ميان شفيع
محمد آخوند
هڪ سٻاجهو
انسان، هڪ ايماندار مصنف
شفقت آخوند
ميان شفيع محمد رحمت الله آخوند کي گذاري اڄ ٻاويهه سال ٿي ويا آهن
پر ان جون يادون ان جي اولاد، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهن، هو ۱۹۲۰ع ۾ حيدرآباد سنڌ واري گاڏي کاتي جي کوکر پاڙي ۾
پيدا ٿيو، ان وقت سندس والد ميان رحمت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چيف آفيسر
جي عهدي تي فائز هو.
