; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مظھر جتوئي

25 August, 2019

ڪامريڊ مظھر جتوئي

ڪامريڊ مظهر جتوئي
۲۱ هين ورسي جي مناسبت سان - مون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي.
ثمر حيدر جتوئي


اڄ شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جي ورسي تي ان جون ڪيل خدمتون ياد اچن ٿيون. ڪامريڊ مظهر ۱۹۳۶ع ۾ گهوٽڪي شهر ۾ ڄائو. هو ننڍي هوندي کان پنهنجي والد ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم انقلابي اڳواڻ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ جي صحبت ۾ رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات کانپوءِ ان جو وڏو فرزند مصطفيٰ حيدر جتوئي جيڪو ۴ سالن تائين بيمار رهيو ۽ آخر هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت ڪامريڊ مظهر بئنڪ ۾ ملازم هو. ڪامريڊ مظهر تي وڏي ڀاءُ کانپوءِ سڄي خاندان جي وڏي ذميواري اچي وئي. ڪامريڊ مظهر باهمت ۽ حوصلي وارو مردِ مجاهد هو. ان پنهنجي ملازمت به هلائي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ٻانهه ٻيلي پڻ رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساٿين سميت هاري اڳواڻ ۽ هاري ورڪرن سان لهه وچڙ ۾ رهندو هو. ڪامريڊ مظهر جو ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي، ڪامريڊ مير ٽالپر، ڪامريڊ عثمان لغاري، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ الله جڙيو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، ڪامريڊ امن چانڊيو ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪامريڊ ايندا هئا. ڪامريڊ مظهر تي هن جو وڏو اثر هو. ڪامريڊ مظهر سنڌ هاري ڪاميٽي جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪندو هو. باباءِ سنڌ جون تاريخي ورسيون هيون جنهن ۾ لکين هارين ۽ مزدورن شرڪت ڪئي. 


ڪامريڊ مظهر ۱۹۹۵ع ۾ بئنڪ مان رٽائرڊ ٿيو. هڪ ڏينهن در تي ٺڪ ٺڪ ٿي شام جا ۴ ٿي رهيا هئا. مان در کوليو ته ڪامريڊ امداد قاضي مون کي چيو ته پٽ باباءِ آهي. مون چيو توهان ڪير آهيو؟ ان چيو بابا مان امداد قاضي آهيان، اڄ ۲۱ مئي آهي، اسان سڀئي دوست ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائڻ آيا آهيون، توهان مظهر جتوئيءَ کي سڏي اچو. مان ويس بابا مظهر کي چيم ته بابا ڪامريڊ آيا آهن. اڄ ۲۱ مئي آهي توهان کي سڏين پيا. ڪامريڊ مظهر مون کي چيو گرمي گهڻي آهي، ڪامريڊن کي ويهاري پاڻي پيار، مان اچان ٿو. ان وقت ۲۱ مئي ۱۹۹۵ع واري ورسي هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ٻيا ڪراچي ۾ گهڻا ڪامريڊ هئا. خير ورسي ٿي وئي، ان کانپوءِ سڀني ۲۲ مئي تي ميٽنگ سڏائي، جيڪا مظهر جتوئي کي ارينج ڪرڻي هئي. ان ميٽنگ ۾ اهو طئي ٿيو ته هاڻي سنڌ هاري ڪاميٽي نئين سري سان هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙجي. سو نيٺ سنڌ هاري ڪاميٽي جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو. ڪامريڊ مظهر سنڌ بچايو جدوجهد ڪاميٽي ۾ پليجي صاحب سان سنڌ جي قومي مسئلن تي گڏ رهيو. ان کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان تاريخي جدوجهد ڪئي. ڪالاباغ ڊيم نه کپي جي نعري سان سڏي سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، بک هڙتالون ڪيون ويون. ايتري قدر جو نواز شريف ۱۰ آگسٽ تي ڪالاباغ ڊيم جو سنگِ بنياد رکڻ جو فيصلو ڪيو. ان اعلان کانپوءِ ڪامريڊ مظهر ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جي ايم ڀرڳڙي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم نه کپي جي مهم هلائي جو بينظير ڀٽو صاحبه به مجبور ٿي ۱۰ آگسٽ واري ڪمون شهيد ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جي ايم ڀرڳڙي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم نه کپي جي مهم هلائي ۽ بينظير ڀٽو صاحبه به ۱۰ آگسٽ واري ڪمون شهيد واري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي. انهن ڏينهن ۾ڪامريڊ مظهر کي دل ۾ تڪليف ٿي شگر، بلڊ پريشر جي ڪري ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو. پر ڪامريڊ مظهر جتوئي آرام کان وڌيڪ ڪالاباغ ڊيم جو سنگِ بنياد رکڻ جو فيصلو ختم ڪري ڇڏيو. ۲۳ آگسٽ تي ڪامريڊ مظهر جتوئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينرز ۽ ٻين اڳواڻن ڪامريڊ مظهر جتوئي کي ڪالاباغ ڊيم موومينٽ جو پهريون شهيد قرار ڏنو هو. ڪامريڊ مظهر جتوئي اڪثر آخري ڏهاڙن ۾ اسان فيملي ميمبرن ۽ دوستن يارن کي چوندو هو ته سنڌ سان ڪڏهن دوکو نه ڪجو. ڪامريڊ مظهر جتوئي جهڙين شخصيتن جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.


ڪامريڊ مظهر جتوئي

جنهن سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ نئون ساهه وڌو

احمدنواز انقلابي

سنڌ جي عظيم فرزند ۽ عظيم اڳواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو لائق فرزند ڪامريڊ مظهر جتوئي جو لاڏاڻو سنڌ جو، سنڌ جي سياست جو، هاري جدوجهد جو، ڪالاباغ ڊيم مخالف موومينٽ جو وڏو نقصان آهي موت برحق آهي هر ڪنهن تي اچڻو آهي پر ڪن ماڻهن جو موت پوئتي رهيل پنهنجي دوستن رفيقن ساٿين ۽ پنهنجي قوم ۾ وڏو خال ڇڏي ويندو آهي، ۽ اهو خال ڀرڻ ڏکيو آهي.

ڪن ماڻهن جي وڃڻ سان انهن جون محبتون شفقتون انهن جا ڳڻ ۽ اخلاق انهن جي سڪ ۽ ساڻيهه انهن جي سٻاجهڙائپ ۽ ٻاجهاري طبيعت ۽ انهن جي سلڇڻاين جون سهڻيون ۽ مٺيون يادون پونيئرن ۾ اهڙو ته ڏک ۽ غم ڇڏي وينديون آهن جو انهن سان دليون گهائجي پونديون آهن، اندر جهري پوندو آهي ڪامريڊ مظهر جتوئي جو وڇوڙو به اسان جهڙن عقيدتمندن دوستن احبابن مٽن لاءِ اهڙو ئي ڪربناڪ ۽ دکدائڪ آهي سندس محبتون ۽ شفقتون وسارڻ جون ناهن،

ڪامريڊ مظهر جتوئي رٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي عظيم پيءُ جي سياسي ميدان ۾ اچي لٿو۔ رٽائرمينٽ کانپوءِ ماڻهو ۾ بچندو ڇا هي، ڪامريڊ مظهر جتوئي به نهايت ضعيف ۽ ڏٻرو وڃي بچيو هو جواني توانيءَ جا ڏينهن ته سرڪاري نوڪريءَ ۾ کپي ويس باقي جيڪو بچيل سچيل ڪامريڊ جو ست هو ان سان اچي سنڌ هاري ڪاميٽي جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيائين، بار ڇا کنيائين، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جو نشان ئي جهڙوڪ ڪو نه بچيو هو ان کي ڪامريڊ مظهر جتوئي زندگي ڏئي ڇڏي وري هڪ ڀيرو سنڌ جي هارين کي روڊن تي وٺي آيو، سنڌ هاري ڪاميٽي مرحوم ڪامريڊ جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ شاندار مظاهرا ڪيا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا ۽ جلوس ڪيا سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ نئون روح ڦوڪيو وري سنڌ هاري ڪاميٽي اخبارن جي شاهه سرخين ۾ جاءِ والارڻ لڳي پراڻا ڪميونسٽ ۽ ڪامريڊ جيڪي ڪامريڊ مظهر جتوئي کان پهريائين سنڌ هاري ڪاميٽي کي پنجابي ڪميونسٽن جي آشيرواد ۽ ڏانو سان هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي انهن سڀني کي پوئتي ڇڏي پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي کي تمام گهڻو اڳتي وٺي ويو۔

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مرحوم جيان سنڌ هاري ڪاميٽي کي ڪميونسٽن جي اثر مان ڪڍي سنڌ جي قومي ڌارا ۾ کڻي آيو ۽ قومپرست ڌرين سان گڏجي عملي سياسي ميدان ۾ ڪاهي پيو۔ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد ۾ ته شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جيڪو ڪردار ادا ڪيو سو تمام شاندار هو آءٌ سمجهان ٿو ته سندس ان شاندار ڪردار تي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي روح کي وڏي تسڪين ۽ راحت پهچائي هوندي ڪامريڊ مظهر جتوئي جو موقف هو ته ڪالاباغ ڊيم جتي سنڌ جي قومپرست جدوجهد جو موضوع آهي اتي هارين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي ان ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي کي ان لاءِ ڀرپور نموني سان ميدان ۾ لهڻو آهي ۽ سڀن ڏٺو ته سنڌ هاري ڪاميٽي ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد جي ميدان ۾ سرفهرست رهي.

ڪالاباغ ڊيم خلاف جيڪا جدوجهد ٿي ان لاءِ اينٽي ايڪشن ڪميٽي جو بنياد رکيو ويو هو. سنڌ هاري ڪاميٽي به ان ۾ شامل رهي شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي زبردست جدوجهد ڪئي ايڪشن ڪميٽي پاران ٿيل سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف جلسن ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي هر هنڌ شريڪ رهيو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي اتر وارن علائقن جي گرمي ته اصل صفا موت مار هئي شيخ اياز چواڻي ”جت لڪ لڳي جت اڪ تپن، جت ڏينهن ڪڙهائي جيئن ڪڙهن،، جهڙي سخت گرمي وارن علائقن ۾ عوامي ميڙن جي قيادت ڪرڻ جلوس سان نڪرڻ ريليون ڪڍڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي اوٻاوڙي جي ڌرڻي ۾ به گرميءَ جو جيڪو زور هو اهو به ڏسڻ وٽان هو ان جي مٿان وري عوام جو سمنڊ جو اچي اٿليو ته گرميءَ جي ڳالهه ئي ٻي ٿي وئي، اتي به ڪامريڊ مظهرجتوئي موجود رهيو،

دل جو مريض ماڻهو هجي ان لاءِ ايڏي سخت جدوجهد جي تڪليف سهڻ جو دم ڪٿي ٿوٿي سگهي، عمر جي پڇاڙي هڪ پاسي ڪمزور ۽ ضعيف ان کان سواءِ ان هڻ هڻان ۽ جدوجهد ڪمزور، ضعيف ۽ بيمار ڪامريڊ مظهر جتوئي جي جان وٺي ڇڏي۔ سلام هجي مرحوم کي جنهن بيماري ۽ تڪليف جو ڪو به خوف نه ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جون آخري گهڙيون سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ جدوجهد ۾ گذاريون۔

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ مظهر جتوئي

جنهن سنڌ لاءِ جيئڻ سيکاريو – ورسيءَ جي مناسبت سان

وفا علي سنڌي

موت برحق آهي هر ڪنهن تي اچڻو آهي پر ڪن ماڻهن جو موت پوئتي رهيل پنهنجي دوستن رفيقن ساٿين ۽ پنهنجي قوم ۾ وڏو خال ڇڏي ويندو آهي ۽ اهو خال ڀرڻ ڏکيو آهي، ڪن ماڻهن جي وڃڻ سان انهن جون محبتون شفقتون انهن جا ڳڻ ۽ اخلاق انهن جي سٻاجهڙائپ ۽ ٻاجهاري طبيعت ۽ سلڇڻاين جون سهڻيون ۽ مٺيون يادون پونيئرن ۾ اهڙو ته ڏک ۽ غم ڇڏي وينديون آهن جو انهن سان دليون گهائجي پونديون آهن، اندر جهري پوندو آهي، ڪامريڊ مظهر جتوئي جو وڇوڙو به اهڙو ئي ڪربناڪ ۽ دکدائڪ هو، سندس محبتون ۽ شفقتون وسارڻ جون ناهن هونديون، هو سنڌ جي عظيم فرزند ۽ عظيم اڳواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو لائق فرزند، سنڌ جي سياست، هاري جدوجهد، ڪالاباغ ڊيم مخالف تحريڪ جو تاريخي ڪردار آهي.

ڪامريڊ مظهر جتوئي رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي عظيم پيءُ جي سياسي ميدان ۾ اچي لٿو، رٽائرمينٽ کان پوءِ ماڻهو ۾ بچندو ڇا هي، ڪامريڊ مظهر جتوئي به نهايت ضعيف ۽ ڏٻرو وڃي بچيو هو جواني جا ڏينهن ته سرڪاري نوڪري ۾ کپي ويس، باقي جيڪو بچيل سچيل ڪامريڊ جو ست هو، ان سان اچي سنڌ هاري ڪاميٽي جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيائين، بار ڇا کنيائين، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جو نشان ئي جهڙوڪ ڪو نه بچيو هو، ان کي ڪامريڊ مظهر جتوئي زندگي ڏئي ڇڏي وري هڪ ڀيرو سنڌ جي هارين کي روڊن تي وٺي آيو، سنڌ هاري ڪاميٽي مرحوم ڪامريڊ جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ شاندار مظاهرا ڪيا، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا ۽ جلوس ڪيا، سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ نئون روح ڦوڪيو، وري سنڌ هاري ڪاميٽي اخبارن جي سرخين ۾ جاءِ ولارڻ لڳي، پراڻا ڪميونسٽ ۽ ڪامريڊ جيڪي شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي کان پهريائين سنڌ هاري ڪاميٽي کي پنجابي ڪميونسٽن جي آشيرواد سان هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي انهن سڀني کي پوئتي ڇڏي پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي کي تمام گهڻو اڳتي وٺي ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مرحوم جيان سنڌ هاري ڪاميٽي کي ڪميونسٽن جي اثر مان ڪڍي سنڌ جي قومي ڌارا ۾ کڻي آيو ۽ قومپرست ڌرين سان گڏجي عملي سياسي ميدان ۾ ڪاهي پيو.

ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد ۾ ته شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جيڪو ڪردار ادا ڪيو، سو تمام شاندار هو آئون سمجهان ٿو ته سندس ان شاندار ڪردار تي باباءِ سڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي روح کي وڏي تسڪين ۽ راحت پهچائي هوندي، ڪامريڊ مظهر جتوئي جو موقف هو ته ڪالاباغ ڊيم جتي سنڌ جي قومپرست جدوجهد جو موضوع آهي، اتي هارين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ان ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي کي ان لاءِ ڀرپور نموني سان ميدان ۾ لهڻو آهي ۽ سڀن ڏٺو ته سنڌ هاري ڪاميٽي ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد جي ميدان ۾ سرفهرست رهي، ڪالاباغ ڊيم خلاف جيڪا جدوجهد ٿي ان لاءِ اينٽي ايڪشن ڪميٽي جو بنياد رکيو ويو هو، سنڌ هاري ڪاميٽي به ان ۾ شامل رهي، شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي زبردست جدوجهد هلائي ايڪشن ڪميٽي جڏهن سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف جلسا ٿيا ته انهن ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي هر هنڌ شريڪ رهيو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي اتر وارن علائقن جي گرمي ته اصل صفا موت مار هئي، شيخ اياز چواڻي “جت لڪ لڳي جت اڪ پچن، جت ڏينهن ڪڙهائي جيئن ڪڙهن، جهڙي سخت گرمي وارن علائقن ۾ عوامي ميڙن جي قيادت ڪرڻ جلوس سان نڪرڻ ريليون ڪڍڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪانهي، اوٻاوڙي جي ڌرڻي ۾ به گرمي جو جيڪو زور هو اهو به ڏسڻ وٽان هو، ان جي مٿان وري عوام جو سمنڊ جو اچي اٿليو ته گرمي جي ڳالھ ئي ٻي ٿي وئي، اتي به شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي موجود رهيو.

دل جو مريض ماڻهو هجي، ان لاءِ ايڏي سخت جدوجهد جي تڪليف سهڻ جو دم ڪٿي ٿو ٿي سگهي، عمر جي پڇاڙي هڪ پاسي ڪمزور ۽ ضعيف ان کان سواءِ بس ان هڻ هڻان ۽ جدوجهد ڪمزور، ضعيف ۽ بيمار شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جي جان وٺي ڇڏي، سلام هجي مرحوم کي جنهن بيماري ۽ تڪليف جو ڪو به خوف نه ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جون آخري گهڙيون سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ جدوجهد ۾ گذاريون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ مظهر علي جتوئي

ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد جو ڪردار

ڪامريڊ محمد خان

سنڌ ڌرتي هر دؤر ۾ ڪي انمول هيرا پيدا ڪيا آهن. ڪي اڏول ۽ ارڏا انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ انهن ڪڏهن به پنهنجي قوم کي مايوس ناهي ڪيو. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي فرد اهم رهيا آهن ته ڪڏهن وري خاندان به اهم رهيا آهن، انهن مان بکي ديري جو جتوئي خاندان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ اندر قومپرست سياست جو نه رڳو بنياد وڌو پر ذاتي طور عملي جدوجهد ڪئي. جيئي سنڌ جي نعري تي هڪ وڏو قومي شعر لکي هن سنڌي ۾ جيئي سنڌ لفظ کي امرتا بخشي ڇڏي. ان کانپوءِ سندس فرزند شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي ۽ هاڻي سندس پوٽو ڪامريڊ اظهر علي جتوئي ان راهه تي هلي پنهنجي ڏاڏي جي سياست ۽ نظرياتي ورثي کي سنڀاليو اچن ۽ سندس ڇڏيل سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي سخن جو پاڻي ڏيندو اچي. ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل جدوجهد جي پهرئين شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي جي زندگي ۽ جدوجهد پڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو مثال آهي. شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي ان وقت سياست ۾ قدم رکيو، جڏهن نواز شريف پنهنجي ٻئي دؤر ۾ ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو ته هاڻي هو ڪالاباغ ڊيم ٺاهيندو، ان اعلان سنڌ ۽ بلوچستان اندر ٻرندي باهه تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ سنڌ اندر پاڻ مرادو تحريڪ جنم ورتو ۽ سنڌي عوام ان اعلان کانپوءِ رستن تي نڪري آيو ۽ شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ تمام وڏو محاذ کڙو ڪيو، جنهن جو نالو اينٽي ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي رکيو ويو. ان ڪاميٽي سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌي عوام ۾ کوڙ ساري جاڳرتا پيدا ڪئي. ان ۾ شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي ۽ ان جي عمر جو هڪ ٻيو جاکوڙي انسان جي ايم ڀرڳڙي پڻ موجود هو. پنهنجي ڌرتيءُ ماءُ لاءِ جان جي پرواهه به نه ڪئي، پيرسني ۽ بيماري ۾ هوندي به ڪمون شهيد واري قافلي ۾ گڏ هئا ۽ انهن اڻٿڪ جدوجهد ڪري ثابت ڪيو ته سنڌ سوا ٻي ڳالهه نه ٿيندي، ڀلي سامهون کڻي ڪا گولي اچي، شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي جو ڪردار هر آول دستي جي هڪ رهنما ۽ اڳواڻ وارو هو. اسان جيڪي نوجوان هئاسون انهن کي ڏسي اتساهه وٺندا هئاسون. هنن هر موڙ تي اسان جي اڳواڻي ۽ رهنمائي ڪئي. نوجوانن کان ٻه وکون اڳتي وڌي هنن حڪمران ٽولي کي للڪاريو. شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي جي پيدائش گهوٽڪي ۾ ۱۹۳۶-۰۲-۱۴ ۾ ٿي، ڇو ته ان وقت باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اتي مختيارڪار هو. هن پرائمري تعليم اتان ئي حاصل ڪئي ۽ پوءِ جتي به ڪامريڊ نوڪري ۾ رهيو، هن باقي تعليم اُتان حاصل ڪئي. آخر ۾ بئنڪ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ آخرڪار اتان ئي رٽائرڊ ڪيائين. شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي جڏهن سنڌ جي سياست ۾ سرگرم ٿيو ته هڪ نئين اُميد پيدا ٿي ته هو اڳتي هلي تمام اهم ڪردار ادا ڪندو. خدا کيس وڏي شعور سان نوازيو هو. هن چاهيو ٿي ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو مشن اڌ ۾ ڇڏيو آهي اُن کي تڪميل تي پهچائجي، هن جي ذهن ۾ هڪ وڏو خاڪو هو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن نالي سان هڪ ادارو قائم ڪري، ڇو ته هو چاهيندو هو ته ڪامريڊ تمام وڏو علمي ادبي ۽ سياسي ڪم ڪيو آهي ۽ لکت جي صورت ۾ هن سنڌ تي تمام وڏو تحقيقي ذخيرو ڇڏيو آهي. جيڪو انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي، ان کي سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي حلقن لاءِ ڇپائي پڌرو ڪجي پر سندس اها خواهش اڻپوري رهجي وئي، جيتوڻيڪ ان تي ڪجهه ڪم ڪامريڊ جي ٽئين پُٽ ڊاڪٽر حاتم جتوئي صاحب به وڏي محنت ۽ محبت سان سرانجام ڏنو پر اهو سڄو سارو ڪم انگريزي زبان ۾ هو. پر شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي ان ڪم کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي سنڌي قوم حوالي ڪرڻ پئي چاهيو، جيڪو سندس وفات جي ڪري اڻپورو رهجي ويو. شهيد ڪامريڊ مظهر علي جتوئي ۱۹۹۸-۰۸-۲۳ تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاهه غلام شاهه ڪلهوڙي واري مقبري ڀرسان باباءِ سنڌي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پيراندي وٽ آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا