لياقت علي ديدڙ
سندس وڇوڙي تي
علي ڏنو جروار
گذريل ڏينهن سنڌ
واسين خاص طور تي پرائمري استادن کان سندن محبوب اڳواڻ لياقت علي ديدڙ به وڇڙي
ويو، کيس دل جو دورو پيو جيڪو حقيقي راهه ڏانهن وٺي ويو. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي
پرائمري استاد هئا ۽ آهن پر انهن مان ڪي شخصيتون اهڙيون به آهن جيڪي پنهنجي جاءِ
تي وڏي اهميت ۽ سگهه رکن ٿيون. لياقت علي ديدڙ به انهن مان هو. هو پرائمري استادن
جي تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو ڳچ عرصي تائين ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر
رهيو، تنهن کانسواءِ ٻه دفعا رفيق جروار سان گڏ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
لياقت ديدڙ سنڌ جي پرائمري استادن جي حقن لاءِ هر وقت جدوجهد ۽ لانگ مارچ ۾ مصروف
رهندو هو. ڪيترائي دفعا کيس تڪليفن ۽ صعوبتن کي به منهن ڏيڻو پيو. هو انتهائي
بهادر ۽ داناءُ ليڊر هو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جا استاد کيس شيرِ استاد جي نالي سان سڏيندا
هئا ۽ هن پنهنجي عملي ڪردار توڙي جدوجهد مان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو واقعي اڻ
موٽ ۽ ارڏو انسان هو. ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ سنڌ جي استادن جڏهن
پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ته ان وقت ڪراچي جي
سموري پوليس سنڌ جي هٿين خالي استادن تي ڪڙڪي پئي، جنهن ۾ لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ
گئس ۽ واٽر ڪينن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. ان احتجاج ۾ لياقت ديدڙ ۲۲ استاد اڳواڻن سميت گرفتار ٿيو ۽ آرٽلري
پوليس اسٽيشن ۾ قيد رهيو.
ان کانسواءِ ٻيا به
ڪيترائي اهڙا موڙ آيا جو هو جدوجهد هلائيندي گرفتار به ٿيو ۽ آفيسرن توڙي سرڪار جي
انتقام جو نشانو پڻ بڻيو، آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ٻين اڳواڻن جي
مقابلي ۾ لياقت ديدڙ انتهائي سنجيده ۽ سمجهدار قسم جو انسان هو، جنهن پنهنجي عهدي
واري مدت دوران سنڌ جي تقريبن سڀني ضلعن جي مقابلي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي اندر استادن جي ڀلائي
۽ بهتريءَ لاءِ تمام سٺا ڪم ڪيا، جن ۾ هڪ ساراهه جوڳو ڪم اهو به ڪيائين ته لاڙڪاڻي
۾ ٽيچرس ڪالوني تعمير ڪرايائين. جيتوڻيڪ اهو هڪ اهم ۽ ڏکيو ٽاسڪ هو پر لياقت ديدڙ
پنهنجي مقامي ٽيم سميت همت کان ڪم وٺي لاڙڪاڻي ضلعي جي پرائمري استادن لاءِ هڪ ڪالوني
تعمير ڪرائي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جون سڀئي سهولتون موجود آهن. هن جو خيال اهو هو
ته انهي ڪالوني کي اڃان به وڌيڪ جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو ويندو پر ان
دوران هو ريٽائر به ٿي ويو ۽ گڏوگڏ سندس صحت به ڀرپور ساٿ نه ڏنو. ڪجهه ڏينهن ڪراچي
جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل رهيو ۽ اتي ئي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.
سنڌ جي حاضر سروس ۽
رٽائرڊ استادن لاءِ اهو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ مرحلو آهي. ڇو ته سندن هڪ محبوب اڳواڻ
اچانڪ وفات ڪري ويو. هي وقت سنڌ جي پرائمري استادن لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. ڇو
ته هي سموري سنڌ جا پرائمري استاد جيڪي تنظيمي لحاظ کان ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪا هئا،
تن کي هڪ ڪرڻ واري گهڙي انتهائي ويجهي پهچي چڪي هئي، جنهن جي مناسبت سان لياقت ديدڙ
جو اهم ڪردار نظر اچي ها. پر هن جي اوچتي وڇوڙي سان سنڌ جي پرائمري استادن جي
تنظيم ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي پر پوءِ به اها اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جا پرائمري
استاد پنهنجا ويڇا وساري استاد ڪاز ۽ مقصد لاءِ هڪ ٿيندا، جيئن سندن بنيادي مسئلا
حل ٿي سگهن. ان کانسواءِ لياقت ديدڙ جي گهر ڀاتين ۽ ٻين عزيزن مٽن مائٽن، رشتيدارن
۽ دوستن سان به هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون ۽ دعا ٿا ڪريون ته رب پاڪ
کين صبر جي توفيق عطا ڪري. ڇو ته ڪنهن انسان جي وڇڙڻ سان جيڪا وٿي پيدا ٿيندي آهي،
اها ڀرجڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو آهي. هتي ته وري لياقت علي ديدڙ جي شخصيت اهڙي پرڪشش
۽ بهترين سڀاءُ واري رهي آهي جو هر ڪنهن کي ان جي وڇوڙي تي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ هرڪو
هن وقت ڏک ۾ ورتل آهي. آئون به اهڙي ئي هڪ ڪيفيت ۾ مبتلا آهيان. ڇوته منهنجو ساڻس ۹۴-۱۹۹۳ کان وٺي تنظيمي واسطو رهيو آهي. ان سڄي عرصي ۾ مون هن
کي انتهائي بهترين استاد، بهترين منتظم، بهترين اڳواڻ ۽ سٺي دوست جي حيثيت ۾ ڏٺو
آهي، هي هڪ اهڙو استاد اڳواڻ هو جنهن ڪڏهن به اليڪشن وڙهڻ کان نه گهٻرايو، سدائين
استادن جي تنظيم جي چونڊن ۾ اڳڀرو رهيو. ٻه دفعا مرڪزي صدارت تي چونڊ وڙهيو پر
اتفاق سان هڪ دفعي قادربخش طالباڻي کان شڪست کاڌائين ته ٻئي دفعي وري انتظار ڇلگري
کان اليڪشن هارايائين، ان بعد تنظيمي مصلحت اختيار ڪندي رفيق جروار کي صدر قبول ڪندي،
ان سان گڏ جنرل سيڪريٽري جي چونڊ وڙهيو ۽ ٻئي دفعا ڪامياب ٿيو.
مون پنهنجي ۳۲ سالن واري نوڪري دوران ڪيترائي استاد اڳواڻ
ڏٺا ۽ انهن سان گڏ ڪم به ڪيو، جن ۾ پير علي مير، سيد اڪبر شاهه، عبدالرحيم جتوئي،
قادربخش طالباڻي، رفيق جروار، انتظار ڇلگري شامل آهن پر هي انهن سڀني کان منفرد ۽
نرالي شخصيت طور نظر آيو. سدائين کيس حليم باغيءَ جي هنن سٽن وانگيان ڪم ڪندي ڏٺم.
اسان جيئن به جيئي ڀلا
ڪو جهان ۾،
سدائين نشان تي،
سدا امتحان ۾.
No comments:
راءِ ڏيندا