; سنڌي شخصيتون: جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو

03 August, 2019

جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو


جبار آزاد منگي
سنڌ جو کاهوڙي ڪردار
حفيظ چانڊيو
جتي زندگي وهه جو وٽو لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي، اتي اذيتن جو احساس ٿيڻ اڻٽر ٿي پوندو آهي، اذيتن مان گذرڻ باوجود زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. ان باوجود ڪي ڪي ماڻهو زندگيءَ کي پنهنجي علمي بصيرت سان، محبت سان، ڪمٽمينٽ سان سليقي سان گهاريندا آهن، ان حوالي سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي، جن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندي، ڪٿي گهٻرايو ناهي، سنڌ دنيا جي ڌرتي آهي جيڪا قدرت جي هر نعمت سان مالامال رهي آهي، ساڳي ئي نموني هن جي ڪُک مان لاتعداد ماڻهن جنم وٺي، سندس مان مٿاهون ڪيو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي ميدان ۾ ٻوليءَ جا لاتعداد گهڻگهرا پيدا ٿيا آهن جن ۾ نامور ليکڪ، ريڊيو ڪمپيئر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالجبار “آزاد” منگي به هڪ آهي، عبدالجبار آزاد منگي جو تعلق، شهر نصيرآباد، تعلقي نصير آباد سان آهي، جنهن ۱۸ مارچ ۱۹۶۰ع تي روينيو ڊپارٽمينٽ جي سپروائيزر عبدالرحيم منگيءَ جي گهر ۾ اک کولي.


هن نصير آباد شهر ۾ سنڌ جي چيڪيءَ مٽيءَ تي بانبڙا پائيندي، مٽيءَ جي محبت کي سمجهي ورتو هو، هن پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي ديس کي خوشحال ڏسڻ جا خواب ڏٺا هيا، عبدالجبار آزاد منگي پرائمري تعليم کان ميٽرڪ تائين جي درسي تعليم پنهنجي اباڻي شهر نصير آباد مان پرائي، بعد ۾ سيڪنڊري تعليم لاءِ هن لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ داخل ٿي، مسلسل محنت ڪري امتحان پاس ڪيائين، هو پنهنجي روشن مستقبل لاءِ ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري لاڙڪاڻي پڙهڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ زرخيز زمينن ۾ گاهه چرندڙ مال متاع سان آيل ڌنارن کي ڪچهريون ڪندي ڏسي، سندن من ۾ عجيب قسم جي ڪيفيت پيدا ٿيندي هئي، هو انهن ڌنارن جي تباهه ٿيندڙ مستقبل تي ويهي پنهنجي دوستن سان بحث ڪري پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندو هيو، سندس والد روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر ٿي گذريو آهي، هو پنهنجي والد جي شاندار تربيت ۾ رهيو. منجهس پيدا ٿيل تخليقي صلاحتين سندس ننڍون ڦٽائي کيس لکڻ تي مجبور ڪيو، عبدالجبار آزاد منگي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، هو بهترين مقرر پڻ آهي، سياسي سماجي ڪاڄ هُجي ۽ عبدالجبار آزاد منگي ان ۾ نه هجي اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي، سندس حساس پڻي واري مزاج کيس هر وقت هوشيار رکيو آهي، سندس من ۾ موجود قلمڪار ڪڏهن به سنڌ جي ڪنهن معاملي تي ماٺ ٿي ناهي ويٺو، جاگيرداڻي معاشري  ۽ طبقاتي سماج ۾ رهندي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين کي ڏسي سندس من ۾ مسيحائيءَ جو شوق جاڳيو، ان شوق کيس لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل.ايل.بي ڪرائي، ايل.ايل.بي دوران هن فقير منش انسان چاهيو ٿي عوام کي انصاف ملي، ماڻهن سان ٿيندڙ بي واجبين جو انت اچي، پر ائين نه ٿي سگهيو، هن جا هڙئي سرها سپنا ان وقت ڀورا ڀورا ٿي پون ٿا جڏهن سندس پٽي ڀائي عوام سان بي واجبين جا پهاڙ ڪيرائي ناڻو ڪمائڻ گهرن ٿا، ان وقت عبدالجبار آزاد منگيءَ پاڻ کي ضمير آڏو جوابده سمجهندي ڪاري ڪوٽ ۽ ڪتابن جي ڳٺريءَ کي گهر جي ڪٻٽ ۾ هميشه هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
هن زندگيءَ جي گذر سفر لاءِ واپڊا جي نوڪري حاصل ڪئي، واپڊا جي نوڪريءَ دوران جڏهن عام ماڻهن کي آفيسن جا ڌڪا کائيندي رئندي ڏٺو هئائين ته سندس من گُلاب جي گُل جيئن مرجهائجي ويو هو، واڌو بلن جي آڙ ۾ هن جي پٽي ڀاين ماڻهن کان رشوت وٺي، ٻي مهيني ساڳيا بل موڪلي سندس جيئڻ حرام ڪري وڌو هو، ان وقت هن کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، رشوت جي گرم ٿيل بازار کي ٿڌو ڪرڻ گهريو، پر هو نه مڙيا ۽ ماڻهن کي آزاريندا رهيا، نيٺ هو مهاپُرش انسان ان نوڪريءَ کي به الوداع ڪري گهر واپس اچي ٿو، عبدالجبار آزاد منگي جي من ۾ لڳل سچائيءَ واري چڻنگ کيس ڪٿي به نوڪري ڪرڻ نه ڏني، ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۰ع تائين هن ڄامشورو ۾ قائم هڪ دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪيو، بعد ۾ ۱۹۸۵ع واري دور ۾ زمان ٽيڪسٽائيل مل ڪوٽڙيءَ ۾ ڪم ڪيو پر کيس اتي به سڪون نه آيو، جنهن سبب هن اخباري اداري ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. چوڻ جو مقصد ته هو زندگيءَ کي بي مثال بڻائيندي حق سچ جي رندي راهه تي مسلسل رمندو رهيو، ڪٿي به هن ڪنهن به ڳالهه ڪنهن سان مفاهمت نه ڪئي، هو اسٽيج ڊرامن جي لکڻ کان صداڪاري بعد ۾ اسٽيج تي اداڪاري تائين متحرڪ رهيو،  هن ضيائي آمريت خلاف “جنگ” ڊرامو لکيو جنهن تي وقت جا فرعون مٿس ڏمرجي پيا. ساڳي ئي نموني هن هڪ ٻيو مزاحيه ون ايڪٽ ڊرامو “شهنشاهه ڇوڏو بن توڏو” تحرير ڪيو جيڪو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ۽ علي ڀائي آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو، جنهن کي رسول بخش پليجي ساراهيو هو.
۱۹۸۸ع ۾ قائم علي شاهه جي دورِ حڪومت ۾ “ڪڪڙ ڪُرسيء تيَ” جي عنوان سان هڪ مزاحيه ون ايڪٽ پلي لکيو، جيڪو ڪرنل شاهه هاسٽل خيرپور يونيورسٽي ۾ ٿيو ، جنهن تي پوليس چڙهائي ڪئي، اداڪارن کي حراسان ڪيو ويو. عبدالجبار آزاد منگي نومبر ۱۹۹۶ع ۾ ريڊيو پاڪستان کي ڪمپيئر طور جوائن ڪيو ۽ ۲۰۰۲ع ۾ سندس بهترين ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي ريڊيو پاڪستان انتظاميه کيس ضلعي رپورٽر  سان نوازيو. ريڊيو پاڪستان تي هن لطيف سائينءَ جي فن ۽ فڪر تي مشتمل پروگرام“لطيف رنگ” ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تهّذيب ،تمدن، ٻوليءَ بابت پروگرام “سنڌ رنگ ۽ مهراڻ رنگ” پروگرام ڪري رهيو آهي، جيڪي ٻڌندڙن ۾ مقبول ترين پروگرام آهن.
عبدالجبار آزاد منگيءَ جي سموري زندگي کير جهڙي اڇي ۽ اُجري رهي آهي، سندس سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن جي تاريخ تي جوهه وجهبي ته هو شهري اتحاد جو باني صدر، سگا شاخ نصير آباد جو باني ڪنوينر، ۱۹۸۱ع ۾ س.ا.س شاخ قائم ڪري پهريون سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز ماڻيندڙ انسان آهي، ان کان علاوه هو المهراڻ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بانيڪار پڻ رهيو آهي، جنهن جي وسيلي علائقي واسين جي مدد ڪندو ٿو رهي،هو سياسي حوالي سان عوامي تحريڪ ۽ عوامي جمهوري پارٽي سان سلهاڙيل رهيو آهي. گذريل آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ هن بي ڊي اليڪشن ۾ پ.پ کي تاريخي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. سندس علائقي تعليمي حوالي سان خدمتن کي به نه ٿو وساري سگهجي، ڇاڪاڻ ته عبدالجبار آزاد منگي پنهنجي آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهن کي تعليم جي اهميت بابت سجاڳي بابت جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي تنهنجا مثال سندس علائقي واسي پنهنجي نئين نسل کي ڏيندا رهندا آهن، ان سلسلي ۾ جبار آزاد منگي نه صرف نصير آباد پر جهل مگسيءَ بلوچستان جهڙي نج قبيلائي ۽ پٺ تي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي تعليم جي زيور سان مالامال ڪيو آهي. تعليم جي فروغ لاءِ تازو ئي هن لائبرري جي قيام ڪري نصير آباد ۾ وسندڙ لاتعداد نوجوانن کي هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو آهي ته جيئن هو دنيا سان منهن مقابل ٿي سگهن، ان کان علاوه هن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان پوري ڪائونسل جي سٿ سان تعلقي نصير آباد ۾ نادرا جي آفيس جي قيام کي يقيني بڻايو آهي، نادرا آفيس ۾ اڃا ڪم هلندڙ آهي. سندس من ۾ موجود ديس جي خوشحاليءَ وارو خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيائون ماڻيندو.

2 comments: