ميان شفيع
محمد آخوند
هڪ سٻاجهو
انسان، هڪ ايماندار مصنف
شفقت آخوند
ميان شفيع محمد رحمت الله آخوند کي گذاري اڄ ٻاويهه سال ٿي ويا آهن
پر ان جون يادون ان جي اولاد، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهن، هو ۱۹۲۰ع ۾ حيدرآباد سنڌ واري گاڏي کاتي جي کوکر پاڙي ۾
پيدا ٿيو، ان وقت سندس والد ميان رحمت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چيف آفيسر
جي عهدي تي فائز هو.
ميان شيخ محمد جي وڏن جو اصل ڳوٺ گهوٽانو هو جيڪو هالا پراڻي جي
ويجهو هو، سندس ڏاڏو شفيع محمد جنهن جو نالو ميان شفيع محمد کي ڏنو ويو، اڻويهين
صدي جي پڄاڻي کان اڳ حيدرآباد لڏي اچي ويٺو هو. انهي ڪٽنب جي نسبت قريشي ذات مان
هئي، جيئن انهن جا وڏا ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ فارسي ٻولي ۽ فقهه جي تدريس ۽ تعليم
سان وابسطه هئا، تنهن ڪري انهن کي آخوند جو لقب مليل هو، آخوند فارسي جي لفظ
خواندگيءَ مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب ”تعليم ڏيڻ وارو“ آهي.
ميان شفيع محمد جي والد ميان رحمت الله وٽ انگريزي ۽ فارسي جون سندون
هيون، سندون ڀائر ميان عبدالله، ميان عبداللطيف، ميان عبدالرحمان، ميان احمد ۽
ميان محمد به تعليمي سندن جا رکندڙ هئا، ميان عبدالله انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾
پهريون مسلمان هو جيڪو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو.
ميان رحمت الله جي وفات ۱۹۳۱ع
۾ ٿي وئي، جڏهن ميان شفيع محمد اڃا ميٽرڪ جو امتحان ڏئي فارغ ٿيو هو ته سندس ماءُ
مسمات صاحبزادي جنهن جو تعلق مڪران رياست جي نوحاڻي بلوچ قبيلي سان هو، تنهن ميان
شفيع محمد کي اڳتي تعليم ڏياري، ان ڏس ۾ سندس چاچي ميان عبدالله جو پڻ اهم ڪردار ۽
سهڪار رهيو.
ميان شفيع محمد قانون جي سَندَ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۳۵ع ڌاري مقابلي جي امتحان ۾ ڪامابي ماڻي سول جج جي
نوڪري حاصل ڪئي، انهي شعبي ۾ اڳتي وڌندي هو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تان ۱۹۵۰ ۾ ۶۰
سالن جي ڄمار رٽائر ٿيو، هن پنهنجو ۳۵
ورهين جي نوڪري جو دور ايمانداري ۽ عزت سان گذاريو، انهي دوران هو سنڌ جي مختلف
شهرن جهڙوڪ سکر، نوابشاهه، سانگهڙ، شڪارپور، ڪراچي کانسواءِ بهاولنگر ۽ گلگت ۾ اهم
عهدن تي رهيو.
ميان شفيع محمد جي شادي ۱۹۴۹ع
۾ حيدرآباد سنڌ جي مشهور سياسي ۽ ڪاروباري ڪٽنب يعني قاضي گهراڻي مان ٿي کين پنج
پٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿيا. جڏهن نوابشاهه ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو ته انصاف ۽ قانون
جي معاملن ۾ سياسي مداخلت تي اعتراض ۽ مزاحمت ڪرڻ جي پاداش ۾ ان کي اتان هٽائي
گلگت اماڻيو ويو جتي هن کي جوڊيشل ڪمشنر جو عهدو ڏنو ويو، بعد ۾ ۱۹۷۹ع ۾ هو ڪراچي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر
ٿيو ان وقت ڪراچي ۾ رڳو هڪ ضلعو هوندو هو.
ميان شفيع محمد نهايت شريف النفس ۽ ملنسار انسان هو، پنهنجي سڄي ڄمار
۾ ڪو ورلي ڪاوڙ جو اظهار شدت سان ڪيو، هو سدائين انسان سان هميشه محبت ۽ نرم دلي
وارو ورتا رکندو هو، پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هئس، تاريخ ۾ سماجي رويا (Behavior) سندس پسنديده موضوع هئا، پنهنجي آتم ڪهاڻي انگريزي ۾ لکي هئائين،
ان کي بيمثال فنڪارانا صلاحيت به ڏات ۾ مليل هئي، پنهنجي اسڪول جي دور ۾ هن تاريخ
۽ تهذيب جي مختلف ڪردارن ۽ دوران جون پينسل سان تصويرون بڻائي ڪئين البم مرتب ڪيا،
مشهور تاريخدانن جهڙوڪ سيسل رهوڊز ۽ ليونگسٽن جي سفر نامن جي بنياد تي ان آمريڪي
ماڻهن، انهن جي تمدن ۽ زندگي بابت پينسل سان تصويرون ٺاهي نه رڳو البم جوڙيو پر
انهن قبيلن لاءِ هڪ ٻولي به ايجاد ڪيائين، ساڳي ريت سندس ٺاهيل کوڙ البمن سان هڪ
ٻيو البم فرانس جي فرمانروا نيپوليئن جي زندگي ۽ سندس جنگن متعلق هو جيڪو پڻ پينسل
سان ٺاهيل تصويرن تي مشتمل هو. پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ ئي ميان شفيع محمد پنهنجي
سئوٽ اقبال آخوند سان گڏجي پنهنجي چاچي ميان عبدالله آخوند جي گهر جي هڪ ڪمري ۾
تاريخي ميوزيم جوڙيو، ان ۾ مرڪزي اهميت وارو اهو هنڌ هو جتي سنڌ جي ماضي جي ٽالپر
حڪمرانن جي درٻار ٺاهيائون، ان ۾ آٽي بيضن جي ڇلرن ۽ ڦڻين کي استعمال ڪري مير
حاڪمن ۽ سندس درٻاري ۽ ٻيا آرائش جا سامان ۽ تخت وغيره به ٺاهيائون، ايئن ته سندن
دوستن جو انگ وڏو آهي پر جن سان ان جي دوستي آخر دم تائين رهي، انهن ۾ محترم حمزو
خان قريشي، محترم نور محمد بالادي، محترم جمالادين ابڙو، محترم قلب علي شاهه،
محترم سعيد شيخ ۽ محترم اقبال آخوند (سندس سئوٽ) شامل رهيا.
مٽ مائٽ به ميان شفيع محمد جي بردباري ۽ صلح پسند طبيعت جي ڪري سندس
عزت ڪندا هئا، پاڻ عزيزن ۽ دوستن جي محفل ۾ خوش ٿيندو هو، پنهنجن پوٽن، ڏوهٽن،
پوٽين ۽ ڏوهٽين سان ڏاڍو پيار ۽ شفقت وارو انداز هوندو هئس. محترم ميان شفيع محمد
آخوند جو ذڪر سندس همسفر ۽ ساٿي يعني سندس وني آپا جميلا آخوند جي تذڪري کانسواءِ
اڻپورو رهندو، مرحومه جميل آخوند ۱۹۲۹ع
۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي ۽ سندس وفات ۱۹۹۲ع
۾ ٿي، ان تعليم انگريزي ٻولي وارن اسڪولن ۾ حاصل ڪئي، ان کي به پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق
هو، سندس پسند جا موضوع گهڻو ڪري سماجي هئا، گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندي هئي،
سنڌي رسالي سوجهرو جي لاءِ لکندي به هئي، غريب پرور به ڏاڍي هئي، پنهنجي وت آهر
غريب ڪٽنبن جي مالي سهائتا ڪندي رهندي هئي ۽ انهن جي ٻارن جي پالنا ۽ تعليم جو
انتظام به ڪندي هئي،
پنهنجي ڪٽنب لاءِ گهر ٺهرائڻ، خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو شعبو مڪمل سندس
وٽ هو، پنهنجن ٻارن جي اسڪولن جي داخلا کان وٺي نوڪرن جا معاملا، گاڏين جي فروخت،
گهريلو سامان جي خريداري، بجلي ۽ گئس ۽ ٽيليفون جا مسئلا وغيره جي تمام ذميواري
پاڻ منهن ڏيندي هئي، ميان شفيع محمد جي آدرشي ساٿي هئي.
ميان شفيع محمد آخوند
هڪ بااصول ڪردار!
شفقت
آخوند
ان
شفيع محمد آخوند جي وفات کي اڄ ۲۹ سال ٿي ويا آهن. سندس ورسيءَ جي مناسبت سان سندس خانداني پسمنظر ۽ سندس
حياتيءَ جون ڪجهه يادون پيش ڪجن ٿيون. اوڻيهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ميان
حاجي رحمت الله آخوند هالا پراڻي جي ڳوٺ ’گھوٽاڻو‘ کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾
مستقل رھائشُ اختيار ڪئي. سندس وڏا ۽ هو پاڻ به تدريس ۽ ادب سان وابسته رهيا.
فارسي ٻولي ۽ فقه (شريعه قانون ۽ حد) جا مضمون پڙهائيندا هيا. تنهنڪري ٽالپر ميرن
جي دور حڪومت ۾ سندن وڏن، جن جي ذات قُريشي هئي، کي ’آخوند‘ جو لقب ڏنو ويو هو.
ميان حاجي رحمت الله آخوند کي ۳ پُٽ
هيا، شفيع محمد، حاجي ڀليڏنو ۽ صديق محمد. شفيع محمدکي ۶ پُٽ ۽ ۲ نياڻيون ٿيون جڏهن ته صديق
محمد کي ۲ پُٽ. ميان حاجي رحمت الله
آخوند جي انهن ۱۰ پوٽن ۽ پوٽين مان ميان رحمت
الله آخوند (پنهنجي پڙڏاڏي جي نالي وارو) ولد شفيع محمد، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل
۾ نوڪري ڪندي چيف آفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو. سندس ٻيا ڀائر به مختلف نوڪرين ۽
روزگارن سان وابسته ٿي ويا. جيئن ته ميان عبدالله آخوند جج ٿيو ۽ ميان احمد آخوند
تدريس سان وابسته ٿيو. ميان رحمت الله آخوند ولد شفيع محمد پنهنجي پهرين گھرواري،
جنهن مان هڪ پُٽ عبدالعزيز هيس، جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ٻي شادي مڪران جي هڪ بلوچ
خاندان مان ڪئي، جيڪي حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ ويٺل هُيا. اُن مان هڪ پُٽ ۱۹۲۰ع ۾ پيدا ٿيُس، جنهن جو نالو شفيع محمد يعني پنهنجي ڏاڏي جي نالي تي رکيو
ويو. ميان شفيع محمد آخوند اڃا ۱۶ ورهين
جو مَس ٿيو جو سندس والد ميان رحمت الله آخوند لاڏاڻو ڪري ويو. پوءِ ميان شفيع
محمد جي اڳتي تعليم سندس ماءُ مڪمل ڪرائي. اِن ڏس ۾ سندس چاچي ميان عبدالله آخوند
جو پڻ ڪي قدر سهڪار رهيو. قانون جي سندَ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۵
ڌاري مقابلي جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي سِول جج جي عهدي
تي مقرر ٿيو. ان شعبي ۾ اڳتي وڌندي هو ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تان ۱۹۸۰ع ۾ رٽائر ٿيو. سندس انتقال ۱۹۹۰ آگسٽ
۾ ٿيو. هُن پنهنجي ۳۵ ورهين
جي نوڪريءَ جو دور ايمانداري ۽ عزت سان گذاريو. انهيءَ دوران هو سنڌ جي مختلف شهرن
جهڙوڪ سکر، سانگهڙ، نوابشاهه، شڪارپور، لاڙڪاڻو، ڪراچي وغيره ۾ اهم عهدن تي براجمان
رهيو- اِنکان علاوه هُو ۱۹۶۵ ۾
پنجاب جي شهر بهاول نگر ۾ ايڊيشنل سيشن جج به رهيو. هونئن ته پنهنجي منصبي ذميوارين
جي سلسلي ۾ هُن گهڻا ئي لاها چاڙها ڏٺا پر اِختصار خاطر اُنهن واقعن مان هڪ ِقصو
بيان ڪجي ٿو، ۱۹۷۴ کان ۱۹۷۶
تائين آخوند صاحب نوابشاهه جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هيو، اُتان
جي هڪ بااَثر سياسي خاندان جي فرد جي عدالتي ڪمن ۾ مداخلت کي جڏهن ٻنجو ڏنائين ته
اُن وقت جي سنڌ جي چيف جسٽس کي چيو ويو ته ”نوابشاهه ۾ ڪنهن اهڙي جج کي مقرر ڪيو وڃي،
جيڪو اسان سان تعاون ڪري“- اِنجي نتيجي ۾ ترت ئي آخوند صاحب جون خدمتون مرڪزي حڪومت
جي حوالي ڪيون ويون ۽ ان کي گلگت ۾ جوڊيشل ڪمشنر ڪري موڪليو ويو. اُنهن ڏينهن ۾
گلگت گهڻي قدر پٺ تي پيل علائقو هوندو هيو. موچارا اسڪول، ڪاليج، اسپتالون،
دوائون، ڊاڪٽر وغيره دستياب ڪو نه هُيا. معياري کاڌي پيتي جون شيون به اسلام آباد
مان اينديون هيون، سو به تڏهن جڏهن موسم موافق هجي ته هوائي جهاز اچي سگھي. ان
زماني ۾ ننڍن صوبن جي عملدارن کي گلگت سزا طور موڪليو ويندو هيو. اهڙين حالتن ۾ ۸ مهينن ۾ آخوند صاحب، جيڪو اڪيلو اُتي رهندو هيو، جي طبيعت خراب ٿي وئي.
مائٽن ۽ دوستن جي اِن صلاح کي نه مڃيائين ته نوابشاهه جي بااَثرن سان سمجھوتو ڪري
وٺي. نيٺ نوڪريءَ تان رٽائرمنٽ جي درخواست ڏئي ڇڏيائين، جيڪا سنڌ جي چيف جسٽس هڪدم
منظور به ڪري ورتي ۽ آخوند صاحب ۱۹۷۶ ڊسمبر ڌاري مُروجه قاعدن موجب رٽائرمنٽ کان اڳ هڪ سال جي موڪل (ايل پي آر)
تي پنهنجي ڪٽنب سان ڪراچي ۾ اچي رهيو. الله تعاليٰ جي قدرت سان جولاءِ ۱۹۷۷ ۾ مُلڪ ۾ سياسي تبديلي اچي وئي. آخوند صاحب اِختيارين کي نوڪريءَ ۾ واپس
اچڻ جي درخواست ڏني، جيئن ته سندس رٽائرمنٽ ۾ اڃان ۳ سال رهيل هُيا ۽ سندس پويون رڪارڊ سٺو هيو، تنهنڪري نه رڳو اُنجي درخواست
منظور ٿي وئي، بلڪه اُن کي ڪراچي، جيڪو اُن وقت هڪ ضلعو هيو ۽ سنڌ جو سڀ کان وڏو
ضلعو هيو، جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج مقرر ڪيو ويو. اِن عهدي تان خير ۽ عزت سان سٺ ورهين
جي ڄمار تي پهچي ۱۹۸۰ ۾ نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو. اِن عهدي
جي دوران ڪئي قابل ذڪر ڪيس، اُڪلايائين جن ۾ سانگھڙ جي حُرن جي خون جي جوابدارن
اِمداد الله اُنڙ، غلام شبير ڪليار، وغيره جي ضمانت جو فيصلو به ڏنائين. ميان شفيع
محمد آخوند جي شادي ۱۹۴۹ ۾
حيدرآباد سنڌ جي معروف سياسي ۽ ڪاروباري ڪٽنب يعني قاضي محمد اڪبر جي گھراڻي مان ٿي.
اِن رشتي جو دلچسپ احوال خلافت تحريڪ جي حوالي سان مشهور شخصيت فاطمه شيخ پنهنجي
مختصر ڪتاب ”شيخياڻي جي ڊائري“ ۾ به ڪيو آهي. اُن وقت ميان شفيع محمد جي وڏن ۾
قابل ذڪر سندس چاچو ميان عبدالله آخوند هيو، جيڪو انگريز سرڪار جي زماني جو پهريون
مسلمان ڊسٽرڪٽ سيشن جج هيو. اُن جي گھرواري مريم آخوند، فاطمه شيخ جي ڌيءَ هئي.
سماجي روايتن مطابق ميان شفيع محمد جي رشتي جا معاملا ٻنهي ڪٽنبن جي زائفائن وچ ۾
طئي ٿيا، جن ۾ فاطمه شيخ ۽ مريم آخوند جو اهم ڪردار هيو. ميان شفيع محمد آخوند جي
گھر ۾ ۵ پُٽَ ۽ هڪ نياڻيءَ جي اولاد ٿي.
مان سندن ٻيو نمبر پُٽ آهيان. بابا سان جن جو به واسطو ۽ شناسائي رهي، اُنهن جي
مطابق هو نِهايت شريف النفس ۽ ملنسار انسان هيو. هر ڪنهن سان محبت ۽ نرم دليءَ سان
پيش اِيندو هيو. پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ڪاوڙ جو اِظهار ڪو ورلي ڪيو هوندائين. پڙهڻ
۽ لکڻ جو شوق هُيس، ادب، تاريخ ۽ سماجي رويا (Social
Behavior) سندس پسنديده موضوعَ هُيا. پنهنجي آتم ڪهاڻي
انگريزيءَ ۾ لکي هُيائين. فنِ مصوريءَ ۾ به دلچسپي هُيس. اِقبال آخوند ولد عبدالله
آخوند بابا جو سؤٽ هجڻ کان علاوه سندس دوست پڻ هيو. اِقبال چاچا الله جي ڪرم سان
هن وقت ۹۵ ورهين جو آهي. اُن ٻڌايو ته
شفن (بابا کي پيار ۾ سڏيندا هيا) پنهنجي اسڪول جي دور ۾ تاريخ ۽ تهذيب جي مختلف
دورن جي ڪردارن جون پينسل سان تصويرون ٺاهي ڪئين البم مرتب ڪيا. مشهور تاريخدانن
جهڙوڪ سيسل رهوڊس ۽ ليونگسٽن جي سفرنامن جي بنياد تي اُن افريقي ماڻهن جي تمدن ۽
زندگيءَ بابت پينسل سان تصويرون ٺاهي نه رڳو البم جوڙيو پر اُنهن قبيلن لاءِ هڪ ٻولي
به اِيجاد ڪيائين. ساڳيءَ ريت سندس ٺاهيل کوڙ البمن مان هڪ البم فرانس جي فرما
روان نيپولين جي زندگيءَ ۽ سندس جنگين بابت هيو، جيڪو پڻ پينسل سان ٺاهيل تصويرن
تي مشتمل هيو. بقول اِقبال چاچا ته اِن ننڍي ڄمار ۾ شفن کي تاريخ جي چڱي خاصي ڄاڻ
هئي. اِقبال چاچا اِهو به ٻڌايو ته هُن ۽ شفن گڏجي اسڪول جي زماني ۾ حيدرآباد ۾
سندس پيءُ جي سرڪاري بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ تاريخي ميوزيم جوڙيو- اِن ۾ مرڪزي اهميت
وارو اُهو هنڌ هيو، جتي سنڌ جي ماضيءَ جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار جوڙيائون. اُن ۾
اَٽي ۽ بيضن جي ڇِلرن ۽ ڪمئين کي استعمال ڪري حاڪم جو تخت، مير فرمان روا ۽ سندس
دربارين ۽ ٻيا آرائش جا سامان ٺاهيائون. مان پاڻ بابا جي ڪتابن جي ذخيري مان گھڻا
ئي ڪتاب خاص طور تي ٻي جنگِ عظيم جي باري ۾ پڙهيا هئا. بابا جي دوستن جا قصا ته
اسان ٻڌندا رهندا هئاسين پر سندس ويجھن دوستن ۾ خاص طور تي جن سان بابا کي گھڻو ڪري
ميل جول رکندي ڏٺوسين، اُنهن ۾ حمزو خان قُريشي، نور محمد بالادي، جمال الدين ابڙو،
قلب علي شاهه ۽ اِنهن کان علاوه محترم سعيد شيخ جيڪو بابا جو مائٽ به هيو شامل
هيا. مِٽ مائٽ بابا جي بردباري ۽ صلح پسند طبيعت جي ڪري سندس عزت ڪندا هئا. پاڻ عزيزن
۽ دوستن جي محفل ۾ خوش ٿيندو هيو. پنهنجي پوٽن، ڏهٽن، پوٽين ۽ ڏهٽين سان ڏاڍو پيار
۽ شفقت وارو انداز هوندو هُيس. ميان شفيع محمد آخوند جو ذڪر سندس همسفر ۽ ساٿي
يعني سندس ونيءَ جميلا آخوند جي تذڪري کان سواءِ اڻپورو رهندو. هوءَ ۱۹۲۹ ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي ۽ ۱۹۹۲ ۾
اِنتقال ڪري وئي. هُن تعليم انگريزي ٻولي وارن اسڪولن مان حاصل ڪئي. اُنکي به لکڻ
۽ پڙهڻ جو شوق هُيو. سندس پسند جا موضوع گھڻو ڪري سماجي هُيا. سنڌي رسالي ”سوجهرو“
جي لاءِ لکندي به هئي. گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندي هئي. غريب پرور به ڏاڍي
هئي. پنهنجي وِت آهر ضرورتمندن جي مالي سهائتا ڪندي رهندي هئي ۽ اُنهن جي ٻارن جي
تعليم جو اِنتظام به ڪندي هئي. پنهنجي ڪُٽنب لاءِ گھر ٺهرائڻ، خريد يا وڪرو ڪرڻ جو
شعبو مڪمل هُن وٽ هيو. پنهنجي ٻارن جي اسڪولن جي داخلا کان وٺي نوڪرن جا معاملا،
گاڏيءَ جي خريد و فروخت، گھر جي فرنيچر جي خريداري، بجلي، گيس، ٽيليفون، وغيره جي
مسئلن کي پاڻ مُنهن ڏيندي هئي. بابا جي ڄڻ ته آدرشي ساٿي هئي.
No comments:
راءِ ڏيندا