; سنڌي شخصيتون: منظور قريشي

15 August, 2019

منظور قريشي


منظور قريشي
ڄاڻ جي کاڻ ۽ ڪتابن جو پارکو
فضل سليمان قاضي
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه علم جي جستجو ۽ ڪتابن سان منسلڪ ٿيڻ جو جذبو ڪارفرما رهي ٿو. ڪتابن کي خريد ڪري پڙهڻ ۽ اُن جي پڙهڻ ۾ مستقل طور تي محو رهڻ وارن اهڙن انسانن مان هڪ قابل ذڪر فرد منظور قريشي آهي، جنهن کي ڪتابن جو ڪوڏيو Carouser of Books چئجي سگهجي ٿو. لڳي ٿو ته هن شخص پنهنجي زندگي جي ڪمائي ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ ۾ صَرف ڪئي آهي. مون کي هن جي گهر جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪتاب ئي ڪتاب نهايت سليقي سان رکيل نظر آيا. هن وٽ علم جي هر شعبي تي خاص ڪري تاريخ، فلسفي، مذهبن، آتم ڪٿا ۽ فنون لطيفن جا انگريزي ادب جا ڪئين ناياب بلڪي اڻلڀ ڪتاب به موجود آهن.


منظور قريشي پنهنجي محنت سان پاڪستان جي اعليٰ مقابلي وارو امتحان CSS پاس ڪيو ۽ انڪم ٽيڪس شعبي ۾ شامل ٿيو ۽ نهايت ئي محنت سان پنهنجو ڪم ڪندي ڪمشنر کانپوءِ ميمبر انڪم ٽيڪس جي عهدي تي فائز رهي اُتان رٽائر ٿيو. ڪتاب پڙهڻ، خريد ڪرڻ ۽ لائيبريري ٺاهي محفوظ ڪرڻ جي شوق مان خبر ٿي پوي ته هو پنهنجي علمي خاندان جي سلسلي کي وڌائي، هڪ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي. هالا پُراڻا جي قاضي خاندان جي ڪئين فردن جو صدين کان ذڪر سنڌي ادب جي تاريخ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ سندن هڪ وڏو ڏاڏو قاضي عبدالقوي ”شريف“ جيڪو ميرن جي دور جو فارسيءَ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو فرزند خان بهادر قاضي محمد لائق وري انگريزن جي دور ۾ مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدن تي رهيو ۽ اُن ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته انگريز مسلمانن جي علمي ۽ مذهبي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هن کان مدد وٺندا هُئا ۽ کين خان بهادر جو خطاب پڻ ڏنو ويو. هن جي موري جي مختيار، نوشهري ۽ ٻين فلمن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي ڪم ڪرڻ جو ذڪر تمام سُٺن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن جي اڪيلي پٽ قاضي عبدالقويءَ به پنهنجي ڪئين سالن جي ڊائري لکي پنهنجي خاندان جي علمي اثر کي ظاهر ڪيو آهي. ان طرح غور ڪري ڏسبو ته سندن والد خان صاحب محمد لائق قريشيءَ جي زندگيءَ ۾ به ادب جو وڏو حصو رهيو آهي، هن جي زندگي ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي ناولن ۽ شاعريءَ جي مطالعي جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، اهڙي طرح سندن وڏي ڀاءُ مشتاق احمد قريشي به گُذريل صديءَ ۾ سنڌي ادب کي ڪافي سُٺين ڪهاڻين ۽ مضمونن سان مالا مال ڪيو ۽ سندس ٻيو وڏو ڀاءُ قاضي خادم ته گُذريل صديءَ کان وٺي هن دور تائين سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري چُڪو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي گهر ۾ جتي ڪتابن ۽ سُٺي گفتگو جو راڄ رهيو هُجي، اُن منظور صاحب ۾ به ڪتاب محفوظ ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو آهي، جو هن جي گهر ۾ هر هنڌ ڪتابن جو راڄ ٿو نظر اچي.
منظور ڪتابن جو پارکو ۽ ”ڄاڻ جي کاڻ“ آهي. ڪتابن جي خريد ڪرڻ لاءِ چونڊ ڪرڻ Selection به هڪ اهم پهلو آهي. ادب جي ميدان ۾ هن وٽ هر پهلو تي نامور اديبن جون آتم ڪٿائون موجود آهن ته Winston Churchill جا لکيل ڪتاب به هن جي ڪتب خاني ۾ نظر آيا. هن جي ڪتابن جي مجموعي کي ڏسي مون کي مسرت ٿي جو موجوده دور ۾ اسان جي سنڌي معاشري ۾ ڪي چند ئي اهڙا شخص آهن، جن کي علم ۽ ڪتابن سان رغبت آهي.
منظور قريشي چين جي مشهور فلاسافر Confucius جي چوڻ مطابق:
Shall I tell you what knowledge is? It is to know both what are knows and what are does not know.”
منظور مستقل طور تيKnowledge  علم جي تلاش ۽ پروڙ ۾ مشغوليت لڳل آهي. هوGoethe  جي لفظن ۾؛
Enjoy the charms of the mysterious solitude” (P-84, Sorrows of Weather)
هِن ڪتاب جو ترجموCarlyle  انگريزي ۾ ڪيو. هيءُ ڪتاب پنهنجي نوعيت جو بهترين ڪتاب آهي، جنهن کي خاص ڪري پڙهڻ لازم آهي. منظور ڪهڙي قسم جو انسان آهي، هِن جون ڪهڙيون خصوصيتون آهن. خاموش طبعيت ۽ گهٽ ڳالهائو، هو پنهنجو وقت صرف ڪتابن تي متوجهه رهڻ ۽ اُنهن تي پنهنجي خيالن ۽ سوچ ويچار ۾ صَرفُ ڪندو آهي. معاشري ۽ سماجي مسئلن تي انگريزي اخبار ۾ خطن ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪندو آهي ۽ خاص طور تي تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪيترا منجهيل مسئلا سلجهائي چُڪو آهي. منظور قريشي صاحب سان منهنجي غائبانا شناسائي عمرالدين بيدار ڪرائي، جيڪو سندس استاد به هو. هو مون وٽ Lawyer Chamber ۾ پنهنجي آفيس جي ڪمري نمبر ۲۰۲، Paradise Chambers Sadder ۾ پُراڻا ڪتاب فروخت ڪرڻ لاءِ کڻي ايندو آهي. عمرالدين بيدار واقعي هڪ بيدار دانشور هو، جيڪو وسيلن جي گهٽتائي جي باوجود ننڍڙو Sindh Digest ڇاپيندو هو، جنهن ۾ انگريزي-سنڌي ۾ بيحد دلچسپ تاريخي ۽ علمي مضمون شامل هوندا هُئا. بيدار مون کي ٻُڌايو ته Income Tax ۾ هڪ اهڙو آفيسر آهي، جيڪو مون کان پُراڻا ڪتاب خريد ڪندو آهي، بيدار جهڙي دانشور جي اسان سنڌ ۾ ڪا قدر شناسي نه ڪئي. هن جهڙي علمي انسان کان سنڌ جي Culture جي محڪمي کي علمي خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن ها، پر اسان قدر ناشناس بي ضمير انسان آهيون، جو بيدار جهڙن انسانن سان انصاف نه ڪيوسين.
مون جيئن اڳ لکيو آهي ته، منظور قريشي جي ڪتابن سان رغبت خانداني طور علم جي وابستگي جي ڪري ٿي، هن جي ڀاءُ ڊاڪٽر قاضي خادم وٽ پڻ ڪتابن جو وڏو مجموعو آهي. اُن ڪري هِن کي به ڪتابن حاصل ڪرڻ جو تجسس ٿيو. هڪ دفعي هُن سان مشهور فلاسافر Will Durant جي ڪتاب Fallen Leaves تي گفتگو ٿي، ته هن ٻُڌايو ته هن ول ڊيورانٽ جي Heroes of history  ۽ ٻيا ڪتاب به پڙهيا آهن، جيڪي هن جي ڪتاب خاني ۾ شامل آهن ۽ هن وقتWill Durant  جا ۱۱ جلد The Story of Civilization مون کي ڏيکاريا. ول ڊيورانٽ سڄي زندگي ڪتاب لکڻ ۾ محو رهيو ۽ ڪيترائي نهايت اهم ۽ فڪر آميز ڪتاب تصنيف ڪيا. خاص Than Little هن لاءِFallen Leaves  جوForward  لکيو آهي ته:
He was renowned for his erudition and knowledge of virtually all cultures and civilizations and who had traveled till over the world. Had Lived long enough to pass through all the various hazards of life.” (P-5, Fallen Leaves)
جنرل اسد دُرانيءَ جو تازو يادگيرين جو ڪتابPakistan Adrift  پڻ هُن وٽ موجود هو، جيڪو اُن وقت ڪراچيءَ جي ڪتب فروشن وٽ اڃان نه پهتو هو. هي ڪتاب موصوف اسلام آباد مانSaeed Book Bank  ڪتاب گهر کان حاصل ڪيو هو.
Saeed Book Bank هڪ پُراڻي سنڌي (مرحوم) سعيد قريشيءَ قائم ڪئي، جو هاڻ اُن جو فرزند احمد سعيد اسلام آباد ۾ اُن جو مالڪ آهي. سعيد قريشي اصل ۾ سنڌي آهي، هن جو والد ٽنڊي غلام علي ۾ پوليس ۾ صوبيدار هو. سعيد جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ته هن جي والد اسرار ڪيو ته پوليس ۾ شامل ٿي نوڪري ڪري جيڪا تجويز هُن کي نه آئڙي، اُن ڪري ۱۵۰ روپين سان گڏ ٽنڊي غلام علي کي خيرباد چئي راولپنڊي روانو ٿيو. اُتيLaden Book House  جي مالڪ خاتون هن کيSales man  جي نوڪريءَ ۾ رکيو. جتي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪندي پنهنجي لاءِ عزت جو مقام قائم ڪيو. ڪجهه عرصي بعد ڪتاب گهر جي مالڪ خاتون هن کي پشاور ۾London Book House  جو مئنيجر ڪري موڪليو، جيڪو نقصان ۾ هلي رهيو هو. سعيد قريشي دڪان کي منافع بخش بڻايو، وڏي عرصي کان پوءِ سعيد قريشي لاءِ اهو موقعو ”سعيد“ ثابت ٿيو. هن اُتي پنهنجو دوڪانSaeed Book Bank  کوليو. سالن تائين اُهو دڪان ناياب هو جو ڪراچيءَ جي ڪنهن بُڪ اسٽالن تي موجود نه هو، سعيد قريشي جي لاڏاڻي کانپوءِ هن جو فرزند احمد سعيد سن ۲۰۰۲ع کان سعيد بُڪ بينڪ جي نالي سان هڪ شاندار ڪتابن جو دڪان اسلام آباد ۾ هلائي رهيو آهي.
 جنرل اسد دُراني کي فوج مان فوجي سربراهه جنرل وحيد ڪاڪڙPremature  رٽائر ڪيو. محترمه بينظر هن کي پنهنجي دور حڪومت ۾ جرمني ۾ سفير مقرر ڪيو هو. موصوف آءِ ايس اءِ جو سربراهه سعودي عرب ۾ سفير جي عهدي تي مقرر رهيو. ڪيترن ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ مصنف آهي. هي تازو ڪتاب ان ڪري دلچسپ آهي، جو اهو Insiders View ”اندروني واقعا“ جي نشاندهي ڪري ٿو. اُن کان اڳ هن جو ڪتابSpy Chronicle-Raw and ISI and Illusions of peace ڇپيو آهي، جنهن جي ڪري حڪومت جنرل اسد دُراني جي ٻاهر ملڪ وڃڻ تي پابندي عائد ڪئي آهي.
منظور قريشي سان منهنجي واقفيت غائبانه طور تي نيشنل بئنڪ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ خالد دُراني ڪرائي هُئي، هو مٿس به اسرار ڪندو رهيو ته فضل قاضي سان ملاقات ضروري آهي. اتفاق اهڙو ٿيو جوDefence  جي علائقي ۾Zam Zama Park  ۾ صبح جي سير ڪندي منهنجي منظور قريشي سان ملاقات ٿي، اُن بعد موصوف سندس رهائشگاهه تي ڪجهه مخصوص دوستن کي مدعو ڪيو هو ۽ مون کي به شموليت جي دعوت ڏني، پوءِ اهو سلسلو جاري آهي. هت اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته منظور صاحب جي فادر اِن لا جسٽس حمزو خان قريشيءَ سان منهنجي اڳ ئي واقفيت هُئي.
علم جي حصول جي جستجو ۾ مصروف هن شخصيت وٽ جيڪي ڪتاب موجود آهن، اُنهن مان هر ڪتاب جو ذڪر ڪرڻ تي دل چاهي ٿي. جيئن مون اڳ چيو آهي ته ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو مشغلو سنڌين ۾ بيحد محدود آهي. منظور قريشي ان جي برخلاف ڪتابن جو ڪوڏيو آهي. هن جي لائيبريريءَ ۾ هر نوعيت جا ڪتاب موجود آهن. (Literature، History Civilization، Crusades، Biography تيRobert Lee Walf and Harry W.Hazaq  جا پنج واليوم موجود آهن، ان کان علاوه ٽوائن بي جي تاريخ جا سڀ جلد (۱۱ جلد) ۽Mankind and Mother East  پڻ آهن. حيرت انگيز طور تي هن وٽInternational Encyclopedia of Social Science جا ۱۱ جلد پڻ آهن.
ٽئگور جي انگريزي ۾ لکيل مضمونن جا ۳ جلد ۽ ان کان علاوهCambridge History  جا اَٺَ جلد ايڊورڊ گبنEdward Gibbon  جو لکيل ڪتابDecline and Fall of the Roman Empire  جا ۳ جلد ابن خلدون جي مقدمي جا ۳ جلد، هيروڊٽسHerodotus  جي تاريخ جا ۴ جلد، (Great Political Thinkers جا ۱۲ جلد، (Encyclopedia of Islam) جا ۱۱ جلد، ٿامس ڪارلائيل برٽرينڊ رسل، آسڪر وائيلڊ، ٽينيسن، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، جمال ناصر، سوئيڪارنو، ايني بسنت، ياسر عرفات ۽ حضور محمد مصطفيٰ ﷺ جن تيWilliam Muir  جا ۲ جلد ۽Washington Living  جا حضور ﷺ جن جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب پڻ موجود آهن. نيپولين تي ۴۰ جلد پڻ هن وٽ آهن. ول ڊيورانٽ جي چوڻ مطابق:
“Culture dies, when many became Lord and God and Dictatorship of money invariably heralds decay.”
”علم ۽ تفاوت جو دَيولو اُن وقت ٿئي ٿو، جڏهن دولت انسان تي حاوي ٿئي ٿي. دولت جي آمريت عمومن زوال جو اسباب بڻجي ٿي.“ منظور قريشي هڪ طرح سان تاريخ نويس به آهي، جو هن انگريزي ۾ ۱۰۰۰ کان وڌيڪ خط لکيا آهن. جيڪي مختلف موضوعن تي باالخصوص تاريخي موضوعن تي لکيل آهن ۽ گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي انگريزي اخبارDawn  ۾ مختلف وقتن ۾ ڇپيا آهن. موصوف اُنهن کي گڏ ڪري خطن جي مجموعي جو ڪتاب، بعنوانWhisper of the Wind  جي نالي سان ڇاپي رهيو آهي.
I wish him best of the times.

No comments:

راءِ ڏيندا