هوندي هئي؟

جواب. اخبارن جي تمام بري حالت هوندي هئي. گهڻي قدر ڇپيل اخبارون ته پڙهڻ ۾ به مشڪل سان اينديون هيون، ٽبڪا به نظر ڪونه ايندا هيا. هڪ دفعي مان هلال پاڪستان اخبار جي دفتر ويو هيس جتي چاليهه ڪمپوزر ڪم ڪري رهيا هيا انهن سڀني جي مشترڪه راءِ هئي ته “هي ڪم اسان لاءِ بد دعا مثل آهي ڇوته هتي مسلسل ڪم ڪندي اسان کي ڊيڊ پوائزننگ جي بيماري ٿي وڃي ٿي. اسان نه هي روزگار ڇڏي سگهون ٿا نه ئي ڪرڻ تي دل خوش آهي”. منهنجي سسٽم متعارف ٿيڻ کان پوءِ عوامي آواز وارن چار ڪمپيوٽر ۽ هڪ ليزر پرنٽر ورتو ۽ سموري اخبار ڪڍڻ شروع ڪئي حالانڪه اهو منهنجي ڪوشش جو پهريون دور هيو.

سوال. توهان جو سسٽم عام ڪيئن ٿيو؟

جواب. عربي ۽ فارسي جي فونٽن کي بدلائي سنڌي زبان ۾ استعمال ڪرڻ واري منهنجي اپروچ عام ماڻهن لاءِ قابلِ قبول ڪونه هئي ڇوته اها ترتيب ٻين لاءِ سمجهڻ تمام مشڪل هوندي هئي. يا چئجي ته اهو ديرپا حل ڪونه هيو يعني جيڪو مان چاهيان پيو اهو اڃان ڪري نه سگهيو هيم. ڪمپيوٽر اکرن جي معاملي ۾ ٻولي کي سمجهندو ئي اهڙي ريت آهي جنهن ۾ هر اکر لاءِ هڪ انگ ڏنو ويو هوندو آهي ڇوته ان کي عدد سمجهه ۾ ايندو آهي اکر نه. ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هر ٻولي جي الفابيٽ لاءِ بين الاقوامي اسٽينڊرڊ طور مڃيل هڪ ڪوڊ پيج هوندو آهي. يوني ڪوڊ به اهڙو ئي هڪ اسٽينڊرڊ ٿئي ٿو. ان وقت تائين عربي ۽ فارسي جا اسٽينڊرڊ ڪوڊ تيار ٿي چڪا هيا پر سنڌي ٻولي جي لکڻ لاءِ ڪوبه اسٽينڊرڊ ڪونه هيو. ان لاءِ مون ٻين زبانن جي اسٽينڊرڊ ڪوڊن کي بدلائي ان قابل بڻايو ته اسان سنڌي لکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهياسين.

سوال. يوني ڪوڊ وارن ته ڪنهن زماني ۾ تمام زبانن جا ڪوڊ هڪ ئي اسٽينڊرڊ ۾ شامل ڪيا هيا ان مان مدد نه ملي؟

جواب. اصل ۾ ان وقت تائين ڪمپيوٽر ۾ کوڙ تبديليون ٿي چڪيون هيون. ۲۰۰۰ع ۾ امريڪا جو دورو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڏس ۾ منهنجو ٻيو دور هيو. تيسيتائين يوني ڪوڊ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب به اچي چڪي هئي. مون اتي يوني ڪوڊ سان مطابقت رکندڙ پهريون فونٽ تيار ڪيو ۽ آپريٽنگ سسٽم جي روٽس کي استعمال جي قابل بڻايو ته جيئن سنڌي زبان کي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ مطابق استعمال ڪري سگهجي ته جيئن لاڙڪاڻو ۾ لکندڙ ماڻهو جي ڪابه لکت امريڪا، آسٽريليا ۽ تمام دنيا ۾ موجود سنڌي پڙهي ۽ سمجهي سگهن. مون جولاءِ ۲۰۰۰ ۾ پهريون فونٽ تيار ڪري ونڊوز ۾ استعمال ڪيو ته ڪجهه مسئلن جيون ورتو جن تي سوچ ويچار سان انهن جا حل ملندا رهيا. اهڙي طرح هڪ ڏينهن هڪ پرفيڪٽ سسٽم تيار ڪري ورتو پر ان جي استعمال سان اهو نتيجو ڪونه نڪتو جيڪو بين الاقوامي استعمال لاءِ ضروري هيو. ڪو حل نظر نه آيو ته مون مائڪرو سافٽ وارن سان رابطو ڪيو جن منهنجي ڪم جي پرک کان پوءِ ٻڌايو ته “توهان ڪم درست ڪيو آهي پر اسان جي بين الاقوامي آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي زبان لاءِ سپورٽ موجود ڪونه آهي ان لاءِ توهان جو ڪم مڪمل طور تي قابلِ عمل نه ٿي سگهيو آهي”. سندن بيان سان مون کي پنهنجي ڪم ۾ خامي نظر اچي وئي ڇوته يوني ڪوڊ ۾ ته هزارين زبانون موجود آهن پر جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي آپريٽنگ سسٽم ۾ زبان جا قائدا ۽ سپورٽ نه هوندي ته مون وارو ڪم بي ڪار هيو.  

سوال. توهان جيڪا عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ تبديلي ڪئي هئي انهن جي سپورٽ ته ڪمپيوٽر ۾ موجود هئي ڇا اها پهريون ئي سنڌي کي سپورٽ ڪونه پئي ڪري؟

جواب. فارسي ۽ عربي الفابيٽ ته سوين ٻين ٻولين کي به هينڊل ڪن ٿيون جن جا اکر، لفظ، صورتون، شڪلون ۽ قائدا پنهنجي پنهنجي طريقي سان فيڊ هوندا آهن جن سان ڪمپيوٽر کي سپورٽ ملندي آهي. بد قسمتي سان سنڌي ٻولي جي سلسلي ۾ اتي تمام شيون مختلف هيون. بعد ازان مائڪروسافٽ وارن سان ڪيترا مهينا بحث مباحثي کان پوءِ کين منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ انهن دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.

سوال. مائڪرو سافٽ ۾ توهان جو رابطو ڪنهن سان ٿيو؟

جواب. خوش قسمتي سان منهنجو پهريون ئي رابطو پال نيلسن نالي ان شخص سان ٿيو جيڪو ان اداري ۾ ونڊوز جي ملٽي لنگول انجڻ جو انچارج هيو. هن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته “هڪ انسان هئڻ ناطي سنڌي ٻولي ۾ تنهنجو هيڏو وشال پورهيو ڏسي مون تي فرض عائد ٿئي ٿو ته تنهنجي هر مدد ڪيان ان لاءِ تون پنهنجا پروگرام ٽيسٽ ڪري مون کي موڪليندو رهندو ڪر جن کي مان به ماڊي فاءِ ڪندو رهندم”. ٽن مهينن تائين پال نيلسن مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ وڃي سنڌي جي فونٽن کي ملٽي لنگول ۾ ماڊي فاءِ ڪري اتي سنڌي زبان جي اپروچ تيار ڪندو رهيو ته جيئن اها قابلِ استعمال ٿي سگهي. جڏهن اها مڪمل ٿي ته مان پنهنجي سموري سسٽم کي فانٽس، کي بورڊ، فائل، انسٽالر وغيره سميت عام ماڻن جي پهچ لاءِ پنهنجي ويب سائيٽين ۽ انٽر نيٽ تي رکي ڇڏيو.

سوال. جڏهن توهان جو سمورو سسٽم ويب ۽ نيٽ تي موجود هيو ته پوءِ اخبار وارا يا ٻيا ادارا توهان وٽ ان ڏس ۾ ڇو پيا اچن؟

جواب. ان دور۾ اڄ جيان هر ماڻهو انهن معاملن ۾ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنيڪل مهارت ڪونه رکندو هيو جو آساني سان انٽرنيٽ تان سسٽم جو فائدو وٺي سگهن ٻيو کين خوف به هوندو هيو ته متان انٽرنيٽ وارو کنيل پروگرام درست ڪم نه ڪري. منهنجي ڪجهه ڪمرشل دوستن به اهڙا خوف پکيڙي پنهنجا ڪاروبار پئي هلايا.

سوال. توهان جيڪا سنڌي زبان ۾ مائڪروسافٽ وارن جي مدد سان اپروچ تيار ڪرائي هئي اڃان اها ئي دنيا ۾ رائج آهي يا ان ڏس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي آهي؟

جواب. بدقسمتي سان اسان جي ٻولي ۾ اڄ به مائڪروسوفٽ وارن جي ساڳي سپورٽ موجود آهي ۽ سنڌي زبان اڃان تائين فارمل لينگويج طور مخصوص ڪونه ڪئي وئي آهي.

سوال. بعد ازان توهان ڪنهن ٻئي شخص، اداري ۽ مائڪروسافٽ وارن سان ان ڏس ۾ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي؟

جواب. ان سلسلي ۾ منهنجون ڪوششون ته اڃان تائين جاري آهن. رياستي ادارن ڏانهن گهڻيون وکون وڌايون پر ناڪامي ملي. جڏهن مائڪروسافٽ وارا وستا ونڊوز تيار ڪري رهيا هيا ته انهن مون کي هڪ اليڪٽرونڪ پروفارما موڪليو جنهن ۾ ٻولين متعلق تمام معاملا شامل هيا جيئن ڏينهن جا نالا، ڏهائي ڪيئن لکجي يا پرسنٽيج ڪيئن ڪڍجي وغيره وغيره. هاڻي اسان وٽ لينگويج سپورٽ ته هئي ۽ آهي ته سنڌي ڪيئن لکجي پر جڏهن ڪابه زبان ڪمپيوٽر تي آندي وڃي جيئن عربي، فارسي ۽ اردو يا ٻين اهڙي زبانن کي فارمل سپورٽ ڏيڻ لاءِ مٿيان معاملا شامل ڪرڻ ضروري هوندا آهن ته جيئين ڪيلينڊر ۽ ڊائريون يا ٻين اهڙين شين جي درستگي ٿي سگهي. ڪم تمام وڏو هيو ۽ وقت ٿورو ان لاءِ مون اهي پروفارما سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن کي موڪليا جو اهو ڪم هڪ ماڻهو جو نه پر ادارن جو هيو. مان انهن کي وقت به وقت ياد به ڪرائيندو رهيم، فارم ڀرڻ جا طريقا به سمجهايا پر ڇهن ستن مهينن جي عرصي ۾ انهن ڪجهه نه ڪيو آخرڪار مائڪروسافٽ وارن وستا ونڊوز جا فائل تيار ڪري لانچ به ڪري ڇڏيا.

سوال. ڇا اڃان به سنڌي زبان ۾ سنڌي زبان جي سپورٽ موجود ڪونه آهي؟

جواب. هي سپورٽ وستا ۾ به آهي ۽ ونڊو ۷ ۾ به آهي پر “ڪي بورڊ”  ڪونهي ان لاءِ سنڌي ٻولي انهن جي اسٽينڊرڊ زبانن جي لسٽ ۾ شامل نه آهي. ان لاءِ مجبورن اسان کي عربي يا فارسي جهڙي زبان کي سليڪٽ ڪري سنڌي کي سپورٽ ڏيڻي پوي ٿي. توهان چئي سگهو ٿا ته ان معاملي ۾ ٽيڪنيڪلي هر شي هاڻي موجود آهي جنهن سان سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي لکي سگهجي ٿي، سنڌي ڪمپيوٽنگ ٿي سگهي ٿي، انٽرنيٽ، ورلڊ وائيڊ ويب استعمال ڪري سگهجي ٿي، چيٽنگ ۽ اي ميل ڪري سگهجي ٿي. هر اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو جيڪو ڪنهن به ترقي يافتا ٻولي ۾ ڪري سگهجي ٿو پر سنڌي ٻولي کي هن وقت به ڪي بورڊ جي فارمل سپورٽ جي ضرورت آهي.

سوال. اها فارمل سپورٽ هاڻي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟

جواب. ان لاءِ سنڌ يا پاڪستان جا ادارا مائڪرو سافٽ وارن يا مائڪرو سافٽ وارن جي ريجنل آفس سان رابطو ڪري حاصل ڪري سگهن ٿا.

سوال. فارمل سپورٽ ملڻ سان ٻولي کي ڪهڙو فائدو رسندو؟

جواب. ان مان فائدو اهو ملندو جو اگر ڪوبه شخص ڪمپيوٽر کوليندو ته ان کي ڊائريڪٽ سنڌي زبان ويب ۾ ملندي جيئين انگريزي يا ٻيون زبانون ملن ٿيون. ڪنهن کي منهنجي يا ڪنهن ٻي ويب سائيٽ تي وڃي ڊاوئون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي سنڌي زبان  ڪمپيوٽر تي اچي چڪي آهي پر ان کي ڪيتري وسعت ڏيڻي آهي يا ڪيترو فائدو وٺڻو آهي ان جو دارومدار اسان سنڌين تي آهي. اسان جي قومي ذميدار آهي ته جيڪڏهن اسان روزانو هڪ ڪلاڪ به ڪمپيوٽر ٿي ويهون ٿا ته پنج ڏهه منٽ سنڌي ڪمپيوٽنگ کي به ڏيون. جتي ادارا قومي مقصدن ۾ ناڪام ٿيندا آهن ته اتي ساڃاهه وند فردن کي قومي ٻيڙو تارڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو آهي. وڪي پيڊيا جو مثال ڏيندم اهڙن قسم جي ويب سائيٽن تي دنيا ڀر جا سنڌي جيترو مواد رکندا اوتروسنڌي زبان کي فائدو ٿيندو. اهڙي طرح گوگل جي ڪنهن به فارم مان سنڌي ۾ سرچ ڪري سگهجي ٿي ايتري تائين جو انگريزي جي گوگل مان به سنڌي ۾ سرچ ٿي سگهجي ٿي پر توهان جا مينو سنڌي ۾ تڏهن ايندا جڏهن اهي سنڌي ۾ ماڊي فاءِ ٿيندا. اهڙي ريت فائر فاڪس برائوزر آهي جنهن کي انڊيا وارن سنڌي ۾ ماڊي فاءِ ڪيو آهي.

سوال. ڇا توهان مائڪروسافٽ وارن سان به ڪم ڪيو آهي.؟

جواب. مائڪروسافٽ وارن سان منهنجي نوڪري جي ڪا نسبت ڪونه آهي پر انهن سان منهنجي سسٽم سان متعلق “ان افيشئيل” معاملا ٿيندا رهندا آهن. مون مائڪروسافٽ وارن سان فري لانس ڪم به ڪيو آهي. مثال طور انهن عربي ٻولي جو هڪ فونٽ ٺاهيو هيو جنهن ۾ ڪا مشڪل درپيش هين ته انهن مون کي مدد جي رڪيسٽ ڪئي ته مان انهن کي اها پروگرامنگ ڪري ڏني هئي. سندن رڪيسٽ تي کين هڪ ريسرچ پيپر به لکي ڏنو هيو ته پاڪستاني زبانن کي يوني ڪوڊ ذريعي ڪيئن ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۾ امپليمينٽ ڪيو وڃي. مان انهن کي مددي پيپر ٺاهي ڏنا هيا جن پنهنجي ويب ۾ شامل ڪيو. ان کان علاوه جيڪو به ادارو ان ڏس ۾ مدد گهرندو آهي مان خدمت ڏيندو آهيان. عربانا شمپين يونيورسٽي جي پروفيسر گل آغا وارن کي به مون سنڌي ٻولي جي آن لائن ڪورس جي پروٽا ٽائپ ۽ ويب پيج ٺاهي ڏني هئي.

 سوال. سنڌي زبان کي سائبر ٻولي بڻائڻ جي سلسلي ۾ توهان جيترو ڪم ڪيو آهي اوتري توهان کي پذيرائي ملندي نظر نه ٿي اچي ان جو سبب؟

جواب. ڪجهه ماڻهو پذيرائي کان بغير به ڪم ڪندا رهندا آهن مون کي به انهن مان سمجهي سگهو ٿا. جيستائين پبلسٽي جو تعلق آهي ته منهنجي خيال ۾ ان جو وڏو سبب منهنجو غير پروفيشنل هئڻ آهي. منهنجو هڪ خواب هيو ته سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪمپيوٽر کي سنڌي زبان ۾ استعمال ڪرڻ سان گڏ سنڌي زبان ۾ انٽرنيٽ تي استعمال ڪيو وڃي. منهنجو اهو پڻ خواب هيو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ هر سنڌي ماڻهو جو حق آهي جنهن جي اپروچ کيس هئڻ گهرجي سا به بغير پيسي جي. مان پنهنجي خوابن جي ساڀيان لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان. مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته مان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهيان.

 


 

ماجد ڀرڳڙي

عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار تائين

منير ڀرڳڙي

جڏهن به جديد سنڌ جي تاريخ لکبي ته ماجد ڀرڳڙي جي بيان کان سواءِ اها اڻ پوري ليکبي . ڇو ته جديد دنيا ۽ جديد سنڌ “ ڪمپيوٽر ايج” جي دور جي دنيا کي سڏجي ٿو. ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻولي کي ڪيئن ڪمپيوٽر تي آندو، ان لاءِ هن جو محرڪ ڪهڙو هو ؟ هن کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آيا ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪيو. هڪ جاگيردار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هي شخص سي ايس ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ به وڏيرو ڇو ڪونه ٿيو، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ڇو نه بڻيو ؟ ۽ هن سنڌ جي ٻولي جي خدمت ۾ ئي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ هن سنڌي قوم جي نوجوانن خاطر نوان درکولڻ لاءِ ڇو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايو ؟ اهڙا کوڙ سارا سوال کڻي هن همراهه سان ملڻ جو سوچيو پر پوءِ خبر پئي ته ماجد آمريڪا شفٽ ٿي چڪو آهي. ٽن يا چئن سالن کان پوءِ سنڌ ايندو آهي. هن سان فيس بوڪ تي رابطو ٿيو ۽ واعدو ڪيائين ته جيئن هو سنڌ ايندو تيئن ملاقات ڪندو. ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۱ تي سندس ڀيڻ جي گهر ڪراچي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ٿي ۽ ان طويل ملاقات ۾ هن جو پروفائيل مڪمل ڪيو، جيڪو سموري سنڌ واسين لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.

خانداني شجرو

ماجد ڀرڳڙي، لاڙڪاڻي جي مشهور سياسي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جو پٽ آهي. هن جو تڙ ڏاڏو جان محمد ڀرڳڙي هو ، جنهن کي عثمان نالي پٽ هو ۽ ان عثمان ڀرڳڙي کي عبدالجليل نالي پٽ ڄائو ۽ عبدالجليل کي واري عبدالغفور پيدا ٿيو. ماجد جي ماءُ جو نالو خورشيد بانو آهي ۽ سندس ناني جو نالو “ رحيم خاتون” آهي.ماجد ڀرڳڙي اٺ فيبروري اوڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾تعلقي شهداد ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. بقول هن جي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ۾ اتي هڪ ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن هوندي هئي ڇو ته ان جي سامهون ٻه وڏا ڀرڳڙين جا ڳوٺ هوندا هئا. ان ڪري انگريزن ان ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي “ ڀرڳڙي اسٽيشن” رکيو هو. انگريزن جي دور کان پوءِ اها اسٽيشن ختم ٿي وئي.ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان هن پرائمري تعليم ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم چار سال جي هوندي هئي ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم ڇهه سال جي هوندي هئي. هن اها مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ اسڪول بئراج ڪالوني سکر، نوشهرو فيروز، لاڙڪاڻو مان هن جي تعليم ۱۹۶۳ع ۾ مڪمل ٿي. فتح محمد قريشي ۽ واحد بخش شيخ هن کي سٺا استاد لڳا. انٽر آرٽس ۾ “ ميٿميٽڪس” هن جو سبجيڪٽ رهيو.۱۹۶۸ ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آرٽس ۾ ڪئي.

سياست کان بيزاري ۽ بيگانگي:

۱۹۶۳ع ۾ هن جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي سياست ۾ سرگرم هو. هن جا دوست قاضي فضل الله ۽ قاضي فيض محمد هئا پر هي سياست ۾ نه رهيو. ۱۹۶۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن جو دوست اعجاز قريشي هو، جنهن وٽ ان دور جي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڄام ساقي ايندو هو.ان دور ۾ يونيورسٽي جو استاد محب الله شاهه هو، پوءِ جنهن نوڪري ڇڏي (C S S ) سي ايس ايس ڪيو، اهو هن کي سٺو لڳو ۽ جنرل هسٽري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڙهائيندو هو، اهو به بهتر استاد لڳو. ان دور جي ون يونٽ تحريڪ، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اڳيان اڳيان هئا، ان ۾ هن حصو نه ورتو يعني پنهنجي ڪم سان ڪم رکيائين هن ڀلجي به سياست ۾ حصو نه ورتو.

عشق جي شروعات :

۱۹۶۹ع ۾ هن ايم اي ( M A ) داخلا سان گڏو گڏ ايل ايل بي (L L B )۾ به داخلا ورتي ۽ گڏوگڏ C S S جي تياري به شروع ڪري ڇڏي، هن وٽ ڪو به ان دور ۾ “ خاڪو” نه هو ته هن کي ڇا ٿيڻو آهي پر صرف مائٽن کي ڏيکارڻ لاءِ هن مڙئي داخلا وٺي ڇڏي هئي پر هو هاڻي هڪ ، ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ڪنهن به ڳالهه سان هاڻ هن کي دلچسپي نه رهي هئي، تيستائين وري هو تعليم جاري نه رکي سگهيو هو، جيستائين هن جي نرگس سان شادي نه ٿي هئي. “ عشق” شادي کان پوءِ به جاري رهيو. ۱۹۷۰ع ۾ شادي کان پوءِ ان مان هن کي چار ٻار پيدا ٿيا يعني ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي پر هن کي “ ڇاتي جي ڪئنسر” گهڻو وقت جيئڻ نه ڏنو. منهنجي ملاقات ۾ عبدالماجد ٻڌايو ته ٽي سال اڳ۾ وفات ڪري وئي هئي. پر عبدالماجد ان کي ياد ڪندي ڳوڙها روڪي نه سگهيو.

نئين شروعات :

۱۹۷۰ع ۾ سي، ايس، ايس ۾ پاس نه ٿي سگهيو هو ڇو ته هو مڪمل طور ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. پر ۱۹۷۱ع ۾ هن جو ايل ايل بي جو ڪم به هلندو رهيو ۽ ٻيهر سي ايس ايس ۾ ويٺو ۽ ٽاپ ۾ پاس ڪيائين. سڄي پاڪستان ۾ صرف هن کان اٺ ماڻهو وڌيڪ مارڪون کڻي سگهيا هئا. هو هاڻي انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿي آيو. سندس پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، لاڙڪاڻو هن جو جنم ڀومي هئي ۽ ماجد جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي حريف هو. پوءِ دير سان ۱۹۷۶ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙي کي ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ ان ۾ ئي رهيو. ان ڪري پهرئين هن لنوايو، پر پوءِ هو اتي مقرر ٿيو. پر چارسال هو اتي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن خبر پئي ته ماجد انتهائي ايماندار آفيسر آهي ته پوءِ هن ڪجهه ڪارڪنن جي خواهش جي باوجود هن کي بدلي نه ڪرايو بلڪه هو اتي ڪيترو ئي عرصو رهيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ هن کي محسوس ٿيو ته هن کي هاڻي هتي نه رهڻ گهرجي ۽ هن پرڏيهه وڃڻ جون تياريون ڪيون. هن ان دور ۾ ايم اي به ڪري ڇڏي هئي، پر جيئن ته هو رشوت نه وٺندو هو ان ڪري هن کي معاشي تنگدستي به ٿي ۽ ضياءُ الحق جي ڪاري دور هن کي ذهني طور وڏو ڌچڪو هنيو. هن آمريڪا جي Arizona tucsan يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن جي موڪل تي روانو ٿي ويو.

جڏهن هو ڌرتي ڇڏي چڪو:

هن اتي M B A جي ڊگري مئي ۱۹۸۵ع ۾ وٺي ڇڏي ۽ ٻيهر واپس پاڪستان آيو پر هن سروس جوائن نه ڪئي. ان وقت ان ڊگري جي هتي ڪابه اهميت نه هئي. جيئن ته هن جي ايل، ايل، بي ڪيل هئي، ان ڪري هن انڪم ٽيڪس جي وڪالت جو ڪم شروع ڪيو، اتي به هن کي مزو ڪونه آيو. لاهور مان ڪنهن دوست جي چوڻ تي Desktop Publication جو ڌنڌو شروع ڪيائين.هن هڪ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ورتو، حالانڪه هن کي “ ڪمپيوٽر آپريٽ ڪرڻ به نه ايندو هو ، پر پوءِ به هن سکيو. هن ڏٺو ته اردو ڪمپوزنگ ٿئي پئي پر سنڌي زبان ڪمپوز ڪانه پئي ٿي، پوءِ هن تبديليون ڪيون. بقول هن ته هن جي ڪم ۾ هن جي پٽ وڏي مدد ڪئي. ڪافي ڪمپيوٽر پرگرامن ۾ تبديلي کان پوءِ ۱۹۸۷ع جي آخري حصي ۾ هو سنڌي زبان کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

تاريخي ڏاڪو

ڏسو ته ارتقا ۽ ضرورت ڪيئن ماڻهو کان وڏا ڪم سرانجام ٿي ڏياري. هڪڙو اهڙو ماڻهو جنهن جي فيملي ۾ سياست عام هجي پر هو سياست ۾ نه وڃي ۽ وڃي آفيسر شاهي ۾ شامل ٿئي. اهڙي آفيسر شاهي جنهن لاءِ ماڻهو سڪندا ۽ تڙپندا هجن پر هو اتي به راشي نه هجڻ سبب اڻ فٽ ٿي ويو ۽ وري دنيا جي سپرپاور آمريڪا مان M B A ڪئي هجي. ان کي هتي ڪوبه روزگار نه ملي ۽ هو وري ڪمپيوٽر جي دنيا ڏانهن وڃي حالتن جي جبر ڪري هن سنڌي ڪمپوزنگ ايجاد ڪئي ان سان سنڌي قوم کي ته فائدو ٿيو پر ان فرد جي زندگي تي ضرور رحم اچي ٿو، پر فطرت جي اصولن کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. شايد فطرت کي اهو ڪم ماجد ڀرڳڙي کان ڪرائڻو هو. هن ڪم کي سنڌ جي وڏي اديب سراج ميمڻ ۽ علي احمد بروهي ڏاڍو ساراهيو. پهريون مضمون انعام شيخ جو روزاني “هلال پاڪستان” ۾ سنڌي ڪمپيوٽر تي آندو ويو. انعام شيخ ان دور ۾ “ڪک پن” جي عنوان سان ڪالم لکندو هو. هو پوءِ ان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ ٻيهر ڊسمبر ۱۹۸۷ع ۾ آمريڪا ويو ۽ ڪجهه ٽول (Tool) خريد ڪيائين ته جيئن سنڌي ڪمپيوٽر کي وڌيڪ سڌارجي. پوءِ هن ان ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون. هن کان پوءِ ڪنهن ڪمپني سمورا حق ۽ واسطا خريد ڪيا. ان کانپوءِ اهڙن ڪمپيوٽرن کي اخبار هلال پاڪستان، عبرت ۽ ٻين خريد ڪيو ۽ ايئن سنڌي ڪمپيوٽر تي شيون ڇپجڻ شروع ٿيون. هن چيو ته پوءِ اياز شاهه اهو واڌارو ڪيو جو ۱۹۹۵ع ۾ ان کي P C تي آندو. پوءِ ماجد ڪوشش ڪئي ته اڃا به سنڌي ڪمپيوٽر کي ترقي ڏيارڻ ۽ يونيورسل ڪوڊ ڏيارڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي وڏي ڪمپني جي پال نيلسن سان ملاقات ڪئي ۽ ان هن سنڌي زبان جي مارڪيٽ بابت ٻڌايو، ان ڪري هن جي ڪوشش سان ۲۰۰۱ ۾ اهو سسٽم به رکيو ويو. اڄ جيڪو سنڌي قوم سنڌي ڪمپيوٽر جي ڪري پنهنجي زبان ۽ تهذيب بچائي ۽ مقابلو ڪري رهي آهي ان ۾ ماجد ڀرڳڙي جو ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. هن جي ايماندار روش ۽ ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي جستجو جي ڪري هو ڪنهن هڪ هنڌ نه رهي سگهيو ۽ نتيجي ۾ هن جو اولاد گهڻو پڙهي نه سگهيو. ماجد ڳالهه ٻولهه ۾ بار باراهڙو اظهار ڪندو رهيو، هن وقت آمريڪا ۾ هن جي پٽن سان گڏ رهائش آهي. ايڊريس هي آهي.washington State 7622- 232, nd Street 5 Woodinvelle, W A 98072 ، هن کي موسيقي ۾ محمد جمن ۽ محمد يوسف وڻن ٿا. ليکڪن ۾ حسام الدين راشدي ۽ علي محمد راشدي کان متاثر آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي ايم سيد هن جا پسنديده سياستدان آهن هن هڪ صوفي شيخ سيد احمد ابن مصطفيٰ ال، الوي جي مناجات کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو intimate آهي هو سنڌي زبان جو اهڙو سپاهي آهي، جنهن پنهنجي ٻولي کي جديد رنگ ڏئي اَمر بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽر جو جڏهن به ذڪر ٿيندو هن جو نالو زنده رهندو.ڪٿي به هجي ڪيڏي مرتبي تي ڇو نه هجي، ڪهڙي به هنڌ رهندو هجي پر سنڌ لاءِ هو سنڌي ٻولي جو بچاءُ ڪندڙ اڳين صف جو اهو سپاهي آهي، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي.

 

No comments:

راءِ ڏيندا