عبدالماجد ڀرڳڙي
عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ
جي بانيڪار تائين
جڏهن به جديد سنڌ
جي تاريخ لکبي ته ماجد ڀرڳڙي جي بيان کان سواءِ اها اڻ پوري ليکبي. ڇو ته جديد
دنيا ۽ جديد سنڌ “ڪمپيوٽر ايج” جي دور جي دنيا کي سڏجي ٿو. ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻوليکي
ڪيئن ڪمپيوٽر تي آندو، ان لاءِ هن جو محرڪ ڪهڙو هو؟ هن کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش
آيا ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪيو. هڪ جاگيردار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هي شخص سي ايس ايس
پاس ڪرڻ کان پوءِ به وڏيرو ڇو ڪونه ٿيو، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ڇو نه بڻيو؟ ۽ هن سنڌ جي ٻولي
جي خدمت ۾ ئي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ هن سنڌي
قوم جي نوجوانن خاطر نوان درکولڻ لاءِ ڇو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايو؟
اهڙا کوڙ سارا سوال کڻي هن همراهه سان ملڻ جو سوچيو پر پوءِ خبر پئي ته ماجد آمريڪا
شفٽ ٿي چڪو آهي. ٽن يا چئن سالن کان پوءِ سنڌ ايندو آهي. هن سان فيس بوڪ تي رابطو ٿيو
۽ واعدو ڪيائين ته جيئن هو سنڌ ايندو تيئن ملاقات ڪندو. ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۱ تي سندس ڀيڻ جي گهر ڪراچي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ٿي ۽ ان
طويل ملاقات ۾ هن جو پروفائيل مڪمل ڪيو، جيڪو سموري سنڌ واسين لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.