; سنڌي شخصيتون: رضوان گل

14 August, 2019

رضوان گل

رضوان گل
سنڌ جو سهڻو لکاري، تعليم دان، شاعر ۽ گهڻ گڻئو دوست
آصف رضا موريو

لاڙڪاڻو شهر جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ سائين بشير احمد شاد نه رڳو اهم ڪردار رهيو آهي پر سندس شخصيت اڌ صدي کان به وڏي عرصي کان وٺي هن وقت تائين پنهنجا پر پکيڙيندي نظر اچي ٿي. هن شاندار شخص نه رڳو پاڻ سنڌي ادبي کيتر کي نون رنگن سان نوازيو پر اسان کي احسان دانش ۽ رضوان گل جهڙا خوبصورت تحفا پڻ ڏنا جن جون ادبي بلند پروازيون اسان جهڙن سڀني دوستن کان گهڻيون مٿاهيون ۽ مان واريون نظر اچن ٿيون. رضوان گل جهڙي سهڻي ۽ سيبتي سنڌ دوست اديب ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع ڌاري لاڙڪاڻو ۾ سائين شاد صاحب جي گهر ۾ جيون ورتو ٿيو.


رضوان نه رڳو مانائتي شخصيت جو مالڪ آهي پر لڳي ٿو ته مالڪ سائين سندس تخليق ڪرڻ وقت فرصت ۽ فياضي جي ورکا وسائي رهيو هيو جو رضوان گل ۾ ذاتي شخصيت ۽ فنون لطيفه سان سلهاڙيل اهي تمام خوبيون ته آهن ئي جيڪي هن وقت تائين تخليق ٿي چڪيون آهن پر مون يقين آهي ته رضوان گل ۾ اهي خوبيون پڻ ڪثرت سان موجود آهن جيڪي اڃان تائين ادبي آسمانن تي ايندڙ وقت ۾ ستارن جيان چمڪندڙ جون منتظر آهن.
لاڙڪاڻو جي ادبي گهراڻي جو هي خوبصورت ۽ مانائتو چشم و چراغ ڊگهي قد، ٻهڪندڙ مک، شاندار فلمي هيرن جهڙو ڊيل ڊول، انتهائي خوش لباس، خوش گلو، خوش گفتار، اثرائتو لهجو، سٻاجهو، آڌرڀائي ۽ جهڙو ٻاهر جو دلربا صورت آهي تهڙو اندر کان اندرجيت. هن گهڻ رخي ۽ گهڻ پاسائي شخص ۾ ايتريون ته شخصي، ادبي ۽ سماجي خوبيون آهن جو انهن تي لکڻ لاءِ حقيقتن سوين صفحا درڪار آهن پر في الحال پنهنجي هن گڻي دوست جو سالگرهه جي نسبت سان محبت جي ننڍڙي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.
رضوان گل شاعر، اديب، پارکو، محقق، مقرر، مورخ، نقاد، ڪمپيئر، مرتب، ٻولي جو ماهر، ڪمپيئر، ڀٽائي جوپارکو، مترجم، ڪهاڻيڪار، ڪالمنگار، جاگرافي جو ليڪچرار، تعليمدان، علم و ادب جو رسيا، دوستن کي مان مڃتا ڏينددڙ ۽ محبتون ونڊينڊڙ اسان جي ٽهي جو اهڙو ڪردار آهي جنهن کي هڙان وڙان هر ادب دوست، فنڪار، گلوڪار ۽ لکاري کي مان ڏيندي ڏٺو ويو آهي. رڻ ۾ رابيل جي مهڪ جهڙو رضوان گل پنهنجي ذات سان سلهاڙيل تمام صنفن، هنرن ۽ گڻن ۾ مڇرائيندڙ ۽ پنهنجي انيڪ قابليتن سان حيرت انگيز طور تي هر وقت متحرڪ، ڳولائي، شففق رنگي ۽ ڇرڪائيندڙ رهندو اچي ٿو. مون کي اڪثر لڳندو آهي ته رضوان ان فلسفي جو قائل آهي ته “اسان ٻين کي اڀارڻ سان پاڻ اڀرندا آهيون ۽ ٻين کي عزت ڏيڻ سان اسان جي مان ۾ اضافو ٿيندو آهي”.
رضوان گل پرائمري تعليم علي گوهر آباد پرائمري اسڪول مان ۱۹۸۲ع ڌاري ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۹۹ع ۾ ايم ايس سي (جاگرافي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. سندس پهرين پوسٽنگ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٿي هئي جڏهن ته پاڻ هن وقت به جاگرافي شعبي جا ان ڪاليج ۾ انچارج آهن. رضوان گل پنهنجي مانواري والد صاحب جيان خوش مزاج ۽ شاندار طبيعت جو مالڪ آهي جيڪو لاڙڪاڻو ضلع جي ادبي ميڙاڪن، مشاعرن، قلمي سنگتين ۾ سدائين اڳڀرو نظر ايندو آهي.
رضوان گل شاعري يا لکڻ جي ابتدا ۹۱ ۱۹۹۲ع کان لاڙڪاڻو ۾ ٿيندڙ مختلف مشاعرن، محفلن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪتن سان ڪئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾۱۹۹۷-۹۸ع ڌاري تعليم دوران سنڌي ادبي سنگت هاسٽل برانچ ۽ ڄامشورو ڪالوني شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو جتي سنگتي ساٿين سان گڏجي ان حلقي ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ پڻ باقاعدگي سان حصو وٺندو رهندو هيو. ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات رضوان گل ۱۹۹۴-۹۵ع کان ڪئي هئي. ڪافي عرصي کان وٺي هو لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي اديبن جا سوانحي خاڪا سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل آهي. قلمي دنيا ۾ هي هڪ گهڻ رخي ۽ گهڻ گڻي شخصيت جي طور تي سامهون اچي رهيو آهي.
رضوان گل ماهوار سنڌي رسالي شعور جو ايڊيٽر آهي. جيو ميگ جو انفارميشن سيڪريٽري هئڻ سان گڏ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز جو بنيادي ميمبر آهي. ان کان علاوه هو سنڌي ادبي سنگت ڄامشورو، انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو، جيو ميگ لاڙڪاڻو، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن سان سلهاڙيل رهندو اچي ٿو.
رضوان گل جا هن وقت تائين چار ڪتاب ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن جن سندس ادبي دنيا ۾ تمام سٺي ساک ميڙي کيس نوجوان ٽهي منجهه قد ڪاٺ اوچو ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ پنج ڏينهن (سعادت حسن منٽوجون منتخب ڪهاڻين جو ترجمو)، ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (۳۲ مختلف لکارين تي لکيل پروفائيل ۽ مضمون )، پيار جي پهرين بارش (شاعري جو مجموعو)، ڪهاڻين جو مجموعو سپنن جو انت ۽ جاگرافي جي لغت (انگريزي مان سنڌي)، لاڙڪاڻو تاريخ جي روشنيءَ ۾، سپنن جو انت شامل آهن. انهن کان علاوه سندس ٻه ڪتاب لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾ ۽ مضمونن جو مجموعو احساسن جا رنگ ڇپائي جي مرحلن ۾ آهن. سندس لکڻيون پڙهندڙن جي دلين کي ڇهڻ جي تاثير رکنديون آهن. سندس قلمي پورهيي جي مڃتا طور بيشمار ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن جن ۾ تنوير عباسي ايوارڊ پڻ شامل آهي.
باک جي ساک جهڙي هن شخص لاءِ منهنجو ايمان آهي ته هي اکرن مان جيڪو چاهي جوڙي سگهي ٿو. مان پاڻ توڙي جو جاکوڙ جي دنيا جو ماڻهو آهيان پر رضوان جو محنتون ۽ ادبي يگانگيون ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته زندگي ايتري به ايڊونچرسٽ ٿئي ٿي. هو هڪ اهڙو لکاري آهي جنهن جا لفظ، جملا ۽ تحريرون سندس تجربي، تخيل ۽ مشاهدي جو بهترين امتزاج ۽ جادوئي اثرانگيزي هئڻ سبب آوازن جي تصويرن جيان عڪس ڏينديون آهن.
لاڙڪاڻو جي هن ٽيلنٽيڊ خاندان جو مان تمام گهڻو پرستار هئڻ ۽ رضوان گل جو دوست هئڻ جي باوجود هن وقت تائين هن ڏاهي انسان سان ڪڏهن به خلاصي ڪچهري ڪونه ٿي آهي. ان جي باوجود ڪڏهن ڪنهن رستي تي ويندي ويندي، ڪڏهن ڪنهن پروگرام، اداري يا ميلي ملاکڙي ۾ ساڻس سان ٿيندڙ ملاقاتون ننڍڙيون، ساديون ۽ يادگار هونديون آهن جو سندس شخصيت هر ماڻهوءَ لاءِ حوصلا افزائي جي ٽانڪ جيان هوندي آهي.


رضوان گل

املھ انسان - سلسلو - ۱۰۲

حفيظ چانڊيو

رضوان گل جنهن جي سڃاڻپ جا کوڙ سارا حوالا آهن، هو خوبصورت شاعر آهي، جديد سنڌي ڪهاڻي جو برجستو نانءُ، تاريخدان، نثر نويس، مترجم ۽ محقق سان گڏ ريڊيو پاڪستان ۽ اسٽيج جو سهڻو ۽ مشهور ڪمپيئر به آهي.

ادبي قبيلي ۾ هونئن ته کيس رضوان گل سان سڃاتو وڃي ٿو، پر سندس اصل نالو رضوان الحق آهي، جيڪو ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع تي نامياري ليکڪ، محقق، عالم اديب ۽ لطيف جي شارح سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي علي گوهر آباد واري گهر ۾ جنم ورتو. رضوان گل ڊاڪٽر احسان دانش کان ننڍو ڀاءُ آهي، ٻئي گڏ هوندا آهن ته ائين لڳندو ڄڻ ٻئي جاڙا ڀائر هجن، سنڌ جي نامياري اديب جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رضوان گل پرائمريءَ جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي گوهر آباد مان پاس ڪري مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان اي ون گريڊ ۾ پاس ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان شفيق استادن وٽ مڪمل ڪئي، پاڻ ڏاڍو ذهين هو، محنت ڪندو رهيو، ڪاپيءَ کان ڪوهين ڏور مٿس ڪاوڙيل ڪاوڙيل رهيو، جنهن سبب سڀني استادن کي هو ڏاڍو پيارو هو، سندس والد گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جي پروفيسر طور عمر جا ۲۷ سال علمي خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر شاد صاحب جي هن لائق فرزند پنهنجي والد جي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو ۽ سخت محنت ڪئي.

رضوان گل ڪاليج جي پڙهائيءَ بعد لائبرري ويندو هو، گهر وڃي ته ٽيوشن باقي جيڪو وقت بچي ته دوستن ۽ ڀائرن جھڙو سندن والد ساڻن ڪچهريون ڪندو رهيو، کين نصابي سرگرمين بابت آگاهي ڏيڻ ۾ مگن رهندو هو. سندن والد دنيا جهان اکين آڏو تعمير ۽ تخريب جو شڪار ٿيندي ڏٺو، ان لاءِ سندس سمورو ڌيان پنهنجي ٻچڙن جي تعليم ۽ تربيت تي رهيو. ڊاڪٽر صاحب رضوان گل کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اتساهيو، سندس جهول ۾ انيڪ خواب ٽاڪي هن کي سنڌ يونيورسٽيءَ اماڻيو، جتي سندس جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ ميرٽ تي سليڪشن ٿي هئي، رضوان گل بي ايس سي آنرس کانپوءِ ايم ايس سي جي ڊگري ۱۹۹۹ ۾ مڪمل ڪئي.

سندس سهڻي سڀاءَ سبب زندگيءَ جي ڪشڪول ۾ کيس پٿر جي دنيا ۾ ڪيترا ئي خوشبودار گل ئي گل مليا، اهوئي سبب آهي جو مٿس نالي پٺيان سندس سهڻي شخصيت ۽ سهڻي سڀاءَ وارو اهو گل نشاني طور استعمال ٿيندو رهي ٿو.

رضوان گل اسان جو گهر ڀاتي، ڀائرن جھڙو دلبر دوست، همدرد ۽ ادبي لڏي جو نهايت خوبصورت نالو ٿي سامهون آيو آهي. هن کي شاعري، ادب سان لڳاءُ، بيباڪي سان لکڻ، پاڻ پتوڙڻ، پڙهائڻ، ادبي ماحول گرمائڻ وراثت ۾ مليو آهي، جنهن کي هن ساه ۾ سانڍي هر وک محتاط ٿي کنئي آهي. هو خدادا صلاحيتن سان ڀرپور آهي، سندس ڀاڳ نرالا رهيا آهن، هو جيئن يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيو ته ان ئي سال جاگرافيءَ جي ليڪچرار طور ڪميشن پاس ڪيائين ۽ هينئر هو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جاگرافيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف جاگرافي ڊپارٽمينٽ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي سائنس جا سبق پڙهائي روشن مستقبل ڏانهن گامزن ڪندو رهي ٿو. پاڻ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف اسٽڊيز جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.

پنهنجي شفيق والد جيڪو هنن جو بهترين دوست ۽ مينٽور رهيو، تنهن جي شخصيت کان متاثر ٿي لکڻ جي شروعات ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات ۹۰ واري ڏهاڪي کان ڪئي، بابا سائين کان اصلاح وٺندا رهيا، ڀاڳوارا آهن اهي پٽ جن کي ڊاڪٽر بشير احمد شاد جهڙا پڙهيا لکيا والدين آهن، رضوان گل ڪھاڻيءَ کيتر ۾ جيڪي به ڪهاڻيون لکيون تن ۾ سنڌ جي سماج جي عڪاسي ٿيل آهي، مايوسين ۽ محرومي جي ور چڙهيل سماج جو چٽا عڪس هن جي ڪهاڻين ۾ پسي سگهجن ٿا. سندس ڪهاڻيون سماجي ناسورن جا قصا به بيان ڪن ٿيون ته ٽٽندڙ رشتن کان ويندي نفسياتي الجهنن جو شڪار ٿيندڙ ڪردارن جو درد به بيان ڪن ٿيون. سندس مضمونن کي پڙهبو ته اهي حالاتِ حاضره جو تاريخي دستاويز لڳندا، سندس ان دور جي اخباري ڪالمن کي پڙهبو ته ائين محسوس ٿيندو جهڙوڪ رضوان سائين هاڻي ئي ٽيبل تان اٿي ويو هجي، مطلب سندس ڏهاڪو سال اڳ لکيل مضمون توڙي ڪالمن ۾ به سماج ۽ سياست جو ڳوڙهو مطالعو ٿيل ملي ٿو ۽ ائين ٿو لڳي جيئن اهي ڳالهيون اڄ جي حالتن بابت ڪيل آهن هن وڏي ذميداري سان سياسي ۽ سماجي حالتن تي لکيو آهي، جن کي پڙهبو ته اڄوڪي خراب ٿي ويل ملڪي توڙي بين الاقوامي صورتحال اکين آڏو اچي بيهندي.

سندس شاعري عوامي انداز جي آهي، سادو اظهار، نهايت آسان ٻوليءَ جو استعمال ٿيل جنهن کي پڙهبو ته ائين لڳندو جهڙوڪ هڪ استاد پنهنجي ڪنهن شاگرد سان مخاطب هجي. سندس سمجهاڻي نهايت آسان آهي، هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، پر سندس غزل توڙي قومي گيت شاهڪار آهن، جن جي ابديت جي اميد يقين سان ڪري سگهجي ٿي.

ڏسو ته ڪيئن رضوان گل استاد بخاريءَ جيان اظهاري ٿو:

همتون ۽ حوصلا اوچا رکو.

ڳيچ آزادي سندا ڳايون اچو.

نفرتن جا نانگ نيپوڙي ڇڏيو،

پيار، الفت، دوستي ٺاهيون، اچو.

سچَ خاطر مرڪندي سولي چمو،

ڪوڙ جا ها ڪنڌ ڪيرايون اچو.

ڀاڳ واري ڀونءِ تي سر گھوريو،

قرض مٽيءَ جو آ سون لاهيون اچو.

سندس شاعريءَ ۾ جذبن جو سنڌو درياه آهي، جنهن جي مست موجن ۾ ڌرتيءَ جي دانهن ٻڌي سگهجي ٿي ۽ سرتيءَ جي سونهن پسي سگهجي ٿي. سندس شاعري، ڪهاڻيون توڙي مضمونن اندر سنڌ دوست خيالن جو اڀ کڙو آهي، جنهن جو ڇانورو گهاٽو به آهي ته گهڻن لاءِ اتساه جو استعارو پڻ بڻيل آهي. . . هو قوم جو ترجمان ليکڪ آهي، جنهن ادبي تخليق سان نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي، پر سڀني اندروني ۽ بيروني امڪاني خطرن بابت آگاهي ڏني آهي. سندس ادبي پورهيو سينواريل هن سماج جو آئينو آهي جنهن ۾ ادبي تاريخ به آهي، سياسي ۽ سماجي مسئلن جو نه کٽندڙ جهانُ به موجود آهي.

هو سدا متحرڪ نوجوان اديب آهي جنهن ڪيترن شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ انعام حاصل ڪيا آهن. علمي، ادبي خدمتن کان علاوه بهترين ڪمپيئرنگ عيوض سموري سنڌ جي وڏن وڏن ادبي ميڙاڪن ۾ گهرايو وڃي ٿو ۽ ائين رضوان گل جا وآز سنڌ جي سمورن ادبي مصلن کان ويندي فڪري نشتن تائين گونجن ٿا.

کيس علمي توڙ ادبي خدمتن جي مڃتا طور اڻ ڳڻين ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ جو تفصيل هن ريت آهي:

۱. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ

۲. ”سپنن جو انت”ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ پاران بهترين ڪهاڻي ڪتاب جو ايوارڊ

۳. بهترين ڪمپيئر جو ايوارڊ، ڪوئل پروڊڪشن.

۴. علمي ۽ تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ

۵. امن ايوارڊ پاران سنڌ فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن.

۶. لطيف ايوارڊ پاران هسٽاريڪل سوسائٽي قمبر شهدادڪوٽ

۷. بهترين منتظم جو ايوارڊ پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو

۸. بهترين ڪمپيئر جو ايواراڊ

سنڌ ڊرامه فيسٽيول جي موقعي تي پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ ٻيا شامل آهن.

 رضوان گل جي سموري زندگي علمي، ادبي خدمتن ۾ گذري آهي، جنهن انٽرنيٽ ذريعي به ڪيترن ئي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪار جا تعارف ۽ شاعري ڊزائن ڪري کين دنيا جي هر خطي ۾ وسندڙ ماڻهن تائين رسايو آهي. سندس علمي حوالي سان ڪيل هڪ اهم ترين ڪم اهو به آهي ته هن سائنس جي مختلف موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون آهن جن تي لکين نوجوانن پاران ڀرپور موٽ ملي آهي. هو آرٽ ۽ ادب جو نهايت سهڻو نالو آهي، ساڻس شايد ڪنهن جي ڪٿي تلخي ٿي هجي، اهڙو ڪوئي به ماڻهو ناهي جيڪو هن خلاف ڳالهائي يا وري ساڻس ساڙ ۽ حسد ئي ڪري. هو پيار جو پيڪر شاعر، اديب، مترجم، ڪهاڻيڪار ساٿي آهي جنهن ٻن ڏهاڪن تائين ادب جي آبياري ڪئي آهي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب شعبي جو جڏهن چيئرمين هو ته هن ٻن سالن اندر رڪارڊ پروگرام منعقد ڪرايا جن جو انگ ۴۹ آهي. اهي سڀ ادبي ميڙاڪا لاڙڪاڻي جي تاريخ جا يادگار ميڙاڪا هئا جن ۾ ٻه ميگا پروگرام ٽن ٽن ڏينهن تي مشتمل هئا هڪ "جشن لطيف" ٻيو "جشن اياز" سندس پيار جي پورهئي ۾ چند ڪتاب شامل آهن جن ۾ پنج ڏينهن (ترجموـ ڪھاڻيون) - ساهت ڏيھ جا سرجڻهار (خاڪا) تي مبني ڪتاب،

ڏات ڏيئا ٻاريا (گڏيل شاعري جو ڪتاب)، پيار جي پهرين بارش (شاعري)، سپنن جو انت (ڪهاڻيون)، جاگرافي جي پهرين سنڌي انگريزي لغت (ڊڪشنري)، لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾ (تحقيق)، لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ترتيب) ۽ لاڙڪاڻو : اتھاس آثار ۽ ڪردار (ترتيب) جهڙا ڪتاب شامل آهن.

هو زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ جدوجهد جي عملي تصوير بڻجي سدائين پيار آڇيندو رهي ٿو، دک ۽ دردن کي پيار ۽ پنهنجائپ جو روپ ارپيندڙ ھن شخص سان هر ڪوئي پيار ڪري ٿو. هو ادبي دنيا ۾ معياري ادب جي تخليق ۾ ايمان رکندڙ شانائتو ۽ کاهوڙي قسم جو ماڻهو آهي، وٽس خيال سائبيريا جي پکين جيان اڏامي ايندا آهن، وٽس ڪائي به وڏائي ناهي هو ۽ هن جو ڪيل ادبي ڪم رنگ برنگي پوپٽن جيان آهي، هو اڄ جي اميد ۽ سڀاڻي جو سوجھرو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هيءُ گل سدائين ائين ئي خوشبوءِ ڏيندو رهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

رضوان گل

خوش اخلاق ۽ محبتي انسان

ناظم چانڊيو

هميشہ منهن تي مرڪ سجايل محنتي خوش اخلاق محبتون ورهائيندڙ هر ماڻھو کي عزت ڏيندڙ انسان رضوان گل ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي هروقت جاکوڙيندڙ هن انسان جون علمي ادبي ايتريون خدمتون آهن جو هي صرف سنڌ نه پر ملڪ ۽ ٻاهرين دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ شخصيت آهي هي نوجوان جڏهن ڪنهن علمي ادبي ثقافتي پروگرام ۾ مائيڪ هٿن ۾ جهلي اسٽيج تي پهچي ٿو ته پروگرام کي چارچنڊ لڳائي ڇڏي ٿو. هي جڏهن ڪنهن پروگرام ۾ اسٽيج تي ڪمپيئرنگ نه ڪندو آهي ته يقينن اهو پروگرام اڌورو لڳندو آهي ۽ هن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي هي جڏهن پنهنجي خوبصورت شاعري سان گڏ سنڌ جي مختلف شاعرن جي شاعري اسٽيج تي پڙهندو آهي ته هرطرف واهه واهه ٿي ويندي آهي ۽ هال ۾ زوردار تاڙيون وڄڻ لڳنديون آهن ماڻھو چاهيندا آهن ته هي گهڻو وقت اسٽيج تي رهي ۽ هن جي مٺڙي گفتگو مان لطف اندوز ٿيندو رهجي.

هي خوش اخلاق انسان سڀني ۾ عزتون ۽ محبتون ورهائيندڙ آهي ان ڪري ئي سڀ هن سان محبت ڪن ٿا اهو ئي سبب آهي جو هر اليڪشن ۾ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ۾ جڙندڙ پئنل وارا چاهيندا آهن ته رضوان گل اسان جي پئنل ۾ ضرور هجي هي جڏهن به ڪهڙي به پئنل سان اليڪشن ۾ بيهندو آهي ته هي هميشا کٽيندو آهي هن کي وڏي علمي ۽ ادبي ڄاڻ آهي هن سان ويهبو ته دنيا جي مختلف موضوعن تي وڏي ڄاڻ سان رواني سان ڳالهائيندو آهي ان ڪري جو هن جو تمام گهڻو مطالعو ٿيل آهي هي ڪچهري جو مور يارن جو يار آهي هي جنهن به ڪچهري ۾ هوندو آهي اتي ميلو متل هوندو آهي. هي وڏو مهمان نواز آهي جو اڪثر هن جي اوطاق تي دوست موجود هوندا آهن جن سان علمي ادبي ڪچهريون جاري هونديون آهن. هي وڏو اصول پرست انسان آهي. هن هميشا پنهنجي محنت ۽ قابليت ذريعي پاڻ مڃايو آهي ۽ منزلون ماڻيون آهن هي نه صرف خوبصورت شاعر ۽ بهترين ڪمپيئر پر بهترين ڪهاڻيڪار زبردست مقرر زبردست ليکڪ مترجم محقق ڪالم نگار پڻ آهي.

رضوان گل جنهن جو اصل نالو رضوان الحق آهي. پروفيسر بشير احمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رضوان گل جو جنم، ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ تي لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پرائمري اسڪول علي گوهر آباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي مئٽرڪ ۾ اي گريڊ حاصل ڪيائين انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڪيائين. ايم ايس سي جيوگرافي فرسٽ ڪلاس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان بيڊمنٽن راند کيڏڻ جو شوق رهيو اسڪول سطح جي مقابلن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنل مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ان وقت جي هيڊماستر کان ميڊل ۽ ڪپ به حاصل ڪيو ساڳئي راند يونيورسٽي سطح تي به جاري رکي ۽ اڄ تائين بيڊمنٽن راند کيڏڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي. پاڻ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ مقرر آهي مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو ميمبر بورڊ آف اسٽيڊيز پڻ آهي.

تحقيقي ڪمن ۾ لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي جامع تحقيقي مقالا

Reasons behind the rapid migration from Rural to Urban case study Larkano. (M. Phil)

شامل آهن مختلف تنظيمن سان وابستگي پڻ آهي

سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي،

پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز،

ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو،

ايڊيٽر ” جيو مئگ“،

ايڊيٽر: هفتيوار ادبي صفحو "شعور” ،

چيئرمين شعبو آرڪائيوز، شعبو ادب ۽ شعبو پبليڪيشن: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ميمبر نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن پڻ آهي.

سندس ڇپيل ڪتابن ۾

۱. ”پنج ڏينهن“ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو،

۲. ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا) ،

۳. ”پيار جي پهرين بارش“ شاعريءَ جو مجموعو،

۴. ”جاگرافيءَ جي لغت“ (سنڌي ۾ جاگرافي جي پهرين ڊڪشنري)،

۵. ”سپنن جو انت“ ڪهاڻيون،

۶. لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾. مقالن جي سهيڙ،

لاڙڪاڻو علمي ادبي ۽ ٽقافتي تاريخ.

کيس ڪيترائي ايوراڊ ملي چڪا آهن، جن ۾

۱. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ،

۲. ”سپنن جو انت“ ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ پاران بهترين ڪهاڻي ڪتاب جو ايوارڊ،

۳. بهترين ڪمپيئر جو ايوارڊ، ڪوئل پروڊڪشن.،

۴. علمي ۽ تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ،

۵. امن ايوارڊ پاران سنڌ فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن،

۶. لطيف ايوارڊ پاران هسٽاريڪل سوسائٽي قمبر شهدادڪوٽ،

۷. بهترين منتظم جو ايوارڊ پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو،

۸. بهترين ڪمپيئر جو ايواراڊ،

سنڌ ڊرامه فيسٽيول جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران ايوارڊ.

۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن

۳ سال ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان لائيو پروگرام ڪيائين

۲.۵۰ کان مٿي علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن کان انترويو ڪيا اٿائين.

۲۰۰۰ کان مٿي اديبن جون تصويرن ۽ تعارفن جي سهيڙ پڻ ڪئي اٿائين. مجموعي طور تي رضوان گل هڪ متحرڪ شخصيت جو نالو آهي جنهن پنهنجي جيون جو هڪ هڪ پل سجايو ڪيو آهي. جنم ڏينهن تي کيس واڌايو هجن.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا