مخمور مهيري
سون برابر سپرين، توريان نه ترن
ميخون جن جون من ۾، چوريان تان نه چرن
سي ڪيئن وسرن، جيڪي سانڍي رکيم ساهه ۾
سنڌ
ڌرتي عالمن ۽ فاضلن، جانثارن ۽ جوڌن، ڏاهن ۽ اڪابرن، صوفين ۽ سالڪن، اوليائن ۽
ولين، امن ۽ عدل، انصاف ۽ احساس، ديسي توڙي پرديسي ماڻهن ۽پکيئڙن جي پيار پناهه
گاهه صدين کان رهندي اچي.
هن
ڌرتي جي مان واري مٽي مان سوين سورمين، لائق ليڊرن، شاعرن ۽ اديبن جنم وٺي پنهنجي
ڏات ۽ ڏاهپ سان سندس مان ۽ شان مٿانهون ڪيو آهي. اهڙن بيباڪ، بهادرن، ارڏن ۽
اڻموٽ ڪردارن ۾ تحريڪ آزادي جي تاريخي ڪردار، مرحوم حاجي غلام نبي ڏهراج جو نامور
نالو، تاريخ جي ورقن ۽ بابن ۾ اڄ به چمڪي رهيو آهي.
حاجي غلام نبي ڏهراج جي زندگي جو پروفائل:
سندس
جنم ڀومي ڳوٺ ۽ جاءِ پيدائش محبت ديرو ضلع نواب شاهه آهي. سندس ڄمڻ جو سال 1886ع
آهي. سندس تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي. پاڻ هڪ باوقار بااثر
زميندار گهراڻي جا چشم وچراغ هئا. زندگي جي سورنهن سال بهار ۾ قدم رکڻ سان هن
نوجوانن کي متحد ڪيو. پاڻ نوجوانن جي سرپرستي ۽ سرواڻي ڪندي انهن کي شعور ڏنائين.
انهن ۾ همت ۽ طاقت، جدوجهد ۽ ڌرتي سنڌ جي حفاظت لاءِ قرباني جا جذبا پيدا ڪيائين.
آس پاس جي بااثر ڳوٺاڻن، نيڪ مردن، معزز شهرين سان مضبوط تعلقات پيدا ڪري پاڻ ۾
خود اعتمادي ۽ جانثاري جا جوهر پيدا ڪيائين. جيڪي وسارڻ سان نه ٿا وسرن.
عوامي ميلا، مجلسون ۽ محفلون:
هن
پنهنجي قيادت، حيثيت، چمڪائڻ ۽ مقبوليت ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪاروبار ۽ والدين جي خدمت
ڪرڻ سان گڏ هڪ جيڏن ۽ وڏن کي ۽ علائقي جي عام ماڻهن کي قرب جي ڪڙي ۾ محبت ۽ مان
سان، خدمت ۽ صداقت سان مهمان نوازي جي نوازش سان ماڻهن جون دليون کٽي من موهي
متاثر ڪري وڌا، عوام جي حمايت ۽ اعتماد سان هن ۾ غريب عوام جي قيادت جا مخلصانا
جذبا بي پناهه پيدا ٿيڻ لڳا.
تحريڪ آزادي جا نعرا ۽ سچا هيرا:
پاڪ
و هنڌ جو ورهاڱو، تحريڪ آزادي جو طوفان ايشيا کنڊ ۾ هڪ زلزلي، هڪ سونامي طوفان کان
ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هو. پارٽيشن لاءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ليڊرن کي سرگرم
بنائي، جوش جاڳائي، مذهبي ڪٽر پڻي جي آگ دکائي، هندستان تي هڪ سو سال حڪومت ڪندڙ
انگريزن گورن هندن ۽ مسلمانن جا پراڻا واسطا ۽ ناتا ٽوڙڻ لاءِ هنن هڪ خطرناڪ
منصوبو تيار ڪيو.
هڪ
طرف مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو ڪانگريس جا نمائندا، ٻئي طرف قائد اعظم محمد علي
جناح، جناب جي ايم سيد ۽ ان جا حمايتي ان کان علاوه مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي
سندن امڙ بي امان، ڊاڪٽر محمد اقبال، مولانا عبيد الله سنڌي، عبدالمجيد سنڌي،
مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ ٻيا انيڪ مذهبي اڳاوڻ هنڌو پاڪ ۾ طوفاني دورا ڪرڻ لڳا،
آزادي جا نعرا ٻڌڻ سان انيڪ سچا هيرا ۽ پتنگ پروانا قافلي تحريڪ جانثار ۽ مجاهدن
جي صف اول وارن دستن ۾ شامل ٿيندا ويا. انهن ۾ حاجي غلام نبي ڏهر
اج پڻ
شامل هو.
درد ۽ دوکا:
انگريزن
جهڙي نموني دغا ۽ دوکي سان انڊيا کي وپار جي نموني سان قبضو ڪري پنهنجي سلطنت
۽پنهنجو راڄ قائم ڪيو ورهاڱو به اهڙي دوکي سان ڪيو جنهن جا چٽا ثبوت مغربي
پاڪستان، مشرق پاڪستان، آزاد ڪشمير، مقبوضه ڪشمير آهن. جيڪي اڄ به تڪراري بنيل
آهن. مشرقي پاڪستان ڌار ٿي ويو، مقبوضه ڪشمير ۾ انڊيا جي توبن ۽ ٽينڪن جا منهن
کليل آهن. قائد اعظم جي پاڪستان کي هاڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو پاڪستان سڏيو
پيو وڃي سرحد جو نالو بدلائي پختونخواهه رکيو ويو آهي ۽ ملتان صوبو ٺاهڻ جون
تياريون زير غور ۽ زير طلب آهن.
نواب شاهه ضلع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جو تاريخي يادگار دورو:
جڏهن
تحريڪ آزادي جي سلسلي دوران ماحول کي گرم ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد
علي جناح نواب شاهه ۾ قدم رکيو تڏهن هن جي نظر هڪ بهادر ۽ قدآور نه
وڪامڻ ۽ نه جهڪڻ واري شخصيت غلام نبي ڏهراج تي پئي جنهن هن کي پرکي پنهنجي ساٿين
ورڪرن ۽ آزدي جي پروانن ۾ شامل ڪيو. انگريزن خريد ڪرڻ لاءِ کيس انيڪ لالچون ڏنيون.
پرهن پرواني تحريڪ آزادي جي هيري کين جواب ڏنو ته آزادي، اصول ۽ ضمير وڪبا ناهن.
هو اڄ به تحريڪ آزادي جو هيرو ۽ قائده اعظم جو جانثار ۽ وفادارن واري قطار ۾
ليکيو وڃي ٿو. جنهن ثابت قدمي سبب اڄ به نواب شاهه ضلع ۾ قومي ڪمانڊر جي حيثيت ۾
ياد رکيو وڃي ٿو.
دوستن جو حلقو ۽ دائرو:
مرحوم
جي پيارن ۽ ناميارين هستين ۽ شخصيتن ۾ جيڪي سگهارا نالا شمار ڪري سگهجن ٿا انهن ۾
قائد اعظم محمد علي جناح، محمد يوسف هارون، محمود هارون، قاضي عبدالمجيد عابد،
قاضي محمد اڪبر، مير غلام علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان، دلپسند دوست غلام مصطفيٰ
جتوئي جو والد غلام رسول خان جتوئي، عبدالستار پيرزادو، رحيم بخش خان سومرو، پير
الاهي بخش، نواب نبي بخش ڀٽو، عطا محمد مري، جعفر خان جمالي، نواب اڪبر بگٽي ۽ ٻين
جا نالا قابل ذڪر آهن.
سياسي معرڪا، مقابلا ۽ ڪاميابيون:
سال
۱۹۱۱ع ۾ هن ضلع ڪائونسل نواب شاهه مان ڪائونسلري جي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي، سال
۱۸۴۶ع ۾ هن سياسي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻڻ جا رڪارڊ حاصل ڪيا.
دلچسپ
مقابلو اهو هو ته نواب شاهه ۽ دادو ضلعن ۾ ٻه تڪ قائم ڪيا ويا. جي ايم سيد جي
سامهون مدمقابل اميدوار قاضي محمد اڪبر هو، جڏهن ته نواب شاهه حلقي مان بااثر
طاقتور اميدوار محمد علي شاهه هو. جيڪو پڻ سابق وزير رهي چڪو هو ۽ سيد محمد علي
شاهه، سيد ظفر علي شاهه جو والد آهي. پاڻ مسلسل اقتدار جا مزا ماڻيندو رهيو. سيد
محمد علي شاهه کي هارائي مرحوم غلام نبي ڏهراج جو کٽڻ هڪ ماضي جو چمڪندڙ باب آهي.
پاڻ هن فاني دنيا مان ۹ فيبروري ۱۹۷۰ع ۾ دارالبقا ڏانهن روانا ٿيو.
ڏهراج خاندان جو سرپرست اعليٰ:
هن
وقت ڏهراج خاندان محبت ديرو جو سرپرست اعليٰ نوجوان عبدالغفار ڏهراج آهي هن ۾
پنهنجي والد واريون
ساڳيون صلاحيتون ۽ خوبيون موجود آهن. سندن ذهن ۽ سوچ سراسر عوامي آهي. پاڻ عوام
دوست، هيڻن جا همدرد، علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ ڇانو ڏيندڙ ڇپر ۽ درخت مثال آهي.
سندس مهمان خاني تي ماڻهن جا ميڙاڪا ۽ هر وقت عوام جا هشام ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سياسي
۽ سماجي مسئلن ۾ پاڻ پيش پيش هوندو آهي. سندس عزت واري آستان تي شهيد ذوالفقار علي
ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو شرف مهماني ماڻي قرب جا قدم گهمائي چڪا آهن.
محبت ديرو
عبرت جي نمائندي در محمد ملاح جو چوڻ آهي ته عبدالغفار مڻيادار، دلبهار هڪ خدمتگار
غريبن سان پيار ڪندڙ پرخلوص انسان آهي. اهڙا همدرد ۽ هڏ ڏوکي ڪردار شال سلامت هجن.
حاجي غلام نبي ڏھراج
هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ اڻوسرندڙ ڪردار
سليم رضا
سنڌ جي سرسبز عظيم سرزمين پنهنجي ڪک مان هميشه ڪامل ولي، درويش، بزرگ، بهادر، جوڌا، جوان ۽ سورهيه
سپوت انسان، پيدا ڪيا آهن. اسان جي سهڻي سرزمين سنڌ کيم اهو پڻ مقام ۽ اعلي مرتبو حاصل
آهي جو کيس اسلام جو دروازو سڏيو ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ کي، سخين بزرگن ۽ مهمان نوازن
جي ڌرتي جو شرف پڻ مليل آهي. انهي سدا بهار سنڌ جي علم هنر ۽ سياست توڙي سخاوت ۾ ساهتي
پرڳڻي ضلع نوشهروفيروز کي پڻ اهو مان مرتبو حاصل آهي جو هن ضلع اندر ڪيترن عظيم شخصيتن
جنم ورتو آهي. جن مان ڪنڊيارو تعلقي جي محبت ديرو ۾، سال ۱۸۸۶ع ۾ جنم وٺندڙ تاريخ ساز
شخصيت، سمنڊ جي گھراين جيڏيون حسرتون کڻي، ٻين لاءِ جيئندڙ هڪ بهادر عظيم شخصيت، خانصاحب
حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي. سندس تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي.
پاڻ هڪ باوقار ۽ بااثر زميندار گھراڻي جو چشم و چراغ هئو. سورنهن سالن
جي عمر ۾ ئي سنڌ جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو. جنهن ۾ نوجوانن کي متحد ڪري، انهن ۾
همت، طاقت ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪيو. هن علائقي ۾ وقت به وقت اهم شخصيتن جنم ورتو
آهي، جن ۾ سردار دلاور خان ڏهراج، سردار حاجي محمد ابراهيم خان، غلام مصطفي خان ڏهراج،
رئيس شاهنواز خان ڏهراج، اديب ڪهاڻيڪار ناول نگار غلام رباني آگرو، ملھ پهلوان رستم
سنڌ شير ميربحر ۽ حبيب الله خان خشڪ جهڙا انمول ڪردار شامل آهن.
سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج، ملڪ جي باني محترم قائداعظم جو ويجھو
ساٿي ۽ تحريڪ پاڪستان جو رهنما ۽ رهبر هو. جڏهن مسلمانن کي الڳ جدا قوم تصور ڪرڻ عيب
سمجھيو ويندو هو ته انوقت خاص ڪري مسلمان غريب هارين جي حالت تمام خراب هوندي هئي ته
هن سپوت ۽ املھ شخص، مسلمان غريب هارين جو هڏ ڏوکي بنجي، ڏينهن رات هڪ ڪري، سندن حقن
لاءِ ڀرپور جدوجهد ۾ شامل ٿي، قائداعظم جو ٻانهن ٻيلي بڻجي، انگريز گورن پاران مليل
ڌمڪين جي به پرواه نه ڪندي، انگريزن جي ارادن کي ٺڪرائي ڇڏيو. هي بيباڪ، بهادر ۽ اصول
پرست، دشمنن لاءِ هر گھڙيءَ دهشت ۽ ڏهڪاءُ بڻيل رهيو. جنهن جو ڳاڻيٽو تحريڪ پاڪستان
جي جاکوڙي اڳواڻن ۽ اڪابرن ۾ ليکيو ويندو هو. جڏهن سياست جي سموري سفر ۾، پنهنجي زندگيءَ
کي سياست ۽ ٻين لاءِ خدمت ڪندي، بسر ڪيائين. اهڙا املھ انسان، هن دنيا ۾ هوندا ته گھٽ
آهن پر پنهنجي مختصر وقت ۾، پنهنجي جاکوڙ ۽ جدوجهد جي ڪري، صدين جو سفر، ڪجھ ئي ڏينهن
۾، ڪري وٺندا آهن. سندن علمي، ادبي، روحاني، تهذيبي رفعت ۽ بلندي، چنڊ ستارن وانگر
روشن هوندي آھي. سندن زندگي جي هر گھڙي انسانيت جي خدمت جي آئينه دار هوندي آھي. جنهن
جي اشاري ۾ الله تعالي جو خوف ۽ انسانيت جي خدمت جي پيروي هوندي آھي.
ھو اڻ ڳڻين خوبين جو مالڪ، ڪمال جي ڄاڻ ۽ ادب جو خزانو هو. هن پنهنجي
تحريڪي جدوجهد دوران، ڪيترا ئي بهترين دوست ٺاهيا. جن ۾ قائداعظم، يوسف هارون، ميرغلام
علي ٽالپر، پيرالاهي بخش، محمد هاشم، غلام رسول جتوئي، عبدالستار پيرزادو، قاضي محمد
اڪبر، مير جعفر جمالي، نواب نبي بخش، عطا محمد مري، نواب اڪبر بگٽي سميت سوين دوست
ٺاهيا.
هن عظيم بهادر جي سياسي سماجي ڪاميابين جي شروعات سال ۱۹۱۱ع ۾ ضلع ڪائونسل
نوابشاه جي چونڊ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٿي. انکانپوءِ سال ۱۹۴۶ع جي چونڊن ۾ هن مسلم ليگ
جي پليٽفارم تان، نوابشاه جي حلقي مان موجوده ايم اين اي سيد ظفر علي شاه جي والد
۾محمد علي شاه سان ڪري ڪاميابي ماڻي. جڏهن تحريڪ آزادي جي سلسلي دوران ماحول کي گرم
۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ قائداعظم نوابشاه ۾ قدم رکيو ته انوقت هن حاجي غلام نبي خان
ڏهراج جي چونڊ ڪري، هن کي پنهنجي تحريڪ وارن پروانن ۾ شامل ڪري ورتو. سال ۱۹۴۶ع جي
اليڪشن ۾، سنڌ جا ٻه حلقه ان ڪري اهميت اختيار ڪري ويا ڇاڪاڻ ته هڪ طرف دادو جي حلقه
۾ سائين جي ايم سيد جو قاضي محمد اڪبر سان مقابلو هيو ته ٻئي طرف نوابشاه جي حلقه
۾ سيد محمد علي شاه جو حاجي غلام نبي خان سان مقابلو هيو. اهڙيءَ طرح حاجي غلام
نبي خان، ڪاميابي حاصل ڪئي. حاجي غلام نبي خان کي اڄ به ننڍا توڙي وڏا ياد ڪن ٿا.
هيءَ تاريخي شخصيت، سال ۱۹۷۰ع ۾، هن فاني دنيا مان، جسماني طور، ماڻهن
کان جدا ٿي وئي. پر سندس ڪيل فيصلا، تاريخي ڪارنامه، اڄ به وسندين ۽ واهڻن ۾ ڳائجن
ٿا.
اڄ نه
اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،
آديسي
اٿي ويا، پئي اڏامي رک،
سامي کڻي
سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
حاجي غلام نبي ڏهراج
ورسيءَ جي مناسبت سان -
تحريڪ پاڪستان جو انمول ڪردار
در محمد ملاح
موت، جنهن لاءِ سنڌ
جي مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي چيو آهي ته ڪا حياتي موت اٿئي ڪو موت حياتي هوندو
آهي، هندستان جي حڪمران سلطان ٽيپو جو قول آهي ته ”گدڙ جي هزار سال زندگي کان
شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي سئو بار افضل آهي.“ نامور شخصيتن جو تجزيو ڪرڻ ۽ انهن
جي ڪيل خدمتن جذبن ۽ سندن ورثي کي ياد ڪرڻ به هڪ بهتر عمل آهي، ماضي ۾ جھاتي پائي
ان جو ڇيد ڪرڻ ماڻهن واقعن ۽ تاريخن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ به ضروري آهي، ان سان نه صرف
انهن شخصيتن ۽ سندن زندگي ۽ دور جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي بلڪه فردن توڙي قومن کي
خودشناسي جو موقعو ملي ٿو. اهڙي پرک جي نتيجي ۾ سنڌ سونهاري جي هر واهڻ وستي ڳوٺ
شهر ۾ انيڪ ڪردار سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست ڪردارن جو ڏس پتو ملي ٿو، جن پنهنجي سموري
حياتي سچ جي سربلندي قوم جي خدمت لاءِ سرانجام ڏني آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتي قوم ۽
ثقافت سان بي پناهه محبت ڪندي ان جي بچاءَ توڙي پرچار لاءِ پاڻ پتوڙي چڪا آهن،
پنهجي ڌرتي ۽ قوم سان بي پناهه محبت رکندڙ هارين پٺتي پيل ماڻهن جي حالت سڌارڻ
مسلمانن کي انگريز گورن جي غلامي مان نجات ڏيارڻ سميت ٻين انيڪ صنتعن سان سينگاريل
هڪ عظيم انسان ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي شهر محبت ديرو سان به
سلهاڙيل آهي، جنهن جو تحريڪ آزادي جدوجهد ۾ وڏو اهم ڪردار رهڻ ڪري کيس مڃتا به ملي
آهي، اهو تاثر عام ٿيو ته ان جو تحريڪ آزادي جي بهادر ۽ ارڏن ليڊرن ۾ شمار هيو، جيڪو
پنهجي ضمير تحريڪ آزادي جي اڳواڻن سان نهايت سچو ۽ وفادار رهيو، دراصل هو هر ڪمٽمينٽ
جو ڄڻ بنياد هيو، جيڪو ڪنهن مقصد ڪنهن نصب العين سان واڳيل هجي ته پوءِ ڪنهن ڏاڍ ڏهڪاءُ
ظلم بربريت سان مهاڏو اٽڪائڻ سان ڪيئن ڪيٻائيندو. اهڙن اندر جي روشن خيال ماڻهن مان
سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي، جنهن جي گھڻ رخي شخصيت ماڻهن کي بيحد
متاثر ڪيو، هن عام ماڻهن کي ظلم ڏاڍ ڏهڪاءُ ناانصافين جي خوف، اجائين ريتن رسمن جي
پنجوڙ مان آزاد ڪرڻ ذهني سجاڳي واري ان مقصد لاءِ غريب مسڪين ماڻهن ۾ شعور ۽
بيداري جي لاٽ ٻاري تحريڪ آزادي جو آواز اٿاري انهن جي ذهنن کي کوليو ۽ کين صحيح
واٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪڏهن اسلام جو سهارو ته ڪڏهن ڪميونسٽ فڪر جو مقصد هيو، انسان ۽
انسانيت جي ڀلائي ڪڏهن ادب ته سياست وسيلي ان اهي مقصد ماڻڻ جي جدوجهد ڪئي، ان
راهه ۾ هلندي کيس ڪيترائي ڏک ڏسڻا پيا، سختيون سهڻيون پيون پر مزاحمت نه ڇڏي، هن
نئين فڪر کي قبول ڪندي ان ۾ يقين رکيو ته آزادي جي تاريخي ڪردار ۽ اڻڳڻين خوبين جي
مالڪ سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ سج جيان روشن آهي،
جنهن ۱۸۸۶ع ۾ محبت ديرو جي محبت واري ڌرتي تي جنم ورتو، سندس جنم جو هنڌ به محبت
ديرو آهي ته آخري آرامگاهه پڻ اتي آهي، جواني ۾ پير پائڻ سان هن هر ڪنهن سان مضبوط
تعلقات جوڙي پاڻ ۾ خود اعتمادي جانثاري ۽ روشن خيالي جا جوهر پيدا ڪيا جنهن علائقي
جي ماڻهن کي خدمت صداقت بهادري مهمان نوازي سان قرب جي ڪڙي ۾ جوڙي انهن جي دلين ۾
پاڻ مڃايو، جنهن جي دل ۾ ملڪ قوم لاءِ بي پناهه محبت هئي، سردار حاجي غلام نبي خان
ڏهراج قائداعظم محمد علي جناح جو ويجھو رفيق تحريڪ پاڪستان جو رهنما هيو، جڏهن
مسلمانن کي هڪ الڳ قوم تصور ڪرڻ عيب سمجھيو ويندو هيو ته ان وقت مسلمان غريب هارين
جي حالت خراب ۽ بدتر هئي ته هن مرد مجاهد تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ شامل ٿي قائداعظم
سان ٻانهن ٻيلي بڻجي انگريز گورن پاران مليل ڌمڪين جي ڪابه پرواهه نه ڪندي انگريزن
جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، جيڪو دشمنن لاءُ دهشت جي علامت بنيل هيو جنهن جو ڳاڻيٽو
تحريڪ پاڪستان جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي ڪردارن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس عملي ادبي روحاني تهذيبي
رفعت ۽ بلندي چنڊ تارن وانگر چمڪندڙ آهي،
سندس زندگي انسانيت
جي خدمت جي آئيني دار هوندي هئي، جنهن پنهنجي جدوجهد واري عرصي دوران ڪيترن ئي
نامور شخصيتن سان پنهنجا تعلقات جوڙيا، جن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، يوسف هارون،
مير غلام علي ٽالپر، پير الاهي بخش، قاضي محمد اڪبر، محمد هاشم، غلام رسول جتوئي،
عبدالستار پيرزادو، عبدالحميد جتوئي، قاضي عبدالمجيد عابد، مير جعفر خان جمالي،
نواب نبي بخش ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي ۽ عطا محمد مري قابل ذڪر آهن. قائد اعظم تحريڪ
آزادي جي هلچل جي سلسلي ۾ ان وقت جڏهن نوابشاه پهتل هيو ته سندس نظر هن پرجوش نه وڪامڻ
نه جھڪڻ واري قداور شخصيت حاجي غلام نبي ڏهراج تي پئي جنهن هن کي پنهجي ويجھن ساٿين
۽ آزادي جي پروانن جي صف ۾ شامل ڪيو، جنهن دوران سندس جوش جذبو همٿ ڏسي انگريزن کيس
ان صف مان ٻاهر نڪرڻ لاءَ وڏيون آڇون ڪيون، پر تحريڪ آزادي جي هن هيري انهن وڏين
آفرن کي ٺڪرائي انگريز سامراج کي اهو پيغام ڏنو ته آزادي اصول ضمير تي ڪڏهن به ڪا
سودي بازي نه ٿيندي آهي، اهڙن ڪارنامن سرانجام ڏيڻ تي تحريڪ آزادي جي هيرو طور سڃاتو
ويندو هو، ان ثابت قدمي سبب نواب شاهه ضلي ۾ کيس قومي ڪمانڊو جي حيثيت سان سڃاتو ۽
ياد ڪيو پيو وڃي، برصغير تي هڪ سال حڪومت ڪندڙ انگريزن، مسلمانن ۽ هندن جا پراڻا
واسطا ٽوڙڻ لاءِ جڏهن هڪ خطرناڪ منصوبو جوڙيو، جنهن ۾ هڪ طرف مهاتما گاندي جواهر
لال نهرو ۽ ڪانگريس جا ٻيا اڳواڻ ته ٻئي طرف قائد اعظم ۽ ان جا حمايتي هئا، جيڪي اڳواڻ
هند پاڪ جا دورا ڪرڻ لڳا، آزادي جا نعرا ٻڌڻ سان سچا هيرا پتنگ پروانا قابل تحريڪ
جا جانثار مجاهد ٿي صف اول وارين ساٿين ۾ شامل ٿيندا ويا، جن ۾ سردار حاجي غلام نبي
خان ڏهراج پڻ شامل هيو، ۱۹۱۱ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه مان چونڊ وڙهي هن جاکوڙي ڪردار ڪاميابي ماڻي،
ائين ئي ۱۹۴۶ع ۾ هن هڪ ٻي سياسي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، دلچسپ مقابلو
اهو هو ته نوابشاهه ۽ دادو ضلعن ۾ ٻن تڪن تي جي ايم سيد سان قاضي محمد اڪبر ۽
نوابشاهه واري تڪ مان بااثر طاقتور شخصيت سيد محمد علي شاهه جيڪو وزير پڻ رهيو ان
جو مقابلو سردار حاجي غلام نبي خان ڏهراج سان ٿيو جنهن مقابلي ۾ سردار حاجي غلام
نبي خان ڏهراج وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ايم ايل اي چونڊجي هن حلقي جي سياست ۾
پنهنجو وڏو ڌاڪو ڄمايو. هن انمول ڪردار ۽ نه وسرندڙ انسان دوست شخصيت حاجي غلام
نبي خان ڏهراج ۹ فيبروري ۱۹۷۰ع تي وفات ڪئي.
هن وقت ڏهراج خاندان
محبت ديرو جو سرپرست اعليٰ رئيس عبدالغفار خان ڏهراج جنهن ۾ پنهجي والد ۽ ڏاڏي واريون
سموريون صلاحيتون ۽ خوبيون سمايل آهن، جنهن جي سوچ سراسر عوامي ڀلائي ۽ بهبود واري
آهي جيڪو پڻ انسانيت جي خدمت ۾ يقين رکي ٿو. کيس لطيف سائين جي خوبصورت سٽن سان ڀيٽا
پيش ڪجي ٿي ته:
وڃي ٿيو وڻڪار هت نه
ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو
ٻي پار،
نائي نيڻ نهار تو ۾
ديرو دوست جو.
No comments:
راءِ ڏيندا