; سنڌي شخصيتون: امجد سراج ميمڻ

16 August, 2019

امجد سراج ميمڻ


رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر امجد سراج ۳۱ جنوري ۱۹۶۳ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس تعلق سنڌ جي هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. سندس والد سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مڃيل ناول نگار، افسانہ نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي آهي. ڊاڪٽر امجد ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي حبيب پبلڪ اسڪول مان ورتي، جنهن کانپوءِ هن پيٽاري جي ڪئڊٽ ڪاليج مان ميٽرڪ ۽ انٽر ڪئي. ايم بي بي ايس جي ڊگري، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي (هاڻي يونيورسٽي) مان وٺڻ کانپوءِ آئرلينڊ مان ايف آر سي ايس ڪري، ڪجھ وقت اتي ئي ملازمت ڪيائين. ان کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هن وقت هو سرجريءَ جو پروفيسر آهي.


ڊاڪٽر امجد سراج لکڻ جي شروعات، پنهنجي ڪاليج جي مخزن ۾ لکڻ سان ڪئي، جنهن جي ايڊيٽرن جي پئنل ۾ هو. ترجمو ڪرڻ هن جو خاص شعبو آهي، هن جا ترجمو ٿيل ٽي اهم ڪتاب آهن.
۱. ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ جو انگريزي ترجمو Image of Women in Shah Latif’s Poetry جيڪو شاهه لطيف چيئر پاران ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو.
۲. سراج جي جڳ مشهور ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ“ جو ترجمو Sindhi Language جي نالي سان، جيڪو سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ سال ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيو آهي.
۳. ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ جي انگريزي ڪتابThe Grammar of Sindhi Language  جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي.
پاڻ پنهنجي ننڍي ڀاءُ نويد سراج سان گڏجي شاھ لطيف جا چونڊ ۲۰۰ بيت انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ۲۰۰۶ع ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن پاران ڇپايل آهن.
ڊاڪٽر امجد سراج کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا