وليرام ولڀ
جنھن جون اکيون ٿر کي
ساري ابر جيان ڀرجي اينديون آھن
ڀارومل امراڻي
سوٽھڙ
ٿر-ڄائي وليرام ولڀ
جو جنم، ٿر جي ڀٽن تي ٿيو آهي پر هن کي موهن جو دڙو ايترو ئي پيارو آهي جيترو ڪارونجهر
جو پهاڙ. هي ڀالوا جي ڀٽ تان اڀرندڙ سج کي ڏسي سرهو ٿئي ٿو ته، ڪيٽي بندر جي چانڊوڪي
کي به روح ۾ اتاري ٿو. سڄي سنڌ سان ديومالائي ڪردارن وانگر پريم رکندڙ وليرام ولڀ
سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نگار، ترجمي نگار ۽ نقاد آهي، هر حيثيت ۾ ادب
جي آبياري جي لاءِ مصروف عمل رهيو آهي.
لفظن جي ويس ۾ هن
مانائتي سَرجڻهار جو خاڪو هن ريت جڙي ٿو؛ قد ۾ ڊگهو، ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺهڪيل، پرشو
بازي کان گهڻو پري، هڪ پر قار شخصيت جو مالڪ، اکين ۾ نمرتا، چهري تي مڪمل اعتماد، نظم
۽ ضبط جو مجسمو، سڀاءُ ۾ انسان دوست، هرتضاد کان آجو، خاموشي سان ترقي پسند ادب جي
لاءِ پنهنجو پورهيو ڪندڙ اڻ ورچ ۽اڏول انسان جنهن جي شخصيت وانگر لکيل هر سٽ نثر ۾
هجي يا نظم ۾، ترجمي ۾ هجي يا تخليق ۾، سچي ۽ کري هوندي آهي، جنهن ڪڏهن به ڪوڙ جي
ڪلس (لوٽي) تي سونو پاڻي نه چاڙهيو آهي.
ليکڪ پنهنجي ذاتي زندگي
ڪيئن ٿو گُذاري؟ ۽ هڪ ليکڪ جو پنهنجن لفظن سان ڪيترو سچو هئڻ گهرجي؟ اهو هڪ جدا بحث
آهي، ليکڪ جي ڪردار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي بدران رڳو هن جي فن کي ڏسجي انهن جي لاءِ
هڪ ننڍڙو عرض آهي ته ڀٽائي جتي “مڱڻهارن مَپُ، ڪونهي ٻيو ڪيرت رِي” واري سِٽ چوي ٿو
اتي “طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا” واري ڳالھ جتائي ٿو.
سنڌي ۾ چوندا آهن
ته ‘ڦيري هڻ فقير، هٿ پنهنجي هانءِ تي’. نامياري نقاد والٽيئر هڪ هنڌ چيو آهي ته
‘مون کي تنهنجي راءِ جي لفظ لفظ سان اختلاف آهي، پر توکي پنهنجي راءِ رکڻ جو پُورو
حق آهي، تنهنجي انهي انساني حق جي بچاءُ خاطر پنهنجي ساڄي ٻانهن ڪپائڻ جي لاءِ تيار
آهيان، ’. پر حقيقت اها آهي ته سنڌ کي ٻيو ته ٺهيو اديبن جي هڪ حصي پڻ وڏو نقصان
رسايو آهي.
وليرام ولڀ پنهنجن
آدرشن کي ڪڏهن ڪوٺي جي ڪامڻي نه بڻايو آهي. هن جي اکين اڳيان ڪيترن پنهنجي هڪڙي هڪڙي
آڱر وڍرائي پنهنجون قربانيون لکايون آهن، پر هن ڪڏهن به ٺڙڪ ٺڳي واري بي معنيٰ راھ
نه ورتي آهي. سنڌ جي باشعور ۽ سياسي سجاڳي وارن فردن وليرام کي تمام گهڻو پڙهيو
آهي، ولڀ پنهنجي دور جي فني ۽ فڪري اڳواڻي ڪئي آهي ۽ ترجمي تخليق ۽ تنقيد سميت هر ليک
۾ فطرت ۽ زندگي جي تضادن جي گهيري ۾ جيئندي اعليٰ انساني قدرن، شعور، احساساتي سونهن
جي رکوالي جي لاءِ پڙهندڙ کي اتساهيو آهي. وليرام ولڀ زندگي جي ترجماني ڪندڙ ادب
تي ڪم ڪيو آهي. تنهنڪري زندگي جي تخليق ۽ تعمير ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. هن معاشري جي
عام رواجي توڙي خاص قدرن، ريتن رسمن، خامين، محبتن ۽ نفرتن کي آرٽ جو حصو بڻايو آهي،
تبديليءَ جا گس ۽گهيڙ گهڙيا آهن. ڌرتي سان پيار جو گيان ڏنو آهي ۽ سج جي روشني، چنڊ
جي چانڊوڪي ۽ ستارن جي سونهن تي هرکڻ سيکاريو آهي.
وليرام جي هر لکڻي لفظ
بازي کان آجي تز ۽ سچي آهي ڪنهن به دور ۾ وليرام ادب جي بنيادي ڪارج کان مايوس نه ٿيو
آهي، هر ٽاڻي آشا وادي ٿي لکيو آهي، هن جون وفاداريون ۽ نمڪ حلاليون پنهنجي مٽي ۽
ماڻهن سان رهيون آهن، هن ڪڏهن به اڀ ۾ اڏرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهين جا پير پنهنجي مٽي
تي پختا رهيا آهن، ڪنهن به کوٽي تصور کي هٿي نه ڏني آهي. هزار روڪن ۽ ٽوڪن باوجود
هن پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، هن جي بغارت به انوکي رهي آهي، ماٺ ميٺ ۾ وڏي ذهني
فڪري اٿل پٿل آڻيندڙ پنهنجي ڌرتي، ٻولي زندگي ۽ انسانيت جي اعلي آدرشن سان سچو رهيو
آهي.
سوشلسٽ نظام جي
شڪست جو پورو اثر وليرام تي ٿيو، پر هن ڪڏهن مارڪس، لينن جي تاريخي ڪارج ۽ ڪردار کي
هٿان نه ڇڏيو آهي، هن وٽ سماجي انقلاب جوسپنو ڪڏهن بي معنيٰ نه ٿيوآهي. زندگي جي هر
گهڙي اتساه ۾ گذاري آهي، زندگي جي تصوير ۾ سچ سونهن ۽ سرهاڻ جا رنگ ڀريا آهن، هن
جو سڄو پورهيو انساني تدبير جي لاءِ آهي. پنهنجي تخيل ۽ تصور جي ذريعي تخليق ڪرڻ سان
گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان انساني جدوجهد، جاکوڙ، ڪاوشن ۽ قربانين کي پنهنجي ٻولي ۾
آڻي، جهالت، آمريت ۽ استحصال پسند قوتن سان ويڙه جي واٽ وٺندو رهيو آهي وليرام ولڀ
صاحب جو پختو ويساھ آهي ته تاريخ جي ڪڏهن نظرياتي پڄاڻي ٿيڻي نه آهي.
اسان وٽ ڪيترا ئي نام
چڙهيا نفرتن جو ٻج ڇٽڻ ۽ استحصالن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، لفظ بازي ۾ هو پاڻ کي گهڻو
ڍڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر سندن عمل کين اگهاڙو ڪري ڇڏين ٿا، وليرام ولڀ ڪنهن جي گلا
ڪرڻ جي بدران سدائين سنڌ جي صوفي ضمير ۽ ساڃاه وندن جي جهيڻي ٿي ويل آواز کي اڀارڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. فارسي جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته مڙس جي خوبين مان پڌرو ٿي پوندو
آهي ته علمن م هن جا پير ڪيترا کپيل آهن.
اسان ڪنهن ماڻهو جي
ساراه ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ته ايتري ڪري ويندا آهيون جو اهو وساري ويهندا آهيون ته
هو ماڻهو به آهي، ماڻهو واريون ڪمزوريون هن ۾ به هونديون، پروري جي خاميون ڳولڻ شروع
ڪريون ته اهڙو لوئيندا آهيون جو هُن ۾ ڪا چڱائي ڪٿان نظر نه ايندي آهي، هن جي خواري
اهڙي ڪندا آهيون ست پيڙهيون ياد رکن. اسان وٽ علمي ادبي تنقيد نه ٿيندي آهي، هتي
طنز جو رواج گهڻو آهي. آئون اهو بنا هٻڪ جي چوان ٿو ته ڪي ماڻهو حقيقي طور تي ساراھ
جي لائق هوندا آهن ۽ وليرام ولڀ انهن مان هڪ آهي.
مور سونهن، سچائي، سادگي
۽ مزاحمت جي علامت رهيو آهي، مور جو ٽهُوڪو مٺو آهي ته تکو به آهي، مور هر وسيهر
سان ويڙهاند ڪندو آهي پراهو سارنگ جي آجيان ڪندو آهي.
سارنگ لي سارنگ چليا
بيچ ۾ سارنگ ٿاءِ،
سارنگ سامهون سارنگ
ٻولون مُک روسارنگ جاءِ.
(مور نانگ کي
مارڻ جي لاءِ چهنب سان نانگ پڪڙي آڪاش ڏي اڏرڻ شروع ڪيو ته، ساڳي وقت آڀي مان ڪڪر ڪارونڀار
ڪري وسڻ شروع ٿي ويا، گجگوڙ ٿيڻ لڳي، هاڻي مور امتحان ۾ پئجي ويو، گجگوڙ جو جواب ٽهوڪي
۾ نٿو ڏي ته هانءُ ڦاٽي ٿو پوي، پرجيڪڏهن ڏي ٿو ته منهن ۾ ورتل نانگ وڃي ٿو.)
وليرام ولڀ سنڌي
ادب جو ٿر جي ڀٽن تان اڏندڙ مور آهي. مون وليرام ولڀ سان هڪ هڪ ملاقات ۾ ڪيئي ملاقاتون
ڪيون آهن، هن جي گفتگو ۾ علم ۽ سوچ جو فلسفو اٿلي پوندو آهي، قدرت واري وليرام ولڀ
کي نرم ۽ ٻاجهاري دل ڏني آهي. پنهنجي پرائي هر درد تي اکيون ڇلڪي پونديون آهن. هن
جهان ۾ اڃان تائين ڏک سک ماپڻ جي ڪا ساهمي جڙي نه سگهي آهي ڪا ڪنهن جي لاءِ معمولي
ڳالھ آهي ته ڪنهن جي لاءِ اها برداشت کان ٻاهر ٿي پوندي آهي، پر ڪو ٿري سو دک درد
هوندي به زندگي کان فراريت اختيار نه ڪندو آهي، وليرام دردن سان پنهنجي فن کي عروج
تي پهچايو آهي، ڪنهن شاعر چيو ته؛
درد وري به درد رهيو،
اُبتو لکيم يا
سُبتو لکيم!
ڪهاڻيءَ ۾ هن زندگي
جا ٽٽل ٽڪرا ميڙيا آهن، هن جي ڪهاڻي ننڍي کنڊ جي چونڊ ڪهاڻين ۾ شامل ٿي چڪي آهي، شاعري
۾ زندگي جون تلخيون ۽ تجربا ڪيا اٿائين، ٿر جي اڃ ۽، سپنن جي سڃ جا هن نثري نظم
لکيا آهن جن ڇرڪائيندڙ خيال ۽ جيءُ جهوريندڙ عڪس آهن. وليرام پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي
ٿو ته؛
‘هڪ ٿر جوڪارڙو
ٻارڙو پاڻي جي لاءِ اڃ ۾ تڙپي ٿوپر پاڻي هن جي لاءِ سوين فٽ اونهو هيٺ زمين ۾ آهي
يا ڏور گهڻو آڪاش ۾ آهي’ هر ٿري ٻار سمجهي ٿو ته اهو منهنجي لاءِ لکيل آهي، اڃ ۾
تڙپڻ هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي ۽ هڪ نظم ۾ آهي ته ؛
‘ڪرسيءَ تي
ويهڻ کان پوءِ،
منهنجو دوست
مون کي سڃاڻي نه سگهيو
’
زندگي جي اها تلخي
ڪيڏي گهري آهي. مون وليرام کي پنهنجن دوستن جي لاءِ انهي تلخي ۾ روئندي ڏٺو آهي، مون
کي وليرام جي شاعري پڙهندي انگريز شاعر شيلي جي هڪ نظم جو بند ياد ايندو آهي ته:
We look before
and after
And pine for
what not
Our since rest
laughter with same pain is fraught.
Our
sweetest songs are these which tell about saddest thought
(اسين ماضي ۽
مستقبل ۾ ڏسون ٿا،
۽ جيڪا نه آهي
تنهن کي ڳولهيون ٿا
اسان جي بي اختيار
۽ فطري کل ۾ به ڪو نه ڪودرد سمايل آهي
اسان جا سڀ کان
مٺڙا ۽ پيارا گيت اهي هوندا آهن
جيڪي سڀ کان غمگين
سوچن جو داستان ٻڌائيندا آهن.)
ننڍي کنڊ جي عظيم ليکڪا
آپا قرات العين حيدر کي پهريون ڀيرو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو اعزاز وليرام ولڀ ڏانهن
وڃي ٿو، ۱۹۷ ۹ع ۾ آپا جي ناول ‘سيتا هرڻ’ جو ترجمو ڪيو، جيڪو انتهائي پيارو ڪيو، انهي کان
پوءِ ‘پوئين پهر جا پانڌيئڙا ’ کي سنڌي ۾ آندائين، وليرام آپا جي ناولن کانسواءِ ۶ ٻيا ڪيا ڪتاب ڀانت ڀانت جي عالمي ادب مان ڪهاڻين
جا ميڙي سنڌي ادب جي جهولي ۾ ڏنا آهن. مرزا قليچ بيگ ۽ محمد ابراهيم جويي جي سپنن
کي ساڀيا ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ هن پنهنجو پُورو ڪردار ادا ڪيو آهي، وليرام محمد ابراهيم
جي قافلي جو هڪ اهم رُڪن آهي، مون کي خوشي آهي ته منهنجو، سنڌ جي هن سپُوت سان
پيار ۽ پنهنجائپ جو رشتوآهي، آئون هن جي دور ۾ جنميو آهيان.
مون ۱۹۹۹ع ڌاري حيدرآباد ۾ سنڌي اخبارن ۾ سب ايڊيٽر واري
نوڪري شروع ڪئي، انهي عرصي دوران منهنجي وليرام ولڀ سان پهرين ملاقات ٿي، هڪ اخبار
جي لاءِ کانئس انٽرويو ورتم. مون سان گڏ منهنجو پيارو دوست ميوارام ٻالاڻي به هيو.
اسان ساڻس تفصيلي ڪچهري ڪئي، ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهيون ٿيون، پوءِ وري ۲۰۰۲ ۾ اسان ڪجھ دوستن گڏجي مٺي مان ’ٿر‘ مئگزين
ڪڍيو، انهي جي لاءِ وري وليرام ولڀ جو انٽرويو ورتوسين. هر ڀيري هِن سٻاجهي شخص وڏو
آڌرمان ڏنو، پنهنجائپ ۾اسان جو جُڳن جو ناتو جُڙي پيو، هڪ اديب سان گڏ مون کي پنهنجو
هڪ محسن، هڪ پنهنجو بزرگ ملي ويو. جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿيو آهي. وليرام کان ضرور
آشيرواد ورتي اٿم، ڪڏهن اچڻ ۾ دير ٿي آهي يا ڪوتاهي، وليرام دل جي پوري درد سان ميار
ڏني آهي ته
“ائين وساريو
اٿئي ڄڻ جيئرو ناهيان مان...!”
وليرام کان هر
ڀيري مون اُتساھ، اُڪساھ ۽ پيار پاتوآهي. ايم اي سنڌي ادب جي زباني امتحان دوران زيب
سنڌي مون کان وليرام ولڀ جي باري ۾ پُڇيو، مون ٻين ڳالهين سان گڏ آخر ۾ اهو چيو ته،
حيدرآباد اچڻ ٿئي ۽ وليرام سان نه ملجي اهو پاپ سمجهندو آهيان. وليرام سان ملڻ ۾ من
کي شانتي ملندي آهي، وليرام سان ملڻ جي لاءِ سدائين اندر ۾ آرزُو رهندي آهي.
وسن ۽ وهسن، ڏيهاڻي
ڏسڻ لئه،
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ
تلاشون ڪن،
ڍاپيو نه ڍاپن، پسڻ
منهجان پرين جي.
_
جيئن اتر واءَ ۾ پپر
پن ڏڪن،
ڇاتي ايئن لڳن، مون
منهجا سپرين! (شيخ اياز)
۲۰۰۴ع ۾ منهنجو سانوڻ رت ۾ ڳائجندڙ ٿري لوڪ گيتن تي ڪتابڙو ‘گيت سانوڻ من ڀانوڻ
جا...!’ ڇپيو. وليرام ڪتاب پڙهڻ سان دليپ ڪوٺاريءَ کي خط لکيو، خط ۾ مون جهڙي فقير
کي ‘ٿرجو ديوندرستيارٿي’ سڏيائين. اها هن جي وڏائي هئي، نه ته مون جهڙي فقير جي اها
حيثيت ڪٿي آهي، منهنجي لاءِ پنڌ اڃان گهڻو پري آهي...
وليرام وٽ ٿڌي ٿڌي انداز
۾ مزاح به موهيندڙ آهي، جماليت هن جي جيءُ ۾ سمايل رهي آهي هڪ ڏينهن آئون کيرٿر جي
تونگ واري علائقي کي ڏسڻ ويس، موٽيندي وليرام وٽ آيس، سماچار ڏيندي مون ٻڌايو ته، تونگ
۾ مڪلي ۽ چوکنڊي وانگر قبرون سهڻيون ٺهيل آهن. وليرام يڪدم ٽهڪ ڏيندي چيو ته، ڪنهن
جيئري جاڳندي سونهن جواحوال ڏي... مون کي پنهنجي ڳالھ ڪٽڻي پئجي وئي. من ۾ چوڻ لڳس
ته هڏڙا پوڙهاپڻ ۾ مڙي آيا، پر دل مان حسن جو واس نه ويو... پنهنجي من کي وري پنهنجو
جواب هن جڏي جندڙي مٽي هاڻن ماڻهن جا درد قلم ۾ آڻڻ سان گڏ پوري عمر سونهن سرهاڻ ۽
پيار جي احساسن کي ميڙيو آهي، گل ۽ پوپٽ جي رنگن کي چٽيو آهي... ولڀ پوءِ ڪيترا ئي
ٿر جا لطيفا ۽ نقل ٻڌايا، کلي کيرا ٿياسين.
شهر جي روشني ۾ سنجها
جو ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ ستارا ملندا ناهن، پر سج لهندي وليرام تصور ۾ تارا تڪي اداس
ٿي پوندو آهي، ٿر گهڻو ياد ايندو اٿس، هرڻ، ٽيڙو، وڇون ۽ ڪچن سميت ڪهڙا ڪهڙا ٿري
ماڻهن جا ستارن بابت انومان هانءُ ۾ هرندا اٿس. آلين اکين سان پنهنجي اڀياسي ڪمري
۾ ٿري ماڻهن جي علم فلڪيات، ٿري ماڻهن جي سماجيات، ٿري ماڻهن جي ثقافت سڀئي نقطا
ڳڻڻ شروع ڪندوآهي، پوءِ انهي ڪيفيت ۾ شاھ لطيف يا اياز جي شاعري پڙهڻ شروع ڪندو
آهي، هڪ ڏينهن اهڙي ڪيفت ۾ هن اياز جي شاعري ۾ ٿر ڳوليندي ڀرپور مقالو لکيو، جيڪواياز
شناسي ۾ ٿر جي حوالي سان وڏي وٿ بڻجي ويو آهي.
وليرام ڪنهن رشي وانگر
لکيوآهي يا نه؟ هن جا سمورا ڪتاب سنڌي ادب جا اپنشد آهن يا نه؟ مون کي اها خبر نه
آهي پر آئون اها ڳالھ ساک سان چوان ٿو ته هن کي نئين سج نئون، وره ويڙهيچن جو
چڙهيو آهي. هن کي ساري عمر پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي جي لاءِ آشا، ترشنا ۽ چنتا رهي آهي.
ڪو جو چوي ايئن، تنهنجي
ماءَ مري وئي،
۽ تو کي ڳوڙها
اچن اهو ٻڌڻ سيئن،
ٻولي تنهنجي تيئن، آهي
امڙ وانگيان. (شيخ اياز)
مون هن جي هر ليک کي
ٿر جي گج وانگر ڏٺو آهي، جنهن تي ٽڪون ڀريندي نور نچوئبو آهي مُڪي جو ڀرت ڀريندي
آڱريون ڦٽجي پونديون آهن، مڪي تي رت جو هلڪو رنگ هڪ نئون روپ ڏيندو آهي ڀرت ڀريندڙ
جي لوڻي جو پگهر ۽ رت هڪ نئون واس وکيريندا آهن.
وليرام ولڀ وٽ جڏهن
به وڃڻ ٿيو آهي، وليرام در تائين موڪلائڻ آيو آهي، اڻ چاڪي جي حالت ۾ رڙهي رڙهي
چار وکون کڻي پوءِ موڪلايو آهي پر پنهنجي روايت نه ڇڏي آهي. وليرام پنهنجي اولاد کي
به ورثي ۾ اهائي واٽ ڏسي آهي.
هڪ دفعو وليرام
‘ايڪم سته دويتوناسي’ ويد جي منتر سان ڪچهري شروع ڪئي، ڀرٿري هري، شنڪر آچاريه، ولڀ
آچاريه، مادو آچاريه، جئديو، چندي داس، وويڪانند، راڌا ڪرشنن، سوامي رام تيرٿ کان
وٺي مٺيءَ جي ڀڳت کيمچند تائين ڪيترن ئي مهان پرشن جو ذڪر نڪرندو ويو. ايس جي ساردسا
۽ دليپ بوس جي ڪتاب “ڀڳوت گيتا- هڪ اڀياس” جي سنڌيڪار مون کي جئديو جي گيت گوووندا
سان گڏ شنڪر آچاريه جي گيتا سمجهاڻيءَ وارو ڪتاب ڏنو.
هڪ دفعي آئون، منهنجو
پيارو شاعر دوست ناشاد سمون ۽ ريڊيو مٺيءَ جو ڪمپيئر شهاب الدين نهڙيو، وليرام وٽ
ويٺا هجون، ڳالهين ڳالهين ۾ پورو پارڪر اٿلي پيو، مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي،
سترام داس پٽيل، گهمن سنگھ ڀيل، الجي سوڍي ۽ هري سنگھ سوڍي جي قصن ڪهاڻين سميت
پارڪر جون ڪيتريون ئي وليرام سارون سنڀارون ٻڌايائين. مسڪين جهان کوسي ۽ عالمچند
ڪولهي پاران ننگر پارڪر ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت هاسٽل جوڙڻ، هاسٽل ۾ مسڪين پاران پنهنجي
هٿ سان ماني پچائي شاگردن کي کارائڻ، عالم چند ڪولهي جو ريڊر ڊائجسٽ ۽ رهبر مئگزين
چمني جي روشني ۾ پڙهڻ مسڪين ۽ شاگردن جو غور سان ٻڌڻ، عالم چند جو پيٿاپور يونين جو
چئرمين ٿيڻ، سڳاڙ چند ۽ گهمن سنگھ جي سياسي بيداري جي لاءِ جدوجهد، الجي سوڍي جي ڏيا
۽ پنچائت هلائڻ جي انداز، هري سنگھ جي دلڪش نثر سميت ڪيترن ئي موضوعن تي مشاهداتي مانڊاڻ
منڊيا. آئون سنڀومل هميراڻي کان پوءِ وليرام ولڀ جي واتان اهي وينجهارن جون خبرون ٻڌي
رهيو هوس. صبح کان شام تائين ڪو پتو ئي نه پيو پر وقت تيز رفتار گهوڙو آهي، ڪير
انهي کي قابو ڪري نه سگهيو آهي، اسان کي اٿڻ جي تڪڙ کنيو، جنهن جي ڪري پوري پارڪر
جي اڻ لکي سچي تاريخ اڌ ۾ ڇڏڻي پئي، وري اهڙي گهڙي گهڙجي نه سگهي. دل ۾ اهڙي رهاڻ
رچائڻ جي وڏي آرزو آهي.
مٺي ريڊيو تي مون پنهنجي
پهرين پروگرام جي شروعات وليرام ولڀ جي ڪتاب ڪوتا ڦلواڙي تي تبصري سان ڪئي هئي، ٿر
۾ ريڊيو اسٽيشن کلڻ جا شروعاتي ڏينهن هئا، نئين نئين شوق ۾ ريڊيو راڄن جي ڪنن تي هجي،
سائين جي ڪتاب تي تبصرو ٻڌڻ وارن راڄن ساراهيو.
شاعري بنيادي طور تي
ڪائناتي سونهن جو وهڪرو آهي، جيڪو شاعر جي اندر مان ازلي چشمي وانگر ڦٽي نڪرندو آهي،
شعور ۽ سرهاڻ جي صدين کي سيراب ڪندو رهندوآهي، جنهن جي زرخيزي مان پيار محبت ۽ حسن
جي تصورن کي اُسرڻ جو ماحول ملندو آهي، انسانيت ۽ انصاف جا آفاقي قدر امرتا جي پد کي
پائيندا آهن.
ڪوتا ڦلواڙي دنيا جي
مختلف ٻولين جي خوبصورت شاعرن جي شاعري جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ۱۹ ملڪن جي ۲۶ ٻولين جي ۱۱۲ شاعرن جي شاعري ڏني ويئي آهي، هن ڪتاب ۾ ۲۱۵ نظمن جو موضوع محبوبا جي جيءُ ٺاريندڙ ڀاڪر
آهي، ته ڪنهن سانوري جي چپن تي گرم چمي ڏيڻ جو احساس، چانڊوڪي راتين ۾ محبتن جوتاج
محل ڏسڻ جي تمنا آهي، ڍنڍ تي اڏرندڙ پکين جي سونهن ۽ انهن جو رقص کان وٺي بلند پهاڙن
مٿان وکريل برف جي بدن تي عقابن جي اُڏارن جي عڪس، ساحلي طوفان جي شور جي آواز، رابيل
جي گل ۽ گوري جي ڳل تائين ڪيترا ئي موضوع سٽن ۾ سرجيل آهن، ڪن نظمن ۾ پورهيت جي
پگهر جو واس آهي، ڪن سٽن ۾ الوداع لاءِ اٿيل لڏندڙ هٿن جا اشاراآهن، چوندا آهن ته شاعري
جو ترجمو مشڪل آهي، شاعري جو اصل روح ٻي ٻولي جي سٽن ۾ اتاري نه سگهبو آهي، پر ڪجھ
اهڙا سٻاجها ترجمي نگار هوندا آهن، جن جو ترجمو تخليق جهڙو لڳندو آهي. سائين وليرام
ولڀ اهڙن ادبي پورهيتن ۾ شامل آهي. هن سٻاجهي شخص اڳ ۾ به ترجمي جي شڪل ۾ ادبي گل
سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ وڌا آهن، جن جي خوشبوءِ عمرڪوٽ جي رستي تي جوڌي جاني جي لاءِ
پريمڪا پاران روپيل (پوکيل) مروئي جي مهڪار جهڙي آهي.
وليرام ولڀ ‘تاريخ
ريگستان’ جي مصنف سائين رائچند هريجن جو شاگرد آهي. وليرام ولڀ جو جنم ۱۹۴۱ع ڌاري جنم ٿيو، سندس جنم داتائن جا نالا ڪيولرام
۽ چترٻائي آهن، ڪيولرام جي پوليس ۾ نوڪري هوندي هئي، انهي ڪري وليرام ولڀ پرائمري
تعليم مختلف هنڌن تي ورتي، ڪنري، چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهندي
پنج درجا پاس ڪيا، چيلهار ۾ پنڊت پونم چند وٽ هندي ۽ گجراتي پڻ سکيو، چيلهار۾پڙهڻ دوران
رائچند هريجن جي گهر ۾ رهندو هو، جتي سائين رائچند جي رهنمائي ۾ وڏو اتساھ پاتو. ايم
اي (ماس ڪميونيڪشن) ايم اي (سوشيالاجي) ايم اي (اردو) ۽ ايل ايل بي جي ڊگري وٺڻ کان
پوءِ پي ايڇ ڊي جي لاءِ به رجسٽريشن ڪرائي، خبر ناهي انهي کي جاري رکي سگهيو يا نه
سنڌ يونيورسٽي کي وليرام جي خدمتن عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ گهرجي. ملازمت
جي حوالي سان وليرام ڪجھ وقت ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪئي، پوءِ اتان ڇڏي سنڌالاجي ۾
ملازمت شروع ڪئي، جتان ڊپٽي ڊائريڪٽر طور رٽائرمينٽ ورتي.
وليرام پنهنجي شخصيت
۾ هڪ ادارو آهي، مون کي محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند هريجن، منگهارام اوجها، عبدالقادر
جوڻيجو، وليرام ولڀ، سائينداد ساند سنڌي ادب جي دنيا ۾ ٿر جي ڀٽن تان اڀرندڙ ڪرشما
لڳندا آهن، انهن جي لکڻين کي پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ آهي، ڀٽائي چيو آهي ته؛ آسڻ جن آريج،
تن وه ورڻ ٻيو. ”
(ڪاوش دنيا، ڏھاڙي
ڪاوش ۾ آچر ۲۶ مئي ۲۰۱۳ع تي شايع ٿيل)
ولي رام ولڀ
(ترجما نگار، ڪهاڻيڪار - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۲۴۶)
ساجد رند
وليرام ولڀ ۱۶ مارچ ۱۹۴۴ع تي ٿرپارڪر جي شھر مٺي ۾ ڪيولرام لوهاڻو
جي گھر ۾ جنم ورتو.
پاڻ پرائمري جا ٽي
درجا مختلف ھنڌن تي، باقي مئٽرڪ لوڪل بورڊ اسڪول مٺي ۾ پڙھيو. انٽر سچل ڪاليج مان
۽ ايم اي (اردوءَ ۾) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، جڏهن تہ ايم اي (سوشيالاجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن
۾ بہ) ڪيائين.
پيشي جي لحاظ کان
پاڻ سنڌالاجيءَ ۾ ملازم ھيو. ان دوران ئي ”۱۹۴۷ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو“ جي
موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي اجازت گھريائين، پر نوڪريءَ تان موڪل نه ملڻ ڪري ائين
نه ڪري سگهيو ۽ صرف ايم فل ڪري ورتائين.
۱۹۶۲ع ڌاري ھن گجراتي ٻولي جي ڪهاڻيڪار ”ڌومڪيتو“ جي ڪھاڻي ”بھشت ۽ دوزخ“ ترجمو
ڪئي، جيڪا ٽماهي ”مھراڻ“ ۾ ڇپي، تہ ڪافي حوصلا افزائي ٿيس، جنهن بعد لاڳيتو لکندو
۽ ترجمو ڪندو ويو.
وليرام ولڀ، سنڌي
ادب کي ترجمي جي صورت ۾ ۱۰ غير ملڪي ناول، ۷ ڪهاڻين جا مجموعا ۽ هڪ شاعريءَ جو مجموعو ڏنو
آھي ان کان سواءِ ڏهاڪو کن مختلف ڪتابن ۽ رسالن جي ترتيب پڻ ڏنائين، ڪيترن اديب دوستن جي ڪتابن جا مهاڳ، ڪيترن پرڏيهي اديبن جا انٽرويوز ترجمو ڪري
به ڇپايائين.
ولي رام ولڀ کي
علمي، ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ۲۰۰۳ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويو، کيس ٻه ڀيرا
اقليتي ليکڪ جي ڪري پاڪستان جي اقليتي وزارت پاران پنجاهه پنجاهه هزارن جي روڪ رقم
انعام طور ملي چڪا آهن.
ولي رام ولڀ جون ڪيل
علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
۱. اُڏارون آڪاس ۾(شاعري)
۲. زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو(ڪھاڻيون)
۳. بهشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون (ھندستاني ڪھاڻين جو ترجمو)
۴. غدار (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)
۵. سيتا ھرڻ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)
۶. بند دروازو (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو)
۷. ٽين دنيا جون ڪھاڻيون (ترجمو)
۸. ٿڪل سريت (اٽلي جي ڪهاڻيڪار البرٽو موراويا جي ڪھاڻين جو ترجمو)
۹. ٻار سنڌي ڪھاڻي ۾ (ٻاراڻو ادب)
۱۰. سدا ساوا پڻ (سوانحي مضمونن جو مجموعو)
۱۱. ڌاريو (البير ڪاميو جي ناول جو ترجمو)
۱۲. پوئين پھر جا پانڌيئڙا (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)
۱۳. اقبال (احمد نديم قاسمي جي ڪتاب جو ترجمو)
۱۴. سنڌ ڪھاڻي (ڪيول ملڪاڻي جي ڪتاب جو ترجمو)
۱۵. ڀڳوت گيتا جو اڀياس (سار ديسائي ۽ بوس جي ڪتاب جو ترجمو)
۱۶. من جي شانتي (ھندي ڪتاب جو ترجمو)
۱۷. ڪوتا ڦلواري(پرڏيھي شاعريءَ جو ترجمو)
۱۸. مٺڙا ڀاءُ (ڪھاڻيون)
۱۹. زندگي سي کڻا ہوا ڻکرا (وليرام جي انٽرويوئن ۽ ڪھاڻين جو اردو ڪتاب)
۲۰. يادون، ملاقاتون ۽ ڪجھ اڀياس (مضمون)
۲۱. ڪهاڻي ھنن جي (امرتا پرست جي پنجابي ناول جو ترجمو)
۲۲. ڇتن ڪتن جو مسيحا (سرويشر ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)
۲۳. ائنا ڪرينينا (ليو ٽالسٽاء جي روسي ناول جو ترجمو)
۲۴. سمھيل پاڻي (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)
۲۵. ڪارو ڪتاب (عابد سورتي جي ھندي ڪتاب جو ترجمو)
۲۶. آمريڪي ۽ لاطيني امريڪا جون ڪھاڻيون
۲۷. نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون (اردو ۽ ھندي ڪھاڻيون)
۲۸. يورپي ڪھاڻيون
۲۹. ڏور ـ اوڀر جون ڪھاڻيون
۳۰. لوء (شمشيرالحيدري جي شعري مجموعي ”لاٽ “ جو اردو ترجمو)
۳۱. ڪوتا ـ ڦلواڙي ترجمو ـ ترتيب)
۳۲. زندگيءَ جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيون ڪھاڻيون
۳۳. مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي (ڀڳت کيم چند آسناڻي جي آتم ڪھاڻي)
۳۴. جي مارن مون ڏي مڪا (ھند ۽ سنڌ جي ليکڪن جا خط)
۳۵. سنيھڙا (ڌيئرن جا خط)
۳۶. مکا ميلو (انٽرويوز)
۳۷. جانورن جي عجيب دنيا. وغيره
(ساجد رند جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
وليرام ولڀ
ترجمانگاريءَ ۾ سندس
خدمتون
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
۱۸ آگسٽ ۱۹۴۱ع تي ٿرپارڪر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي جنم وٺندڙ، ديوان ولي رام
ولڀ ولد ڪيول رام جو شمار سنڌي ادب جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجيون پوريون
حياتيون هن لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي ادبي خدمت ۾ گذاريون. ولي رام ولڀ جي انهن ڪوششن کي
سنڌي نثر جي تاريخ ۾ هر دور ۾ مڃتا ملندي رهندي هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، جيون ڪهاڻيون،
خط، انٽرويوز، مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. انکان سواءِ تاريخ، فلسفي ۽
مذهب جو موضوعن تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن ته درسي ڪتاب جي حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
۾ خدمتون سر انجام ڏنيون اٿن. هن ليوٽالسٽاءِ، البرٽو موراويا، ڪرشن چندر، قرت
العين حيدر، امرتا پريتم، ديال سڪسينا، رابندر ناٿ ٽئگور، عابد سورتي، احمد نديم
قاسمي ۽ ٻين ليکڪن جي تحريرن سان سنڌ واسين کي روشناس ڪرايو آهي.
ايئن به نه آهي ته ولي رام جو ڪو
سڄو ڪم ترجمي تي مشتمل آهي.
هن سنڌيءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي آهي
ته اصلوڪيون ڪهاڻيون پڻ لکيون جيڪي معياري ۽ فني طور مظبوط شمار ٿين ٿيون، پر عام
طور پڙهندڙ کين مترجم جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاڻن ٿا. جنهن جو اهم سبب اهو ئي چئي سگھجي
ٿو ته پاڻ هڪ اهڙو تخليقڪار/مترجم رهيو جنهن جا ڪيل ترجما اصلوڪي (original) هئڻ جو گمان ڏين ٿا ۽ انهن جي
مشهوريءَ کان پوءِ ظاهر آهي سندن ذاتي لاڙو تخليق کان وڌيڪ ترجمن ڏي رهيو ۽ ان ئي ڪري
سندن نالو تخليقي ادب جي اهم مترجمن ۾ شمار ٿئي ٿو.
هن ڏس ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
لکيو آهي ته: “مترجم طور جن ماڻهن نالو ڪڍيو انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ولي رام ولڀ
۽ غلام نبي ميمڻ جا نالا خاص طور نشانبر رهيا آهن. پوين ٻن ناولن ۽ ڪهاڻين جا
ترجما ڪيا آهن.”
جيئن ته پڙهندڙن کي اها ڀليءَ ڀت
خبر آهي ته جڏهن به ڪنهن مترجم اديب جي نظر مان ڪا سٺي تحرير گذرندي آهي تڏهن سندن
دل ۾ هڪدم اها خواهش ڪَرَ کڻندي آهي ته “مان هيءُ شاهڪار پنهنجي پياري ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪري پنهنجي ديس واسين جي اڳيان آڻيان” حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهو ئي ڪنهن ٻوليءَ
جي بقا ۽ واڌاري لاءِ اثرائتو طريقو آهي، جنهن سان ان ٻوليءَ ۾ وسعت اچي ٿي ۽
انهيءَ ٻوليءَ ۾ نوان نوان خيال، نظريا، نيون معنائون ۽ اعليٰ قوتِ فڪر پيدا ٿيندي
آهي. هتي آئون ولي رام ولڀ جي ئي لفظن کي ورجائينديس، سندن موجب ته:”ڪنهن ٻي ٻوليءَ
۾ جڏهن به مون ڪاسٺي تحريرپڙهي آهي، تڏهن دل چاهيو آهي ته اها سنڌيءَ ۾ ڇپجي، مون
پنهنجي اسٽڊي شيئر ڪرڻ چاهي آهي.”
وليرام صاحب نثر ۾ لکڻ جي
شروعات ترجمي سان ڪئي سندن پهرين ترجمو ڪهاڻي “بهشت ۽ دوزخ” ۱۹۶۰ع ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي. هن اردو، هندي، پنجابي، انگريزي، سنسڪرت، سرائيڪي ۽
ٻين ٻولين مان ادبي فن پارا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. جنهن مان ڪافي مواد ڇپجي
چڪو آهي ته چڱو مواد اڻ ڇپيل پڻ وٽن موجود آهي. ڇپيل ڪتابن ۾ چند جا نالا هن ريت
آهن: “غدار”، “سيتاهرڻ”، “بند دروازو”، “ڌاريو”، “پوئين پهر جا پانڌيئڙا”، “ائنا ڪرينيا”،
“ڪهاڻي هن جي”، “سمهيل پاڻي”، “ڇتن ڪتن جو مسيحا”، “ڪارو ڪتاب”، “ٽين دنيا جون ڪهاڻيون”،
“ٿڪل سريت ۽ ٻيون ڪهاڻيون”، “بهشت ۽ دوزخ”، “مٺڙا ڀاءُ...”، “اوندھ ۽ اُجالو”، “بهار
آيو”، “زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو”، “سنڌ ڪهاڻي”، “گيتا جو اڀياس” ۽ ٻيا آهن. جن ۾ ڪي
طبعزاد ته گهڻا ترجما آهن.
جيئن ته نثر جي تاريخ لکندڙن
اهو به ڄاڻايو آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن نثر نگار چاهي اهو مترجم هجي يا مورخ نقاد هجي
يا اديب، جو نثر پڙهڻ ۾ اثرائتو، وڻندڙ ۽ دلڪش نه آهي ته پوءِ اهو رواجي نثر شمار ٿيندو
پر جڏهن ڪو نثر پڙهڻ مهل پڙهندڙ بنا اٽڪ جي روانيءَ سان پڙهندو ٿو وڃي ۽ لفظن، جملن
۽ پئرائن ۾ ڳانڍاپي سان ليکڪ جو مقصد مٿس واضح ٿو هجي ته پوءِ اهڙو نثر اثرائتو ۽ ڪامياب
نثر شمار ٿيندو آهي. هيٺ پڙهندڙن جي پروڙ لا۽ ولي رام صاحب جي نثر مان حوالا پيش ڪريان
ٿي ته جيئن موضوع تي سهڻائيءَ سان روشني پئي سگھي.
“هن ورهين کان آسمان ڏنو نه هو.
آزاديءَ جي سَڌَ سندس دل ۾ زخمي پکيءَ وانگر کنڀڙاٽيون هڻي شايد مري چڪي هئي هاڻي
رڳو مايوسيءَ جي اونداهي هئي ۽ بس! اچتو هڪ ڏينهن ڌرتي ڌٻي ۽ زمين گجگوڙ سان گڏ ڦاٽي
پيئي، وڏيون ويڪريون شاهي ديوارون لڏي ٽيڏيون ٿي ويون.
قيدي ڊپ ۽ هراس وچان قيدخاني جي
شاهي ٿنڀي سان ويڙهجي ڇت تي وڏن ۽ ڳورن پٿرن جا آواز ٻڌندو رهيو. ٿوري دير کان
پوءِ ڌرتيءَ جو لوڏو بيهي ويو ته هُن جو ساھ ۾ ساھ آهيو، پر گڏوگڏ سندس اکين ۾
مايوسيءَ جالڙڪ ڀرجي آيا”.
“ٿڙندڙ وکن سان، هٿن سان هوا ۾
هٿوراڙيون هڻندي، هو ڪورٽ جي ڪمري جي فرش تي اڳيان وڌندو ويو. سندس خالي اکين جي
کوپن مان رت ٽمي رهيو هو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت، ايتريقدر تيز ڳاڙهو پئي لڳو جوٻي ڪابه
شيءِ انهيءَ رت جي ڳاڙهاڻ کان وڏيڪ ڳاڙهي نٿي ٿي سگھي رت آهستي آهستي ۽ لاڳيتو
انهن سوراخن مان وهي رهيو، جتي پهرين ڪڏهن سندس اکيون هيون.” هڪ ٻئي هنڌ لکيو اٿن
ته، “انسان غير جي ڌرتيءَ تي بي گھر هجي ۽ وري پنهنجي وطن ۾ به “بي گھر” ٿي رهي ته
انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته پنهنجي وطن ۾ “بي گھرائي” ڏاڍي وحشت ناڪ هوندي آهي،
جلاوطنيءَ جي اذيت، خواهشون،
تمنائون ۽ واپسيءَ جي ڏينهن جو انتظار اهي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جن جو ڪو سبب
۽ ڪارڻ هوندو آهي، پر توهان پنهنجي ئي وطن ۾ بي گھر بنجي رهو، انهيءَ جو ڪو ڪارڻ ۽
منطق سمجھ ۾ نٿي اچي! پوءِ جڏهن انسان جي ڄمار وڌندي ويندي آهي تڏهن انهيءَ گُهٽ
جي ڪيفيت کان ٻاهر ايندو آهي. ان وقت محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجي وطن ۾ اسان جي
وجود جو ڀل اهو ڪنهن به حالت ۾ هجي ڪارڻ آهي”.
ولي رام ولڀ جي تحرير پڙهڻ سان
معلوم ٿيئي ٿو ته سندن لکيل نثر ۾ نه ڪٿي اوپرا، اڻ وڻندڙ ۽ اڻ سهائيندڙ لفظ آهن ۽
نه ئي جملن ۾ بي ترتيبي ۽ بي ربطگي آهي.
هن نه فقط بيهڪ جي نشانين تي
خاص توجھ ڏني آهي، پر گرامر جي ترتيب، سهڻن ۽ سيبتن لفظن جو جڙاءُ، تجنيس حرفيءَ
جي سونهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نثري خوبيون آهن جيڪي سندن ترجمن کي اصلوڪي هئڻ جو
اعزاز بخشين ٿيون. ن
قادن موجب ته ڪو به تخليقي ادب
جو مترجم تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن کيس ٻنهي ٻولين تي مڪمل عبور ۽ انهيءَ ادبي
صنف جي مڪمل ڄاڻ هجي. انهن ٻنهي نڪتن سان متفق هوندي به انهيءَ ۾ آئون هڪ ٻيو
اضافو ڪنديس ته مٿين خوبين سان گڏ هڪ خاص خوبي اها به آهي ته انهيءَ مترجم / اديب
جو پنهنجي ڪم لاءِ “دلي ذوق ۽ شوق” هجي. اسان وٽ عام طور اهو چوندا آهن ته “فلاڻو
الاڻو ڪم دل سان ڪيو تڏهن سٺو ٿيو” سو واقعي دل جو ثاني ڪونهي،
هتي آئون اهو ئي چونديس ته سنڌي
ٻولي ۽ ادب سان دلي عشق هئڻ سبب هن اصل کي نقل ڪرڻ مهل اصلوڪو ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي
۽ بنيادي طور هن تخليقڪار مترجم پنهنجي ڪم سان سچي رهڻ ۽ ٿڌي دماغ، توجھ، ترتيب ۽
تنظيم سان پنهنجي لکڻين ۾ هميشه مڪمليت (Perfection) جي پوري پوري ڪوشش ڪئي جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. سندس لکڻي
چاهي ترجمو هجي يا طبعزاد جڏهن به ان جو تنقيدي تجزيو ڪبو ته اها ڳالھ ضرور سامهون
ايندي ته وٽس سنڌي ٻوليءَ جي هنڌائتنلفظن جي ڪابه کوٽ نه رهي.
ولي رام ولڀ صاحب جو نثر جو ڪم
ترجمانگاريءَ جي حوالي سان اهميت جوڳو آهي. هن سنڌي نثر کي شاعراڻو ترنم ڏنو آهي،
اصلوڪن توڙي ترجمن جي صورت ۾ لکيل فن تي کين هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ايوارڊن سان
نوازيو ويو آهي.
پاڻ پنهنجي پياريءَ ۽ لاکيڻيءَ ٻوليءَ
جي خدمت ڪندي ادبي لاٽ کي روشن رکيائين.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴
آگسٽ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ولي رام ولڀ
اھڙو ھو اسان جو سائين!
اشفاق لغاري
سنڌي ادب کي ٿر رڳو خوبصورت تشبيھون
۽ استعارا ناھن ڏنا، سگهڙن جو لوڪ ادب ناھي ڏنو پر سنڌي ادب کي راءِ چند راٺوڙ،
عبدالواحد آريسر، حليم باغي ۽ دور حاضر جو سڀ کان وڏو حوالو سائين ولي رام ولڀ بـ ٿر
ڏنو. مٺيءَ ڄائو ولي رام ولڀ ڪالھ آچر جي ڏينھن ۲۹
سيٽمبر تي ھميشه لاءِ حيدرآباد جي ھوائن حوالي ٿي ويو،
ھو ھن دنيا کي الوداع ڪري ويو. ولي رام ولڀ جنھن کي سمجھ ايندي ئي اھو فڪر شروع ٿي
ويو تـه سنڌي ادب جي جھولي ٻاھرين دنيا جي تخليقي ادب جي ترجمي سان ڪيئن ڀرجي. ھن
ھندي، انگريزي، پنجابي ۽ اردو مان ناولن، افسانن، ڪھاڻين ۽ شاعري جا جا ڪيترائي
خوبصورت ترجما ڪيا. ھن قرت العين حيدر، ڪرشن چندر، رابندر ناٿ ٽئگور کان وٺي ڪاميو
تائين جھڙن ليکڪن کي ترجمو ڪيو ۽ اھڙو ڪيو جو ڪنھن کي اھو ياد بـه ناھي تـ “سيتا
ھرن” ۽ “پوئين پھر جا پانڌيئڙا” ڪي ترجمو ٿيل ڪتاب آھن.
ولي رام ولڀ ننڍي عمر ۾ رامائڻ
جھڙو ڳرو ڪتاب پڙھيو. توڙي جو ھن کي سندس پوليس آفيسر والد ان عمر ۾ رامائڻ پڙھڻ
کان منع بـه ڪيو پر ولي رام صاحب رامائڻ لڪي لڪي پڙھي پورو ڪيو. ھن کي ٻاروتڻ ۾ سٺي
صورتخطي لکڻ جو شوق ٿيو. ھن پنھنجي خوبصورت ھٿ اکرن سان ڪئين ڪتاب لکيا. ھن اھڙا ڪتاب
بـ ترجما ڪيا جن تي حالتن جي جبر سبب سندس نالو نـ لکجي سگھيو.
جيڪڏھن مونکي حافظو دوکو نٿو ڏي
تـه منگھارام ملڪاڻي جو سنڌ جي تاريخ تي لکيل بھترين ڪتاب “اسٽوري آف سنڌ” يا “سنڌ
اسٽوري” به سنڌي ۾ ولي رام ولڀ ئي ترجمو ڪيو، جنھن جي ھڪڙي جلد تي ترجمي نگار جو نالو
“ولو” لکيل آھي ۽ ھڪڙو جلد شايد سائين تاج (جويو) جي نالي ڇپيل آھي.
ھن نوڪريون بـ ڪيون. پنھنجي
مزاج جون نوڪريون نـه ھجڻ ڪري اھي نوڪريون ڇڏي ھو سنڌيالاجي ۾ اچي لڳو ھو. ھن سنڌيالاجي
۾ ترجمي جو تمام سٺو ڪم ڪيو. تنوير عباسي جو ڪم ڇپرايائين. ھن جي خواھش ھئي تـ سنڌيالاجي،
سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو ترجمي تي خاص ڪم ڪن پر ڄاڻايل ٽنھي
ادارن کي ولي رام ولڀ جھڙن ماڻھن جي ڳالھين، تجويزن ۽ خواھشن جي پرواھ ڪٿي!...
سائين ولي رام ولڀ سنڌي ۽ اردو
ادب جي اديبن وچ ۾ ھڪ وڏي پل ھو. ھن اسلم فرخي، آصف فرخي ۽ اجمل ڪمال جھڙن کي سنڌي
ادب کان آشنا ڪرايو ۽ سنڌي اديبن کي وري تخليقي ادب جي اردو جي وڏن ليکڪن جي ويجھو
آندو. سائين ولي رام ولڀ جي ڪوششن جو ئي نتيجو ھو جو پوءِ ميرپور خاص مان شيخ اياز،
جمال ابڙو، نسيم کرل، آڪاش انصاري جا “روايت” جھڙي رسالي ۾ اردو ۾ ترجما ٿي ڇپجڻ لڳا.
ميرپور خاص ۾ ڪرن سنگھ، يوسفاڻي صاحب، بشير صاحب ۽ مصطفيٰ ارباب ۽ منھنجي ڪاليج جي
زماني جي اردوءَ جي استاد ماجد حسن صاحب سنڌي شاعري، ڪھاڻي ۽ افساني کي ترجمو ڪري
اردو وارن تائين رسايو. ان روايت جو باني سائين ولي رام ولڀ ھو.
سائين ولي رام ولڀ سنڌي ادب جو
خاموش خدمتگار ھو. ھن کي نالي جي انعام جي ڪنھن اداري جي سربراھي ۽ چيئرمين شپ ملڻ
ڪٿي ڊائريڪٽر ٿيڻ جو ڪڏھن ڪو شوق ڪونـه رھيو. ھن کي ڪم ڪرڻ جي عادت ھئي ۽ ڪم ڪري
خوش ٿيندو ھو. ھن کي پنھنجي ٻارن جو تمام گھڻو فڪر ھوندو ھو.
پاڻ کي “فيملي مين” سڏيندو ھو.
ھن جي نياڻين ۽ پٽ کي بـه ادب سان چاھ آھي. جھڙو ولي رام صاحب پاڻ نياز نوڙت وارو
ھو اھڙو ئي سائين جو پٽ ڊاڪٽر ڪمليش آھي. ڊاڪٽر ڪمليش بـه مطالعي وارو ماڻھو آھي،
پڙھڻ ۽ پڙھندو رھڻ ھن جو محبوب مشغلو آھي.
ولي رام ولڀ صاحب ان زماني ۾ ٻاھرئين
ٻولين مان خوبصورت شاعري، ڪھاڻيون ۽ افسانا ترجما پئي ڪيا. جنھن دور ۾ ادبي ڪتاب ۽
مواد ڳولڻ ايترو آسان نـه ھو. ھاڻي تـه اڌ دنيا جو مواد موبائل فون ۽ انٽرنيٽ جي
سھولت ماڻھو جي مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آھي. ھڪڙي ڪِلڪ سان گوگل بابا ڪا ڪھاڻي ڪو نظم ۽
شعري ڳولي اچيو سامھون رکي.
ولي رام صاحب جي جيڪا چونڊ
ھوندي ھئي، اھا بـه سنڌ ۾ واکاڻي ويندي ھئي. ھن جا ڪيل ترجما ڳاڙھن ڪتابن وارا ڪامريڊ
بـ پڙھندا ھئا تـه ادب براءِ ادب تي يقين رکندڙ شاعر ۽ ڪھاڻيڪار به. ھن پاڻ کي ڪنھن
بـه نظرئي ۽ جھنڊي جي قيد ۾ قابو نـه ڪيو. ھو انھن معاملن کان مڪمل آزاد ھو.
عمر جي آخري حصي ۾ ھن تي ھندو ڌرم
جو اثر وڌي ويو ھو. شايد ٻالڪپڻ ۾ گھڻو رامائڻ پڙھڻ ان جو سبب ھجي يا ڪو ٻيو. ھن ٿر
۾ ذات پات تي مبني جيڪو فرق ڏٺو. جيڪي مشاھدا ڪيا، جن فرقن مان ماڻھو گذرندا ھئا انھن
جو ھن پنھنجي انٽرويوز ۾ بھترين اظھار ڪيو آھي.
“ھمسري” رسالي کي تقريبن ۲۰۱۷ ۾ ڏنل ھڪ انٽرويو ۾ ولي رام صاحب چيو ھو، “منهنجي به خواهش هئي ته مان هڪ
استاد ٿيان ها. چيلهار ۾ رائچند منهنجو آئيڊيل استاد هو. آئون اڄ به جڏهن سندس
نالو وٺان ٿو ته منهنجو ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي. جنهن جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ ڪلاسيڪي
استاد هو، تمام گهڻو اصول پرست هو،
سندس شخصيت ۾ تمام گهڻي ڪشش
هئي. سندس پٽڪو هميشه ساڳئي انداز سان ٻڌل هوندو هو. پاڻ ميگهواڙ هو. ان وقت ۾
ميگهواڙن لاءِ سماج ۾ تمام گهڻي اڻبرابري هئي پر هو جڏهن اسان جي گهر ايندو هو ته
منهنجو پيءُ هن کي عزت سان ويهاريندو هو ۽ منهنجي پيءُ جو اهو رويو منهنجي لاءِ
برابري واري سوچ جو احساس کڻي آيو”.
اھڙو ھو بس اسانجو سائين ولي
رام ولڀ.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ءَ۾ ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ولي رام ولڀ جو انٽرويو
پئنل انٽرويو (آڪٽوبر ۲۰۱۷) ۾ ورتل
انٽرويو وٺندڙ: منظور
ٿهيم، ڊاڪٽر اشوٿاما، زاهده ابڙو
ڊاڪٽر اشوٿاما: سائين توهان
پنهنجي ٻالڪپڻي، ڳوٺاڻي زندگي، شروعاتي استادن ۽ تعليم جي باري ۾ اسان جي پڙهندڙن
کي ڪجهه ٻڌايو جنهن توهان کي اڳتي هلي علم ۽ ادب سان سلهاڙيو؟
ولي رام ولڀ: سائين توهان جي وڏي
مهرباني جو توهان مون کي اهو موقعو ڏنو ته آئون پنهنجن پڙهندڙن کي پنهنجي باري ۾ ڪجهه
ٻڌائي سگهان، اها منهنجي خوش قسمتي آهي جو زندگي مون کي هڪ اهڙو موقعو ڏنو جو ان اڳتي
هلي منهنجي زندگيءَ جا رخ طئي ڪيا. منهنجو پيءُ پوليس ۾ نوڪري ڪندو هو. مٺي ۽ عمرڪوٽ
جي وچ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ چيلهار جي نالي سان هو ان ۾ منهنجو رهڻ ٿيو اتي آئون ٻئين
درجي ۾ داخل ٿيس، پهريون درجو مون ڪنري ۾ پڙهيو. چيلهار ۾ ٻه سال رهياسين. ۱۹۵۱ع ۾ چيلهار ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيس. ٻار جي لاءِ اسڪول جي زندگي ۽ استاد جي
شخصيت تمام گهڻي اهم هوندي آهي. جڏهن منهنجي پيءُ جي بدلي چيلهار ڳوٺ ٿي جتي اسان ٻه
سال رهياسين ۽ اتي ٽئين ۽ چوٿين ڪلاس ۾ منهنجو استاد رائچند هريجن هو، جنهن لاءِ
چيو ويندو هو ته هو ڪاليجي پاس آهي. هو ٽريننگ ڪاليج مان ٻه سال پڙهي پوءِ اتي اچي
استاد ٿيو هو. سندس پٽ به منهنجو ڪلاس فيلو هو، اسان ٻئي سندس شاگرد هئاسين، سندس
پٽ به ڏاڍو هوشيار هوندو هو. اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڄڻ مقابلو هوندو هو. منهنجي هينڊ
رائيٽنگ سٺي ڪونه هوندي هئي پر استاد رائچند جي هينڊ رائيٽنگ تمام خوبصورت هوندي هئي.
جڏهن لکندو هو ته لڳندو هو ڪا شيءِ ڇپيل هجي. انهيءَ اتساهه ۾ مون پنهنجي هينڊ
رائيٽنگ به تمام گهڻي سڌاري. سندس پٽ مون کي هڪ دفعو پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ان ئي ڪمري
۾ وٺي ويو جيڪو سائين رائچند جو هو، ان زماني ۾ ڪمري کي کُڏ يا ڪوٺي چوندا هئا.
سندس کٽ جي پاسي ۾ هڪ ڪٻٽ رکيل هو، جنهن ۾ سندس پسند جا ڪتاب تمام ترتيب سان رکيل
هئا. مون کي ان وقت ڪتابن سان گهڻي ڪا دلچسپي ڪونه هئي پر سندس پٽ جواهر انهن ڪتابن
مان هڪ تصويرن وارو ڪتاب مون کي ڪڍي ڏنو ۽ هڪ ڊائري ڪڍي ڏني جيڪا هن جي پنهنجي هينڊ
رائيٽنگ ۾ لکيل هئي. انهيءَ هينڊ رائيٽنگ کي ڏسندي مون کي اُتساهه مليو ۽ مون هينڊ
رائيٽنگ سڌاري ۽ ان تصويرن واري ڪتاب جي ڪري مون کي تصويرن ۾ به دلچسپي پيدا ٿي ۽
پوءِ هڪڙو ٻيو ڪتاب جيڪو ٿورو ڊگهو هو پنهنجي سائيز ۾ اهو به مون کي ڏنائين، جنهن
جا پنا بادامي رنگ جا ڳريل هئا، اهو اڳيان پويان ڦاٽل هو. اهو ڪتاب مون کي دلچسپ لڳو
۽ مون جواهر کي چيو ته اهو ڪتاب جيڪڏهن تون مون کي ڏين ته آئون کڻي وڃان ۽ وڃي ان
کي پڙهان. ڇو ته ان وقت ۾ شاگردن جي استادن سان گهڻي حجت نه هوندي هئي. جواهر مون
کي اهو ڪتاب ڏنو ۽ آئون ور ۾ هڻي گهر کڻي آيس. جڏهن ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ته ڪتاب ڪافي
جيئن ته پراڻو ڇپيل هو، منهنجي پيءُ جڏهن مون کان پڇيو ته تون ڇا ٿو پڙهين، ڇو ته
رات جو ويهي آئون بتي ٻاري ان کي پڙهندو هئس، جڏهن منهنجي پيءُ اهو ڪتاب ڏٺو ان جا
ڪردار ڏٺائين ته چيائين اهو ته “رامائڻ” آهي، ايڏو وڏو ڪتاب تون ڪيئن پڙهي سگهندين.
تڏهن ابتدائي درجن ۾ هئاسين، پوءِ اهو ڪتاب مون وٽ ئي رهيو. هاڻي توهان کي ٻڌايان
ته چيلهار ۾ وڃڻ کانپوءِ اسان کي رهڻ لاءِ گهر ئي نه پئي مليو اتي گهڻي جيڪا ڪميونٽي
هئي اها مهيشوري هئي، جن ۾ ڇوت ڇات گهڻي حد تائين موجود هو ۽ پنهنجن برتن ۾ به ڪنهن
کي ڪونه کارائيندا هئا. اسان به ڪاسٽ هندو هئاسين پر جيئن ته هو ويشنو هئا ۽ اسان
گوشت واپرائيندا هئاسين، ان ڪري اهو پهرين ئي طئي ٿيل هو ته ويشنو گوشت کائڻ وارن
کي پنهنجي برتن ۾ ڪونه کارائيندو. جيئن ته منهنجو پيءُ پوليس ۾ هوندو هو ان ڪري
مون کي اتي ماڻهو چانديءَ جي برتن ۾ کائڻ لاءِ ڏيندا هئا. پوءِ منهنجي ذهن ۾ ان ڇوت
ڇات جو ڪافي اثر رهيو، منهنجي پيءُ جڏهن جاءِ ڳولهڻ شروع ڪئي ته اسان کي جاءِ ڏيڻ
لاءِ ڪو تيار نه هجي، پوءِ بابا ٿورو کين ڌمڪايو ته هو پنهنجي چڱي مڙس کي وٺي آيا
جنهن کي بابا چڱي دير ويهاري ڇڏيو ۽ پوءِ ان ڊپ کان شهر جي مکي اهو فيصلو ڪيو ته “بابا
هن کي جاءِ ڏيو نه ته معاملو خراب ٿي ويندو”، پوءِ نيٺ رات تائين اسان کي هڪڙي
جاءِ ڏنائون پر چيائون ته اها جاءِ رهڻ جي قابل ڪونهي. رهڻ لائق ان ڪري ڪونه هئي ڇو
ته اسان جي وڃڻ کان پهرين انهن ان جاءِ جون ڇتيون ڊاهي ڇڏيون هيون، ان ڪري اها رهڻ
لائق نه رهي، پوءِ بابا پوليس جي ماڻهن کي ونگار تي گهرايو جن ڪنڊن جون واڙون ڏيئي
مڙئي جاءِ کي رهڻ لائق ٺاهيو ۽ پوءِ اسان ان ۾ رهڻ شروع ڪيو. اسان جڏهن اتي رهڻ
شروع ڪيوسين ته پوءِ اتان جا مهيشوري پهرين واسطي ۾ آيا، پوءِ مالهي، پوءِ سوٽهڙ ۽
حجام ڀرسان رهندا هئا پوءِ انهن اسان جو ٺيڪ ٺاڪ ساٿ ڏنو ۽ اهي مهيشوري واڻيا
منهنجا ويجها ساٿي بڻجي ويا. اتي رهڻ جو رواج ائين هو جو هر گهر جي پاڻيءَ جي کوهي
ڌار ڌار هوندي هئي ۽ پاڻي گهڻي اوناهي تي ڪونه هوندو هو ٿوري کوٽائيءَ سان پاڻي نڪري
ايندو هو. پوءِ اسان به پنهنجي کوهي کوٽرائي ۽ ان جو ئي پاڻي واپرائڻ لڳاسين ۽
ايئن اسان ٻه سال اتي رهياسين. جيڪو توهان جو سوال آهي ته ادبي لاڙي جو پيدا ٿيڻ
اهو هو هريچند جو پٽ جواهر ۽ سندس ڏنل اهو ڪتاب، اهي پهريان محرڪ هئا جن جي ڪري
ادب ڏانهن مائل ٿيس.
ڊاڪٽر اشوٿاما: اسان کي پنهنجي
باقاعدي پرائمري کان وٺي هائر سيڪنڊري جي تعليم تائين ٿورو ٻڌائيندا؟
ولي رام ولڀ: چيلهار مان منهنجي
پيءُ جي بدلي سانگهڙ ٿي وئي ۽ پوءِ اسان وري پنهنجي ڳوٺ مٺي هليا آياسين. ڪجهه
خانداني مجبورين جي ڪري مٺي کان ٿورو پر ڀرو وڃي رهياسين. پنجين درجي کان ستين درجي
تائين آئون اتي پڙهيس. پڙهائي ۾ آئون سٺو هئس ۽ هميشه سٺيون مارڪون کڻي پهرين
نمبرن ۾ پاس ٿيندو هئس. جڏهن آئون چوٿين درجي ۾ پڙهندو هئس ته ڪلاس ۾ منهنجو نمبر ٻئين
مان يارهين نمبر تي وڃي پهتو. ڇو ته ان سال منهنجي شادي ڪرائي وئي هئي، جنهن جي
نتيجي ۾ اهو ٿيو جو آئون رات جو بتي ٻاري پنهنجي هڪ ٻئي ڪلاس فيلو پرشوتم جي گهر وڃي
پڙهندو هئس. هو مهيشوري هو آلجبرا ۾ ڏاڍو سٺو هوندو هو، اسڪول ۾ پنج ڇهه سئو شاگرد
پڙهندا هئا. انهن جي وچ ۾ استادن کي منهنجو نالو ياد هوندو هو ڪي مون کي نالي سان
سڏيندا هئا اها منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي. اسڪول ۾ تقريرن جي مقابلن ۾ حصو وٺندو
هئس، چوٿين ڪلاس ۾ آئون تقريري مقابلي ۾ پهريون نمبر آيس. ۵۴-۱۹۵۳ع ڌاري مون کي اسڪول ۾ هڪ رپيو
انعام مليو، جيڪو اسڪول لاءِ وڏي ڳالهه هو ڇو ته ان وقت ۾ ڪتابن پڙهڻ جو رجحان
تمام گهٽ هو. ان هوندي به مون کي ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو. جنهن جي نتيجي ۾
جڏهن ميٽرڪ ۾ سائنس ۽ آرٽس گروپ چونڊڻ جو وقت آيو ته مائٽن کان پڇڻ بنا مون آرٽس
گروپ چونڊيو جنهن تي مون کي منهنجي هيڊ ماستر چيو ته تو پنهنجي پيءُ کان صلاح نه ڪئي
آهي، پوءِ هن منهنجي پيءُ کي گهرايو ۽ چيائينس ته هي ڇوڪرو پڙهڻ وارو آهي توهان هن
کي ڇڏي ڏنو آهي، پوءِ مون ضد ڪيو ته آرٽس ۾ ئي پڙهندس ڇو ته سائنس ۾ مون کي ڪابه
دلچسپي نه هئي. پڙهائي دوران پاٺ شالا ۾ هندي ۽ سنسڪرت به سکيم جيئن ته ٻنهي ٻولين
جو اسڪرپٽ ساڳيو آهي ان ڪري سکڻ ۾ ڏکيائي نه لڳي. سنسڪرت سکڻ دوران هڪڙي درويش صفت
ماڻهو سان ملاقات ٿي جيڪو روز گردواري ۾ اسان جون ڌرمي ڪلاس به وٺندو هو، پوءِ
طبيعت ۾ ڪجهه اهڙو لاڙو پيدا ٿيو جو ان وقت ۾ هڪ شيوا منڊلي جو چيئرمين چونڊجي
ويس. جنهن جا اسي کن ميمبر هوندا هئا. ان ماڻهو اسان جي تربيت ۾ تمام گهڻو ڪردار
ادا ڪيو. اسڪول ۾ پڙهائي سان گڏوگڏ ان قسم جون سرگرميون به اسان جو ڪردار ٺاهينديون
رهيون.
ڊاڪٽر اشوٿاما: پرائمري اسڪول ۾
توهان جو ڇوت ڇات وارو تجربو رهيو ان کانپوءِ وري توهان ڌرمي ڪلاسز کان متاثر ٿي هڪ
شيوا منڊلي جو حصو بڻجي ويا انهن سڀني شين کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو.
ولي رام ولڀ: ان وقت ۾ جيڪو
ماحول هو ان ۾ سوچڻ لاءِ ٻي ڪا ڳالهه هئي ئي ڪانه تنهنڪري جيڪي شيون انسان جي اڳيان
هونديون ان ڏانهن ئي ڇڪبو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪي شاگرد هڪ ڪلين سليٽ وانگر
يونيورسٽين تائين پهچي ويندا آهن انهن لاءِ به اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ته
هو ڇا ڪن. ڪهڙي پارٽي ۾ وڃن، پوءِ انهن کي جيڪو ماڻهو پهرين ملندو آهي ان جي اثر ۾
اچي ويندا آهن. ان وقت ۾ مٺي ۾ سواءِ مندر ۾ وڃڻ ۽ پوڄا پاٺ ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه
هئي ڪانه. البته اسڪول ۾ مختلف موضوعن تي تقريري مقابلن لاءِ تياري ڪرائي ويندي هئي،
ان لاءِ به گهڻو ڪري اسين پاڻ شاگرد موضوع ڳوليندا هئاسين. اسڪول کان گهر، گهر کان
اسڪول هوندو هو. حيدرآباد ۾ اچي سچل سرمست ڪاليج ۾ داخلا ورتم، اهو به ايئن سمجهو
ته غيرحاضر رهي پڙهياسين. ان وقت ۾ ميرپورخاص ۾ نوڪري به ڪندو هئس ۽ گڏوگڏ پڙهائي
به هلندي هئي. امتحان ڏيڻ لاءِ بي. اي پارٽ-II ۾ تمام گهٽ ڪلاس اٽينڊ ڪيم، بس گهڻو ڪري امتحان ڏيڻ ايندو هئس.
البته جڏهن مون ايم. اي سنڌي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ته ان وقت ۾
ميرپورخاص کان ريل ۾ روز شام جو اچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪندا هئاسين جنهن ۾ ڪجهه
ڪلاس نڪري ويندا هئا ته ڪجهه اٽينڊ ڪندا هئاسين. جڏهن فارم جمع ڪرائڻ جو وقت آيو
ته الانا صاحب منهنجو فارم رد ڪري ڇڏيو، جنهن تي مون کيس منٿ ميڙ ڪرڻ چاهي ۽
چيومانس ته منهنجو سال ضايع ٿي ويندو جنهن تي وراڻيائين “سال ضايع ٿي وڃي ته اڳئين
سال اچجين” ۽ منهنجو سال ضايع ٿي ويو ۽ آئون ڏاڍو بد دل ٿي ويس. گريجوئيشن جي
دوران مون اردو سبجيڪٽ به کنيو هو. منهنجو خيال هو ته مون کي اردو ڏاڍي سٺي ٿي
اچي، اردو ڪتاب ڏاڍا پڙهندو هئس. ان وقت ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان اردو ڊپارٽمينٽ
جو هيڊ هو، جڏهن ان سان امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ڳالهه ڪيم ته هن به اهو اچيو ته اڳئين
سال اچجين. سليبس جي لسٽ ڏٺم جنهن ۾ ڏيڍ سئو کن ڪتاب شامل هئا، جيڪي سڀ پڙهڻ جا
هئا پر مون وٽ ته ڪتاب ئي ڪونه هئا. ان وقت منهنجو دوست سروپ چندر شاد جيڪو سانگهڙ
۾ انگلش جو پروفيسر هو، ان سان ملاقات ٿي مون کي سڄي ڳالهه ٻڌائي هن مون کي سندس ڪاليج
۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ دل وڏي ڪري هن مون کي ۱۰۸ ڪتاب ٿيلهي ۾ وجهي ڏنا جيڪي آئون کڻي آيس ۽ اچي پڙهڻ شروع ڪيم. انهيءَ
دوران منهنجي واقفيت پروفيسر ڪريم الدين احمد سان ٿي جيڪو سچل ڪاليج ۾ اردو پڙهائيندو
هو. ان منهنجي تمام گهڻي همت وڌرائي ۽ سندس معرفت منهنجو واسطو ڊاڪٽر غلامصطفيٰ
خان سان به ٿيو. بهرحال پوءِ مون امتحان ته ڏنو پر منهنجو رزلٽ سٺو نه اچي سگهيو ۽
ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ان جو اثر اهو ٿيو ته مون کي ڪا چڱي نوڪري نه ملي سگهي، ان
وقت ۾ آئون ٻيلي کاتي ۾ چيف ڪنزرويٽو آفيسر جي عهدي تي ڪم ڪندو هئس. ان وقت ۾ مون
تمام گهڻا ڪتاب پڙهيا ۽ اديب دوستن سان ملاقاتون ٿيون.
منظور ٿهيم: سائين توهان جو
چيلهار کان وٺي مٺي تائين جيڪو سفر رهيو ان ۾ ڪهڙا ماڻهو توهان سان مليا ۽ جن جو
توهان جي زندگي تي اثر رهيو ۽ انهن سان گفتگو جا ڪهڙا موضوع هئا.
ولي رام ولڀ: اسڪول ۾ سواءِ
درسي ڪتابن جي ڪي خاص ڪتاب ڪونه پڙهيم انهن درسي موضوعن تي تقريرن لاءِ ۽ مضمون لکڻ
لاءِ تياري جو موقعو ملندو هو. جڏهن آئون مٺي ۾ پڙهندو هئس ته ضياءُالحق چوڌري
نالي لاهور جي اسلاميه ڪاليج مان پڙهيل هڪ استاد اتي مقرر ٿيو. جيڪو اسان کي اردو
سان گڏوگڏ انگريزي لٽريچر به پڙهائيندو هو ۽ مختلف ڪتاب پڙهڻ جي ترغيب ڏنائين.
اسان جي لاءِ پاڻ ڪتاب وٺي ايندو هو اسان کي ڏيندو هو پر ڪنهن قسم جي خيالن جي ڏي
وٺ جو سلسلو ڪونه هوندو هو، اسڪول ۾ اسان دوستن جو هڪ خاص ٽولو هوندو هو جيڪي ڪتاب
پڙهندا هئاسين هڪٻيئ سان ان جي ڏي وٺ ڪندا هئاسين. جنهن ۾ گهڻو ڪري جاسوسي ناولن
جا ترجما هوندا هئا اهي شوق سان پڙهندا هئاسين. جيئن راءِ مرڪيو، ايملا ڪارٽر جيڪي
جاسوسي ناولن جا مکيه ڪردار هوندا هئا، ڪتابن جا نالا هوندا هئا قاتل حسينه، انهن
۾ وري پٺيان قتل جو ذڪر لکيل هوندو هو تمام شوق سان پڙهندا هئاسين. باقي لائبريرين
۾ اسان جي عمر جي حساب سان ڪي گهڻا ڪتاب موجود نه هئا، وڏا وڏا ڪتاب اهڙا هئا جو
انهن ۾ هٿ وجهڻ جي ست نه ساري سگهندا هئاسين.
منظور ٿهيم: ان وقت ۾ هن سڄي
خطي جي اندر انگريزن جي خلاف جيڪي سياسي تحريڪون هليون انهن کي توهان اسٽڊي ڪيو
پئي ڏٺو پئي يا انهن جو حصو به بڻجا؟
ولي رام ولڀ: اسان ان وقت ۾
جنرل ڪتاب پڙهندا هئاسين ان ۾ خاص ڪري انگريزي آئوٽ لُڪ ڪونه هوندو هو، هڪڙا محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب جا لکيل ڪتاب هوندا هئا اهي گهڻو ڪري اسلامي موضوعن تي لکيل
هئا جيڪي ٻيا ڪتاب اسان پنهنجي ڪوششن سان هٿ ڪري پڙهندا هئاسين، اهي هئا هندن جي پٺڀرائي
ڪرڻ وارا ڪتاب اهي ڪافي ڪتاب پڙهيم. اهو به توهان کي ٻڌايان ته ان وقت ۾ ٽئگور سنڌي
۾ مڪمل طور تي ترجمو ٿي ڇپجي چڪو هو. شرف چندر پڙهيوسين، گجراتي ڪتابن جا ٿيل
ترجما پڙهياسين، شارٽ اسٽوريز پڙهيوسين پر انهن سڀني ڪتابن کي پڙهڻ کانپوءِ به
اسان جي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ڪا گهڻي ٿي نه سگهي. سنڌي ادب ۾ ان وقت ۾ رتن
ساهتهءِ مالها جيڪو مون کي هن وقت ياد آهي ڇپجندو هو، ٻيا به ڪيترائي سلسلا ڇپجندا
هئا.
منظور ٿهيم: ان وقت ٻه شخصيتون
حشو ڪيول راماڻي ۽ گوبند مالهي سنڌ جون ٻه ڏاڍيون متحرڪ هستيون هيون ڇا توهان جي انهن
سان ان وقت ۾ ملاقات ٿي هئي.
ولي رام ولڀ: نه ان وقت ۾ ته نه
ٿي پر پوءِ جڏهن هو هندستان کان هتي آيا ته پوءِ ٿي هئي. حشو ڪيولراماڻي ته پوءِ
غائب ٿي ويو، گوبند جا ٻه ڪتاب ورهاڱي کانپوءِ جا ڇپيل آهن، جنهن ۾ وطن کان وڇڙي وڃڻ
جو درد هن جي ناولن ۾ موجود آهي.
منظور ٿهيم: ورهاڱي واري
صورتحال ۾ توهان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڏٺو؟
ولي رام ولڀ: اصل ڳالهه اها آهي
ته ان وقت ۾ آئون ايترو پختا ذهن ئي ڪونه هئس. اسان جي رهائش شهرن کان دور دراز
هئي، ڪتاب شهرن ۾ ڇپجندا ۽ پڙهبا هئا. اسان جي ذهني سطح اها هئي جو اسان ڪابه سياسي
راءِ قائم ڪرڻ جهڙا نه هئاسين.
منظور ٿهيم: ڇا اهو ڪامريڊ سوڀي
گيانچنداڻي جو دور آهي؟
ولي رام ولڀ: ڪامريڊ اسان کان ٿورو
سينئر هو، هو بنگال کان هتي آيو ۽ انڊر گرائونڊ ٿي ويو. حڪومت ساڻس ٺاهه ۾ نه هئي.
منهنجي ساڻس ملاقات ڪافي عرصي کانپوءِ ٿي، هو اڪثر هتي ايندو هو مون وٽ اچي ترسندو
هو. اسان به وڃي وٽس ترسندا هئاسين.
ڊاڪٽر اشوٿاما: سائين توهان
گريجوئيشن ڪري ان کانپوءِ لاڳيتيون ٽي، ايم. اي ڪيون ۽ ان کانپوءِ قانون جي ڊگري
به حاصل ڪئي ان جي باوجود به سياسي يا سماجي تحريڪون توهان کي گهڻو متاثر نه ڪري
سگهيون ان ايڏي ڊگهي عرصي تائين پنهنجو پاڻ کي توهان انهن سڀني شين کان ڪيئن پري
رکيو.
ولي رام ولڀ: ها توهان ڏاڍو تُز
سوال پڇيو آهي، مٺيءَ ۾ اسڪول اهڙي ريموٽ ايريا ۾ هو جو اتي ڪا تنظيم يا اهڙي ڪا
تحريڪ هئي ڪونه. اصل ۾ مون ۱۹۶۴ع ۾
گريجوئيشن ڪئي آهي. گريجوئيشن کانپوءِ جلدي حيدرآباد اچي ويس ۽ منهنجو واسطو سنڌي
ادبي حلڪي سان جڙي ويو، سهڻي رسالي ۽ طارق اشرف سان به منهنجو واسطو رهيو ۽ ٻين ڪيترن
ئي رسالن جو محرڪ به رهيس. منهنجي ان وقت جي شايد اها مجبوري هئي جو آئون هڪ اهڙي
نوڪري ۾ هئس جو چوويهه ڪلاڪ ان کي ڏسڻو پوندو هو ۽ منهنجا جيڪي ساٿي اتي هئا اهي ڪي
گهڻا پڙهيل لکيل ڪونه هئا ۽ نه ئي ان کاتي ۾ گهڻين وڏين ڊگرين جي ضرورت هئي. مون
کي ان وقت ۾ جيڪو گهڻو فڪر هو پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جو رهندو هو. مون پنهنجن ٽنهي
ٻارن کي ماڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو، منهنجي هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر آهي، ٻي ڌيءَ فزڪس ۾ ماسٽرز
ڪئي ۽ منهنجي پٽ سوشل سائنسز ۾ آسٽريليا مان پي ايڇ ڊي ڪئي.
منظور ٿهيم: سائين توهان جو
پروگريسو ادب طرف رجحان ڪيئن پيدا ٿيو جو توهان اينا ڪرينا (ليو ٽالسٽاءِ) کان وٺي
سيتا هرڻ (قرت العين حيدر) ۽ ڪرشن چندر جو “غدار” ترجمو ڪيا.
ولي رام ولڀ: جيئن ته ترقي پسند
اديبن سان اٿهه ويهه هئي. ان سان گڏوگڏ جيڪو مواد مون پڙهيو ان ۾ هندي، سنڌي، اردو
۽ انگريزي جيڪي پڙهيم طبيعتن مون کي اهو ئي پسند آيو ۽ مون ان کي ئي ترجمو ڪيو.
مون ۱۹۶۳ع ۾ ڪرشن چندر جو لکيل ناول “غدار”
پڙهيم جيڪو ورهاڱي جي موضوع تي لکيو آهي. جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون
ان کي بروقت ترجمو ڪيو. ان وقت ۾ آئون کپري ۾ رهندو هئس، اتي ڇپائي جا به گهڻا
انتظام ڪونه هئا. پوءِ جڏهن حيدرآباد بدلي ٿي آيس ته طارق اشرف سان ملاقات ٿي.
اسان جا گهر ويجها هوندا هئا، امر جليل به پاڙيسري هو. ڪتاب جو مهاڳ امر جليل کي لکڻ
لاءِ چيم ۽ امر جليل مهاڳ لکي ڏنو. منهنجي خواهش ٿي ته آئون اهو ڪتاب شيخ اياز کي
ارپنا ڪريان، اها صلاح وري مون طارق اشرف سان ڪئي، طارق اشرف جو ان زماني ۾ شيخ
اياز ۽ امر جليل ٻنهي سان ٺاهه ڪونه هو. مون اهو ڪتاب طارق اشرف کي ڇپجڻ لاءِ ڏنو
۽ طارق اشرف اهو مهاڳ ڇاپڻ لاءِ بنهه تيار ڪونه هو. پوءِ مون هڪڙو خط سنئون سڌو
رشيد ڀٽي کي لکيو، جنهن ۾ مون کيس ٻڌايو ته هي ڪتاب آئون شيخ اياز کي ارپنا ڪرڻ ٿو
چاهيان، جنهن جو ڪوبه جواب ئي نه آيو. اسان جي ذهن ۾ طارق اشرف به هڪڙي ڳالهه وڌي
هئي ۽ عام طور تي به چيو ويندو هو ته شيخ اياز جهڙي تهڙي ماڻهو کي جواب ئي ڪونه ڏيندو
آهي، پوءِ منهنجي به ذهن مان اها ڳالهه نڪري وئي. پوءِ گهڻي عرصي کانپوءِ هڪڙي ڏينهن
طارق اشرف مون کي هڪ پنو آڻي ڏنو جيڪو رشيد ڀٽي جو لکيل هو ۽ ان ۾ جواب ڏنل هو ته
مون شيخ اياز کان پڇيو آهي ته کيس ان ارپنا تي ڪوبه اعتراض ڪونهي، جيڪو ٻارهن سالن
کانپوءِ طارق اشرف مون کي ڪاغذن مان ڪڍي ڏنو. مون کي خبر آهي ته ايڊيٽر ڪيئن اهڙا
پنا لڪائي به ڇڏيندا آهن ته وري وقت تي پڌرو به ڪندا آهن. بس پوءِ اهو ڪتاب ته
رهجي ويو پر پوءِ ان ڪتاب جا چار ايڊيشن ڇپجا پوءِ به وري ڪيترن دوستن ان کي ترجمو
ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ۽ اڃان به الائي ڪيترا دفعا آڻيندا. منهنجو ترجمو ٿيل ته پنهنجي
جاءِ تي پر جيئن ته امر جليل ان تي مهاڳ لکيو هو ان ڪري هن پنهنجي مارڪيٽ ٺاهي.
توهان سمجهو ٿا ته چار ڇاپا ان ڪتاب جا اچي چڪا آهن جيڪا معمولي ڳالهه نه آهي.
منظور ٿهيم: لڏپلاڻ جي وقت ڇا
توهان کي محسوس ٿيو ته آئون به هتان لڏي وڃان؟
ولي رام ولڀ: لڏپلاڻ وقت ته
آئون بلڪل ننڍو هئس پر ۷۰-۱۹۶۵ع وارين جنگين جي دوران مون کي ڪيترائي دفعا خيال آيو ته لڏي وڃجي ها. پر
جيئن ته منهنجا ٻار، منهنجي فيملي اهي سڀ هتي مطمئن هئا ۽ منهنجو سڄو زندگي جو
پسمنظر دوست، احباب، ادبي حلقو، هتان جو ڪلچر جنهن سان منهنجو گهرو لاڳاپو آهي
انهن کي ڇڏي وڃڻ آسان ڪونه هو، اتي وڃي آئون ڇا ڪريان ها.
ڊاڪٽر اشوٿاما: جيڪو توهان جو
ادبي دور رهيو جنهن ۾ توهان رسالن ۾ لکيو، ايڊٽ ڪيو ان وقت ۾ سنڌ ۾ تنقيد يا
موضوعاتي حوالي سان ڪهڙي قسم جا بحث هلندا هئا؟
ولي رام ولڀ: سنڌ جي ادبي حلقن
۾ سنڌ جي عام ماڻهن جا مسئلا ۽ انهن مسئلن کي سامهون رکي سنڌي لٽريچر ڪيئن لکيو وڃي
عام بحث هو. ان قسم جا موضوع مختلف ليکڪن پنهنجين ڪهاڻين ۽ ليکن ذريعي ڪنهن مخصوص
فريم ورڪ ۾ رکي لکيون پئي. هتان جيڪي هندو ليکڪ لڏي ويا سندن ڪهاڻين ۽ لکڻين ۾
سندن تڪليفن جو عڪس نظر آيو پئي. گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ هاڻي اهو سڄو رومانٽسزم آهي.
هاڻي اتان جا هندو اسان کي اهو ئي ٿا چون ته توهان هتي چڱا آهيو پاڪستان جي جنهن
حصي سنڌ ۾ توهان رهو ٿا اها توهان جي اوسر لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. اتان جي سنڌي هندن
جو خيال آهي ته جيڪي پٺيان رهجي ويا آهن انهن کي سنڌ ۾ ئي رهڻ کپي ۽ اتي ئي پنهنجي
بهتر مستقبل جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ کپي ڇو ته انڊيا ۾ آباد ٿيڻ ايترو سولو ڪونهي. هري
موٽواڻي جڏهن زنده هو هتي ايندو رهندو هو ۽ جڏهن آئون پاڻ به انڊيا ويو هئس ته اتي
هيري ٺڪر ۽ ڪافي ماڻهن کان پڇيم انهن مون کي اها ئي صلاح ڏني ته آئون انڊيا نه وڃان
ڇو ته نه آئون واپار ڪري سگهان ها نه ئي ڪو ٻيو ڌنڌو. هڪ دفعو اتي هڪ اداري جي
سربراهي لاءِ مون کي آڇ ٿي پر مون وڃڻ مناسب نه سمجهيو.
زاهده ابڙو: سر توهان جي تصنيف ٿيل
ڪتابن مان ڪهڙا ڪتاب آهن جيڪي نمايان طور تي ياد ڪري سگهجن ٿا؟
ولي رام ولڀ: جيڪڏهن توهان ڏسندوَ
ته منهنجا پنهنجا لکيل ڪتاب تمام نالي ماتر آهن ۽ ان ۾ ڪو خاص اهڙو موضوع ڪونهي
مون ڪو ناول ڪونه لکيو صرف ڇهه شارٽ اسٽوريز لکيم ان جو به هڪڙو پسمنظر آهي ته ڇو
لکيم ۽ ڇو لکڻ بند ڪيم. مون کي لکندي لکندي احساس ٿيو ته مان سٺيون ڪهاڻيون نه لکي
رهيو آهيان ۽ ان شيءِ مون کان لکڻ ڇڏايو. ان وقت ۾ جيڪي سنڌي ڪهاڻيڪار هئا ناول
نگار ته هو ئي ڪونه. جيئن امر جليل، نسيم کرل، آغا سليم، مهتاب محبوب انهن جون ڪهاڻيون
اينديون هيون انهن سڀني جون ڪهاڻيون قومپرستي جي موضوع تي لکيل هيون. ايئن لڳندو
هو ته مقابلي ۾ رکڻ جي لاءِ لکيو پيو وڃي. ان موضوع تي تمام وڏي چٽا ڀيٽي هئي ماڻهن
کي “سهڻي” ۽ “روح رهاڻ” جو انتظار هوندو هو پر انهن جي مقابلي ۾ منهنجون لکيل ڪهاڻيون
خانداني پسمنظر ۽ سماجي مسئلن تي لکيل هيون. قومپرستي جو موضوع تمام گهڻو گرم هو ۽
شوق سان پڙهيو ويندو هو، جيڪي ادبي ۽ ذاتي سرگرميون ٿينديون هيون اهي سڀ انهيءَ پسمنظر
۾ ئي ٿينديون هيون. دوست گڏجندا هئا ته پاڻ ۾ انهن ڪهاڻين تي ئي بحث مباحثا ڪندا
هئا. بس پوءِ اهڙي ماحول ۾ آئون وڌيڪ لکي ڪونه سگهيس. مون ادب جي ٻئي پاسي ضرور
لکيو آهي جنهن ۾ مختلف ڪتابن جا مهاڳ، اديبن جا پروفائل ۽ ان کان علاوه تحقيقي
مقالا پڻ لکيا آهن، ڪيترن ئي سنڌي رسالن کي ايڊٽ به ڪيو آهي، جن ۾ ماهوار سهڻي،
عالمي ادب (ظفر حسن سان گڏ ۱۹۷۸ع ۾)،
آرسي پبليڪيشن، عبرت مخزن، ڇهه ماهي سنڌي ادب، سنڌ الاجي جا پنج شمارا، سنڌ الاجي
نيوز ليٽر، ماهوار پريم ساگر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن تي پنهنجا رايا لکيا آهن.
زاهده ابڙو: توهان جي ڪم تي
توهان کي هيستائين ڪا مڃتا ملي آهي؟
ولي رام ولڀ: مون کي ڪافي ايوارڊ
۽ مڃتائون ملي چڪيون آهن جنهن جي لسٽ تمام گهڻي ڊگهي آهي پر ان ۾ خاص غفار قليچ
ايوارڊ آگم پبليڪيشن جي طرفان، بُڪ ڊزائيننگ نيشنل ورڪشاپ، نيشنل بُڪ ڪائونسل آف
پاڪستان منسٽري آف ايڊيوڪيشن طرفان، سلور ميڊل ايم اي ماس ڪميونيڪيشن، سنڌي ادبي
سنگت پاران مرزا قليچ بيگ ايوارڊ، سوجهرو ايوارڊ، پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ حيدرآباد،
هندو پنچائت، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ترجمي جي مڃتا ۾ ملي چڪو آهي، سنڌي ادب نيشنل
ايوارڊ، اکر ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جئيپور مون کي پنجويهه هزار رپين جو ايوارڊ
ڏنو، شريمتي پشپا ديوي ڀاسا نند راجواڻي ايوارڊ جئيپور، سنڌ لينگويج اٿارٽي
حيدرآباد پاران چٽاڀيٽي ۾ پهريون نمبر انعام، پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪرڻ تي مليو.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
منظور ٿهيم: عام طور تي اهو
خيال آهي ته ترجما اتان جي مقامي ادب جي واڌ ويجهه ۾ رنڊڪ ٿين ٿا، ڇا توهان ان ڳالهه
سان سهمت آهيو.
ولي رام ولڀ: آئون سمجهان ٿو ته
اهي ٻئي هڪٻئي کي سهارو ڏين ٿا جيڪو ماڻهو ٻاهريون ادب نٿو پڙهي يا ان کان انڪار ٿو
ڪري ته ان وٽ لکڻ جا نوان رجحان وڌي ويجهي نٿا سگهن. جيڪي ٻاهريون ادب ترجمو ڪري
سگهن ٿا اهي ضرور ترجمو ڪن ۽ اوريجنل لکڻ وارا پنهنجي انداز ۾ لکندا رهن. ان طرح ٻاهرين
ادب جون خاصيتون آهستي آهستي لوڪل ادب ۾ سرائيت ڪري وينديون.
منظور ٿهيم: ڇا توهان سمجهو ٿا
ته ترجمن جو ڪم باقائدگيءَ سان ٿيڻ کپي ڇو ته سنڌي ادب کي به اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت
آهي ته جيئن ان کي آفاقي حيثيت ملي سگهي. جيئن دنيا سعدي ۽ عمر خيام کي پڙهي ٿي ڇا
اڳتي هلي سنڌي ادب به اها حيثيت ماڻي سگهي ٿو.
ولي رام ولڀ: جيڪڏهن اسان وٽ
ترجمي ڪرڻ لاءِ باقائدي ادارا هجن ته لکڻ وارا اديب پوءِ ترجمو ڇو ڪن ها. اهي ته
پوءِ پنهنجو لکڻ جو ڪم ڪندا. جيئن مون ڪجهه ناول ۽ ڪجهه شارٽ اسٽوريز جا ترجما ڪيا
آهن. ادارا هوندا ته اتي باقائدي ترجمي ڪرڻ جا ماهر موجود هوندا انهن ادارن وٽ ڪتابن
جون لسٽون هونديون ته ڪهڙا ڪتاب ترجمو ڪرڻا آهن. هن دور ۾ کڻي اهي ڪتاب نه به پڙهيا
وڃن پر اڳتي هلي ضرور انهن ڪتابن ۽ ترجمن کي پڙهيو ويندو. اسان اڄ به ورهاڱي کان
پهرين واري ادب کي شوق سان پڙهون ٿا. ٽيگور ۽ ڪرشن چندر جي ترجمي ٿيل ڪتابن کي اڄ
به شوق سان پڙهيو وڃي. اسان جي سنڌي اديب وٽ اڃان به اها صلاحيت نه آهي ته هو
پنهنجي حالتن کي تفصيل سان بيان ڪري سگهي. ان جي جاءِ تي روسي ادب کي توهان ڏسو ته
ناول تمام ٿلها ۽ بهترين لکيل آهن. زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي جنهن طريقي سان
انهن اجاگر ڪيو آهي اها اڃان اسان جي اديب جي وس جي ڳالهه نه آهي. مون هڪ ڪتاب سنڌي
ادبي بورڊ وارن کي ترجمو ڪري ڏنو جنهن کي ڇهه سال ٿي ويا آهن جنهن جا هنن پنا ئي وڃائي
ڇڏيا آهن.
ڊاڪٽر اشوٿاما: ٻاهرين ادب مان
جيڪي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن توهان انهن جي معيار کي ڪيئن ٿا ڏسو ڇا اهي سڀئي پيرا
ميٽرز جيڪي ترجمو ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا آهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ان تي پورو
لهن ٿا.
ولي رام ولڀ: پهرين ته ڪتاب
ترجمو ٿيڻ کپن، ترجما اسان وٽ تمام گهٽ ٿا ٿين معيار ته پوءِ جي ڳالهه آهي.
هيستائين جيڪو به ڪم ٿيو آهي تمام سٺو ٿيو آهي پر اهو سڄو ڪم ليکڪن ذاتي طور تي
ترجمو ڪيو آهي. ان لاءِ ادارن طرفان ڪوبه پروجيڪٽ شروع ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن پروجيڪٽ
ملندا ته وڌيڪ بهتر ڪم ٿي سگهي ٿو. ڪنهن سسٽم ۾ جيڪڏهن اهو ڪم ٿيندو ته ترجمي ڪندڙ
کي ڪجهه مالي فائدا به ملي سگهن ٿا، جيڪي ليکڪ ترجمو ڪن ٿا اهي پاڻ مڃن ٿا ته اهي
ترجما نگار ناهن پر ٿورو طبيعت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هو ترجما به ڪن ٿا. ترجمي ڪرڻ
سان ماڻهن جا چهرا ته تبديل نٿا ٿين پر قومن جا مزاج تبديل ٿيو وڃن. ٽيگور جا ڪيترائي
ڪتاب ورهاڱي کان پهرين سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا هئا. چندر جا ناول به ترجما ٿي چڪا
هئا. انهن ڪتابن جو ڪو بروقت اثر نٿو ڏسجي ته ڪا ان ۾ تبديلي آئي. ٿيو ايئن جو هتي
جيڪو ناول جو خال هو اهو بروقت انهن ڪونه ڀريو پر جڏهن اهي ڪتاب هتان جي هندن پڙهيا.
ٿيو ايئن جو جيڪو بنگال جو ڪلچر هو اهو سنڌي هندو پنهنجي سوسائٽي ۾ متعارف ڪرايو.
پوءِ انهن سنڌي ليکڪن اهڙا ته سهڻا ڪتاب لکيا جو شڪ ٿو ٿئي ته ڪنهن بنگالي ليکڪ جا
لکيل هجن. ترجمو ٿيل ڪتابن جو ڪوبه ڇيد نه ڪيو ويو ته انهن ڪتابن جي ترجمي ٿيڻ
کانپوءِ سماج تي ان جا ڪهڙا اثر پيا يا ٻنهي سماجن ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.
زاهده ابڙو: سر توهان ترجمو ڪرڻ
کان پهرين دنيا جي مختلف ٻولين جو ادب پڙهيو آهي جنهن ۾ روسي، فرانسيسي، انگريزي
ادب شامل آهي ترجمي دوران توهان کي ڪهڙي ملڪ جي ادب سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو.
ولي رام ولڀ: مون ڪنهن به ٻوليءَ
جي ادب کي ترتيبوار نه پڙهيو آهي جيڪا شيءِ مون کي سٺي لڳي ان کي پڙهيم. ان ڪري
آئون پاڻ به ان ڳالهه جو تجزيو نه پيو ڪري سگهان ته آخر ڪهڙيون ڳالهيون هيون جن جي
ڪري مون انهن ڪتابن کي چونڊيو ۽ ترجمو ڪيو. منهنجا سڀ ترجمو ٿيل ڪتاب اڄ به مون کي
تمام گهڻو پسند آهن. منهنجو خيال آهي ته برصغير ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ادب تي نوبيل
پرائز ملڻ گهرجي ها ته اهو ڪرشن چندر هو. ڪرشن چندر منهنجو پسنديده ليکڪ آهي.
ڊاڪٽر اشوٿاما: سائين توهان جا
جيڪي ترجمو ٿيل ڪتاب آهن اهي يا ته لٽريچر جا آهن يا وري سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل
ادب آهي پر جيڪي ٻيا ٽيڪنيڪل شعبا آهن ۽ زندگي جي ٻين موضوعن تي جيڪي ڪتاب لکيل آهن
اهي سنڌي ۾ ترجمو نه ٿيا آهن ان جو ڇا سبب آهي.
ولي رام ولڀ: ان کي ته ڳولڻ جي
ضرورت آهي ته ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪتاب ترجمو ٿيا آهن. جيئن ته آئون ادب سان لاڳاپيل هئس
ان ڪري منهنجي ته ڳولها ئي اها هئي ته شارٽ اسٽوريز ترجمو ڪريان يا ناول ترجمو ڪريان.
ڪجهه ڪتاب اهڙا هئا جن کي مون ترجمو ڪرڻ چاهيو هو انهن جا هڪ يا ٻه باب ترجمو ڪري
سگهيس ان کان وڌيڪ آئون ترجمو نه ڪري سگهيس. مون کان جيڪڏهن ڪنهن رسالي يا اخبار
جي گهر هوندي هئي ته هڪ اسٽوري لکي ڏيان يا ترجمو ڪري ڏيان ان کان وڌيڪ نه هئي. ڪو
وڏو ڪم ته هو ئي ڪونه جنهن جو ڪريڊٽ کڻجي.
منظور ٿهيم: توهان جي ترجمي ڪرڻ
وارو جذبو هاڻي ٻئي هنڌ ڪٿي نظر نه پيو اچي ۽ مقامي ادب جي اوسر به سست پئي نظر
اچي ان صورتحال ۾ ادارن ۽ ليکڪن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا.
ولي رام ولڀ: اسان جا ادارا ۽
انهن جا سربراهه جيڪي دانشور آهن انهن کي اها سڌ ئي ڪونهي ته ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري
سگهجي ٿو، جيئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌ الاجي اهي ٽئي ادبي
ادارا انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجن ادارن اندر اهڙا شعبا ٺاهين جيڪي باقائدي ترجما
ڪرائين. شيخ اياز جي وقت ۾ هن سنڌ الاجي جي لاءِ ۱۰۰
ڪتابن جي لسٽ ٺهرائي جن کي ترجمو ڪرائڻو هو پر اهو ڪم نه
ٿي سگهيو. ان کانپوءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي به اهو ئي ڪم ڪرڻو هو پر اتي به اهو ڪم
نه ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سائين جويو صاحب جي وقت ۾ هن ترجما ڪيا پر ان ۾ ناولن کي
يا شارٽ اسٽوريز کي هن هٿ ڪونه لاٿو. اصل ۾ ڪم ايئن ٿيڻ کپي جيڪو اڄ به ٿي سگهي ٿو
ته هڪ باقائدي ٽرانسليشن بيورو هجڻ گهرجي جنهن ۾ مختلف موضوعن تي شعبا هجڻ گهرجن
جنهن ۾ انهن جا ماهر متعين ڪيا وڃن. جيئن مرتضيٰ ڌاريجو سائنس جا ڪتاب ترجمو ڪري
سگهي ٿو. اهڙي طريقي سان ماهرن کي اهو ڪم سونپيو وڃي، انهن کي سربراهه ٺاهي انهن
کان ئي مختلف ڪتابن جي لسٽ ٺهرائي وڃي ته ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ گهرج مطابق
ترجمو ٿيڻ کپن جيڪي اڳتي هلي مختلف موضوعن تي اسان جي پڙهندڙن جي رهنمائي ڪري
سگهن. اسان وٽ ادارا ٺهڻ وقت مقصد کي پٺيان ڌڪي ڇڏيندا آهيون ۽ صرف اسان جو ڌيان
نوڪرين تي هوندو آهي. جنهن سان ادارن جو مقصد فوت ٿيو وڃي ۽ پوءِ آخر ۾ ادارو ئي
فوت ٿيو وڃي. ادبيات جنهن جو سربراهه هينئر قاسم ٻگهيو آهي اهي هر سال مختلف موضوعن
تي ڪتاب ترجما ڪرائين پيا ۽ اداري جون شاخون به کلي رهيون آهن، سٺن ڪتابن کي هر
سال ايوارڊ به ڏين ٿا. ادارن کلڻ سان نوڪرين جي ورهاست کان پهرين ان جي مقصد کي
ضرور اڳيان رکي نوڪريون ڏنيون وڃن. اسان جي ادارن ۾ مقصد کي اڳيان رکڻ واري نظر اڃان
تائين نظر نٿي اچي. ترجمي لاءِ باقائدي هڪ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي جنهن جا الڳ فنڊ
مقرر ڪيا وڃن ٻئي ڪنهن اداري اندر جيڪڏهن ان کي قائم ڪيو ويندو ته اهو هلي ڪونه
سگهندو.
منظور ٿهيم: عام طور تي هر ليکڪ
ڪنهن نه ڪنهن فڪر کان متاثر هوندو آهي ان جي لکڻين ۾ اهو تصور ۽ نظريو موجود هوندو
آهي. توهان جيڪو به لکيو آهي ۽ ترجمو ڪيو آهي ان تي ڪهڙو فڪر حاوي رهيو آهي.
ولي رام ولڀ: مون جيڪو به ادب
ترجمو ڪيو آهي اهو پنهنجي پسند سان ڪيو آهي. ان ۾ ڪوبه خاص نظريو ۽ فڪر اڳيان رکي
نه ڪيو آهي. هاڻي اهو پڙهڻ واري جو ڪم آهي ته هو پاڻ فيصلو ڪري ته هو مون کي ڪٿي ٿو
بيهاري.
زاهده ابڙو: اسان وٽ ليکڪ ۽
دانشور گهڻو ڪري پنهنجي خاندان کي پنهنجي ڪم جي ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن
توهان پنهنجي خاندان کي مضبوطي سان ڪيئن جوڙي رکيو ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي چونڊ ڪنهن ڪئي.
ولي رام ولڀ: آئون شروع کان وٺي
“فيملي مين” رهيو آهيان. ان حساب سان منهنجي فيملي منهنجي پهرين ترجيح رهي آهي.
اسان وٽ ٻارن کي ڪيريئر جي چونڊ لاءِ تمام محدود چوائس موجود آهي. مقصد اهو هوندو آهي
ته ٻار کي اهڙي تعليم ڏيارجي جنهن سان هن کي روزگار ۽ عزت حاصل ٿي سگهي. ڇوڪرين وٽ
ان وقت ۾ ٻه آپشن هئا يا ته ڊاڪٽر ٿين يا پوءِ تدريس جي شعبي ۾ وڃن. ايم بي بي ايس
ڪرڻ کانپوءِ ڇوڪرين کي تمام گهڻو عزت ۽ احترام سان ڏٺو ٿو وڃي. ڇوڪرين وٽ هن وقت
به تمام محدود شعبا آهن.
زاهده ابڙو: توهان جي هڪ نياڻي
سٺي شاعره به آهي سندس شاعري ڏانهن راغب ٿيڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟
ولي رام ولڀ: سندس شاعري ۾
منهنجي ڪابه ڪوشش شامل ڪونهي پر گهر جي ادبي ماحول کيس ان طرف راغب ڪيو.
منظور ٿهيم: سائين هر انسان جي
دل ۾ ڪجهه خواهشون هونديون آهن ڇا توهان جي ڪا اهڙي خواهش آهي جيڪا اڻپوري رهجي
وئي هجي؟
ولي رام ولڀ: هزارون خواهشين
ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي (مسڪرائيندي). ڪيتريون ئي خواهشون رهجي وينديون آهن
منهنجي به خواهش هئي ته مان هڪ استاد ٿيان ها. چيلهار ۾ رائچند منهنجو آئيڊيل
استاد هو آئون اڄ به جڏهن سندس نالو وٺان ٿو ته منهنجو ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي. جنهن جي
لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ ڪلاسيڪي استاد هو، تمام گهڻو اصول پرست هو، سندس شخصيت
۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. سندس پٽڪو هميشه ساڳئي انداز سان ٻڌل هوندو هو، پاڻ ميگهواڙ
هو ان وقت ۾ ميگهواڙن لاءِ سماج ۾ تمام گهڻي اڻبرابري هئي پر هو جڏهن اسان جي گهر
ايندو هو ته منهنجو پيءُ هن کي عزت سان ويهاريندو هو ۽ منهنجي پيءُ جو اهو رويو
منهنجي لاءِ برابري واري سوچ جو احساس کڻي آيو.
(ماھوار ھمسري حيدرآباد جي آڪٽوبر
۲۰۱۷ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
ولي رام ولڀ
نامياري ادبي مترجم ۽ ڏاهَي
جو تعزيت نامو - (اُجھامي ويل “نيڻَ ــ تارا” ۽ “ساهت ــ ڦلواڙيءَ” جو ڇڻِي ويل ڦُول)
ياسر قاضي
قحط الرجال جي هن دؤر ۾، جتي ٻين
شعبن جيان سنڌي ادب جي به لڳ ڀڳ سمورن شعبن ۾ قلم ۽ قرطاس جي ڌڻين جو اهڙو ڪالُ
پيل آهي، جو ادب جي ڪنهن به مخصوص موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ اسپيشلائيزڊ ماڻهو گھربل
هجن يا ڪنهن خاص صنف تي لکيل ڪتاب تي ماهراڻي راءِ ڏيڻ لاءِ ان صنفَ جو ڪو ماهر،
ادب جي ڪنهن خاص جهت ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪو مقرر کپندو هجي يا ڪنهن مخصوص کيتر تي ڪوٺايل
ميڙاڪي لاءِ وابسته تخليقڪارَ گھربل هجن، اسان وٽ ماڻهو ئي باقي وڃي بچيا آهن. ماڻهپي
توڙي ساهت جي اهڙي تشويشناڪ ڏُڪر جي دؤر ۾ سنڌي ساهت جو هڪ ٻيو ڪُهنو ڪارڪن ۽ دنيا
جي شاهڪار ادب کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌ جي پاٺڪن کي فراهم ڪري ڏيندڙ سهڳڻو سنڌيڪار ۽
تخليقڪار، سائين ولي رام ولڀ ڪالهه پنهنجي جيون جا پساهه پورا ڪري پنهنجو وارو وڄائي
پرلوڪ پڌاري ويو.
پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو ۽ حضور
شرم ماڻهو، جيڪو، جڏهن به سنڌ الاجيءَ وڃبو هو ته پنهنجي پاسِيرَي ڪمري ۾ سدائين
لکڻ پڙهڻ جي ڪرت ۾ مصروف ملندو هو ۽ جڏهن پنهنجي مخصوص سنجيده مرڪ مُرڪي مخاطب ٿيندو
هو ته سندس ٻاجھارو آواز سندس ڪمري جي جِھيڻي چُرندڙ پکي جيان آنند ۽ ڌيرجَ سان اچي
سماعتن سان ٽڪرائبو هو ۽ وٽس ويٺي، ساهتي سُس پُس ڪندي، دنيا جي ادب جو واءُ سواءُ
وٺندي ڏُکندو ڏُور پيو ٿيندو هو. هاڻي اها هلڪي سنجيده مسڪراهٽ ۽ چشمي جي ٿُلهن
شيشن جي پريان چمڪندڙ اکيون هميشه جي لاءِ ٻُوٽجي چُڪيون آهن ۽ انهن “نيڻ ــ تارن”
جي ان نرمل نهار جُون انهن ذهنن ۾ فقط يادگيريون ئي رهجي ويون آهن، “جنين ڏٺو
پرينءَ کي...”
گھٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ولي
رام صاحب، ادب جي صحرا جي سِيّاحيءَ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ هو مزاج ۾ به ڪي
قدر شاعر ڀاسندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاعر طور سندس مضبوط سڃاڻ نه بڻجي سگھي.
سندس پهريون ڪتاب “اڏارُون آڪاس ۾” هڪ شعري مجموعو ئي هو، جنهن کان سُتت پوءِ سندس
ڪهاڻين جو مجموعو “زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو” پڌرو ٿيو. چئبو ته ولي رام صاحب ماهر
غواص جيان جيڪڏهن ترجمي جي عميق ساگر ۾ ٽپو نه ڏئي ها ته اڄ اسان کيس شاعر ۽ طبع
زاد ڪهاڻيڪار جي طور تي ئي سڃاڻون ها. خود سندس ترجمو ڪيل ڪتاب “ڪوتا ڦلواڙي” به
شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ دنيا جي ۱۹ ڌار ڌار ملڪن ۾ ڳالهائجندڙ ۲۶ مختلف
ٻولين جي ۱۱۲ شاعرن جا ۲۱۵ نظم ڏنل آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ دنيا جي ’وڻَ وڻَ جِي ڪاٺي‘ شاعريءَ جي اهڙي
گھڻ رنگي اينٿالاجيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو مثال اسان وٽ موجود هجي.
سائين ولي رام جي زندگيءَ جي
لکيل ڪن احوالن ۾ سندس ڄم جو سال ۱۹۴۱ع ڄاڻايل
آهي ته ڪن ۾ ۱۹۴۴ع... سائين ولي رام پاڻ ۲۰۱۷ع ۾ پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي چيلهار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو سال ۱۹۵۱ع ٻڌايو آهي. اسان وٽ عام طور ٻار ۵ سالن جي ڄمار ۾ اسڪول داخل ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان ۱۹۴۴ع ۾ ڄم وارو گمان وڌيڪ مضبوط لڳي ٿو. سندس جنم ته مٺيءَ ۾ ٿيو، پر پنهنجي
پِتا، شري ڪيول رام لوهاڻي جي پوليس جي نوڪريءَ سبب لاڳيتين بدليُن جي ڪري سندس
بنيادي تعليمي سلسلو مٺيءَ کانسواءِ ڪُنري، چيلهار ۽ سلام ڪوٽ ۾ به جاري رهيو.
بنيادي تعليم دؤران ئي کيس نامياري تاريخ نويسَ ۽ “سيرِ ريگستان” جي ليکڪ، رائچند
هريجن جي شاگرديءَ ۾ اچڻ جو موقعو مليو، جنهن منجھس موجود ادب جي فطري چڻنگ کي
اتساهه ڏنو. چيلهار ۾ پڙهندي پنڊت پُونم چند جهڙي استاد وٽ کيس هندي ۽ گجراتي سکڻ
جو موقعو مليو، جنهن پڻ هن ساهتي هيرَي جي تراش خراش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. انهن
ٻن ٻولين جي سکڻ مان سنڌ کي اهو فائدو ٿيو جو اڳتي هلي ولڀ صاحبَ هنديءَ ۽
گجراتيءَ جُون شاهڪار تخليقون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي بُڪ شيلف ۾ سجايُون.
سنڌي ساهت کي لڳ ڀڳ ۴۰
منفرد ۽ موچارا ڪتاب ڏيندڙ ولي رام صاحب جي ڪريڊٽ تي مٿي
ذڪر ڪيل ٻن مجموعن کان علاوه “بهشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون” (ھندوستاني ڪھاڻين جو
ترجمو)، “غدار” (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)، “سيتا ھرڻ” (قرة العين حيدر جي ناول
جو ترجمو)، “بند دروازو” (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو)، “ٽين دنيا جُون ڪھاڻيون”
(ترجمو)، “ٿڪل سريت” (اطالوي ڪهاڻيڪار ’البرٽو موراويا‘ جي ڪھاڻين جو ترجمو)، “ٻارُ
سنڌي ڪھاڻيءَ ۾” (طبع زاد ٻالڪ ادب)، “سدا ساوا پنَ” (سوانحي مضمونن جو مجموعو)، “ڌاريو”
(البرٽ ڪاميو جي ناول “دي اسٽرينجر” جو ترجمو)، “پوئين پھر جا پانڌيئڙا” (قرة
العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، “اقبال” (احمد نديم قاسميءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، “سنڌ
ڪھاڻي” (ڪيول ملڪاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، “ڀڳوت گيتا جو اڀياس” (سار ديسائي ۽ بوس
جي ڪتاب جو ترجمو)، “منَ جي شانتي” (ھنديءَ مان سنڌي ترجمو)، “ڪوتا ــ ڦلواڙي” (پرڏيھي
شاعريءَ جي اينٿالاجي ــ چُونڊ ۽ ترجمو)، “مٺڙا ڀاءُ” (طبع زاد ڪھاڻيون)، “زندگي
سي ڪٽا هُوا ٽُڪرا” (سندس ڪيل انٽرويوز ۽ ڪھاڻين جو اردو مجموعو)، “يادون،
ملاقاتون ۽ ڪجھه اڀياسَ” (مهاڳَ، مضمونَ، يادگيريون ۽ تذڪرا)، “ڪهاڻي ھنن جي”
(امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو)، “ڇِتن ڪُتن جو مسيحا” (سرويشور ديال سڪسينا
جي ھندي ناول جو ترجمو)، “ائنا ڪرينينا” (ليو ٽالسٽاءِ جي رُوسي ناول جو ترجمو)، “سُمھيل
پاڻي” (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، “ڪارو ڪتاب” (عابد سُورتيءَ
جي ھندي پُستڪ جو ترجمو)، “امريڪي ۽ لاطيني امريڪا جون ڪھاڻيون” (ترجمو)، “نيڻ
تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون” (اردو ۽ ھندي ڪھاڻيون)، “يورپي ڪھاڻيون” (ترجمو)، “ڏُور ــ
اوڀر جون ڪھاڻيون” (ترجمو)، “لو” (شمشيرالحيدريءَ جي شعري مجموعي “لاٽ “ جو اردو
ترجمو)، “زندگيءَ جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيُون ڪھاڻيون” (طبع زاد ــ پهريون ڪهاڻي ڪتاب
واڌارن سان)، “مون وٽ نه ڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪُنجي” (ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي آتم ڪٿا)،
“جي مارن مُون ڏي مُڪا” (ھند ۽ سنڌ جي ليکڪن جا ڏانهس لکيل خطَ)، “سنيھڙا” (ڌيئرن
پشپا ولڀ ۽ گوري ولڀ پاران کيس لکيل خطَ)، “مُکا ميلو” (سندس ورتل انٽرويوز)، “جانورن
جي عجيب دنيا” ۽ ٻيا ڪجھه ڪتاب شامل آهن. هنن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب يا ته فڪشن (ڪهاڻين
۽ ناولز) جا ترجما آهن، يا وري ڪجھه شاعريءَ جا مجموعا... جن منجھان واضح آهي ته
ولي رام صاحب بنيادي طور يا ته شاعر هو، يا فڪشن نويس ۽ سندس چاهه جا شعبا به اهي
ئي هئا.
معياري ترجمو، تخليق کان وڌيڪ ڏکيو
ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته تخليق کي تبديل ڪرڻ جو اختيار تخليقڪار وٽ ئي هوندو آهي. مترجم،
تخليقڪار جي خيال کي تبديل نٿو ڪري سگھي. ان کي ئي فقط ٻي ٻوليءَ جو ويس پارائي ٿو.
ان مشڪل ۽ اهم ادبي ڪرت کي انجام ڏيندڙ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماهرن ۽ دانشورن
مان هڪ اهم ۽ منفرد هڳاءَ وارو گُل، “ساهت ــ ڦُلواڙيءَ” مان ڇڻي ويو ۽ اڄاتل حيات
جو “ڪارو ڪتاب” لکڻ لاءِ ان دروازي جي پرئين پار هليو ويو جنهنجو نه “ڪنهن وٽ نه ڪو
ڪُلف آهي، نڪا ڪُنجي”...
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۳۱ آڪٽوبر
۲۰۲۳ع تي، “ڇڻي ويل ڦُول ــ ولي رام ولڀَ جو تعزيت نامو” جي عنوان سان ڇپيل.)
ولي رام ولڀ
سنڌي ادب ۾ ترجمي نگاري
جو مهندار
حسيب ناياب منگي
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سگهاري
نالي سائين ولي رام ولڀ جي ديھانت جي خبر آچر ڏينهن ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۳ع تي فيس بڪ تي پڙهي دلي صدمو رسيو
اٿم. سچ اهو آهي ته اهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ جنم وٺندا آهن. ترقي پسند ادب جي واڌاري
۽ سڌاري لاءِ پاڻ سدائين پتوڙيندو رهيو. سندس لاڏاڻي تي سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو
آهي، اسين سڀ سندس خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ اهو اظهار ڪريون ٿا ته سائين ولي
رام ولڀ جو پورهيو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو تاريخي ورثو آهي، هو واقعي سنڌ جي شعوري پٽ
هو ۽ شعور سان بي انتها محبت ڪندڙ هو. هو جيڏو وَڏو ليکڪ هو، ايڏي ئِي وَڏي اخلاق
جو مالڪ پڻ هو. سنڌ سميت دنيا اندر پنهنجي پڙهندڙن وٽ مانائتو رهيو. سندس لاڏاڻي
تي هر شعوري اک آلي ڏسان ٿو. هن پنهنجي صلاحيتن سان عالمي ادب جي خوشبو کي سنڌي
ادب جي کيتر ۾ پهچايو بلڪل ائين جيڪي ڪو مالهي باغ کي تازگي عطا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ
پتوڙيندو آهي. انتهائي ڏک سان هي سٽ لکي رهيو آهيان ته سائين ولي رام ولڀ هاڻي
اسان ۾ موجود ناهي پر جڏهن هن جا ترجمو ڪيل ڪتاب پاڻ وٽ ڏسان ٿو ته سوچ تبديل ٿئي
پئي ۽ لکان ٿو ته هو اسان وٽ هميشه موجود رهڻو آهي. جيئن عطا محمد ڀنڀري جو پورهيو
اڄ به عزت ۽ احترام سان سندس ياد ڏياري ٿو ولي رام ولڀ به اسان کان ڪڏهن به وسري
نه سگهندو.
سائين ولي رام ولڀ جو وڇوڙو سنڌي
ادب ۽ ٻولي جو نقصان ضرور آھي مگر سندس خدمتون اتھاس جو حصو رھنديون. پاڻ عالمي
ادب جي شاھڪار ڪهاڻين ۽ ناولن جو ترجمو ئي نه پر ڪيترن نوجوانن جي ادبي سکيا پڻ ڪيائين
۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ پڻ لکيائين. شعوري دوستن جي هميشه حوصلا افزائي ڪندو هو.
سنڌي ادب جي جهولي کي عالمي ادب جي تحريرن سان سرسبز رکڻ واري هن صالح پٽ تي سنڌ
هميشه ناز ڪندي رھندي.
وليرام ولڀ جي جيون ۾ جهاتي
پائي ڏسان ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ۱۶ مارچ ۱۹۴۴ع تي سنڌ جي تاريخي ٿرپارڪر جي شھر مٺي ۾ ڪيول رام لوهاڻو جي گھر ۾ جنم
ورتو هيائين. اسان وٽ جيئن ته اها روايت عام آهي ته ٻار وڏو ٿيندو آهي ته کيس علم
جي روشني ڏياري ويندي آهي سو ولي رام ولڀ کي به ابتدائي پرائمري جي روشني عطا ٿي.
ان ئي سلسلي کي جاري رکندي پاڻ مئٽرڪ لوڪل بورڊ اسڪول مٺي مان پاس ڪيائين جڏهن ته
انٽر جو امتحان سچل ڪاليج مان ۽ بي. اي کان بعد ۾ ايم اي (اردو) سنڌ يونيورسٽي مان
پاس ڪيائين، علم سان چاهه هئڻ ڪري پاڻ سوشيالاجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ بہ ماسٽر جون ڊگريون
حاصل ڪيائين. ايم. فل ڪرڻ کان پوءِ پي. ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين ۽ “۱۹۴۷ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو” جي موضوع تي تحقيقي مقالو
تيار ڪرڻ جو ارادو هئس مگر افسوس جو ائين ٿي نه سگهيو. پاڻ پي. ايڇ ڊي ڪرڻ جو خيال
لاهي سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت ڪندو رھيو.
۱۹۶۲ع ڌاري
کان سندس ادبي سفر جي شروعات ٿئي ٿي. پاڻ گجراتي ٻولي جي ڪهاڻيڪار “ڌومڪيتو “ جي ڪھاڻي
“بھشت ۽ دوزخ “ ترجمو ڪيائين، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي تحقيقي رسالي ٽماهي “مھراڻ “
۾ شايع ٿي، اهو ترجمو ايترو ته پسند ڪيو ويو جو سينئر ۽ جونيئر اديبن طرفان سندس
حوصلا افزائي ٿي، ان کان بعد ۾ پاڻ لاڳيتو لکندو ۽ ترجمو ڪندو رهيو. محترم مختيار
احمد ملاح لکي ٿو ته “ولي رام ولڀ جو شمار سنڌ جي تمام وڏن ترجما نگارن ۾ ٿئي ٿو.
سندس ترجما اصلوڪا ۽ تخليقي لڳندا آهن. پاڻ سنڌي، هندي، اردو، گجراتي، پنجابي ۽ ڊاٽڪي
زبانون ڄاڻيندڙ آهي، افسانوي ادب جي ترجمن ۾ سندن اعليٰ مقام آهي” (سنڌي ادب جي
تاريخ جو جديد مطالعو ص ۸۰۲)
وليرام ولڀ، جا ترجمو ٿيل ناول
۽ ڪهاڻين جا مجموعا ترقي پسند لاڙن جي ترجماني ڪن ٿا. ولي رام ولڀ سنڌي ادب کي
ترجمي جي صورت ۾ ڪيترائي غير ملڪي ناول، گهڻا ئي ڪهاڻين جا مجموعا ۽ شاعريءَ جو ڪتاب
ڏنو آھي ان کان سواءِ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن جي ترتيب پڻ ڏنائين، علمي ادبي ساٿين
۽ شاگردن جي مطالعي لاءِ ملڪي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪيترن ئي پرڏيهي اديبن جا انٽرويو
ترجمو ڪري شايع ڪرايائين.
ولي رام ولڀ جي تخليقي ۽ ترجمو ڪيل
ڪتابن ۾: “اُڏارون آڪاس ۾”، “زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو”، “بهشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون”،
“غدار”، “سيتا ھرڻ”، “بند دروازو”، “ٽين دنيا جون ڪھاڻيون”، “ٿڪل سريت”، “ٻار سنڌي
ڪھاڻي ۾”، “سدا ساوا پن”، “ڌاريو”، “پوئين پھر جا پانڌيئڙا”، “اقبال”، “سنڌ ڪھاڻي”،
“ڀڳوت گيتا جو اڀياس”، “من جي شانتي”، “ڪوتا ڦلواري”، “مٺڙا ڀاءُ”، “زندگي سي کڻا
ہوا ڻکرا”، “يادون، ملاقاتون ۽ ڪجھ اڀياس”، “ڪهاڻي ھنن جي”، “ڇتن ڪتن جو مسيحا”، “ائنا
ڪرينينا”، “سمھيل پاڻي”، “ڪارو ڪتاب”، “نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون”، “ڏور”، “لوء”، “زندگيءَ
جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو”، “مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي”، “جي مارن مون ڏي”، “سنيھڙا” (ڌيئرن
جا خط)،”مکا ميلو”، “جانورن جي عجيب دنيا” وغيره ڇپيل ۽ مشهور آهن.
ولي رام ولڀ کي علمي، ادبي
خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام مليا. هو ڪجهه عرصي کان وٺي
ذيابطيس جي مرض ۾ پڻ مبتلا ٿيو هو. اهڙي حالت ۾ به ادب جي خدمت ڪري رهيو هو ته ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۳ع تي ديهانت ڪري ويو.
(هفتيوار سنڌي احوال احمدآباد
(هندستان) جي ۱ نومبر ۲۰۲۳ع جي شماري ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا