; سنڌي شخصيتون: امجد سراج ميمڻ، رياضت ٻرڙو،
Showing posts with label امجد سراج ميمڻ، رياضت ٻرڙو،. Show all posts
Showing posts with label امجد سراج ميمڻ، رياضت ٻرڙو،. Show all posts

16 August, 2019

امجد سراج ميمڻ


رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر امجد سراج ۳۱ جنوري ۱۹۶۳ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس تعلق سنڌ جي هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. سندس والد سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مڃيل ناول نگار، افسانہ نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي آهي. ڊاڪٽر امجد ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي حبيب پبلڪ اسڪول مان ورتي، جنهن کانپوءِ هن پيٽاري جي ڪئڊٽ ڪاليج مان ميٽرڪ ۽ انٽر ڪئي. ايم بي بي ايس جي ڊگري، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي (هاڻي يونيورسٽي) مان وٺڻ کانپوءِ آئرلينڊ مان ايف آر سي ايس ڪري، ڪجھ وقت اتي ئي ملازمت ڪيائين. ان کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هن وقت هو سرجريءَ جو پروفيسر آهي.