; سنڌي شخصيتون: تيج قابل عرف تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي - شوڪت شورو

07 August, 2019

تيج قابل عرف تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي - شوڪت شورو


تيج قابل عرف تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي
انڊيا ۾ سنڌي ٻولي جو هڪ ٻيو رکوال تيج قابل پڻ پرلوڪ پڌاري ويو.
شوڪت شورو
تيج قابل جو اصل نالو تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي هو. هن جو جنم دادو سنڌ ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۳۲ ۾ ٿيو. هن بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي هسٽري ۾ ڪئي. تيج پهرين ڪنڊلا پورٽ ۾ نوڪري ڪئي. هو هڪ ٽرينڊ ٽيچر هو، ان ڪري بعد ۾ اسڪول ٽيچر ٿيو ۽ گجرات جي هڪ اسڪول جي پرنسپل جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين.


تيج قابل سنڌي ٻولي جو برک ليکڪ هو. ”سونهاري سنڌ“، ”سنڌي ڪوش“، ”ڪڇ جي ڪلا“، ”گجرات جا شهر“ ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن کان سواٰءِ هن هڪ ناول بہ لکيو هو. تيج قابل کي ۱۰ ادبي انعام مليا هئا جن ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج طرفان ايوارڊ، گجرات سنڌي اڪادمي پاران ساهتيہ گورَوِ پرسڪار، گجرات سرڪار طرفان بيسٽ پرنسپل ايوارڊ شامل آهن.
تيج قابل ڪڇ ۽ گجرات جي مختلف شهرن ۾ ڪيترا ئي ادبي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا. سندس جيون ۽ فن تي ”ڇوليون“ مخزن جو خاص نمبر پڻ شايع ٿيو هو.
هن جي نياڻي نشا واڌواڻي سنڌي ٻولي جي ليکڪا آهي.
سنڌ جو وڇڙي ويل پٽ تيج قابل ۸۶ سالن جي عمر ۾ ڪڇ جي شهر گانڌيڌام ۾ دنيا کي تياڳي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا