; سنڌي شخصيتون: عبدالحڪيم ارشد

15 August, 2019

عبدالحڪيم ارشد

عبدالحڪيم ارشد
زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا جو خالق شاعر
گل مورو
سنڌ جي عظيم ڏاهي علامه غلام محمد گرامي هڪ هنڌ لکيو آهي ته شاعر جي منصب ۽ پد مان ڪنهن جي به ريس يا برابري ڪانهي. خلقڻهار جي هن ڪائنات ۾ جيڪي به وهي ۽ واپري ٿو تنهنجي جيتري ٻُڌ سُڌ شاعري آهي تيتري ٻئي ڪنهن کي به ڪا نه ٿي سگهندي. عالم ۽ فاضل ماڻهو ڪتابي علم سان ڀرپور آهن پر شاعر جي دل اندرين روشني جو ڀنڊار هوندي آهي شاعر ٻين جي ٻڌ سُڌ تي ڪو نه ٿو هلي يا شين ۽ زندگي بابت ٻين جا تجربا نه ٿو پلٽي هن جو ڪم آهي ته جُڳت جي پسڻ ۽ ان سونهن جو مزو ٻين کي چکائڻ اهو حسن عام ماڻهوءَ جي پسڻ ۽ پرکڻ کان مٿي آهي ان سونهن جي ڪٿ انساني وٽن ۽ ڪسوٽين مان ٿيڻ مشڪل آهي. انهيءَ حقيقت جيان اها حقيقت آهي ته سنڌ جي عظيم ڏاهي علامه غلام محمد گرامي ڄڻ ته هي سمورا لفظ تاريخ جي انمول هيري عبدالحڪيم ارشد جي لاءِ جوڙيا هجن جنهن سڄي زندگي اُلفت ۾ گذاري الفت واري زندگي گذاريندڙ ماڻهو ئي پنهنجي وطن، ٻولي، تهذيب جي بقا جي جنگ ۾ جيئو جنگ بڻجي سولي جو سينگار بڻجڻ لاءِ هر وقت پهرين صف ۾ نظر ايندا آهن سو جڏهن سنڌ مٿان ون يونٽ واري زنجير هڻي لکڻ پڙهڻ ۽ سنڌ پڪارڻ تي بندش هنئين وئي هئي ته سنڌ جي امر ڪردار جيئو جُنگ جي جنم ڀومي سڪرنڊ جي سامهون ۱۳ جون ۱۹۳۹ع جي سانوڻي واري مند ۾ ڳوٺ لکمير ۾ سنڌ جي هن ارڏي ڪردار عبدالحڪيم ارشد اک کولي هئي. هن ابتدائي تعليم ته پنهنجي ڳوٺ کان حاصل ڪئي هئي پر سنڌ جي تحريڪي مرڪز پير جهنڊي ۾ جتي عربي، فارسي سکڻ سان گڏ ڪائنات جي انقلابي فڪر کي غور سان پڙهيو ۽ پروڙيو ۽ اُتي ئي تعليم دوران سنڌ جي سياسي حالتن ۽ تبديل ٿيندڙ هوائن جي رُخ جو هن گهرائي سان جائزو ورتو ته پياسي من جي پياس آس نراس مان ٿي سگهي ٿي ڇو ته گيتن جي بهار ۾ مالهي جي رنگت جنهن ۾ سونهن ۽ سنگيت جي سنگت جيڪا ادبي سنگت جي روپ ۾ ون يونٽ خلاف وڏو مچ مچائي چڪي هئي ان کيس ايترو ته اٽل ارادي وارو انسان بڻائي ڇڏيو جو جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ ڪراچي ۾جيڪو تمام وڏو ميڙ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايو ويو هو ان ۾ ارشد تمام وڏو بهرو ورتو ۽ ڪراچي سنگت شاخ جو ڪيتري وقت تائين عهديدار به رهيو سنڌي ٻولي تي بندش تحرير ۽ تقرير تي تالا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر کي غلامي جو ڳٽ سمجهي قبولڻ کان ئي انڪار ڪيو. پنهنجي شاعري وسيلي چوڻ لڳو ته؛


زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا !
لکڻ کان به وياسين، ڪڇڻ کان به وياسين.
مليو جيڪڏهن ڀي ڪو همدرد اسان سان،
پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين.
هن جي جيون ۾ ساگر جي گهراڻي ايتري ته ڪشادي هئي جو پنهنجي خواهشن کي وطن ۽ ڌرتي جي عشق ۾ صليب تي ٽنگي ڇڏيو ته ڇا به ٿي پوي سنڌوءَ جي اُجري سينڌ کي ميرو ٿيڻ نه ڏبو اها گهري سوچ هن جي ذهنن ۾ اڃا به وڌيڪ گهري ان سبب جي ڪري بڻي جو هي انقلابي مڪتب ۾ پڙهڻ دوران سياست، علم، ادب جي سمورن رُخن جو اڀياس ڪري چڪو هو. ٻيو ته مشرقي علمن جو به ماهر هو هن سمورن ايندڙ خطرن کي سمجهي ورتو هو ته ايندڙ وقت ۾ هزارين سالن کان قديم سنڌ ڌرتي جيڪا هر دور ۾ شاداب هجڻ جي ڪري ڌارين جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندي رهي آهي انهيءَ خوشحال سنڌ تي اڄ به هي ون يونٽ واري ڪوڙڪي ان ساڳي تناظر ۾ مڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته هتان جي وطني ماڻهن کان ڪهڙي به طريقي سان سندن مالڪي واري سوچ کي ختم ڪجي اهڙي جابرانه سوچ خلاف سنڌ جي سگهاري آواز شيخ اياز کان وٺي استاد بخاري تائين اٽل آدمي واري روپ ۾ ڀٽائي جي ڀونءِ سان هي وچن ڪري چڪو هو ته سوليءَ جو سينگار بڻجڻ عظيم سپوتن جو ئي ورثو هوندو آهي هاڻي ڏات ماٺ ناهي ٿيڻي. جڏهن ظلم جي زنجيرن جون ڪڙيون وڌيڪ سوڙهيون ٿيڻ لڳيون ته ارشد پنهنجي زبان جي ڳالهه پنهنجي زبان سان ڪندي چيو ته؛
زبان وڍجي وڃي ته ڇا ٿي پيو،
اڃا دل ۾ آهن سي جذبات باقي،
جي ڪاوڙ اچي وئي رهي ڪين سگهندا.
هي جلاد، مقتل، اڏيون، ڪات باقي.
سنڌ جو هي خوددار شاعر ئي هو جنهن وطن جي محبت ۽ پورهيت جي پريت کي پنهنجو مقصد بڻائي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ علمي استاد واري عظيم شعبي کي باعزت طريقي سان نڀايو. مارو.ئڙن جي پيرن اگهاڙن معصوم ٻارڙن کي علم جي زيور سان مالا مال ڪندو رهيو پر هن نه ذات وڪي نه وري ڪڏهن ڪنهن وقت جي حاڪم اڳيان ڏات وڪي. هن نوڪري دوران به ڪراچي، موري کان وٺي نوابشاهه سميت جتي به رهيو گوبند مالهي جي شرم ٻوٽي واري ادبي ٻوٽي جي عهديدار توڙي ڪارڪن ٿي ڪري آبياري ڪئي.
سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار امر جليل سنڌ جي ڏاهي ارشد جي شاعري تي “ارشد ۽ گردش” عنوان هيٺ لکيو آهي ته ارشد سنڌ جي تمام وڏن مزاحمتي شاعرن مان هڪ آهي. ارشد هڪ غريب ماستر آهي ڄمندي هن جي وات ۾ چاندي جو چمچو ڪو نه هو ان ڪري وڏو شاعر هوندي به هن جو نالو وڏن شاعرن ۾ نه ٿو ورتو وڃي.جڏهن ته امر جليل جي ان سوچ ۽ ڳالهه سان آئون قطعي طور تي سهمت ناهيان ته ارشد کي سنڌي شاعري ۾ ڪو مان ۽ مرتبو نه مليو فرق صرف اهو آهي ته هن هميشهه سادگي واري زندگي گذاري، لٻاڙ واري ٻولي نه ڳالهائي ۽ خاموشي سان انقلابي گيتن کي جنم ڏيندو رهيو ۽ جيڪي به خاموش انقلاب ايندا آهن اهي ئي تبديلي آڻيندا آهن، سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ ۽ ترقي پسند سوچ کي وڌائڻ ۾ ارشد جو تمام وڏو ڪردار آهي اڄ به سنڌ جو سڄاڻ ماڻهو ارشد کي سنڌ جو تمام وڏو ماڻهو سمجهي ٿو ڇو ته اها حقيقت آهي ته ارشد جي شاعري مطالعاتي ۽ مشاهداتي طور تي تمام گهڻن شاعرن کان سگهاري نظر اچي جنهن ۾ فڪر جي پختگي ۽ علمي اڀياس جي اپٽار به آهي ارشد نثر توڙي نظم ۾ تمام وڏي مهارت رکندڙ شاعر هو سندس شعر پڪو پختو سندس شاعر جي خاص ڳالهه اها به آهي ته سنڌ جي سانگيئڙن، هارين، پورهيتن ۽ پيٽ بکايل ٻارڙن جي مسئلن ۽ انهن جي اهنجن ۽ پيڙائن جي اپٽار ڪيل آهي سندس سوچ جي عڪاسي سندس ئي هن بيت مان ڪري سگهجي ٿي ته؛
ساٿيو آواز ڏيو، ڪيڏانهن وئيو، آهيو ڪٿي!
گڏ ٿيو، گڏجي وري ڪا باهه ٻاريون دوستو.
ظلم جي زنجير جو هڪڙو حصو ڪٽجي ويو،
ڪجهه گهڙيون باقي بچيون، تن کي به ڏاريون دوستو.
سندس شعر ۾ قديم ۽ جديد ٻولي جو سنگم ملي ٿو سندس مطالعو ايترو ته وسيع آهي جو ڪهڙي به ڏکئي موضوع کي هن خوش اسلوبي سان نڀايو هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي، نظم، غزل، گيت توڙي نثر اڄ به پڙهي جذبا جوان ٿي پون ٿا. هن لاتعداد علمي، ادبي، توڙي تعليمي حوالي سان مقالا، مضمون ۽ ٻين ٻولين مان به ترجما ڪيا هي عبدالحڪيم ارشد جنهن کي سنڌ جي ارڏي شاعر سان گڏ سنڌ جو ترجمان شاعر چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.



عبدالحڪيم ارشد
محبت، مزاحمت ۽ سونهن جي شاعر جو لاڏاڻو
فياض لطيف
سائين عبدالحڪيم ارشد جو شمار به اهڙن ماڻهن ۾ ٿيندو هو، جن جو آجپو فقط ساهن پساهن جي سلسلي تي نه، پر آدرش ۽ آرٽ جي آجپي ۽ احساس سان سلهاڙيل هوندو آهي. هو توڙي جو عمر جي آخري حصي ۾ هو، جنهن ۾ روايتي طور ساهن پساهن جي زندگي جيئندڙ ماڻهو رڳو لٺِ ۽ ڪٺِ جي سهاري تي ڏينهن پورا ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. پوري عمر هٺ ۽ غرور ۾ گذاري، پوئين پلن ۾ موت جي ڊپ کان بي روح سجدا ڏئي ۽ تسبيحون سوري پاڻ کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ ۾ رات ڏينهن مگن ۽ مشغول هوندا آهن، پر ارشد سائين نه رڳو غير روايتي ماڻهو  هو، پر سچ پچ هو غير رواجي شاعر ۽ سرجڻهار پڻ هو. پيڙهي ۾ به اَجل جي ڊپ کان آجو ۽ بي ڊپو جياپو جيئي ٿو. هن جي ٻُڍڙي جسم ۾ جوان ۽ زنده جذبن سان ڀرپور دل موجود هئي، ، انهيءَ ڪري ’محبت، مزاحمت ۽ حُسن‘ جي احساسن سان سرشار شاعري سِرجي، سچل جي انهيءَ سچ جي ساک ڀري ٿو، ته “سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هويس ڏاڙهي... .”!
سائين عبدالحڪيم ارشد پنهنجي پوري عمر، ادب ۽ آرٽ کي ارپي. هن کي جڏهن کان حُسن ۽ عشق جي واسينگ واسيو، تڏهن کان هن شاعريءَ سان پيچ پاتو آهي. ٻين لفظن ۾ شاعريءَ سان سندس سنڱ ۽ سياپو جوانيءَ کان هن جھور عمر تائين جو هو. ڳڀرو عمر ۾ شاعري سندس جوان محبوبه وانگر هم راز ۽ هم سفر هئي، ته ٻُڍڙي وهيءَ ۾ اها هڪ مهربان ۽ شفيق ماءُ وانگر سندس ساٿ ۽ سنگ ۾هُئي. هن پنهنجي عمر ڀر جي پورهئي مان رڳو ڪمائي ۽ بچائي ته شاعريءَ جي پونجي ئي آهي، جيڪا سچ ته ڪنهن مها زردار جي ڪاغذي خزاني کان گھڻي نرالي ۽ اَملهه آهي، پر هن وقت تائين ان ججھي پونجي مان سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ئي منظر عام تي اچي سگهيا آهن، جن ۾ “ڏيئا ڏات جا”، “آجپي جي گيت جھڙي شاعري” ۽ “ٽٽل عڪس سونهن جا” شامل آهن.
سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو، “ڏيئا ڏات جا” ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيو ۽ پنهنجي اظهار ۽ انداز جي سندرتا ۽ سلوڻائپ سبب پڙهندڙن ۾ ايترو مقبول ٿيو، جو ۱۹۹۷ع ۾ ان جو ٻيو ڇاپو به ڇپيو. ساڳيءَ ريت سندس شاعريءَ جي ٻئي مجموعي،”آجپي جي گيت جھڙي شاعري” پڻ پاٺڪن ۾ چڱي مقبوليت ماڻي.
ناميارو شاعرو مقصود گل سندس شاعري ۽ شخصيت جي حوالي سان پنهنجي ليک، “سُر رامڪليءَ جو رمتو” ۾ لکي ٿو، “سائين ارشد تن جو ته سادڙو آهي، پر هو من جو به سادڙ انسان آهي... . هو سائين جي ايم سيد ۽ ڪن ٻين صوفين سان ڪچهريون ڪري تصوف ڏي راغب ٿيو ۽ ترقي پسند ادب جو چڱو مطالعو ڪيائين. مون هميشه کيس ماڻهپي واري مذهب جو حامي ڏٺو آهي... .. سندس شاعري، طبيعت ۽ سُڀاءَ وانگر سادڙي ۽ سلوڻي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سچ ۽ سونهن به آهي، ته سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جي اُپٽارا به ملي ٿي”.
مِٺي سنڌ تنهنجون دعائون کپن
دعائن جي سايي ۾ ئي مان جِيان.
غزل منجھه ڳالهيون سندس ڇيڙجن
اها سوچ ارشد ويٺو سوچيان!
(ٽٽل عڪس سونهن جو، ص۴۳)
آ ته گلن جي سونهن پَسون
مُکڙين لاٿو آ گھونگھٽ.
سونهن سراپا، آهي سنڌ
ٻي ڪا جنت مور نه مَٽُ!
(ٽٽل عڪس سونهن جو، ص۵۵)
سائين ارشد ڊارائنگ روم جو شاعر نه هو، پر عمل، جدوجهد، مزاحمت ۽ ماڻهن سان ميٺ محبت ۽ دوستانه تعلقات قائم رکي، نوجوانن کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ وارو تخليقڪار هو. هو سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ تمام گھڻو سرگرم رهيو. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ ۽ نواب شاهه جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي فني تربيت ۽ فڪري اوسر ۾ سندس قابلِ تعريف ڪردار رهيو آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي نوجوان شاعر ۽ خوبصورت ليکڪ رحمت پيرزادو لکي ٿو، “پاڻ انتهائي سٻاجھو، مخلص ۽ ڪتابن ۾ لکيل اَورچ ڪردارن جھڙو انسان آهي...  نئين ٽهيءَ جي اوسر ۾ سائينءَ جو انتهائي اهم ڪردار آهي. سندس شاعريءَ جا نقطا پڙهي، اسان زندگيءَ جو سبق پِرايو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه زاويا هڪ رومانوي ۽ ٻيو انقلابي ۽ قومي آهي ۽ انهن ٻنهيءَ ۾ زندگيءَ جو درس ملي ٿو”.
سائين ارشد پنهنجي”ڀري پيءُ جام محبت وارو” جي سِري سان لکيو هو ته: موجود منهنجي شاعريءَ جي مرڪزي موضوع جو آسانيءَ سان ادراڪ ڪري سگهو ٿا ۽ ان جو مطالعو اوهان کي ان نتيجي تي پهچائي سگهي ٿو، ته هيءَ شاعري هڪ اهڙي بي حس، انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي پٿر سماج ۾ هڪ اهڙي زخمي، ڇيهون ڇيهون ٿيل وجود تي هر طرح جي ناڪامين، محرومين، درد، الم ۽ پيڙائن جي پٿرن جي وسڪار جي آتم ڪٿا آهي، جنهن جون آرزوئون انگاسن تي لڙڪيل ۽ جنهن جا سپنا چور چور ٿي ويا هجن. هي فقط هڪ فرد جي ڪهاڻي ناهي. هيءَ تاريخ آهي هن پٿر سماج جي، ان مدي خارج سرشتي جي، جنهن جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هزارين لکين انسانن جا ارمان مُرادن جي منزل نه ماڻي سگھيا... ..هيءَ شاعري آرسي آهي منهنجي اندر جي اُڌمن، ڪلپنائن، آرزوئن ۽ پيڙائن جي. هيءَ شاعري منهنجي روح جي ٻولي ۽ دل جي ويران صحرا مان اُڀري آيل صدائن جو پڙاڏو آهي... ..آءٌ نهايت محبت، خلوص ۽ دل جي گھرائين سان، محبت ۽ وفا جي راهه تي هلندڙ مسافرن جي قدمن ۾ هيءَ معمولي ڪاوش پيش ڪريان ٿو. جيڪڏهن مانَ واري پڙهندڙن مان ڪن جي دل ۾ ڇُپايل درد ۽ پيڙا جي ترجماني بڻجي، منهنجا ڪي شعر انهن جي احساس کي ڇهندا محسوس ٿين، سندن نيڻ ڀرجي اچن ۽ انهن جا جيءَ پنهنجي خاموش تنهائين ۾ بنا سُر ۽ آلاپ جي ڪا سِٽَ جھونگاري وجھن. جيڪڏهن اوهان مان ڪن جو درد منهنجي درد سان هم آهنگ ٿي وڃي ۽ ڪنهن جي دل جي تار وڄي پوي، ته آءٌ سمجھندس ته مون کي منهنجي ڪاوش جو صلو ملي ويو”.
پر سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي مان مون کيس غزل جو سگهارو ۽ سيبتو شاعر محسوس ڪيو آهي. هن جي غزل ۾ ’غزاليت‘ جا گڻ به آهن، ته ان جو پورو فڪري ۽ فني پورائو به ملي ٿو. هو اڪثر سنڌي شاعرن وانگر غزل ۾ ’نظميت‘ ۽ نظم ۾ ’غزليت‘ جي آميزش جو قائل نظر نه ٿو اچي، پر هر صنف ۾ ان جي گھربل تقاضا موجب پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي اوت اوتي ٿو. هن جي غزل ۾ ’سونهن‘ ۽ ’عشق‘ جي حقيقي ۽ اثرائتي جھلڪ پَسي سگھجي ٿي. جيئن:
عشق الستي سَين هنئي آ، حُسن اڃا انڪاري آ
عشق حُسن جو رشتو ’ارشد‘ بنجي ويو تڪراري آ.
مُند بهاري، بوندا باري، موسم پياري پياري آ
هاءِ! ويچاري اڌ هه مئل دل، ڏڍ نه ڪا دلداري آ.
هيل اسان وٽ ڪوتا آئي، نينهن جو نئون سنديش کڻي
دل جي ويران کنڊر ۾ مون، ڏات هه ڏياٽي ٻاري آ.
(ٽٽل عڪس سونهن جا، ص۳۳)
چنڊ تنهنجو نانءُ آ، چانڊاڻ تنهنجو نانءُ آ
سونهن توکي ٿا سڏن، سرهاڻ تنهنجو نانءُ آ.
دل ٻُڏي وئي، سڀ ڇڏي ويا، پوءِ به ناهيان هيڪلو
آءٌ آهيان،مون سان گڏ ٻيو، هاڻ تنهنجو نانءُ آ.
(ٽٽل عڪس سونهن جا، ص۴۴)
جيڪو سائين ارشد جي وڏي بحر ۾ لکيل غزلن ۾ بخوبي موجود ملي ٿو، پر ننڍي بحر ۾ سرجيل سندس غزلن ۾ ردم جي رواني ۽ خيال جي اُڇل پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
مٺڙيون يادون، سُرهي سار
ڪيڏي پياري سونهن پچار.
ڳوڙها بڻجي ڳڙندو هانءُ،
ڇيڙ نه ڇورا! دل جي تار.
منهنجون اکڙيون، تنهنجا پير
سونهن سلامي، سجدا يار.
ڪاريون راتيون، روشن هٿ
ٺاهڻ ڊاهڻ جا ويچار.
(ٽٽل عڪس سونهن جا، ص۴۸)
مٿئين غزل ۾ ’مِٺڙيون يادون، سُرهي سار، دل جي تار، سونهن سلامي، ڪاريون راتيون ۽ روشن هٿ‘ ڪهڙيون نه نڪور ۽ نرمل ترڪيبون آهن. ان کان علاوه ’ڳوڙها بڻجي هانءُ جو ڳڙڻ، ڪاري راتين ۾ روشن هٿن سان ٺاهڻ ڊاهڻ جا ويچار ۽ مٺڙي مٺڙي يادن ۾ سونهن پچار‘ جا احساس ڪيترا نه تخليقي ۽ سگهاري شاعراڻي تخيل جي ساک ڀريندڙ آهن. سائين ارشد غزل ۾ عشق ۽ حسن جي موضوع کان سواءِ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين ڪيترين ئي خارجي ۽ داخلي سچائين کي پڻ اظهاريو آهي. ڌرتي، وطن واسي، بک، بدحالي، ناانصافي، امن جي آشا، آزاد آجپو، بي لوث محبت، خواب، خوبصورتيون، تصوف، ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جا سمورا رخ ۽ رعنايون سندس غزل جو موضوع آهن. شيخ اياز پنهنجي اظهار جي سگهاري اُڇل سان غزل جي روايتي لب و لهجي، احساس ۽ آهنگ کي تبديل ڪري، ان ۾ نه رڳو سنڌيت جو حُسن ۽ هڳاءُ پرٽيو هو، پر ان ۾ صوفيت جي رازن ۽ رمزن جون رنگينيون اوتي ان کي ’گيڙو ويس غزل‘ بڻائي ڇڏيو هو. ساڳي روايت کي ڪنهن حد تائين سائين ارشد اڳتي وڌايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ چوي ٿو:
ايرانڻ تي سنڌي ويس
سنڌي ٻوليءَ منجھه غزل.
عبدالحڪيم ارشد جي غزل ۾ ڪٿي ڪٿي فارسيت جو رنگ پڻ ملي ٿو، جيڪو اَٽي ۾ لوڻ برابر آهي. مجموعي طور تي سندس غزل ۾، ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ روايتن جو روح ڌڙڪندي محسوس ٿئي ٿو. پاڻ غزل ۾ نه رڳو پنهنجي اندر جا احساس ۽ اُڌما پوري ڀرپوريت سان اظهاري سگهيو آهي، پر خارجي سونهن ۽ صداقت کي پڻ سهڻي سليقي سان سمايو اٿائين. سندس غزل ۾انيڪ اهڙيون تشبيهون، استعارا، ڪنعايه، اشارا، تلميحون ۽ ترڪيبون ملن ٿيون، جن کي پڙهي ۽ پَسي روح تازو ٿي وڃي ٿو. ڪتاب ۾ هڪ نثري نظم ۽ گيت پڻ شامل آهي. گيت جا ٻول:
مند ملڻ جي آئي موٽي، موٽي رت بهار
پوءِ نه اڃان تو واعدو پاريو، ڪانه لهين ٿو سار
او پرديسي يار! يرَ! واڳ ورڻ جي وار... .‘ ايترا ته رسيلا ۽ سُريلا آهن، جو انهن جو تاثير ۽ سوز ڀريو انداز من کي موهي وجھي ٿو. سائين ارشد جو مزاج سچ پچ ته گيت جي سوز ۽ گداز سان هم آهنگ ڀاسي ٿو،
سائين ارشد جي آزاد نظم ۾ پڻ هڪ اُڇل ۽ بي ساختگي آهي. سندس آزاد نظم ’ياد، ڏوراپو، سوال، گيت گلن جو، عشق حسن جو فلسفو ۽ تون ڇا ڄاڻين‘ انتهائي سندر ۽ دل جي دوار تي دستڪ ڏئي، نيڻن کي اوجاڳا ارپڻ جي شڪتي رکندڙ آهن. سندس واين ۽ ڪافين ۾ عارفاڻو ۽ صوفياڻو رنگ ۽ احساس جھلڪي ٿو.
حق اناالحق الا او!
صورت، صورت منجهه سمايو!
پاڻ وڃائي پاڻ سڃاتم، لاهي دل جو شڪ الا او! .
محبت، مزاحمت ۽ سونهن جو هي شاعر ڪالهه ۶ فيبروري تي اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو.

عبدالحڪيم ارشد
سنڌ جو البيلو ۽ يگانو شاعر
معشوق ڌاريجو
شاعري وقت جي اتهاس جو آئينو آهي ۽ اها شاعري ئي آهي جيڪا هر دؤر ۾ پنهنجو سماجي ڪارج برقرار رکي ٿي، عبدالحڪيم ارشد به سنڌ جو اهڙو البيلو ۽ يگانو شاعر هو جنهن جي شاعريءَ ۾ صدين تائين سلامت رهڻ واري سگهه جيئن جو تيئن موجود آهي. ارشد جا شعر ماڻهن کي پنهنجي لڇندڙ ۽ ڦٿڪندڙ جذبن جي ترجماني محسوس ٿين ٿا. ارشد جي پنهنجي شعرن ۾ زندگيءَ جي مسئلن کي جنهن ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي اهو سندس علمي ۽ عقلي ڏاهپ جو ڪمال آهي.
شاعري موضوع منهنجو، ناهه هرگز دوستو!
مون حقيقت جي سدائين، ترجماني آ ڪئي.
عبدالحڪيم ارشد حقيقتن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي جنهن جي سموري شاعري بامقصد ۽ بامعنيٰ آهي. ارشد جي شاعريءَ ۾ محفل کي تڙپائڻ ۽ پٿر جهڙي دل کي ميڻ ڪرڻ واري شڪتي، سگهه ۽ طاقت جيئن جو تيئن موجود آهي، جيئن:
دل جو آڻي درد چپن تي، گيت سريلو ڳائيندو،
ارشد کي ٿا ڇيڙيو ارشد، محفل کي تڙپائيندو.
پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي پئي، پٿر جهڙي کهري دل،
غم جو شاعر اهڙو نغمو، ڳائي ويٺو آ.
سنڌ ڌرتيءَ جي محبتن جا سُريلا گيت ۽ نغما ڳائيندڙ شاعر عبدالحڪيم ارشد سنڌ جو سگهارو رومانوي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر هو. ارشد جي شاعريءَ ۾ شعر جي پختگي، سلاست، نواڻ ۽ موضوعاتي ويرائٽي نه رڳو پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ٿي پر زندگيءَ جي اُداس ۽ اڻانگن پيچرن تي پنڌ ڪرڻ لاءِ به سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿي.
ٻرندي ويندي، لاٽ او ساٿي!
ٻرندي ويندي لاٽ.
ڏاڍ جا ڏونگر ڏرندا،
ٺهندي ويندي واٽ،
ٻرندي ويندي لاٽ.
ارشد جا شعر حقيقت جا ترجمان آهن، وٽس قومي رنگ ۽ جذبو وڌيڪ آهي. هن جا شعر چنڊ جي کير جهڙي اجري روشنيءَ جيان پڙهندڙ کي راهه جي گهر کڏي کوٻي ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻو کائڻ کان بچائي وٺن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عجيب قسم جي حسناڪي ۽ موسيقيت سمايل آهي، جيئن:
ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه اچي!
جنهن وقت اسان جي محفل ۾، ڪو پيارو ماڻهو ايندو آ.
چوري چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان، نيڻ ملائي ويٺو آ،
هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.
ارشد جي شاعري ٺريل رت کي گرمائيندڙ ۽ جذبن ۾ جوش ۽ جنبش پيدا ڪندڙ شاعري آهي. ارشد پنهنجي نظم “پر” ۾ لکي ٿو ته:
اڄ جي سنڌي شاعري،
سچ جو آواز آهي.
اها حقيقت آهي ته اڄ جي سنڌي شاعري وانگر ارشد جي شاعري به سچ جو آواز آهي.
هن ڌرتيءَ، دک جي ڌرتيءَ تي،
تون نينهن نڀائڻ آيو آن،
۽ پٿر جي هن شهر اندر،
موتين کي ورهائڻ آيو آن.
او واٽ، مسافر وڻجارا،
تون پهتين، ڪهڙي وستيءَ ۾،
هِتِ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه آ،
هر ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾.
عبدالحڪيم ارشد جي شاعري قومي غيرت جي شعور سان گڏ اجڙيل روحن ۽ واٽ مسافر وڻجارن جي رهنمائي به ڪري ٿي. ارشد وٽ زندگيءَ جوسڀ کان وڏو مقصد امن ۽ پيار هو. ارشد جي شاعري امن، پيار ۽ آشتيءَ جي شاعري آهي.

عبدالحڪيم ارشد
سندس ڇڏيل تخليقي ۽ فڪري ورثو
گلزار ملاح
هن وقت انقلابي شاعري ته ڇا پر اپسرائن جي ذلفن کي ڪارين گهٽائن سان تشبيھه ڏيڻ بدران شاعر اهڙي شاعري تي لهي آيا آهن، جيڪا شاعري ڪوبه باذوق سخن شناس ماڻھو ٻڌڻ بجاءِ ھوٽلن ۽ ٽريڪٽرن جي ڳرن لائوڊن کي ڪن ڏئي اهي ماڻھو ٻڌن ٿا، جيڪي نه ڌرتي جي عشق کي سمجهي سگهيا آھن، نه ئي ڪنهن چلوليءَ جي چيچ کي پڪڙي يونيورسٽي جي روڊن تي هليا آھن، ائين ناهي ته مزاحمتي شاعري سرجي نٿي، اڄ به حليم باغيءَ ايوب کوسي تائين اهڙا ڪيترا ئي شاعر آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي درد کي لکن ٿا، اهي شاعر جن جا گيت هتان جي سياسي ڪارڪنن جي چپن کي چُمي ڏئي نڙيء مان ڪنهن رُڃ ۾ رڙ جيان نڪرن ٿا، عبدالحڪيم ارشد جو شمار به اهڙن ئي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جا گيت سياسي ڪارڪنن کي هر وقت گرمائيندا رهن ٿا،
سندس جنم ۱۳ جون ۱۹۳۸ع ۾ تعلقي نوابشاھ جي لکمير ڳوٺ ۾ ٿيو، سندس ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڪنهن به نه سوچيو هوندو، ته جڏھن ٻار سمجھ ڀريو ٿيندو تڏھن هو، شاعري جي صنف سان لائنون لهندو، سندس نظم توڻي غزل ۾ ڪٿي به اهڙي سٽ نٿي ملي جنهن سٽ ۾ ڪو لفظ به مايوسي ۾ ويڙھيل هجي، سندس جنم ان صديءَ جي اڌ ۾ ٿيو جيڪا صدي انگريزن جي خلاف بغاوت جي منادي کڻي آئي هئي،
هن جڏھن لکڻ جي عمر ۾ پير پاتو ته سنڌ ون يونٽ خلاف تحرڪ ۾ هُئي، ان ئي دور هن جي هٿ ۾ هڪ اهڙو قلم ڏنو جنهن قلم آخري وقت تائين حُسن ۽ سنڌ کي ئي لکيو، جڏھن هو جواني جي ڏاڪي تي پهتو ته سڄي سنڌ ضياءَ  واري آپي شاهيءَ جي نشاني تي هُئي، سنڌ اندر ماڻھوءَ جمهوريت جي بحالي ۽ ضياء جي آمريت خلاف جدوجهد ۾ هُئا،
هو عظيم شاعر هو ان کان به وڌيڪ عظيم ماڻھو هو هن جي رزق ورهائيندڙ رازق روزي به اهڙي شعبي ۾ لکي جنهن شعبي کي پيغمبري پيشي سان مشابهت ڏني وئي آھي، پاڻ ۱۹۶۴ کان ۱۹۹۸ع تائين بطور استاد جي سنڌ جي تعليم جي سينڌ سنواريندو رهيو،
عبدالحڪيم ارشد جو شمار جيڪڏهن تنهنجو عشق اتاهون سائين هر جابر جي ذات اڳيان، تنهنجو ڪنڌ جهڪڻ جو ناهي، ڪنهن به لات منات اڳيان، جهڙا خيال لکندڙ شاعر سان ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو،
هو سونهن جو عاشق هو، هو هن صدي ۾ شاعرن اندر اهو هوشو شيدي هو جيڪو پنهنجي خيال ۽ شاعري کان هوشو شيدي جي تلوار جو ڪم وٺندو هو،
سندس شاعري ۾ رڳو ڪنهن چلولي چنچل ادائن واري ڇوريءَ جو ڪو نوجوان ڄار کڻي رستو تڪيندي بيٺل نظر نٿو اچي، پر سندس شاعري ۾ قافيو قافئي ساڻ ملاءِ، ڌرتيءَ سان ڪو نينهن نڀاء
جهڙيون سٽون به سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ اهڙو روح ڦوڪين ٿيون جيڪو روح زندان جي بند خولين مان به نڪري ٿو اچي،  توڻي جو عبدالحڪيم ارشد زندگي جا پڇاڙڪا ڏينهن عمر جي ان حصي ۾ گذاريا، جنهن حصي ۾ نه ڪا سونهن پسبي آهي، نه ئي حُسن کي سجدا ڪباآھن، جنهن عمر ۾ ڪنڌ محراب ۾ جهڪائي جواني جي ڇڙواڳ ڏينهن جي غلطين تي توبهه تائب ٿبو آھي، عبدالحڪيم ارشد عمر جي ۸۰ سالن جي پوڙھائپ ۾ به استاد بخاري جي شاعري جيان آخري وقت ۾ سنڌ جي تسبيح سوريندي عبادت ڪندو رهيو،  هو جيڪو سن جي سيد جي ڪچهرين جي ئي اثر ۾ تصوف جو پيروڪار ٿيو، هن سنڌ سان عشق جي انتها جي منزل به ان ئي سيد جي ڪچهرين مان ماڻي، هو زندگي جو مقصد ئي انسان جي خدمت ۽ ڀلائي کي سمجهندو هو،
خلائن مان مونکي آواز نه ڏي،
مان ڪجھه ڌرتيءَ تي رهڻ ٿو گهران
اڙي موت! منهنجو آ مقصد عظيم،
مان انسانيت لاء جيئڻ ٿو گهران،
هو جيڪو ڏسڻ ۾ ته جهور پوڙهو هو، پر سندس جذبا ان جرنيل جيان جوان هئا جيڪو ساهه جي آخري هڏڪي تائين به وطن جي حُدن جي رکواليءَ خاطر وڙھندو آهي، هُن سچ لکيو ته، ماڻھن ليکي ارشد صاحب، واٽ وڃائي ويٺو آهي، سچ به هُن آجپي جي اهڙي واٽ ورتي جنهن واٽ ته جڏھن ڪو پير ڌريندو آهي ته سدائين سچ کان خوف کائيندڙ ماڻھو انکي ڀُليل ئي ڪوٺيندو آهن، پر هن جيڪا واٽ ورتي ان واٽ تي سندس مزاحمتي شاعري جو پرچم کڻي ڪيترا ئي سياسي ڪارڪن، آجپي جي منزل ڏانهن پنڌ ڪري رهيا آھن.
هاڻي توڻي جو هو زندگي جا پساهه پورا ڪري سنڌ امڙ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو آهي، پر سندس ادبي پورهئي کي سنڌ سدائين پنهنجي هنئين سان هنڊائيندي،  پاڻ سنڌي ادب جي هنج ۾ پنهنجا، ً ڏيئا ڏات جا ً آجپي جي گيت جهڙي شاعري جا مجموعا ڏُنا،  پاڻ جسماني طور ته اسان کان سدائين وڇڙي ويو آهي، پر هو روحاني طور سدائين اسان جي وچ ۾  رهڻو آهي،
مان روح جي ٻولي ٻڌندو ها،
هي روح مخاطب ٿيندو آ.

سائين عبدالحڪيم ارشد
هڪ ڏيئو جيڪو وسامي ويو
رکيل مورائي
چوريءَ چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ.
هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.
تخليقي عمل هڪ مسلسل عمل آهي، جو اندر ئي اندر هلندو رهي ٿو. ڪُجهه جوڙيندو رهي ٿو، گهڻو ڪجهه رَدِ ڪندو رهي ٿو، جوڙڻ ۽ رد ڪرڻ واري اِن عمل سبب هڪ تخليقڪار اڪثر غير مطمئن رهي ٿو. گهڻو ڪجهه “ خاص “ چوندي به ، هنَ کي ڪُجهه “ خاص “ نٿو لڳي، اِها ڪنهن به تخليقڪار جي زندهه هُجڻ جي نشاني آهي، بهتر لاءِ دائما ڪوشش هن کي تخليقڪار طور وڌيڪ پختو ڪندي ٿي رهي، سائين ارشد جو مٿيون شعر هر ان تخلقيڪار جو اظهار آهي، جو تخليق جي ان تڪليف دهه، پر ساڳئي وقت سڪون بخش عمل مان گذرندو رهي ٿو، سائين ارشد لاءِ اها سڪون بخش تڪليف ان ڪري گهٽ آهي، جو هن هڪ دور ۾ لکيو ۽ ان ئي دور ۾ لکڻ بند ڪيو، پر ساڳئي وقت اِهو عمل ان تخليقڪار لاءِ ڪجهه وڌيڪ تڪليف دهه هوندو، جنهن ارشد جي دور کان لکڻ شورع ڪيو ۽ وچئين دور کان ٿيندو، اڄ هي نئين دور تائين مسلسل لکندو رهيو آهي، مسلسل لکندڙ ليکڪ اڳئين دور کي ڪيترو رد ڪيو آهي. ان جو ظاهر بيان نه ڏيندي به سندس تخليقي عمل مان صاف صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ۽ سندس ليک ان ڳالهه کي صاف ظاهر ڪن ٿا.
خود سائين ارشد جا شعر ئي واضح ڪن ٿا ته جڏهن شاعر تخليقي سطح ٿي محسوسيو آهي ته هو ڪنهن به حوالي ۾ ڦرجي رهيو/ ڦرجي ويو آهي. ته هو تخليقي طور گم ٿي ويو ۽ هڪ سڄو دور گم رهيو، پنهنجي احساس جي پوراءَ لاءِ.
سائين ارشد جنهن دور ۾ لکيو، ان دور ۾ لفظن کي احساس کان وڌيڪ اهم بڻايو ويو، جنهن ڪري سندس نالي سان گڏ ذڪر ۾ ايندڙ گهڻن ئي نالن جي تخليق تي مصنوعت جي گمان ٿيڻ جو انديشو وڌيڪ هُئو ۽ آهي. پر سائين ارشد جا شعر پڙهندي، ڪٿي به ۽ ڪڏهن به اهڙو احساس نه اڀريو آهي، سندس شعرن مان ! سندس هر شعر پنهنجي سِر فطر تي تخليق ٿي پيو آهي. نه فقط ايترو پر معني جي لحاظ کان به سائين ارشد ڪٿي ڪمزور ڪو نه ٿيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي به، ڳوليندي به ڪو واڌو لفظ نه ملندو، ان ڪري سندس شعرن جي بندش هر لحاظ کان چست آهي.
سندس ٻولي سليس ۽ روانيءَ واري آهي ۽ شعر وزن تي پڪا پختا آهن. سنڌي شاعريءَ جي پاٺڪن کي خبر هوندي / هجڻ گهرجي ته شاعريءَ جي فن تي سائين ارشد جهڙو ضابطو تمام ٿورن سنڌي شاعرن کي آهي.
خيالي خوبصورتيءَ سان گڏ قافيي ۽ رديف جي مناسبت ۽ مصرعن جو هڪ ٻئي سان ربط بندش ۽ طرز بيان، اهي سڀئي گڏجي سائين ارشد جي شاعريءَ کي جاندار بڻائين ٿا.
شاعري هڪ (Fine Art) لطيف فن آهي ۽ ڪنهن به فن جو ذڪر لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي، چتر ڪاري، سنگيت، نرتيه سنگتراشي شاعري انهن سڀني جو ذڪر ڪرڻ، اهڙي ڪا ڪوشش ڪرڻ صرف هڪ ڪوشش ئي آهي، ڪلا جي مڪمل بيان ڪري سگهڻ جي! سائين ارشد گهڻو وقت لکڻ ڇڏي ڏنو، چڱو ڪيائين ! سندس ٽهيءَ مان جن مسلسل لکيو آهي. انهن جي لکڻين جو ڪيترو حصو، ارشد جي لکڻين جهڙو آهي؟
جيڪي لکي به نه لکڻ جهڙو لکن ٿا، انهن لاءِ ڇا چئبو ؟ هن پنهنجي من کي شانت ڪرڻ لاءِ سڪون ماڻڻ لاءِ عام لکندڙن جي ڀيڙ کان پري رهي يقينن اڀياس نه تياڳيو هئو.
جڏهن وري هو نئين دور ۾ نئين جذبي سان لکڻ لڳو آهي. سندس ڏات جو درياءُ وري موج ۾ آيو ۽ سنڌي ادب جي آڳند ۾ پنهنجي ڏات جا ڪيترا ئي ڏيئا ٻاريائين، ائين سنڌي ادب ۾ سندس حصي جي نئين روشني وڌيڪ چٽي ٿيڻ لڳي ۽ ايستائين اها روشني اسان وٽ موجود رهندي جيستائين اها ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ موجود آهيون. جنهن ٻوليءَ ۾ هن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو لڳاتار پنهنجا گيت لکيا.
۱-رڃ ۾ رڙ ٿي
۲-ڏيئا ڏات جا (شاعري)
۳-آجپي جي گيت جهڙي شاعري
۴-ٽٽل عڪس سونهن جا
۵-مون نينهن نڀايو ڌرتي سان
جهڙا ڪتاب ڏيندڙ سائين عبدالحڪيم ارشد پنهنجي آخري ڏينهن ۾ به ايستائين لکندو رهيو، جيستائين سندس زندگيءَ جو ڏيئو وسامي ويو ۽ سندس اکين جي روشني ۽ ذهن جي روشني ختم ٿي وئي، اهو ڏينهن پنجين فيبروريءَ جو هئو. تيرهن جون اڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾ جنم وٺندڙ روشني پنهنجي آس پاس ۽ سنڌ جي وڏي حص کي روشني ڏيئي نيٺ اجهامي ويو پر هو پنهنجي پويان هٿن ۾ قلم جا ڏيئا کڻي ايندڙ ليکڪن کي اهو پيغام ڏئي ويو آهي ته:
قوم جا شاعر ڄاڻي واڻي، تون ڀي جي چپ ٿي ويندي،
نينهن جو نياپو دل وارن وٽ، ڪير ٻيو پهچائيندو.

عبدالحيڪم ”ارشد“
هن هيڏي ساري محفل ۾....!
اظھر امر
سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو شاعر عبدالحڪيم (ارشد) جنھن جو هن ڌرتيءَ تي جنم ۱۳ جون ۱۹۳۹ تي ڳوٺ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نواب شاھه ۾ ٿيو. ۱۹۶۴ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد پيشي سان مقرر ٿيا جتان سائين ۳۶ سال پنھنجون ذميواريون نڀايون. جتان سائين ۲۸ ڊسمبر۱۹۹۸ تي رٽائر ٿي ويا.  پاڻ باقائدا لکڻ جو شروعات ۱۹۵۴ کان ڪئي،
پاڻ ارشد جي تخلص سان لکندو رهيو. سائين عبدالحڪيم ارشد شاعري جي سمورين صنفن تي تقريبن طبع آزمائي ڪئي آھي ۽ سنڌ جي ڪنهه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. ان سان گڏ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ به ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد، پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر هو. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جو هڪ گيت جيڪو مون کي تمام گھڻو وڻيو مان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي منھن ويٺو هوندو آھيان پيو جھونگاريندو آھيان. ”چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘ هن هيڏي ساري محفل ۾ ڪو پاڻ وڃايون ويٺو آ.“ ان گيت وحيد علي جي آواز ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي اڄ تائين به ڪافي ماڻھو ٻُڌندا رهن ٿا. عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ جا پنج مجموعا منظر عام تي آيا، جن ۾ ”ڏيئا ڏات جا“، ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“، ”آواز اندر جو“، ”مون نينھن نڀايو ڌرتيءَ سان” تن مان سائين جو پهريون مجموعو ’ڏيئا ڏات جا‘ ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي نواب شاهه۱۹۹۷ع شايع ڪيو. "ڏيئا ڏات جا” مجموعو ٽيون دفعو ۲۰۱۸ع ۾ خورشيد خضر علمي؛ ادبي ۽ اشاعتي ادارو نواب شاھ طرفان شايع ڪري پڌو ڪيو ويو جڏهن ته سائين جو قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’آجپي جي گيت جهڙي شاعري‘ ڊسمبر ۲۰۱۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو،
سائين عبدالحڪيم جي سڀني ڪتابن پذيرائي حاصل ڪئي پر سندس ڪتاب "ڏيئا ڏات جا” تمام گھڻو قبول ٿيو جنھن ڪتاب کي ٽي ڀيرا شايع ڪري پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيو ويو.
سندس شاعري مختلف وقتن تي رسالن وغيره مان پڙھندا رهياسين، سندس ڪتابن جي پڻ تلاش ڪندو رهيس، سائين ارشد پنھنجي زندگي جو ڳچُ حصو سنڌي ادب/آرٽ کي ارپي ڇڏيو هو، سندس ادب لاءِ ڏنل قربانيون وساڻ جھڙيون ناهن. سائين عبدالحيڪم ”ارشد“ آخري عمر صفا پيرسن ٿي ويو هيو، سائين ارشد زندگي جي جنگ ۶ فيبروري ۲۰۱۸ تي هارائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.


عبدالحڪيم ارشد

سائين جي پنجين ورسي جو ڏينهن

اسد ڪيريو

اڄ منھنجي ادبي استاد، سنڌ جي سرموڙ ليکڪ، محبت ۽ مزاحمت جي سٻاجهڙي شاعر، عالم، اديب ۽ ڏاھي سائين عبدالحڪيم ارشد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، ھي سادو ۽ صوفي مڻش اڄ کان پنج ورھيہ اڳ اڄوڪي تاريخ ۶- فيبروري َ ۲۰۱۸ع تي جسماني طور اسان کان جدا ٿيو پر روحاني طور ۽ پنھنجي لازوال تخليقن جي روپ ۽ ھو ھميشه اسان سان نہ رڳو گڏ آھي پر پنھنجي انھن بي مثال تحريرن جي آڌار اسان جي رھنمائي پڻ ڪري پيو، ۱۳- جون ۱۹۳۰ع تي نوابشاھ ايئرپورٽ لڳ ڳوٺ کٻڙ لکمير ۾ حاجي يار محمد لکمير جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو روشن خيال ۽ با ضمير تخليقڪار عبدالحڪيم ارشد ۱۹۵۰ع جي ڏھاڪي کان لکڻ شروع ڪيو سندس پھريون شعري مجموعو ڏيئا ڏات جا ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو ته پنھنجي اصلوب، خيالن جي گھرائي/وسعت، لاجواب مقصد ۽ ڪمال جي روانيءَ سبب پاڻ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ وڏي مڃتا ماڻي، سائين عبدالحڪيم ارشد جا بعد ۾ نثر توڙي نظم جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا جڏھن ته سندس ڪجھ ڪتاب سندس وفات بعد سندس لائق فرزند ۽ سڄاڻ ليکڪ پياري راشد لکمير انتھائي خوبصورت انداز سان ڇپائي پنھنجي فرزنديء جو بھترين حق ادا ڪيو، جڏھن ته اڃا به سائين عبدالحڪيم ارشد جو ڪجھ نثري پورھيو ڇپائيءَ ھيٺ آھي جيڪو بقول سندس لائق فرزند راشد لکمير جي ته چند ھفتن ۾ سنڌ جي ادبي حلقن جي ھٿ ۾ ھوندو .

سائين عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ کي ڪيترن فنڪارن پنھنجو آواز پڻ ڏنو خاص طور سندس غزل “چوري چوري ڪوئي ڪنھن سان نيڻ ملائي ويٺو آ، ھيڏي ساري محفل۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ” جڏھن استاد وحيد علي يا رحمان مغل (سرمد سنڌي) جي آوازن ۾ سماعتن سان ٽڪرائيندو آھي ته سرگم جا ست ئي سر مھڪي پوندا آهن .اڄ منھنجي ادبي مرشد سائين عبدالحڪيم ارشد جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس اھو بي مثال غزل ڀيٽا طور اچو تہ برک گائڪ استاد وحيد علي خان جي آواز ۾ ٻڌون ۽ سائين جي ساروڻين کي ھينئين ھنڍايون.

 

(اسد ڪيريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)



عبدالحڪيم “ارشد”

سندس مَنَ اندر جون ڳالهيون

معشوق ڌاريجو

“ڳالهيون من اندر جون” عبدالحڪيم ارشد جي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو ڪتاب آھي، جنھن ۾ سندس مَنَ جون ڳالهيون آھن. کَرِيون، سِڌيون ۽ سَچيون ڳالهيون. ھو جڏھن پنھنجي ڳالهين جي ڳَنڍِ کوليندو ھو، تڏھن پنھنجي ڪيترن ئي چاھيندڙن کي پنھنجي ڳالهين جي ڳنڍ ۾ ٻَڌي ڇڏيندو ھو. ھي ڪتاب سندس پڳدار پٽ راشد احمد لکمير مرتب ڪَيو آھي. ڪتاب جو پھريون حصو نثري ڪتابن تي لکيل تعارف، مھاڳ ۽ مضمونن تي مشتمل آھي، جنھن کي ”سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي!“ جو سِرو ڏنو ويو آھي. روحاني ارتقا ۾ ذڪر ´اسم ذات` جي اھميت مضمون پڙھي ارشد جي علميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پنھنجي ڳالھه کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ وٽس لاتعداد سنڌي، اردو ۽ فارسي شاعري جي چونڊ، اقوال ۽ مثال موجود ھيا. سندس تحرير ۾ تسلسل آھي. جنھن ۾ پاڻ لکي ٿو ته: ”تصوف ۽ روحانيت جو بنيادي مقصد بَندي ۽ خدا جي وچ ۾ رابطو، تعلق ۽ حقيقي نسبت قائم ڪرڻ آھي. انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ، ھر دؤر ۾، الله جي نيڪ بندن، عارفن، ولين، درويشن ۽ صوفين ڪيئي طريقا، عمل ۽ عبادتون، ورد ۽ وظيفا، نفس جا چِلا ۽ رياضتون بيان ڪيون آھن.سڀ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي برحق، بر صواب ۽ اکين تي، پر معرفت ۽ سلوڪ جي انھيءَ راھه ۾ الله جي ذڪر ´اسم ذات` کي ۽ ´اسم اعظم` جي ذريعي رَبَ جي ياد، ان جي فڪر ۽ سوچ کي جيڪا اھميت، فوقيت، بالادستي ۽ برتري حاصل آھي، اُھا ڪنھن به قسم جي ڪنھن ئي عمل کي قطعاً حاصل ناھي.“ سندس ٻيو مضمون مولانا محمد عبدالله کڏھري جي رِسالي ´القول الاظھر في ثبوت بشريت الرسول الانور`جو تعارف آھي. جنھن کي پڙھي سندس فڪري چِٽائيءَ کي پَرکي سگهجي ٿو. ارشد صاحب پنھنجي تقرير، تحرير ۽ تدريس ۾ مثبت سوچَ جو حامي، حِمايتي ۽ داعي رھيو.

ارشد صاحب، اعليٰ قبله سڄڻ سائينءَ جن تي لکندي، پاڻَ کي ادنيٰ ثابت ڪندي ڪيڏي نه نوڙت، نياز، ادب ۽ عاجزيءَ سان اظھارُ ڪري ٿو ته: ”ڪوهه هماليه جي دامن ۾ چرندڙ ڪِوِلِ کي ڪھڙي خبر، ته ھن جبل جي رفعت ۽ وسعت ڇاھي؟” ’موري تي مالڪ جي مھر‘ پروفيسر شمشاد احمد سومري جي تصنيف ’جوڳيئڙا جھان ۾‘، جو مھاڳ آھي. ارشد لکي ٿو ته: ”مورو محبتن جو شھر آھي.“ لکڻ جي معاملي ۾ ارشد، فرھاد جھڙو جذبه  جنون رکندڙ فولادي جگر وارو ليکڪ ھو.

’ايءُ عشق جو آواز!‘ جي سري واري ٻئي ڀاڱي ۾ ادبي، روحاني ۽ فيلسوفيانه مضمون شامل آھن. ’رُڃن مان رَڙِ ٿي!‘ ارشد صاحب جو طويل مضمون آھي، جيڪو ”جون 1980ع ۾ ڪرائون سائيز جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ”نئين سوچ“ ڪتابي سلسلي تحت سڪرنڊ مان شايع ٿيو.“ ڪتاب جي ڇويھه صفحن تي مشتمل ھي مضمون فڪري ۽ معنيٰ خيز آھي. ´روح جون رڙيون!` نھايت ئي اھم مضمون آھي، جيڪو پھريون ڀيرو ھن ڪتاب ۾ ئي ڇپيو آھي. ھن مضمون ۾ ڄاڻايل حوالا ارشد صاحب جي وسيع مُطالعي جا ساکي آھن.

’عوام، ادب ۽ اديب‘ پڻ ھڪ بھترين مضمون آھي.

ارشد جي لکڻين ۾ ”ڌرتيءَ جي دانھن، ساڻيهھ جا سورَ ۽ پورھيتن جي پيڙا سمايل ھوندي آھي.”  ´علم جو آپگهات` ھي ارشد صاحب جو پنجيتاليھه، ڇائيتاليھه سال پراڻو مضمون آھي. جيڪو منھنجي الف ب پڙھڻ واري زماني کان به اڳ جو لکيل آھي.

’سُونھان، ساٿَ – ڌَڻِي‘ جي سِري سان ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ تاثر، خاڪا ۽ ساروڻيون شامل آھن. جنھن ۾ پھريون مضمون ’سنڌ جو رھبر ۽ رھنما: سائين جي ايم سيد‘ سائين جي ايم سيد تي لکيل آھي. جنھن ۾ ارشد لکي ٿو ته: ”سيد، اسان کي عزتِ نفس سان جيئڻ جو سبق سيکاريندو ھو.“ ”ھُو اسان کان ڪڏھن به مايوس نه ٿيو. ھڪ لمحي لاءِ به ھُن جي اٽل ارادي ۾ ڪا لَچَڪَ نه آئي.“ ’عالمن جو آفتابُ: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو‘ سنڌي ٻوليءَ جي محسن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تي لکيل مضمون آھي. ’نڍي کنڊ جي ترقي پسندن جو اڳواڻُ: سيد سجاد ظھير‘ ۾ ارشد لکي ٿو ته: ”ھُن جي زندگي عِلم ۽ عَمل جو سنگم ھئي.“

’منھنجو فڪرِي اُستادُ: نورالدين سَرِڪي‘ ۽ ’منھنجو اُستادُ، منھنجو رَھبَرُ: نورالدين سَرِڪي‘ سَرِڪي صاحب تي لکيل مضمون آھن. سَرِڪي صاحب جي حوالي سان ارشد لکي ٿوته: ”زندگيءَ ۾ مون جن ساڃھه وند شخصيتن کان ڪجھه سِکيو، پِرايو ۽ شعور حاصل ڪيو آھي. تن ۾ نورالدين سَرِڪيءَ جو نانءُ نشابر آھي.“

”سرڪي، سنڌ ڌرتي ماءُ جو املھه ھيرو ھو. مون ھميشه کيس ھڪ جھڙو ڏٺو. بيحد معتدل مزاج، متوازن شخصيت ۽ ڏاڍو سنجيدو ھوندو ھو.“ تقريباً اڌ صديءَ جي رفاقت، دوستي ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ دوران مون سَرِڪي صاحب جو اسان جھڙن نوجوانن سان سڀاءُ ۽ رويو نھايت شفقت ڀريو محسوس ڪيو.” ’سنڌ ڌرتيءَ جو داناءُ ديوانو: قاضي فيض محمد‘، ’گيتن جو بادشاھُه: ” بَردو“ سنڌي‘ ۽ ’سڪرنڊ جو مشھور سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ ھاري ورڪر: ڪامريڊ محمد لاکو‘ پڻ تمام گهڻي پيار سان لکيل مضمون آھن. ’مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو مجذوب: عبدالوارث دَلُ‘ به تعزيت نامو آھي. جنھن ۾ سندس ڳڻن جون ڳالهيون ڪندي ارشد لکي ٿوته: ”انتھائي سٻاجهڙو، سچو ۽ سپتيو انسان ھوندو ھو.

ھر قسم جي لالچ، ذاتي خواھش، ريا ۽ ٻھروپ کان پاڪ، مٿانھون ۽ اعليٰ قدرن، صفتن ۽ انساني خوبين جو مالڪ ھوندو ھو. ھن جي زندگيءَ جو فقط ھڪ ئي مشن ھوندو ھو ۽ اھا ھيءَ ھئي ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر، سوچ ۽ تعليم کي گهر گهر پھچائجي.“

’ھڪ منفرد ۽ لافاني شخصيت: سيد امداد محمد شاھه‘ سائين امداد جي وڇوڙي تي لکيل تعزيت نامو آھي جنھن ۾ ارشد لکي ٿوته: ” سائين امداد محمد شاھه، سائين جي. ايم. سيد جي امانت جو امين ھو.“  ھڪ سِٽَ ۾ ايڏي وڏي راءِ ارشد جي علمي قابليت جو وڏي ۾ وڏو دليل آھي. ارشد صاحب اڳتي لکي ٿوته: ” امداد محمد شاھه – جلال شاھه، زين شاھه ۽ ضياءَ شاھه جو روپُ وَٺي، تيستائين ھر طرح جي انياءَ سان اٽڪندو رھندو. جيستائين سنڌ جي ظلم ستم ۽ استبداد جو سلسلو جاري رھندو.“

’منھنجي جانِ جي جان: حاجي خان‘ ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي تي لکيل مضمون آھي، جيڪو ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي جي ڪتاب ”ٿي تند وڙھي تلوارن سان“ ۾ پڻ شايع ٿي چُڪو آھي.

’مون ”حافظ“ محمد بخش خاصخيليءَ کان ڇا پرايو؟‘ ھي مضمون، ھڪ تعزيت نامو ۽ گڏ اعتراف نامو آھي. جنھن ۾ ارشد، حافظ جي ڪم ۽ ڪردار سان گڏ سندن واسطيداريءَ تي  لکي ٿو ته: ”حافظ، محبت وچان مون کي ´مرشد ارشد` ڪري سڏيندو ھو.“

’ترقي پسند فڪر جو روشَن سِتارو: پروفيسر عبدالله مگسي‘ پروفيسر عبدالله مگسي جي پھرين ورسيءَ جي مناسبت سان لکيل ليک آھي، جنھن ۾ ارشد لکي ٿوته: ”جيستائين سِنڌُ ۾ فِڪِرُ، ڏاھَپَ، انقلابي ۽ ترقي پسند سوچَ سلامت آھي، عبدالله خان مگسي جاويد ۽ امر رھندو.“

راشد احمد لکمير پنھنجي والد صاحب جي مضمونن جي مرتب ڪيل ڪتاب جي ارپنا پنھنجي وَڏي ڀاءُ محمد سليم لکمير (مرحوم) جي نالي ڪئي آھي، جيڪو منھنجو دلبر دوست ھو.

ھِنَ ڪتاب ۾ ارشد صاحب جا ننڍا وڏا ٻاويھهَ مضمون شامل آھن، جيڪي نھايت ئي اھم ۽ بامقصد آھن.

ھِنَ ڪتاب جو شاندار لي آئوٽ، پروف ريڊنگ، اعرابون ۽ بيھڪ جون نشانيون ڏِسي سائين بشير احمد ھيسباڻيءَ جي ٻاجهاري شخصيت تصور ۾ تَري اچي ٿي، جنھن جي سوڌ ۽ سنوار ۽ تحقيقي لڳاءَ ھن ڪتاب جي حسن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا