نثار کوکر
هڪ پروفائيل
استاد خالد
چانڊيو
نثار کوکر ڏوڪري
تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ فيض محمد کوکر جي هڪ هاري ڪوڙي خان کوکر جي گهر ۾ ۸ مارچ ۱۹۶۹ع ۾ جنم ورتو.
پرائمري جا ٽي درجا
پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيو جڏهن ته چوٿون ۽ پنجون درجو ڏوڪري شهر جي پرائمري اسڪول مان ۱۹۷۹ع ۾ پاس ڪيائين. ميٽرڪ جوامتحان ۱۹۸۴ع ۾ ڏوڪري هاءِ اسڪول مان اي. گريڊ ۾ پاس
ڪري حيدربخش جتوئي انٽرميڊئيٽ ڪاليج ڏوڪري ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۸۶ع ۾ بي. گريڊ ۾ انٽر ڪيائين جنهن جو سبب
انٽر ۾ پڙهندي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ جهيڙي سبب
کيس گولي لڳڻ ۽ ٻه ٽي مهينا تعليم متاثر ٿيڻ ڄاڻايو وڃي ٿو.
انٽر کان پوءِ
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ بي. ايس. سي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي
ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان ايم اي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين.
جون ۱۹۹۶ع ۾ سندس شادي ٿي کيس هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو
اولاد آهي سندس شادي ارينج ميرج هئي. اسڪول ۽ ڪاليج جي دور ۾ سندس شمار بهترين
ڊبيٽر طور ٿيندو هيو ضلعي ليول تي ٿيندڙ ڪيترن ئي تقريري مقابلن ۾ پهريون نمبر اچي
انعام حاصل ڪندو رهيو آهي.
نثار کوکر ٻه دفعا
سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي. ادبي کيتر ۾ سندس سڃاڻپ سارٽ
اسٽوري راويٽر طور هئي. اٽڪل پنجاھ کن ڪهاڻيون لکيل اٿس جيڪي مختلف وقتن تي عبرت
ميگزين. برسات. سگهڙين سٿ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن سندس پهرين ڪهاڻي “وڏو کبڙ”
هئي جيڪا ماحولياتي صورتحال تي لکي هيائين ۽ هلال ميگزين ۾ شايع ٿي هئي. سندس
اخباري ڪالمن جو ڪتاب “مسافر محبتون” ۲۰۰۲ع جي آخر ڌاري موهن جو دڙو پبلشنگ هائوس لاڙڪاڻو پاران
شايع ٿي چڪو آهي.
نثار کوکر صحافت جي
شروعات عورتن جي رسالي “بختور” جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪئي بعد ۾ عبرت گروپ جي
ميگزين “هزارداستان” ۾ پڻ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. ۱۹۹۴ع م سب ايڊيٽر طور ڪاوش اخبار جوائن ڪيائين
بعد ۾ کيس رپورٽر ڪيو ويو جتان ئي سندس اصل جوهر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا.
ٿيو ايئن ته ۱۹۹۵ع ڌاري هن همراھ وڄي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وڌو
۽ قاسم آباد جي علائقي ۾ ڀتاخوري تي هڪ مشهور اسٽوري ڪيائين ته ڀنڀور کي باھ لڳي
وئي.
سڄي سنڌ ۾ ترقي
پسند پارٽي جي ڪارڪنن نثار کوکر ۽ ڪاوش اخبار جي مالڪن جي خلاف مظاهرا ڪيا، سڄي
سنڌ ۾ ڪاوش اخبار جا بنڊل ساڙيا ويا نثار کوکر به ڏيڍ مهينو کن روپوش ٿي ويو. ڪڏهن
ڪنهن دوست وٽ ڪڏهن ڪنهن دوست وٽ رهندو هيو. آجر دوستن به کيس پناھ ڏيڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو ته کيس هوٽلن جي بينچن تي به راتيون گذارڻيون پيون. نيٺ ڪاوش کي خيرباد
چئي ڳوٺ اچي ويهي رهيو. ان کان سواءِ هڪ دفعي سيوهڻ ۾ پڻ کيس ٻين صحافين سان گڏ
لاڪ اپ جو منهن ڏسڻو پيو هيو.
اصل م پاڪستان جهڙن
ملڪن ۾ اظهار جي آزادي کي نه رڳو رياست ۽ حڪومتي ادارن پاران ته خطرا ۽ تشدد سان
منهن ڏيڻو پوي ٿو بلڪ غير رياستي ڌرين يعني جاگيردار، سياسي پارٽيون، مذهبي
تنظيمون، ٽريڊ يونينن ۽ ٻين پيشه ور تنظيمن مان به خطرا ۽ خدشا رهندا آهن جيڪي پڻ
اظهار جي آزادي جي رستي روڪ ڪنديون رهنديون آهن. نثار کوکر کي نه رڳو پنهنجي
اسٽورين بلڪ ڪجھ ڪالمن سبب ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن منهنجي سامهون به کيس ڌمڪيون
مليون آهن ته فلاڻي ڳالھ ڇونه لکيئه يا وري فلاڻي ڳالھ ڇو لکيئه يا وري اسان جو
ذڪر ڇو ڪيو اٿئي وغيره وغيره.
بهرحال ڏهن مهينن
جي بيروزگاري کان پوءِ نثار هڪ دفعو ٻيهر ڪاوش کي جوائن ڪيو ته هن ڀيري کيس
حيدراباد بدران سکر ۾ مقرر ڪيو ويو پوءِ لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو.
آڪٽوبر ۲۰۰۲ع ۾ ڪي. ٽي. اين جي شروعات ٿي ته هي به ٽي. وي
اسڪرين جو حصو ٿي ويو آهي. صحافتي زندگي ۾ نثار کوکر نه رڳو ڪاوش ۾ سوين آرٽيڪل
لکيا آهن بلڪ هن انگريزي صحافت ۾ پڻ نانءُ ڪمايو آهي هونئن ته صحافت جي شعبي ۾ وڏو
انگ انهن ماڻهن جو آهي جن جي پيشه ورانه اهليت تي ڪيئي سواليه نشان آهن پر نثار
کوکر جي پيشه ورانه صلاحيت کيس ڪاوش کان مٿي کڻي بي بي سي تائين پهچايو آهي. نثار
کوکر ڊان رويو، ڊان سنڊي ميگزين، هيرالڊ، نيوزلائين، دي نيوز، هفتيوار انڊپينڊنٽ، بي
بي سي ريڊيو ۽ بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام لاءِ لڳاتار لکندو رهي ٿو جن ۾ سندس اٽڪل ۲۰۰ کن آرٽيڪل ۽ اسٽوريون ڇپجي چڪيون آهن.
نثار کوکر واحد
صحافي آهي جنهن سنڌ ۾ پهريون دفعو جهادي ڪلچر تي لکيو ۽ سنڌ جي مدرسن مان وڏي انگ
۾ افغانستان ۾ مارجي ويل سنڌي طالبان جا انگ اکر ڏنا ۽ اتي مارجي ويلن بابت تفصيلي
اسٽوري پڻ فليش ڪئي سندس صحافتي خدمتن عيوض کيس صوفي ايوارڊ ۲۰۰۴ع ناري ايوارڊ ۲۰۰۵ع، ڪي ٽي اين ايوارڊ، محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽
بيا به ڪيترا ئي اعزاز ملي چڪا آهن.
مٿي بيان ڪيل سڀ ڪجھ
ته سندس ذاتي پروفائيل ۾ هيو پر نثار کوکر ۽ مان اٽڪل سوا ٽي ورهيه هڪ ڪمري ۾ گڏ
رهيا آهيون مون کيس انتهائي ويجهو کان ڏٺو آهي ان لاءِ اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته
مونکي استاد سڏيندڙ، منهنجو ننڍو ڀاءُ، منهنجو پيالي ڀائي ۽ منهنجوسٺو دوست منهنجي
نظر ۾ ڪيئن آهي ڇو ته اسان بئي هڪٻئي جا رازدار به آهيون ۽ هڪٻئي جي پرڪارن کان به
واقف آهيون.
نثار جا پرڪار اجهو
هي آهي
۱. نثار ۾ وڏي کوٽ هي آهي ته مطالعو صفا نه جهڙو ڪندو آهي هن ورلڊ ڪلاسڪ به
نه پڙهيا آهن سنڌي ادب به گهٽ پڙهيل اٿس اردو ادب جي ته وري ڳالھ ئي نه ڪجي. مان
کيس سدائين فلسفي ۽ سماجيات جي مطالعي جي صلاح ڏيندو رهندو آهيان پر:
“مرد نادان
په کلام نرم و نازک بي اثر”
۲. نثار کوکر هڪ ئي نشست م لکندو آهي فيئر به اصل ناهي ڪندو مشاهدي جي قوت
تيز اٿس ننڊ جام ڪندو آهي مون وانگر آرٽ فلمن جي پٽَ اٿس.
۳. روايتي ڳالهين بجاءِ شين، موضوعن، لقائن، واقعن ۽ ڳالهين کي غور سان ڏسي
۽ ٻڌي نيون ڳالهيون ايڪسپلور ڪندو آهي.
عام صحافين وانگر
ڏسڻ بجاءِ عام واقعن منجهان به پنهنجي ڪم جي ڳاله/خبر ڪڍي ايندو آهي ۽ پڙهندرن کي
ساندار ڪالم يا آرٽيڪل ملي ويندو آهي. پوءِ اها رڪ جي ويران اسٽيشن هجي، چيزل شاھ
جون ڏاچيون هجن گاجي شاھ جو ميلو هجي يا انڌي سردار جو انصاف هجي.
۴. نثار کوکر ۾ مزاح جي حس به انتها درجي جي آهي پاڻ چيڙاڪ بنھ ڪونهي حساس
دل جو مالڪ ضرور آهي هر ماڻهو سان فري ناهي ٿيندو ڪرپشن ۽ ڪمائي واري صحافتي ڪلچر
کان کيس قدرت واري پاسي تي رکيو آهي ان ڪري اڪثر “اڇا ڪپڙا کيسا خالي ٻئي جي ليکي
ملڪ جو والي” جو ڏيک ڏيندو آهي.
۵. ڪي ماڻهو سٺا دوست هوندا آهن پر سٺا همسفر ثابت ناهن ٿي سگهندا. ڪي ماڻهو
وري سٺا دوست نه هجڻ باوجود سٺا همسفر ثابت ٿيندا آهن نثار سٺو دوست ۽ سٺو همسفر
پڻ اهي جيڪڏهن هتي ڀاڄائي موجود هجي ها ته کانئس اهڙي گواهي ضرور وٺجي ها.
۶. نثار شاعر ته ناهي پر مزاج شاعراڻو اٿس جڏهن ته نه رڳو عاشق مزاج آهي بلڪ
عاشق پڻ اهي باقي ساڙسڙيو عاشق اصل ناهي. .
۷. نثار کوکر جي لکيتن ۾ اڪثر سنڌپرستي، عوام دوستي، تصوف، رواداري، سيڪولرزم،
جمهوري قدرن جو شعور، بنيادي انساني حق، امن جو پرچار، مذهبي جنون ۽ ڪٽرپڻي جي
مخالفت، ثقافتي گهڻ رنگي، پٺتي پيل علائقن جا مسئلا ۽ سندن مفادن جو بچاءُ، ٻارن
جا حق ۽ مسئلا، قيدين جا حق ۽ عورتن جا مسئلا جام نظر ايندا آهن.
۸. نثار جي اڪثر لکيتن جي شروعات ڪنهن نه ڪنهن عورت جي ذڪر سان هوندي آهي
اها به گرامر جي ٻولي ۾ ضمير غائب طور، هونئن نثار جو جنم به عورتن جي عالمي ڏينهن
تي ٿيو هيو.
۹. نٿار کوکر سڌا سياسي تجزيا بنھ گهٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهي انساني حقن جي
واقعاتي ڀڃڪڙين ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهي پر سببن ۽ محرڪن بابت گهٽ لکندو آهي
جنهن جو سبب منهنجي نظر ۾ سندس سماجيات جو مطالعو نه ڪرڻ آهي.
۱۰. سندس اڪثر لکڻيون سفر بابت ۽ سفر دوران لکيل آهن جنهن ڪري سندس لکڻين ۾
ماڳن مڪانن جو ذڪر گهڻو هوندو آهي.
۱۱. انوگن ڪردارن ۽ مامرن جي جستجو ۽ تڙپ سندس اگر اکر م موجود آهي مونکي
سندس لکڻين جا عنوان نامناسب لڳندا آهن باقي سندس ڊڪشن سهنو ۽ لکڻ جو انداز
اثرائتو اهي لکڻي اڪثر رومانوي پر اعجاز منگي وانگر لفاظي کان پري آهي. هڪ موضوع
تي نثارکوکر بنھ ناهي لکيو اهو آهي بيگارڪيمپ بڻيل سنڌي صحافت ۾ اخباري ڪارڪنن ۽
صحافين جا نسئلا ۽ اجرتون پر ان مسئلي ته ڪو به صحافي نٿو لکي ته نثار کي ڇا چئجي.
. . . . .
نثار جهڙا صحافي
ٿورا آهن پر آهن ضرور انلاءِ اهڙن صحافين سان اڄوڪي ڏينهن جهڙا ڏينهن ملهائجڻ
گهرجن.
[۲۱. ۰۵. ۲۰۰۵ لاڙڪاڻو]
نوٽ: هي پروفائيل
ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ نثارکوکر کي ڏنل آجياڻي ۾ پڙهيو هيم جيڪو جيئن جو تيئن پيش ڪجي
ٿو.
(استاد خالد جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
نثار کوکر
ڊاڪٽر فياض لطيف
اڄ جي دور ۾ جتي هر شيءِ ٻه
نمبري عام جام ٿي وئي آهي، اتي سچو پچو، نج نبار ۽ پنهنجي پروفيشن جي پت رکندڙ ماڻهو
ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڪٿي جيڪڏهن اهڙو ماڻهو ملي ٿو ته، سچ پچ دلي سرهائي ٿئي ٿي.
صحافت، دنيا ۾ جيڪا مجبور ۽
مظلوم ماڻهن جو سگهارو آواز ۽ حق سچ جي آرسي تصور ڪئي ويندي آهي، بدقسمتيءَ سان پاڻ
وٽ اها گهڻو ڪري منافعي بخش ڪاروبار ۽ سگهاري ڌرين جي سريت سمجهي وڃي ٿي، پر جيئن
هر شعبي ۾ لڱن سان گڏ چڱن جو قحط ڪونهي، ائين سنڌي صحافت ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو
موجود آهن، جن کي ڏسي، لطيف سائين جي سٽ، ' اڃا ڪي آهين، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي'، خودبخود
هنئين تي هري ايندي آهي.
نثار کوکر به اهڙن ماڻهن مان هڪ
آهي. هن صحافت کي هڪ عمر ارپي آهي. صحافت ڪيترن کي ٿورڙي عرصي ۾ ڪک پتي مان لک
پتي/ ڪروڙ پتي ڪري ڇڏيو آهي....!! صحافت، نثار کي ڇا ڏنو آهي؟
اها پيرائتي خبر ته خود نثار کي
هوندي، پر مون کي جيڪا سڌ آهي ته، صحافت هن کي نه رڳو وڏي عزت، شهرت ۽ شناخت ڏني
آهي، پر محبت ۽ ساک به عطا ڪئي آهي، جيڪا منهنجي خيال ۾ رواجي دولت جي حاصلات کان
هزارين ڀيرا افضل ۽ اتم آهي.
نثار منهنجو پراڻو دوست آهي.
اسان ٻنهي جي ادبي سفر جي ابتدا جهڙوڪر گڏ ئي ٿي آهي. آءُ جڏهن ڏوڪري ڪاليج ۾ پڙهندو
هوندس، انهن ڏينهن ۾ ئي ادب سان انيست جو رشتو جڙيو هو، جيڪو ادبي سنگت شاخ ڏوڪري
تائين وٺي ويو هو، جتي نثار کوکر، دادلي ناصر زهراڻي، عزيز منگي کان وٺي سڪندر
هلئي، مشتاق بڙدي، اقرار پيرزادي، ادل سولنگي، انور ڏنگڙائي ۽ ٻين انيڪ اديب دوستن
سان مکا ميلو ٿيو.
نثار ۽ دادلو انهن ڏينهن ۾
شاندار ڪهاڻيون لکندا هئا ۽ آءُ شاعري ڪندو هوندس. منهنجي شاعري منهنجي تحقيق ڏانهن
گهڻي توجهه سبب مون کان رسي وئي. نثار جي ڪهاڻين کي صحافت کائي وئي ۽ دادلي جو
تخليقي ڪم بيوروڪريسي جو بک بڻجي ويو.
جيڪڏهن هي ٻئي دوست ڪهاڻي کي
وقت ڏين ها ته، هن وقت ڪهاڻي ڪاڪ جا راڻا هجن ها.
نثار انتهائي کلمک ۽ خوبصورت من
رکندڙ انسان آهي. هن سان توڙي جو ملاقاتون دير دير سان ٿينديون آهن، پر سندس
زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ۽ پرخلوص پيار ۽ محبت جون ڳالهيون هميشه ساٿ ۾ ۽ تازيون
رهيون آهن.
اڄ نثار جو جنم ڏينهن آهي، کيس
جنم ڏڻ جو دلي واڌايون ڏيندي، اها تمنا ڪجي ٿي ته، هو جتي به هجي سندس ٽهڪ ۽ مرڪون
سلامت هجن.
(ڊاڪٽر فياض لطيف جي فيسبڪ پوسٽ تان ۸ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا