ڊاڪٽر عبدالباقي محمد
سليمان شيخ
مڻيادار ماڻهن جي کوٽ
ستار پيرزادو
هن کان
اڳ به مان ڪجھه ڪالمن ۾ ڊاڪٽر عبدالباقي محمد سليمان شيخ جو ڪجھه ذڪر ڪري چڪو آهيان.
پر اڄ مان هي سڄو ليک هن جي باري ۾ لکڻ ٿو گھران. اهڙا مڻيادار ماڻهو هاڻ اسان جي
سنڌ ۾ به گھٽجي ويا آهن. سنڌ ۾ اهڙا زمانا به هئا جن ۾ ماڻهن جي ڀلون ڀل هجڻ جو ڇيهه
ئي ڪو نه هو. جيئن شيخ اياز پنهنجي پهرئين سينيئر وڪيل خالد اسحاق جو ذڪر ڪندي
لکيو آهي ته هن جهڙن ماڻهن جو نسل هن زماني ۾ ختم ٿيندو پيو وڃي.. حقيقت ۾ شيخ
اياز ڪراچيءَ ۾ جڏهن وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي ته اهو خالد اسحاق وڪيل ئي هو، جنهنجو
جونيئر ٿي هن وڪالت شروع ڪئي هئي. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو ڊاڪٽر عبدالباقي
ولد محمد سليمان شيخ هوندو هو. سندس والد سکر ۾ ڇپائيءَ جي پريس هلائيندو هو. اهو
انگريز جي حڪومت جو زمانو هوندو هو. ڊاڪٽر شيخ چواڻي ته اسان گھر ۾ ڀاءُ ڀيڻ به پريس
جو ڪم ڄاڻندا هئاسون ۽ جيڪڏهن شهر ۾ ڪو مسئلو هوندو هو ۽ مارڪيٽ بند ٿي ويندو هو
ته به اسان جي پريس هلندي هئي. ان هوندي به هن هائر ايجيوڪيشن بمبئي ِيونيورسٽيءَ
مان پاس ڪئي جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي
شاگردن جو ميٽرڪ جو امتحان به بمبئي يونيورسٽي وٺندي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ مسلمان تمام
ٿورا هوندا هئا جيڪي گريجويٽ يا پوسٽ گريجويٽ هوندا هئا، پي ايڇ ڊي ته ڪو مسلمان
ورلي هوندو هو. اهڙي تعليمي اڪُر واري زماني
۾ عبدالباقي محمد سليمان شيخ برطانيا مان سوائل ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري
آيو. سندس چواڻي ته: جڏهن هو ڊگري وٺي موٽي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري
آيو ته کيس انگريز هندستان جي حڪومت ۾ ان تعليم جي لياقت آهر ڪا به نوڪري هئي ئي ڪا نه،
ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ ايڏيون وڏيون ملازمتون، انگريز سرڪار پنهنجي پُر اعتماد
انگريزن کي ئي ڏيندي هئي. هنن لاءِ هندستاني ته گھت حيثيت جا مالڪ هوندا هئا، ان ڪري
کين اهڙين اعليٰ ملازمتن جي لاءِ اهل ئي نه ڄاتو ويندو هو، تنهن ڪري ڊاڪٽر اي ايم شيخ
جي زباني ته: هن پنهنجي تعليمي لياقت کان گھٽ درجي واري ملازمت به قبول ڪئي.
وري
خدا تعاليٰ جي ڪرڻي اها ٿي جو انگريز حڪومت جنهنجي بادشاهت جو سج لهندو ئي نه هو،
ان انگريز حڪومت جي ٻي عالمي جنگ جي کٽڻ باوجود چيلهه چٻي ٿي پئي هئي، تنهن ڪري
انگريز بادشاهت پنهنجي قبضي ڪيل ملڪن ۽ خطن تي وڌيڪ قبضو رکي سگھڻ جو ساهس نه پئي
ساري سگھيو، ته پوءِ هنن کي خاصباڻي انداز
سان قبضو ڪيل ملڪن کي خالي ڪرڻو پيو ته هنن هندستان به خالي ڪرڻ جو سوچيو. جڏهن ته
هنن جي خلاف هندستان ۾ ’هندستان ڇڏي وڃو‘ واريون تحريڪون به زور وٺڻ لڳيون هيون پر
انگريز حڪومت کي ۱۹۴۲ع واري ٻي مها ڀاري لڙائيءَ کان
پوءِ رائيل نيوي هندستان جي بغاوت وايون ولڙيون ڪري ڇڏيون هيون. تنهن ڪري انگريز
هندستان خالي ڪرڻ جو سوچي رهيا هئا ته ڪهڙي نموني هندستان خالي ڪري وڃن، جو ان وقت
۾ ئي هندستان اکنڊ ڀارت ڪوٺائيندو هو، تنهن ڪري انگريز بادشاهت کي اهو ڊپ هو ته ڀارت
کي جيئن جو تيئن آزادي ڏني وئي ته هي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت ٿي اڀري سگھي ٿو ۽
هنن جو جيئڻ جنجال ڪري سگھي ٿو، تنهن ڪري
هنن اها چال چلي ته هندستان کي جيئن جو تيئن آزادي ڏيڻ بدران ٻن ٽڪرن ۾ ورهايو وڃي.
يعني هڪڙو ڀاڱو جيڪو بنگال، سنڌ، پنجاب، ۽ سرحد (هاڻ خيبر پختونخواه) تي ٻڌل هجي
ان جو نالو پاڪستان ڏنو ويو، اوهان کي اها به ڄاڻ هئڻ گھرجي ته بلوچستان ۱۹۴۷ع کان پوءِ پاڪستان ۾ شامل ٿيو هو. سو جڏهن هندستان ٻه ٽڪر ٿيو ۽ وري جيڪو
خطو پاڪستان کي مليو، انهن مان بنگال ئي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ته وري پنجاب ۽ ڪشمير
کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهائي سدائين هندو مسلم فساد هندستان ۽ پاڪستان جي ڳچين وجھي، اهو
ئي “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي اصول تي پنهنجو ڳيجھو رکيو ٿو اچي. بنگال جيڪو اولهه
پاڪستان کان هزارين ميل پري ۽ وچ ۾ هندستان، خشڪيءَ جو ڪو به رستو اولهه پاڪستان
کان اوڀر پاڪستان ڪونه ٿي ويو، سواءِ هوائي جهاز وسيلي يا وري بحري جهاز وسيلي اوڀر
پاڪستان وڃڻ جو رستو هو، سو به هندستان کان مٿان يا سمنڊ رستي هندستان مان اندران
گذرڻو پوندو هو، تڏهن سنڌ صوبو به ٻين
صوبن جيان صوبو يا اسٽيٽ ٿي نڪري نروار ٿيو، پر اها سنڌ اسيمبلي ئي هئي جنهن گڏيل
هندستان ۾ پاڪستان جي لاءِ پهرئين ٺهراءُ
(ريزوليوشن) پاس ڪرايو هو. اها به اولهه پاڪستان جو حصو بڻي ته ڊاڪٽر اي.ايم. شيخ
کي اولهه پاڪستان جي زراعت کاتي جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل ڪري رکيو ويو. هن ان دؤر
۾ جيڪي ڪارناما سر انجام ڏنا، اهي پاڪستان جي ان دؤر جي سندس ماتحتن کان اڄ ڏينهن
تائين به نه وسري سگھيا هوندا. جنهن جو مثال هي ڏئي ٿو سگھجي ته جڏهن مير محمد
پيرزادو سڪرنڊ ڪڻڪ جي کوجناتي اداري مان آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ
ويو هو ته اتي سڄي ملڪ مان جيڪي نمائندا آيل هئا ۽ هنن کي جڏهن سنڌي نمائندي جي
خبر پئي ته کانئس سنڌ جي جنهن شخصيت جي پڇا ڪئي وئي اهو ڊاڪٽر عبدالباقي محمد سليمان
شيخ ئي هو.
وري جڏهن
سنڌ جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل زرعي کاتو سنڌ بڻيو. تنهن وقت ۾ اها ڊائريڪٽوريٽ ڪپهه
۽ ڪڻڪ جي لحاظ ڪري بهترين زمين هجڻ ڪري ضلعي نوابشاهه جي تعلقي سڪرنڊ کي انگريز حڪومت
چونڊيو هو اتي زرعي ڊائريڪٽوريٽ جوڙي هئائون ان جوڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر اي. ايم. شيخ
کي بڻايو ويو. منهنجو والد دوست علي به
انهن ڏينهن ۾ هن وٽ گھرو ملازم جي طور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. پوءِ وري جيئن ئي ون
يونٽ وارو طريقو پاڪستان سان لاڳو ٿيو ته هن حڪومت کي صلاح ڏني ته حيدرآباد ضلعي
جي تعلقي ٽنڊو ڄام جي زمين هر قسم جي فصل لاءِ بهترين آهي، ٻيو ته حيدرآباد سنڌ جي وچ وارو شهر آهي، جيڪو آبهوا توڙي ٻين ڪيترين ڳالهين جي لحاظ سان
نواب شاهه ۽ سڪرنڊ کان بهتر آهي، تنهن کان سواءِ
اهو شهر ان رستي تي پڻ آهي جتان ريل رستي سڄو پاڪستان ۽ ان جا سڀ صوبا پاڻ
۾ ڳنڍيل آهن. تڏهن هن ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ ايگريڪلچرل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٺهرائي. جنهن جو پڻ هو ئي پهريون ڊائريڪٽر جنرل
بڻيو ۽ هن ٽنڊو ڄام جي ميرن صاحبن کان اها زمين پڻ زرعي کوجنا جي واسطي خريد ڪرائي
پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪئي هئي. تنهن هوندي به جيئن ته سنڌ صوبو زراعت وارو صوبو
هو ۽ سڄي صوبي جو دارو مدار زراعت تي هو، پوءِ به
سنڌ صوبي ۾ زراعت جي تعليم ڏيڻ جي
لاءَ ڪو به ڪاليج ڪو نه هو ته هن پاڪستان حڪومت سان خط ۽ ڪتابت ڪري ٽندو ڄام ۾
پهريون سنڌ ايگريڪلچر ڪاليج جوڙايو. جنهن جو به هو ئي پهريون پرنسيپال بڻيو. ان
کان اڳ هن ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ۽ شهر ڏوڪريءَ ۾ چانورن جي فصل تي کوجنا ڪرائڻ لاءِ رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٺهرائي، جنهن جو به
کيس ئي پهريون ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو ته هو پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري ان کاتي
کي فعال بڻائي. پاڻ سٺ جي ڏهاڪي ۾ ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام مان رٽائر ٿيو. ان
هوندي به هو سنڌ پبلڪ سروسز ڪميشن، حيدرآباد جونه رڳو ايگريڪلچر تي ميمبر چونڊيو ويو ان کان سواءِ هن
پنهنجي ڪن دوستن سان گڏجي سنڌ جي آبادگارن جي مسئلن ۽ خاص ڪري پاڻيءَ جي مسئلي تي
حڪومت کان مڙئي مسئلا حل ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ گروئرس گريوينسز بيورو ٺاهيو جيڪو
اسيءَ واري ڏهاڪي جي آخر ۾ سندس وفات کان پوءِ ختم ٿي ويو.
هاڻ هن
جون ٻه وڏيون ڳالهيون ٻڌائڻ گھرندس. هونءَ ته هو هر سنڌي ماڻهوءَ جو، خاص ڪري
شاگرد طبقي جو بيحد هڏ ڏوکي هوندو هو. ڪنهن به شاگرد سان ٿيل زيادتيءَ جو ساڻس ذڪر
ڪيو ويندو هو ته هو ان جي ازالي لاءِ
پنهنجي هڙان وڙان بي لوث خدمت ۽ مدد ڪندو هو. تيسين سک جو ساهه نه کڻندو هو جيسين
هن کي پورو حق نه ملي. ائين هڪڙي ڪلهوڙي هاريءَ
جنهن جي ٻن پٽن جن جا نالا امير بخش ۽ الهه بخش هئا، انٽر سائنس پاس ڪئي.
ان کي ڪنهن ماڻهوءَ ڏس ڏنو، جيڪو ڊاڪٽر اي ايم شيخ جي طبيعت مان واقف هو، تنهن هن
کي چيو ته: تنهجي پٽن جي نوڪريءَ جو مسئلو ڊاڪٽر اي.ايم.شيخ کان سواءِ ٻيو ڪو به
حل ڪرائي نه سگھندو. ان ڪري هڪڙي ڏينهن هن الائي ڪيئن اچي جي او آر ڪالونيءَ ۾ سندس
گھر ڳولهي لڌو ۽ علي الفجر سندس گھر جي ٻاهران دروازي ته ويهي رهيو. صبح جو جيئن
مالهي بنگلي جي باغيچي لاءِ آيو ته هن فقير-تن ماڻهو ٻاهران ويٺل ڏسي سمجھيو ته ڪو
خيرات گھرندڙ فقير آهي ته پڇيائينس ته، ڪير آهين هت ڇو ويٺو آهين؟ هن وراڻيس ته
مان ڊاڪٽر اي ايم شيخ سان ملڻ ٿو گھران، سو جيئن مالهيءَ وڃي کيس ان فقير ماڻهوءَ
جي ملڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن کيس هڪدم مٿي
گھرايو، کيس ناشتو پاڻي ڪرائي حال پڇيائينس ته: هن سڄي روداد ڪري ٻڌايس ته ان ڪلهوڙي
کي چيائين ته، تنهنجي وڏي پٽ امير بخش کي زرعي کاتي ۾ نوڪري ۽ ننڍي پٽ الهه بخش کي
وٽيرنري ڪاليج ۾ داخلا، خرچ جي لاءِ اسڪالر شپ ۽ فري فيس ۽ رهڻ واسطي هڪڙو سرونٽ ڪواٽر
وٺي ڏيندس، جيئن وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ سان گڏ رهي به ۽ هو ان جي مدد به ڪري، باقي کاڏو پيتو پنهنجو ڪري کائن ۽ رهن ان سان گڏ
پڙهندا به رهن. نيٺ هن جي ٻنهي پٽن کي واعدي مطابق الهه بخش کي ڪاليج ۾ داخلا وٺرائي
ڏنائين ۽ امير بخش کي سوائل ڪيمسٽريءَ ۾ ليب اسسٽنٽ جي نوڪري به وٺرائي ڏنائين انهن
ٻنهي مان الهه بخش وٽرنري سرجريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو ۽ وٽيرنري ڪاليج جي سرجري
کاتي جو چيرمين ٿي رٽائير ٿيو ۽ امير بخش وري ايم ايس سي ايگرڪلچر اڪناميءَ ۾ پاس ڪري
وڃي سنڏ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ٿيو جتي به ڊاڪٽر شيخ سندس مدد ڪئي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري
ٿي رٽائر ٿيو ۽ هاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ الهه بخش رٽائير ٿيڻ کان پوءِ ٽندو ڄام ۾
رهي ٿو.
ٻيو
واقعو اسان جي دوست اياز علي ميمڻ جو آهي، هو پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ
لاءِ امتحان ڏيڻ پيو گھري، هو مون وٽ آيو ته مون کي ڊاڪٽر شيخ سان ملاءِ ته مان
کانئس صلاح وٺان. مون کيس شيخ صاحب سان ملايو، هن سندس دلجوئي به ڪئي ۽ ڪجھه ڪتاب
به ڏسيائينس ته انهن جو مطالعو وڃي ڪج جو اڪثر انهن مان سوال ايندا آهن. اياز ميمڻ
انهن ڪتابن مان مدد حاصل ڪري ڪميشن جو لکت وارو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو . اياز
علي ميمڻ ٻين اميدوارن جي ڀيٽ ۾ نوجوان ۽ انتهائي جونيئر به هو. وري به واتين وڻين
امتحان ڏيڻ جي لاءِ هن شيخ صاحب کي التجا ڪئي ته اوهان مهنجي مدد ڪريو. نيٺ اياز
ميمڻ ان ۾ به پاس ٿي ويو، پر هن کي اهو عهدو ڏيڻ جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن وارن هن
جي حق ۾ فيصلو نه پئي ڪيو. جڏهن ان جي نتيجي اچڻ ۾ دير ٿي ته وري به اياز ميمڻ شيخ
صاحب وٽ آيو ۽ هن کي حقيقت حال جي پروڙ ڏنائين ته شيخ صاحب اهو چيس ته: ڇو نه ٿا ڏين،
تو ته امتحان به پاس ڪيا آهن
پوءِ
تنهنجا سينيئر جي توکان گھٽ هوشيار آهن ته ان ۾ تنهنجو ڪهڙو قصور. مان ساڻن ڳالهايان
ٿو، ضرور تو کي تنهنجي محنت جو ڦل ملڻ گھرجي. هن پبلڪ سروس ڪميشن وارن سان ٻئي ڏينهن
تي ئي ڳالهايو ۽ کين چيائين ته: امتحان وٺڻ وارا ۽ مارڪون ڏيڻ وارا به توهين هئا،
پوءِ هن جي عمر جي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو. هو ته پنهنجي قابليت جي ڪري پنهنجي سينيئرس
کان آڳ کڻي ويو آهي ته اوهان هاڻ ڇو ٿا هن جو حق وڃايو. اوهان کي جي عمر جو لحاظ
رکڻو هو ته هن کي امتحان م ويهڻ ئي نه ڏيو
ها. نيٺ شيخ صاحب جي چوڻ رنگ لاتو ۽ اياز علي ميمڻ کي سندس حق مليو ۽ هو پوءِ اگريڪلچر
ايڪسٽينشن جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي رٽائير ٿيو.
ممڪن
آهي مون جهڙا ماڻهو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيا به هجن جن کي ڊاڪٽر اي ايم شيخ نوازيو
هجي پر انهن جي ڄاڻ اسان کي نه هجي ۽ هتي سڀ جون سڀ ڳالهيون ڏئي به نه ٿيون سگھجن.
جنهن دؤو ۾ اسين ساهه کڻي رهيا آهيون، ان دؤر ۾ ته اهڙن ماڻهن جو هجڻ نا ممڪن ٿو لڳيم،
شايد اهڙا ماڻهو قدرت ورلي پيدا ڪندي آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا