; سنڌي شخصيتون: گل مورو، اظھر امر، رکيل مورائي، گلزار ملاح، معشوق ڌاريجو، فياض لطيف، اسد ڪيريو،
Showing posts with label گل مورو، اظھر امر، رکيل مورائي، گلزار ملاح، معشوق ڌاريجو، فياض لطيف، اسد ڪيريو،. Show all posts
Showing posts with label گل مورو، اظھر امر، رکيل مورائي، گلزار ملاح، معشوق ڌاريجو، فياض لطيف، اسد ڪيريو،. Show all posts

15 August, 2019

عبدالحڪيم ارشد

عبدالحڪيم ارشد
زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا جو خالق شاعر
گل مورو
سنڌ جي عظيم ڏاهي علامه غلام محمد گرامي هڪ هنڌ لکيو آهي ته شاعر جي منصب ۽ پد مان ڪنهن جي به ريس يا برابري ڪانهي. خلقڻهار جي هن ڪائنات ۾ جيڪي به وهي ۽ واپري ٿو تنهنجي جيتري ٻُڌ سُڌ شاعري آهي تيتري ٻئي ڪنهن کي به ڪا نه ٿي سگهندي. عالم ۽ فاضل ماڻهو ڪتابي علم سان ڀرپور آهن پر شاعر جي دل اندرين روشني جو ڀنڊار هوندي آهي شاعر ٻين جي ٻڌ سُڌ تي ڪو نه ٿو هلي يا شين ۽ زندگي بابت ٻين جا تجربا نه ٿو پلٽي هن جو ڪم آهي ته جُڳت جي پسڻ ۽ ان سونهن جو مزو ٻين کي چکائڻ اهو حسن عام ماڻهوءَ جي پسڻ ۽ پرکڻ کان مٿي آهي ان سونهن جي ڪٿ انساني وٽن ۽ ڪسوٽين مان ٿيڻ مشڪل آهي. انهيءَ حقيقت جيان اها حقيقت آهي ته سنڌ جي عظيم ڏاهي علامه غلام محمد گرامي ڄڻ ته هي سمورا لفظ تاريخ جي انمول هيري عبدالحڪيم ارشد جي لاءِ جوڙيا هجن جنهن سڄي زندگي اُلفت ۾ گذاري الفت واري زندگي گذاريندڙ ماڻهو ئي پنهنجي وطن، ٻولي، تهذيب جي بقا جي جنگ ۾ جيئو جنگ بڻجي سولي جو سينگار بڻجڻ لاءِ هر وقت پهرين صف ۾ نظر ايندا آهن سو جڏهن سنڌ مٿان ون يونٽ واري زنجير هڻي لکڻ پڙهڻ ۽ سنڌ پڪارڻ تي بندش هنئين وئي هئي ته سنڌ جي امر ڪردار جيئو جُنگ جي جنم ڀومي سڪرنڊ جي سامهون ۱۳ جون ۱۹۳۹ع جي سانوڻي واري مند ۾ ڳوٺ لکمير ۾ سنڌ جي هن ارڏي ڪردار عبدالحڪيم ارشد اک کولي هئي. هن ابتدائي تعليم ته پنهنجي ڳوٺ کان حاصل ڪئي هئي پر سنڌ جي تحريڪي مرڪز پير جهنڊي ۾ جتي عربي، فارسي سکڻ سان گڏ ڪائنات جي انقلابي فڪر کي غور سان پڙهيو ۽ پروڙيو ۽ اُتي ئي تعليم دوران سنڌ جي سياسي حالتن ۽ تبديل ٿيندڙ هوائن جي رُخ جو هن گهرائي سان جائزو ورتو ته پياسي من جي پياس آس نراس مان ٿي سگهي ٿي ڇو ته گيتن جي بهار ۾ مالهي جي رنگت جنهن ۾ سونهن ۽ سنگيت جي سنگت جيڪا ادبي سنگت جي روپ ۾ ون يونٽ خلاف وڏو مچ مچائي چڪي هئي ان کيس ايترو ته اٽل ارادي وارو انسان بڻائي ڇڏيو جو جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ ڪراچي ۾جيڪو تمام وڏو ميڙ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايو ويو هو ان ۾ ارشد تمام وڏو بهرو ورتو ۽ ڪراچي سنگت شاخ جو ڪيتري وقت تائين عهديدار به رهيو سنڌي ٻولي تي بندش تحرير ۽ تقرير تي تالا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر کي غلامي جو ڳٽ سمجهي قبولڻ کان ئي انڪار ڪيو. پنهنجي شاعري وسيلي چوڻ لڳو ته؛