; سنڌي شخصيتون: شير محمد لاشاري - استاد لغاري

02 August, 2019

شير محمد لاشاري - استاد لغاري


شير محمد لاشاري
پورب ويا پيهي - سندس ياد ۾ تاثر
استاد لغاري
“دُک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ،
مون لاءِ مري وئين تون، هن تار اُماڻي آ.”
(اياز گل).
بتاريخ ۰۳ جولاءِ ۲۰۱۹ع بروز اربع تي، معمول مطابق جيئن ئي صبح جو سوير چئين وڳي اُٿي، مون پنهنجو موبائيل فون کوليو، ته فورن مئسيج لڳو، “چاچا سائين! منهنجو والد صاحب شير محمد لاشاري فوت ٿي ويو آهي”. (ننڍو فرزند انيس احمد لاشاري) منهنجي روح مان هڪ اهڙي ته رڙ نڪري ويئي، جيڪا يقينن ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آئي هوندي. ليڪن ست زمينن ۽ ست آسمانن تائين ضرور پهتي هوندي. “الم، درد، حسرت، فغان، آھ، زاري. حشر هي ٿئي ٿو بپا روز روز”. (ضياءَ خياروي) امرجليل چيو هو، “زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو ظاهري گھاءُ نه ٿيندو آهي. اها گولي، انسان جي جسم کي نه، پر ان جي روح کي چيري، ان مان آرپار نڪري ويندي آهي. ان گوليءَ جو ظاهري زخم ڏسي نه سگھبو آهي، فقط محسوس ڪري سگھبو آهي. ان گوليءَ جو درد، هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو آهي”. ان صبح جو ٺيڪ چئين وڳي، منهنجي روح مان، دُک، درد، الم ۽ اندوھ جي جيڪا گولي آرپار نڪري ويئي هئي، اها ظاهر ۾ ته منهنجي جسم کي چيري ڪو نه سگھي هئي، البت اها گولي، ست زمينون ۽ ست آسمان ضرور چيري ويئي هوندي. آھ! شير محمد لاشاري!!!


“نم اکيون منهنجيون ڏسي، ڪجھ ابرِ باران تون به روءَ.
ٿي رئاري مون کي هردم، هِجِرِ جانان تون به روءَ”.
(عبدالرشيد لغاري)
شير محمد (عرف شيرل) لاشاري، ولد رئيس عبدالواحد خان لاشاري، بن حاجي سڄڻ خان، بن غلام محمد، بن حاجي پير بخش خان، بن محمد دُرويش، بن دلاور خان، پاڙو دلاور زئي جو جنم ۰۸ آگسٽ ۱۹۵۲ع تي، ڪاٺڙي (ڳوٺ رئيس حاجي شاھ بخش خان لاشاري) تعلقي مير پور خاص ۾ ٿيو. جيئن ته سندس وڏن، سال ۱۹۵۰ع ۾، کپري ديھ ۾ رئيس عبدالواحد خان لاشاريءَ جي نالي سان، پنهنجو الڳ ڳوٺ اچي ٻڌو هو، ان ڪري سال ۱۹۶۱ع ۾، گورنمنٽ پرائمري مين سنڌي اسڪول کپرو ۾، جنرل رجسٽر نمبر ۳۶۸ موجب داخلا وٺي، ڪاٺيءَ جي پٽي کڻي، پاڻ پڙهڻ جي لاءِ اچي داخل ٿيو. پنج درجا سنڌيءَ جا پاس ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول مير پور خاص مان مڪمل ڪيائين.
اسڪول جي زماني کان وٺي، قوم پرستيءَ جو جذبو، شير محمد جي رڳ رڳ ۽ لُونءَ لُونءَ ۾ سمائجي چڪو هو. انهيءَ جذبي ۾ ان وقت ويتر وڌيڪ اضافو ٿي ويو، جڏهن ضياءُالحق ملڪ جي پهريين چونڊيل سنڌي وزيرِاعظم کي، ۱۹۷۹ع ۾ ناحق ڦاسي ڏني. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ، سنڌ ۾ نڪو پيپلز پارٽي، نڪو مسلم ليگ، نڪو جماعت اسلامي ۽ نڪو ئي ٻي ڪنهن پارٽيءَ جو ڪو حامي باقي رهيو هو. هاڻي سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي پاڻ کي سنڌي قوم پرست سمجھڻ لڳو. انهيءَ جذبي محترم شير محمد لاشاري صاحب کي، عبدالواحد آريسر، دين محمد، محمد جمن گجو، جمن دربدر ۽ مشڪور ڦلڪاري جي سهڪار سان، سائين جي ايم سيد تائين وڃي پهچايو. سن کان واپس اچي، دوستن جي تعاون ۽ سهڪار سان، ٺوڙهي ڦاٽڪ جي اسيرن کي کپري ۾ آجياڻو ڏنائين. هن آجياڻي جا مهمان جناب گل محمد جکراڻي، ڊاڪٽر دودو مهيري، ستار موريو ۽ ٻيا قومي شاگرد اڳواڻ هئا. هي آجياڻو کپري جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏو آجياڻو ۽ جلسو ثابت ٿيو، جنهن ۾ هزارين سنڌي ماڻهن شرڪت ڪئي. مون کي چٽي ۽ چڱيءَ طرح سان ياد آهي، ته سانگھڙ کان کپرو ڏانهن ايندي، جلوس ۾ شامل گاڏين جو ڪاروان، ڏهن کان ٻارهن ڪلوميٽرن تائين، چَين وانگر سلهاڙيل ۽ محيط هيو. ڪاروان ۾ شامل مهڙ واريون اڳيون گاڏيون، کپري شهر ۾ داخل ٿي چڪيون هيون، ته آخري گاڏيون وارهيان موري ۽ لوڻ کاڻ اسٽاپ کان اڃان ڪراس ڪري رهيون هيون. مون ايڏو وڏو جلسو، پنهنجي حياتيءَ ۾، ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هيو. انهيءَ ڪامياب آجياڻي ۽ جلسي کان پوءِ، شير محمد لاشاريءَ تي، سرڪار جي طرفان ڪَرڙي نظر رکي ويئي. سنڌ ۾ ڪٿي به، ڪڏهن به ۽ ڪنهن به پارٽيءَ جو احتجاج يا هڙتال وغيره جو سڏ ٿيندو هيو، ته کپري ۾ شير محمد لاشاريءَ کي اڳواٽ نظربند ڪيو ويندو هيو.
شير محمد لاشاريءَ کي، سندس وڏي ڀاءُ ايڊووڪيٽ محترم گل محمد لاشاري صاحب اسٽئمپ وينڊريءَ جو لائسنس وٺي ڏنو ۽ کپري شهر ۾، هٿونگو روڊ تي آفيس به کولي ڏني. جتي منهنجي ساڻس پهرين ملاقات، واقفيت ۽ دوستي ٿي، جيڪا سندس آخري دم تائين قائم ۽ دائم رهي.
“حبيبن هيڪار، منجھان مهر سڏ ڪئو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهو ئي ٿئو”. (شاھ)
انهيءَ وچ ۾، مون کپري جي شهر ۾، سنڌي ادبي سنگت شاخ جو يونٽ قائم ڪيو، ته پاڻ ان جو باني ميمبر ۽ خزانچي مقرر ٿيو. جيستائين علم و ادب ۾ تخليق جو تعلق آهي، ته پاڻ شروعاتي دور ۾ شاعري ڪندو هو. سندس پسنديده صنف غزل هيو. ٽيڙو، آزاد نظم ۽ بيت به لکيائين، جيڪي سنڌي ادبي سنگت شاخ کپري جي تنقيدي ۽ اصلاحي ويهڪ ۾ پڙهندو هو. ڪيترائي ڪتاب گڏ ڪري، پنهنجي ذاتي لائيبريريءَ ۾ اضافو ڪيائين. سانگھڙ ضلعي جي مشهور اخبار سه روزه “الفقراءُ” جو نمائندو ٿيڻ سان صحافت ۾ پير پاتائين. جڏهن حيدرآباد مان روزاني “ڪاوش” اخبار جاري ٿي، ته پاڻ سڀ کان پهريان کپري تعلقي جي لاءِ، تعلقي رپورٽر مقرر ٿيو. هن کان اڳ ۾، کپري جي شهر ۾ چند انتهائي ايماندار ۽ اعليٰ ظرف صحافي موجود هوندا هئا. انهن ۾ حاجي محمد رحيم ڪنڀار، محمد صديق شيخ، حاجي دلاور ارباب، محمد اقبال خان قائم خاني ۽ ملڪ پير محمد ڪرنالوي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. هتي هڪ ڳالھ واضح ڪندو هلان، ته سنڌ صحافي سنگت پاران، سال ۲۰۱۲ع ۾، کپري ۾ ايوارڊن ورهائڻ واري هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي هئي. جنهن ۾ هر هڪ شعبي ۾ بهتر ڪاڪردگيءَ ڏيکاريندڙ ماڻهن کي ايوارڊ ڏنا ويا. هن تقريب ۾ ڪاوش اخبار جي کپري بابت پهريين (سابق) تعلقي رپورٽر، محترم شير محمد لاشاري صاحب کي شرڪت جي دعوت ئي ڪو نه ڏني ويئي. جنهن بابت پاڻ سدائين افسوس جو اظهار ڪندو رهندو هو. انهيءَ ايوارڊن ورهائڻ واري تقريب ۾، بهتر ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ تي، کپري شهر جي هڪ ڀنگي “بڻڇي” کي به ايوارڊ ڏنو ويو. جيڪا سٺي روايت هئي. البت ان تقريب ۾، شاھ جي رسالي جو منظوم مُترجم، مُقلم، مُحقق ۽ مُرتب نگار به موجود هو، کيس دعوت ڏيئي گھرايو به ويو هو، ليڪن ان کي ڪُلي طور تي نظرانداز ڪيو ويو. جنهن کي هڪ سال بعد ۾، شاھ جي رسالي جو منظوم ترجمو ڪرڻ تي، حڪومتِ سنڌ، “شاھ لطيف” ايوارڊ ڏنو ۽ حڪومتِ پاڪستان کيس اسلام آباد ۾ گھرائي، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران، نيشنل (مُلڪي) ايوارڊ سان نوازيو. افسوس صرف انهيءَ ڳالھ جو آهي، ته جنهن معاشري ۾، ڪنهن ڪتاب جي منظوم مُترجم، مُقلم، مُحقق، مُرتب نگار، اديب، عالم، فاضل ۽ اسڪالر کي، هڪ ڀنگيءَ کان به نيچ نظر سان ڏٺو وڃي، ته ان معاشري جي روشن خيالي، عزت، عظمت ۽ شهرت ڪهڙي هوندي؟ ته اهو فيصلو پيارا پڙهندڙ پنهنجو پاڻ پڌري پٽ ڪري سگھن ٿا.
شير محمد لاشاري پنهنجي پهرين آفيس تبديل ڪري، هاڻي نئين آفيس شهيد چوڪ کپرو جي سامهون اتر طرف، سيٺ حاجي عطا محمد لغاري جي مارڪيٽ ۾ اچي کولي، ته هيءَ آفيس سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي دوستن، شاعرن، اديبن، سگھڙن، فنڪارن ۽ سخن شناس ماڻهن جي اچڻ ۽ گڏجي ويهڻ جي آماجگاھ بنجي ويئي. جتي وقت جا وڏا وڏا سياسي، سماجي ۽ ادبي سُخنور سڄڻ اچي سمولا ٿيندا هئا. هن آفيس تي محترم عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر مير عالم مري، رسول بخش پليجو، سيد جلال محمود شاھ، عاجز منگي، حضور بخش لغاري، ممتاز لغاري، دين محمد، عاشق سولنگي، جمن دربدر، حليم باغي، محمد جمن گجو، محمد جمن ڪنڀار، مشڪور ڦلڪارو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب علي اڪبر هنڱورجو، نصير مرزا، الاهي بخش ٻانڀڻ، ربنواز هنڱورو (نڙ-بيتائي)، ڪاڪو الھ ڏنو ڀيو (الغوزي نواز)، فقير محمد بخش ضامن، پيارو خان شر، خير محمد مري، حاجي بلاول هنڱورجو، سيٺ حاجي عطا محمد لغاري، سيٺ عبدالغفار لغاري، ايڊووڪيٽ عبدالعظيم هنڱورو، حاجي امان الله هنڱورو، اياز علي لغاري، لائق لُنڊ، محمد اقبال بوزدار، ڄام خان هنڱورجو، حڪيم امام بخش مڱريو، الھ بچايو هنڱورو ۽ ٻيا به ڪيترائي معزز ماڻهو اچي، قرب ڪچهريون ڪري نيڻ ٺاريندا هئا.
سندس آفيس تي ٻيا به ڪيترا ئي مون جهڙا مسڪين ۽ سُڃا سکڻا ماڻهو، چانهن پاڻيءَ جو آرڊر ڏيئي، پِي اُٿي هليا ويندا هئا. اهو روز جو معمول هو. سندس نالو “شير محمد” هجڻ جي ڪري، اسين کيس “شيرل”، “شير” يا “شينهن” جي لقب سان سڏيندا هئاسين. جان محمد پهوڙ، محمد آچر هنڱورو (عرف مسٽر سنڊي)، قاضي عطر چانڊيو، اقبال بوزدار ۽ آئون، گھڻو ڪري روزانه جي بنياد تي اچي رش ڪندا هئاسين. بازار يا گسين پنڌين، هڪٻئي کي چوندا هئاسين، ته “اسين وڃون پيا شينهن جي سلامي تي” يا “اسين وڃون پيا شينهن جي چُر تي”، يعني “شيرل جي آفيس تي ڪچهري ڪرڻ”. ڪنهن شاعر اسان تي هڪ شعر به ٺاهيو هو، جنهن جي ٿلھ ڪجھ هن ريت هئي: ته “رٽائرن لاتي رش وو يار! شيرل وٽ، رٽائرن لاتي رش”. پاڻ گھڻو ڪري پنهنجي ڪرسي، آفيس جي اڳيان، ورانڊي ۾ رکي ويهندو هو. شهيد چوڪ تان گذرندڙ هر هڪ دوست کي، پنهنجي ٻانهن اُڀي ڪري سڏيندو هو. اگر اسان جهڙو ڪو دوست چشم پوشيءَ ڪري گذري به ويندو هو، ته ٻئي ڏينهن تي، ان کي ميار ڏيئي چوندو هو، ته “تون ڪالھ هتان مٽي وئين، پر مون ڏانهن ڪو نه آئين”. نڙ بيتائي ربنواز هنڱورو (مرحوم)، پنهنجي اسڪول ڊيوٽيءَ کان پوءِ، گھڻوڪري روزانو شام جو هتي اچي ويهندو هو. تاريخ ۰۲ ڊسمبر ۲۰۱۵ع تي، ربنواز هنڱورو جڏهن هارٽ اٽيڪ سببان اچانڪ فوت ٿيو، ته هن دوست جي جدائي اسان سڀني کي جھوري وڌو.
“ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
سوڍيون سِجھائي هليا، ههڙا جني حال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگھي ويا”. (شاھ)
ان بعد شير محمد لاشاري پنهنجي آفيس ۾، هڪ وڏي تختي تي لکي بيهاريو، “اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو! هليا وينداسين اوچتو اوچتو”. ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو.
“مون اُڀي تڙ پاس، پِرينِ پڳھ ڇوڙيا،
هُو الله آهر اوهريا، آئون دم دم دعا ڪندياسِ...”
مون کي سائين شفيع محمد هنڱورجو صاحب چيو، ته آئون هاڻي انهيءَ تختيءَ جي هيٺيان لکي ٿو بيهارين؛
“اڄ نه اوطاقن ۾، طالب توارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا”. (شاھ)
شير محمد لاشاريءَ ۾، سوين هزارين خوبيون هيون، انهن ۾ ڪجھ هن ريت آهن. ۱. سدائين منهن تي مرڪ سجايل هوندي هيس. ۲. ڪڏهن به ڪوڙ جي اوڏو ڪو نه ويو. ۳. سندس ڪيڏو به نقصان ٿي وڃي، پر هن جي اڳيان سچ ڳالهايو، ته ڳالھ ختم. ۴. هر هڪ انسان کي ڪرسيءَ تان اٿي، بيهي هٿ ملائيندو هيو. ۵. چانهن جي صلاح ڪبي هئي، ته ڪڏهن به انڪار ڪو نه ڪندو هيو. ۶. محفل مان وڃڻ وقت موڪلائبو هيو، ته فورن چوندو هيو “ماشاءَالله!” ۷. سندس دڪان (آفيس) جي سامهون ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي هئي، ته فورن هٿ مٿي کڻي، پاڻ ڏانهن سڏيندو هيو. ۸. اگر هڪ ڏينهن وٽس نه وڃ، ته ٻئي ڏينهن چوندو هيو،“يار! ڪالھ ڇو ڪو نه آئين؟”. ۹. ڪيترا ئي ماڻهو، سندس آفيس تي اچي، چانهن بسڪيٽ گھرائي، کائي پي هليا ويندا هئا، ته پاڻ انهن جون چٽيون ڀريندو رهندو هيو. ۱۰. ذيابيطس (شگر) جو مريض هجڻ سببان، هڪ ڦِڪي هڪ مِٺي چانهن گھرائيندو هيو، جيڪا سڀني دوستن کي ونڊي ورهائي پياريندو هيو. ۱۱. ڪنهن به ماڻهوءَ جو جائز مسئلو هجي، ته ان سان گڏجي ٿاڻي تي هلندو هيو. ۱۲. سياسي توڙي سماجي مسئلن ۽ فيصلن بابت، ڪنهن به وڏيري، رئيس، پير، مير، توڙي آفيسر کي، مُرڪندي منهن تي سچ چئي ڏيندو هيو.
سندس ڳُڻن جو ڳٺڙيون کوليندي، منهنجيون اُداس اکڙيون پُرنم ٿي رهيون آهن. کيس ڪاٺڙيءَ لڳ، “ڀاڻو پير” قبرستان ۾، مٽيءَ ماءُ جي ھنجھ حوالي ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن واپس وري رهيا هئاسين، ته مون هيڪر پوئتي مُڙي ڏٺو، ته مون کي ڪٿي به شيرل نظر نه آيو.
“نڪا بُوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ،
جتي ڏنڀرن جي، اڳي هئي اُگھٽ،
سي پڙ پسيو پٽ، ماڙُهو وڃن موٽيا”. (شاھ)
مون پنهنجي ويراڳي، وياڪل، وڍيل، ملول ۽ موڳي منڙي سان بيهي، پنهنجيون آلڙيون اکڙيون اُگھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
“ڦِرن ٿا چرخ جا ڦيرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،
ڏيکاري دور ٿي دنيا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا”.
سندس پٿر تي پهچڻ کان پوءِ، سُر پُورب جو سوڳوار بيت، ڳل ڳيراٽڙيون پائي، مون سان مسلسل روئيندو رهيو:
پُوربَ وِيا پيهِي، تان مُون گَھڻو نِهارِيا،
سُڌ نه مُڪِي سَڄڻين، جيهِي جي تيهِي،
هُئڙا پَرڏيهِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا.

No comments:

راءِ ڏيندا