; سنڌي شخصيتون: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه

31 August, 2019

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه


پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
هن جي سوچ به نرالي هئي ته لوچ به منفرد هئي. هن جو پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ به پنهنجي نوعيت جو هو. هن جو ظاهر ظهور هڪڙو هو ته باطن ان کان گهڻو گَهرو ۽ وشال هو. هن جي پرواز به اتاهينءَ کان اتاهينءَ تائين! هن ۾ جيڪي به گڻ ۽ گوهر هئا، سي گيڙوءَ رتن گودڙين جي صحبت ۽ سنگت مان پرايا هئائين. هو ساهت جي سمندر تي ويدانت جي ويران سان وهنتو ۽ چانڊوڪين سان چمڪيو هو.
هن جا انسان ۽ ڪائنات، زندگي ۽ موت لاءِ ويچار به پنهنجي رنگ جا هئا. ڄڻ ريشمي تاڪين جهڙا هئا، زرق برق هئا!


هو زندگيءَ لاءِ چوي ٿو ته:
زندگي! او زندگي!! تون ڇا آهين؟ ڪٿ آهين؟ ڪٿ ڳولي ڪئن ڳوليان؟ چون ٿا ته زندگي اٿاههُ آهي؛ اُٿان ان جو آهي ايڏو، جيڏو آهي جهان! هڪ ٻئي پٺيان جيت، جانور، پکي پرندا، انسان حيوان، گل ڦل، رنگ روپ هلندا ٿا هلن، اهي مڙيئي زندگيءَ جي رنگين شادماني جي سرگس يا ڪاروان جا اداڪار آهن. انهن مڙني ۾ زندگي رهي ٿي، مگر ته به زندگي ملاقات جي تات لهي نٿي. وسيع آهي وٿاڻ زندگيءَ جو! ساگر ساڻس بَرُ ميچي نه سگهندو! ۽ نه نيلو آسمان کيس ڀاڪر ۾ جلهي سگهندو. (ڀاٽيه ۱۹۵۶ع ص۸) اها ريشمي تاڪيي مان هڪ تند تو کي ڪيئن لڳي؟
هن جا ويچار ڳوڙها ته هئا ئي، پر ڪومل ۽ ڪلپنا ڀريا هئا. اهي ويچار جڏهن ويهي ونڊيندو هو، تڏهن پنهنجو ڌيان گيان قلم تي اوتي، ان جي ئي وسيلي وياکيان ڪندو هو. لفظ لفظ لعل گوهر ته جملو جملو جلويدار! جيڪو پرهي، اهو سمورا لاڳاپا لاهي، نويڪلو ٿي ڌيان ڌري ۽ گيان وٺي. دم دم واهه واهه ۽ آهه آهه ڪري! اهو سمورو ڪرشمو هن جي لکاوٽ جي هنر ۾ ئي هو، جو هنر هن هردي سان حاصل ڪري هورا کورا ۽ هُرکُر پائيReflective Prose يعني ڌياني نثر منجهه سمائي ساهت کي سينگارڻ جا جتن ڪيا هئا. ان ئي نثر ۾ خيال ۽ ويچار جي شَڪتي سَرسُ ۽ چٽي ٿي شاعراڻو پرواز پائي، نثر جي روح کي ڪويتا جي آتما سان سنگم ڪرائي ساهت جي سنسار کي سڳند ۽ سرهاڻ سان واسي، هو ويچار ۽ اظهار لاءِ جنهن حسين صنف جو انتخاب ڪري انفرادي حيثيت حاصل ڪري ويو، تنهن ادبي صنف کي ”ادب لطيف“ چيو وڃي ٿو. ان پياري پنٿ تي هلندي هو ڪڏهن به ڪو نه ٿَڪو! هن کي هر ڏيک ۽ ڏسا ۾ هڪ حُسن پئي ڏسڻ ۾ آيو. حسن کي هو ڇا ٿو سمجهي، ان لاءِ ڇا ٿو ويچاري؟ هُو چَوي ٿو ته:
”حُسن جو هڳاءُ هر پاسي کان پيو اَچي؛ هَسَ رَسَ ۽ وَسَ جا ويس ڪري پيو نچي: ڪٿ ڏس ته اک مڌر آلاپ پئي آلاپي، ته وري ڪٿ ڳَلَ هَڪَلَ ڪيون پيا هونگارين ۽ جهونگارين؛ مگر حضرت حُسن ته مُرڪ ۽ لُڙڪ ۾ لهيو، سينگار جو سمورو سَماج ۽ رومان جو راڄ آڻيو الٽائي.
حُسن موجود آهي مڪان ۾، ته به لامڪان آهي، هر زمان ۾ آهي سندس شان، ته به بي زمان آهي، وجود آهي، ته به بي وجود آهي. پوءِ به انسان کيس ڳوليندو ٿو رهي. ڪٿ؟ جت جاءِ نه آهي جُهدَ سان پهچڻ جي.
ڏسڻ وارا ڏسي ٿا وٺن کيس: لبيس ۾ نه، مگر الستي ويس ۾، عشق جي ديس ۾ سرمو سَلَمَ جو اکين ۾ واري، هو ٻهاري ٿا وٺن حسن سارو.
حُسن آيو ته درد ڄايو.
حُسن وصل ۾ نه آهي، وڇوڙي ۾ به نه آهي، سفيدي ۾ به نه آهي، ته وري سوجهري ۾ به نه آهي، چمڪ ۾ نه آهي، ته ڇمڪ ۾ به ڪينهي؛ گهيري ۾ نه آهي، ته وري ڪو ڦيري ۾ آهي ڪئن؟ جي ڊول ۾ نه آهي ته ڊيل ۾ آهي ڪئن؟ لڪ ۾ نه آهي، ته کول ۾ به ڪينهي: آهي به ات، نه آهي به ات،..... تڏهن آهي ڪٿ؟
حسن سور به آهي، ته نور به آهي، خالي به آهي، ته ڀرپور به آهي، رحمت به آهي ته زحمت به، گنج به آهي ته رنج به. مطلب ته بي انت بي پايان آهي، حسن جو خزانو، توشه خانو، نشانو به وري آهي بلند.“ (ڀاٽين ۱۹ع ص ۴۸) اهي سڀ گيڙوءَ رتا گفتا، جن ۾ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جو هڳاءَ هينئڙي ۾ هُري وڃي ٿو، سي هتان جي تصوف ۽ ويدانت جي ان صدين جي ماحول جو تسلسل آهن، جيڪو ويدن جي رشين، سنڌوءَ جي صوفين ۽ اماروءَ جي اندر جي اور وانگر اسان جي دل جو آواز آهن، سي ڪنهن جا ٿي سگهن ٿا. اهي آهن اسان جو سائين جهامنداس ڀاٽيه جا ويچار!
زماني ڪهڙا به رنگ بدلايا پر اسان جي پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جي مٿان ڪو ٻيو رنگ چڙهي ئي ڪين سگهيو. اهو ئي گيڙوءَ رتو روح! اها ئي اڇي اجري آتما! صوفين ۽ سنتن سان سنگ ۽ درويشن ڏانهن دل جو لاڙو. اهو اثر الائي شهر جي آبهوا جو هو يا پنهنجي پريوار جي پريت جو پرتوو هو. سندس ڪڙم ۽ ڪُلَ ۾ به شعور ۽ ساڃاهه جا ڏيک ڏسجن پيا. دادا دوارڪاداس پٽ سيٺ مينگهراج اصل ڀاٽيه ڪُل سان واسطو رکندڙ چِندُ شڪارپوري وڏي مال ملڪيت وارو هو، جو دادا جهامنداس جو پتا هو. جنهن پنهنجي چالاڻي کان اڳ ۾، پنهنجي ملڪيت جي ورهاست لاءِ، جيڪو ستن صفحن تي مشتمل وصيت نامو لکيو، تنهن مان سندس شڪارپور جي جاين، باغن ۽ پلاٽن توڙي ڪارخانن کان علاوه لاڙڪاڻي جي فيڪٽرين ۾ حصن پتين جي ڄاڻ ته پوي ٿي، پر هن جي خانداني فرض شناسي، ڏاهپ ۽ دانشمندي جا به پَرا پون ٿا. بيشڪ هو هڪ ذهين ۽ صاف دل انسان هو، جنهن نهايت ايمانداري ۽ انصاف سان پنهنجي ملڪيت وارثن ۾ ورهائي، وڏي نفاق ۽ نفرت کان پوين کي پري رکيو. لڳي ٿو ته هو پنهنجي پريوار کي پريت جي پيچن ۾ پختو پسڻ گهرندو هو. بيشڪ هو پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪُلَ جو اهڙو دور انديش ۽ دانشمند وڏڙو هو، جنهن ۾ وڏي مَڻيا هئي. هو اول مختيارڪار ٿي رهيو ۽ پوءِ ٺيڪيداري ڪيائين. سيٺ دوارڪاداس ٻه شاديون ڪيون هيون، جن مان پنج پٽ: هر هڪ اوڌلداس، ٺاڪرداس، جهامنداس، ريجهومل ۽ ڇڳومل ۽ هڪ ڌيءَ ڌرمي ٻائي پڻ اولاد هو. اسان جي سنڌي زبان جو نهايت ناميارو ۽ ناليوارو اديب جهامنداس ڀاٽيه اولاد ۾ ٽيون نمبر پر ٻي زال پري ٻائيءَ جو پهريٽي پٽ هو. اها ڳالهه هن جي وصيت نامي مان چٽي ٿئي ٿي ته سندس پهريان ٻه وڏا پٽ پهرينءَ زال مان هئا.
ڄم: مون پنهنجي پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالي ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ (۱۸۴۳ کان ۱۹۷۰ع) (ص ۶۷۷) ۾ جهامنداس ڀاٽيه جي ڄم جي تاريخ ۱۹ جولاءِ ۱۸۹۸ع ڄاڻائي آهي. جيڪا هندو سنڌي اسڪول نمبر پهرين جي جنرل رجسٽر تان نقل ڪئي هيم. ان کان پوءِ به منهنجو ڌيان سرڪاري رڪارڊ تي رهندو آيو. گذريل سال هندو سنڌي اسڪول نمبر ٻيو (جيڪو ۶۰ سال اڳ بند ٿي ويو هو.) جو پراڻو رڪارڊ گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي محله جي اسٽور روم ۾ جو وڃي اٿلايم ته جنرل رجسٽر نمبر ۵۳۰ تي جهامنداس دوارڪاداس ڀاٽيه جي ڄم جي تاريخ ۹ مئي ۱۸۹۷ع آچر ڏينهن ۲۹ ويساک ۱۹۵۴ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس. پوري هڪ سال ٻن مهينن ۽ ڏهن ڏينهن جو اهو تفاوت ڏسي تجسس وڌيو ۽ سندس ٻن ننڍن ڀائرن ريجهي مل ۽ ڇڳي مل جي ڄم جي تاريخن جي ڳولها ۾ لڳي ويم. ڪجهه ڪوشش کان پوءِ بهتر ٿيو، جو اهي به ملي ويم. ريجهومل پهرين مئي ۱۹۰۲ع موجب ويساک ۱۹۵۹ جمعي ڏهاڙي ڄائو ۽ ڇڳو مل ۱۹- آڪٽوبر ۱۹۰۴ع موجب ۴ ڪَتِي ۱۹۶۱ اربع ڏينهن ڄائو. ريجهومل ۽ ڇڳومل اڳتي هلي پڙهي هاءِ اسڪول جا استاد ٿيا ۽ پنهنجي محنت ۽ لگن سان ناماچار ۽ ناموس پاتائون. هڪڙو پاڻ کي سي ڊي گانڌي سڏائيندو هو ته ٻيو آر ڊي گانڌي. جهامنداس ڀاٽيه کي پورن پنجن سالن جي ڄمار ۾ ۹ مئي ۱۹۰۲ع تي هندو سنڌي اسڪول نمبر ۲ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۰۳ع تي سندس سرٽيفڪيٽ وٺي، ڪنهن ٻي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اسڪول جي رڪارڊ ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻاهر ويو. ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۰۳ع تي موٽي اچي ساڳئي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ۲۴ مئي ۱۹۰۴ع تي وري اسڪول ڇڏي وڃي ورنيڪيولر اسڪول نمبر پهرين ۾ داخل ٿيو، جتان پرائمري تعليم پوري ڪري وڃي شڪارپور هو پفل اڪيڊميءَ ۾ داخل ٿيو، جتي هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ تعليمي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتو. پنهنجي مزاج موجب هن علم ادب سان دلچسپي رکندي، اسڪول مان مئي ۱۹۱۴ع کان شايع ٿيندڙ ”هوپفل اڪيڊمي ميگزين“ ۾ لکڻ لڳو. اسڪول انتظاميه سندس قلم کي پختو محسوس ڪندي کيس ”هوپفل اڪيڊمي ميگزين“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو. هو نهايت محنتي ۽ هوشيار هو. سن ۱۹۱۳ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو، جتي به پنهنجي تعليمي جدوجهد سان گڏ ادبي چاهه برقرار رکندو آيو ۽ مختلف موضوعن جدوجهد سان گڏ ادبي چاهه برقرار رکندو آيو ۽ مختلف موضوعن تي مضمون لکندو رهندو هو، جيڪي ڪاليج مسيلني ۾ شايع ٿيندا هئا. فيبروري ۱۹۱۳ع جي شماري ۾ سندس شايع ٿيل مضمون: ”حياتيءَ جي حقيقت مقبوليت حاصل ڪئي. هو ان ئي ڪاليج مان ۱۹۱۹ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪري شڪارپور آيو. شڪارپور ۾ هن پنهنجي فطري گهرج مطابق پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کي ترجيح ڏيندي، مشهور اديب ۽ ناٽڪ نويس ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻيءَ سان گڏ نيشنل هاءِ اسڪول قائم ڪري، سن ۱۹۲۱ع کان تعليم جو سلسلو جاري ڪيو، پر ٿوري ئي عرصي ۾ هن کي اهو ۱۹۲۴ع ۾ منقطع ڪرڻو پيو. سندس محنت ۽ لگن کي شڪارپور جي برههمچارين چڱيءَ ريت ڏٺو ۽ پرکيو هو، تنهنڪري کيس شڪارپور برهمچاريه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. برهمچاريه هاءِ اسڪول ۾ رڳو سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي، تنهنڪري هن جي اندر ۾ جيڪو وديالا ساگر ڇوليون ماريندو، سو ڪيئن ٿو بوند ۾ سمائجي! اهو ئي ڪارڻ هو، جو اهو آشرم به ڇڏي، پنهنجي پتا جي پير تي هلندي، ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. ٺيڪي ۾ خساري ۽ ناڪاميءَ کيس شڪارپور ڇڏائي ۽ ڪنڊيارو اچي هاءِ اسڪول جو وائيس پرنسپال ٿيو. يارهن سال ساندهه اها سروس ڪرڻ کان پوءِ، سن ۱۹۴۶ع ۾ شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿيو. سن ۱۹۴۷ع کان پوءِ هو انگريزي ۽ سنڌي پڙهائيندو رهيو، جيستائين کيئلداس فاني سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿي آيو.
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه سن ۱۹۵۷ع تائين ڪاليج ۾ پڙهائڻ کان پوءِ رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هو وڃي خاموش ٿي ته ڪو نه ويٺو، پر علم ۽ ادب جون وڄون سندس وجود تي هميشه جيان وسنديون رهيون. هو ٻوليءَ جي ڇولين ۾ ڇوهه پيدا ڪرڻ لاءِ چنڊ جيان چمڪندو رهيو هو. هن جي سرير ۾ سنڌ جي تصوف ۽ ويدانت وارو گيڙوءَ رتو روح هو، جنهن جو پهريون دلي درس آهي، ”نمي کمي نهار، تون البت ٿيندي آدمي.“ چيو وڃي ٿو ته سندس هاٺيءَ ۾ هٺ ته هيو ئي ڪو نه! هن جي نياز ۽ نمرتا اڃا پئي واکاڻ پائي. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو، اتفاق ۽ اختلاف، يقين ۽ حاصلات کيس لکڻ لاءِ پيا اتساهيندا ۽ آماده ڪندا هئا. هُو جڏهن ادراڪ ۽ احساس کي اتاهين تي پائيندو هو، تڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ڪڏهن ڪهاڻي ته ڪڏهن مضمون ته لکندو ئي هو، پر ادب لطيف جي ان انفرادي فن ۾ هي اڪيلو انسان، فڪر جي پيشڪش ۾ ائين هو جيئن اياز چوي ٿو ته:
جي تو سڌ سڳنڌ جي، آءُ، وٽيءَ ڏي وَڌُّ!
مُلَهه مهانگو مَڌُّ، چُڪيءَ چُڪتُو جيئرو.
تصنيفات:
مرڪندڙ مکڙيون:
سن ۱۹۴۵ع ۾ هي مجموعو ويرومل بيگراج جي تلڪ پريس مان ڇپجي منظر عام تي آيو. ان کان اڳ اهي مکڙيون ويرومل جي ئي ’سنڌي‘ اخبار ۾ مرڪيون. پروفيسر ڀاٽيه لکي ٿو ته: ”مرڪ سان نه لڙڪ سان، جيوت جي سفر جو پنڌ ڪرڻو آهي. آکاڻين ۾ اها ئي رمز رکيل آهي. اميد اها ئي آهي ته جنهن جي گود ۾ ويهي اهڙي رمز هٿ ڪئي اٿم. اها هيءَ سوکڙي سڪ جي نه ڇڪ جي قرب مان قبوليندي. اها ئي جيوت منهنجي جو مول انمول، ٽول بي بها ڍول، پوڄا جو ذڪر ٿي پئي رهي آهي. مثال ٻالڪ به پنهنجي جنبي ۽ جنم ڀوميءَ جو کير سڦلو ڪن ۽ مرڪ سان حياتيءَ جو حساب ڏين. (ڀاٽيه ۱۹۴۵ع).
پروفيسر ڀاٽيه جو هي مجموعو چوٽيهن صفحن تي ٻڌل آهي ۽ منجهس ۹ مکڙيون مرڪندڙ آهن.
سائين قطب شاهه:
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جو هي ڪتاب جهانيان خاندان جي مشهور بزرگ قطب شاهه جي زندگيءَ تي لکيل آهي. هي ڪتاب ۱۹۴۷ع ۾ خوبچند اينڊ سندس بڪ سيارس، اينڊ پبلشر شڪارپور پاران ڇپايو ويو. نوي صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب لاءِ پروفيسر لالسنگهه اجواڻي لکي ٿو ته: ”جس آهي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه کي، جنهن هن ڪٺن سمي محنت ڪري هڪ مرد خدا جي جيوني ۽ واڻيءَ جي محبت جو تحفه سنڌين اڳيان ڀيٽ رکيو آهي. سندس عبادت ۾ به نثر ۽ نظم ائين ملي جلي ويا آهن جو هڪ ٻئي کان جدا ٿي نٿا سگهن ۽ جيتوڻيڪ اها طرز لکڻ جي هاڻوڪي ڍنگ جي نه آهي، ته به مضمون جي ڪري بيشڪ پوري پيئي لڳي. مسٽر جهامنداس ڀاٽيه جي پستڪ مان اهو رس اچي ٿو، جو ڪنهن صوفي سماگم مان اچي.“ (اجواڻي ۱۹۴۷ع) .
پروفيسر لطف الله بدوي جو رايو قابل توجه آهي. هو لکي ٿو ته: ”عقيدت ۽ ارادت اهي شيون آهن، جن جو معيار مقرر ڪرڻ عقل جي راهه کان گهڻو پري آهي. مشرق پنهنجي روحاني ارادت کان گهڻو مشهور آهي. مريد ۽ مرشد جي تعلقات تي ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جي مشرق جي علم و ادب جو هڪ مکيه جزو ڳڻيا وڃن ٿا. هي ڪتاب به ان عقيدت جو مظاهر آهي. (بدوي ۱۹۴۷ع)
درويش:
ڳڙهي خيري جي سنت هريچند جوهرمل جي جيون ڪهاڻيءَ تي مبني ايڪٽيهن صفحن جو هي ڪتاب هري شيواست سنگ روهڙيءَ وارن جي سهڪار سان همدرد پريس سکر ۾ ڇپيو. پاڪيٽ سائيز جو هي ڪتاب پروفيسر ڀاٽيه جي اسلوب ۽ انداز جو هڪ نمونو آهي.
ايسر لعل (عشق، آکاڻي، آلاپ، اوراڻا):
روهڙيءَ ۾ ايسر  جي ٽڪاڻي جي سڀا پتي ۽ سنت جي ”ايسر آکاڻي“ جي عنوان سان شايع ٿيل هي ڪتاب رانوتي ڳوٺ جي ايسر لعل پرمانند (ڄم ۱۸۳۵ع) جي هڪ سؤُ پنجن صفحن جي جيون ڪٿا سان گڏ سندس ڪلام ”ايسر جا آلاپ“ پڻ ڇهانوي صفحن تي موجود آهن. هي ڪتاب هزاري شيوا سنگت روهڙيءَ پاران سن ۱۹۶۴ع ۾ ڪوهنور پريس شڪارپور ۽ انقلاب پريس سکر مان ڇپجي پڌرو ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي جي بقول ان ڪتاب تي کيس پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران ۲۰۰ روپيه انعام مليو هو. (گرامي ۱۹۷۷ع ص ۲۰۵).
ايئا جا آواز:
هي ننڍڙو ڪتاب اصل انگريزي ٻوليءَ ۾ هو، جو سن ۱۹۲۹ع ۾ دادا واسواڻي جي مهاڳ سان گڻيش اينڊ ڪمپني مدراس ۾ ڇپيو. سن ۱۹۴۴ع ۾ ان جو سنڌي ترجمو پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ صوفي ڌڻي بخش ڪيو. جو اڪبر آشرم ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. جون ۲۰۱۰ع ۾ ان جو ٽيون ڇاپو پروفيسر امير علي قادري، سيڪريٽري سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو.
ديوان ڪوڙومل ڌرماتما:
سن ۱۹۱۷ع ۾ جهامنداس ڀاٽيه جو لکيل هي ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪنهن ڇپايو؟ تنهن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪجي. هيستائين اهو معلوم ٿي چڪو آهي ته ڪتاب جي ڪاپي لنڊن جي انڊيا آفيس لئبرري ۾ موجود آهي ۽ لکمڻي کلاڻي اتي ڏسي آيو آهي. (کَلاڻي ۲۰۰۹. ص ۹۸) The Pilgrim: جهامنداس ڀاٽيه سنڌي کان سواءِ انگريزي ۾ پڻ ٻه ڪتاب لکيا آهنن. پهريون دي پلگرام جي نالي سان آهي، جنهن جي مطالعي کان پوءِ ايڇ ٽي سورلي پنهنجي راءِ ڏيندي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته:
Your little pamphlet "the Pilgrim" strikes means being very beautiful and very well expresses and the standard of English writing in it is high. I have not the privilege of knocking the originals and so cannot say to what extent you have caught the spirit of them. but the pamphlet reads very well as it is and seems immured with a good deal of the spirit of transcendental mysticism of the kind common in India. it is typical of a good deal of the work being done and forms part of a distinct school of expression with differs considerably, of course, from mystical expression in other lands in cultures with a different historical background. (Sorely 1936)
”اوهان جو ننڍڙو ڪتاب The Pilgrim مون کي ڏاڍو پسند آيو. ان ۾ موضوع جي تمام چڱيءَ طرح وضاحت ڪيل آهي ۽ انگريزيءَ جو تمام اوچو معيار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مون کي ماخذات ڏسڻ جو وجهه نه مليو آهي، تنهنڪري چئي نٿو سگهان ته اوهان انهن مان ڪيترو استفادو ڪيو آهي. ڪتابڙي جي تحرير ۾ ڏاڍي رواني آهي ۽ لڳي ٿو ته هندستان ۾ جنهن قسم جي تصوف جو تصور آهي، ان جي روح جي، ان ۾ (ڪتابڙي ۾) خاصي ترجماني ڪيل آهي. اهو گهڻي قدر انهن تحريرن جهڙو ئي آهي ۽ ان مخصوص فڪري مڪتب جي نمائندگي ڪري ٿو. جيڪو انهن ملڪن ۾ تصوف تي ٿيندڙ ڪم کان گهڻي حد تائين مختلف آهي، جن جو تهذيبي ۽ تاريخي پس منظر جدا جدا آهي:
The Pilgrim آڪٽوبر ۱۹۳۳ع ۾ شايع ٿيو. اهو نولراءِ فتح چند جي ”ڀارت پرنٽنگ پريس“ رام باغ روڊ ڪراچي ۾ ڇپيو.
مٿين ڪتاب کان سواءِ "The Songs of Desert" لکيو اٿائين، جنهن ۾ سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي شاعرن شاهه ڪريم، شاهه لطيف، بيدل، بيڪس، قطب شاهه ۽ پارو شاهه جي حياتي ۽ شاعري جي احوال ۽ فڪر توڙي فن جي چڱي اوک ڊوک ڪئي آهي. سندس اهو ڪتاب اڻ ڇپيل مسودي جي صورت ۾ رويندر ايل جهاوٽ ٻين اڻ ڇپيل ڪتابن: ۱. بيدل ۽ بيڪس جي حياتي، ۲ اندر نيڀراج روهڙيءَ واري جي جيوني ۳. شاعر ۽ ۴. شاعر مشرق سان گڏ موجود آهي.
سامي جا سلوڪ: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ساميءَ جي جيون ۽ سلوڪن تي سالن جا سال تحقيق ڪندو، ترتيب ڏيندو رهيو. جيڪو نور نچويائين تنهن جي نتيجي ۾ چڱو خاصو مايو معياري صورت وٺي بيٺو. اهو سمورو مواد ”سنڌي ادبي بورڊ“ حيدرآباد/ ڄامشورو پاران ڪمپوز ڪرايو ويو آهي. اميد ته ترت ڇپجي منظر عام تي ايندو.
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ’سنڌو‘ رسالي جي خاص لکندڙن ۾ ليکبو هو، جنوري ۱۹۳۲ع کان جيئن ’سنڌو‘ نڪتو، تيئن پهرئين پرچي ۾ ’سنڌو‘ جي عنوان سان ليک ڇپيس. پوءِ رابندرناٿ ٽئگور جي آتم ڪهاڻي ترجمو ڪيائين، جا فيبروري ۱۹۳۲ع کان جون ۱۹۳۲ع تائين پنجن قسطن ۾ ڇپي. ان کان پوءِ هو وقت بوقت پيو مختلف عنوانن تي لکندو رهندو هو.
پروفيسر ڀاٽيه سن ۱۹۳۶ع کان روهڙيءَ مان هڪ هفتيوار اخبار سنڌي ۽ انگريزي زبانن ۾ ”روشني وڌيڪ روشني“ Light More Light جي نالي شايع ڪندو رهيو. اها اخبار ۱۴ صفحا سنڌيءَ ۾ ۽ ۲ صفحا انگريزيءَ ۾ هوندي هئي. ميگزين سائيز جي اها اخبار ”امر پرنٽنگ پريس سکر ۾ ڇپجي هئي ۽ ڀڳوانداس نندوسنگهه ميران اسڪول روهڙيءَ مان پڌري ڪندو هو.
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه سن ۱۹۴۷ع کان ۱۹۵۱ع تائين هند جنرل پئنچات شڪارپور جو صدر رهيو. هو ڪيترو عرصو Royal society of Teachers of London رائل سوسائٽي آف ٽيچرس آف لنڊن جو ميمبر رهيو. ان سوسائٽيءَ جا سنڌ ۾ ٻيا ٻه ميمبر  هئا: آسانند مامتورا ۽ آغا تاج محمد خان. هو ڪيترو عرصو بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو Examiner رهيو ۽ يونيورسٽي پاران مئٽرڪ جي سنڌي نصاب ۾ سندس هڪ مضمون ”سڌارٿ“ پڻ شامل ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح هو سنڌ يونيورسٽي جي Board of study for Religion جو ميمبر رهيو. سن ۱۹۶۴ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل Pakistan Philosophical congress ۾ مستقل ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، فلاسافيءَ تي نهايت علمي مقالو پيش ڪيو هئائين، جنهن کي ماهرن گهڻو پسند ڪيو هو.
پروفيسر جهامنداس نهايت بي لوث اديب هو، هن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو محرڪ جذبو اسان کي سونهن سچ ۽ درد ئي نظر اچي ٿو. هن نه ڪڏهن شهرت خاطر پاڻ پتوڙيو نه پئسي لاءِ پريشان ٿيو. هو هميشه ڄاڻ لاءِ سرگردان رهندو هو ۽ درويشن، صوفين، سنتن ۽ دردمندن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهڻ کي پسند ڪندو هو. هن نه ڪڏهن ڪنهن لقب حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪئي نه ڪنهن اعزاز جي انتظار ۾ وقت وڃايو. قدردان هن جي ڪاوشن ۽ ڪوششن جو هميشه قدر ڪندا رهندا هئا. سنڌ ۽ هند ۾ شايع ٿيندڙ رسالن جا ايڊيٽر سندس لکڻين شايع ڪرڻ جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ رهندا هئا. سندس تحرير حاصل ڪرڻ لاءِ کيس خط لکندا هئا ۽ دعوتون ڏيندا هئا. هن جيڪي به ڪتاب قلمبند ڪيا، سي سڀ مختلف اشاعتي ادارن ڇپائي پڌرا ڪيا. هن ڪو به ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڪو نه ڇپايو. پاڪستان ۾ جڏهن رائيٽرس گلڊ جو بنياد پيو، تڏهن اديبن ۽ شاعرن جي قدردانيءَ لاءِ ڪتابن جي اشاعت ۽ نقد انعام ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سن ۱۹۶۳ع ۾ جن چوڏهن اديبن کي انعام ڏنو ويو، انهن ۾ هڪ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه به هو، جنهن کي اڍائي سَؤُ روپيه ڏنا ويا هئا
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جي ادب لطيف جي ڪيترين تحريرن جو انگريزي ۽ جرمني ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. وقت بوقت اهي ترجما پروفيسر ليوپڪي پاران ريڊيو تان پيش ڪيا ويندا هئا، جن کي جرمن عوام پسند ڪندو رهيو.
سنڌ جو هي منفرد انداز اديب سن ۱۹۶۵ع ۾ بلڊ پريشر جي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ لڳو. ساڳئي سال ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۶۵ع تي کيس سکر جي سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، جتان ٻن مهينن ٽيويهن ڏينهن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو
سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ هن عالم جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جو مصنف لکي ٿو ته :
”سنڌي جو هي بزرگ اديب نهايت گهري مطالعي وارو هو. صوفين ۽ درويشن جي شخصيت ۽ ڪلام سان گهڻو شوق هوس. ادب لطيف ۾ جهامنداس جي تحرير ۾ جيڪا اٿل هوندي هئي، سا نثر جي زمين کي ٻوڙي نظم جو روپ وٺرائيندي هئي. ۱۹۴۷ع ۾ ”سائين قطب علي شاه“ جي ڪلام ۽ سوانح تي هڪ ڪتاب لکيائين. ان کان پوءِ ان نوعيت جو ٻيو به گهڻو ڪم ڪيائين. ”سائين ايسرداس“ تي به هڪ ڪتاب لکيائين. جيتوڻيڪ سندس شخصيت جا ڪيترا اهڃاڻ سنڌي ادب ۾ ملن ٿا، پر ادب لطيف ئي جهامنداس جي سڃاڻپ آهي.“ (جوڻيجو ڊاڪٽر ۱۹۸۳ع ص ۱۸۳.) سنڌي نثر جي تاريخ جو مصنف پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ۱۹۴۷ع ۾ ”پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه،“ سائين قطب شاهه نالي سان حيدرآباد واري ان ڪامل صوفي فقير جي زندگيءَ جو احوال، سندس ڪرامتن ۽ ٻين روايتن سميت، تفصيلوار ڏنو هو، ۽ سندس ڪجهه ڪلام جي مشابهت شاهه، سامي، سچل ۽ بيدل ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام سان ڪئي هئائين. پروفيسر صاحب جي لکڻيءَ جي طرز جذباتي، لئه ڀري ۽ قافيه دار هئي.“ (ملڪاڻي ۱۹۷۷ع ص: ۴۰۸)
"International Encyclopedia of Indian Literature
جو مصنف گنگارام گرگ لکي ٿو ته:
Jhamandas Bhatia (1902- 65) write who was born at Shikarpur. After his retirement from Government Service as professor of English, he wrote mostly poetic prose, which has been translates into German and published in Indo Asia and Iran magazines of German language is a versant and mostly writes on the topic concerning his ideas. He is the author of Sain Qutub shah (edited) Sain Isarlal and Kauromal. Sain Qutubshah (spiritual master Qutubshah) is a book on the great sofi poet this work appeared in 1947. (GARG 1991)
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ٿورو عرصو عليل رهڻ کان پوءِ، اَٺهٺ سالن، ستن مهينن ۽ ايڪويهن ڏينهن جي ڄمار ۾ ۳۰ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس جدائيءَ تي سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي دلي درد پهتو. ڪيترن هن جي پٽ پروفيسر لجپت گانڌي کي تعزيتي خط لکيا، جي اڄ به سندس پوٽي ريويندر وٽ موجود آهن.
حوالا:
۱ . ڀاٽيه مهامنداس: ’زندگي‘: ’مهراڻ‘ ۲/ ۱۹۵۶ع: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
۲ . ڀاٽيه جهامنداس: ’حسن‘: ٽماهي ’مهراڻ‘ ۲/ ۱۹۵۸ع: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص ۴۸ ص ۶۸
۳ . ڀاٽيه جهامنداس: ”مرڪندڙ مکڙيون“ ۱۹۴۵ع
۴ . اجواڻي لال سنگهه پروفيسر: مهاڳ: سائين قطب شاهه: خوبچند اينڊسنس شڪارپور
۵ . بدوي لطف الله: رايو: سائين قطب شاهه: خويچند اينڊ سنس شڪارپور.
۶ . گرامي غلام محمد: ”وياسي وينجهار: ”سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۱۹۷۷ ص ۲۰۵
۷ . کلاڻي لکمي: ”لنڊن جي برٽس لئبرري ۾ محفوظ سنڌي ڪتاب“ (مضمون) سنڌي ٻولي (تحقيق جرنل: آڪٽوبر- ڊسمبر ۲۰۰۹ع ص ۹۸.)
Sorly H T letters to Mr- Jhamandas Bhatia from: Puna, october 1936، . ۲۱ بحواله نئين زندگي حيدرآباد مئي ۱۹۹۰ع
۹ . جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ۱۹۸۳ع ص ۱۳۸.
۱۰ . ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: ”سنڌي نثر جي تاريخ“: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ۱۹۷۷ع: ص ۴۰۸
GARGe Gangaram: International Encyclopedia of Indian Literature: vol vii Sindh: Mittal publications New Delhi 1991 p: 70

No comments:

راءِ ڏيندا