; سنڌي شخصيتون: ستار پيرزادو، ڀارومل امراڻي، ساجد رند، حسيب ناياب منگي، ياسر قاضي، پروين موسيٰ، زاهده ابڙو، اشفاق لغاري،
Showing posts with label ستار پيرزادو، ڀارومل امراڻي، ساجد رند، حسيب ناياب منگي، ياسر قاضي، پروين موسيٰ، زاهده ابڙو، اشفاق لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ستار پيرزادو، ڀارومل امراڻي، ساجد رند، حسيب ناياب منگي، ياسر قاضي، پروين موسيٰ، زاهده ابڙو، اشفاق لغاري،. Show all posts

20 August, 2019

ولي رام ولڀ

ولي رام ولڀ
اڻ ڌريو ليکڪ
ستار پيرزادو

ولي رام ولڀ سنڌي ادب ۾ داخل ته پنهنجي طبع زاد ڪهاڻين جي لکڻ ۽ ڇپجڻ سان ٿيو هو، پر اڄڪلهه سندس سڃاڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ ڀانت ڀانت جا گل وجھي ڀريندڙن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن يار دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب پارن کي ترجمو ڪري، پنهنجي ٻوليءَ جي نئين نسل ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي ادب پڙهندڙن کي دنيا ۾ لکجندڙ ادب، ادبي خيالن، ادبي نون لاڙن ۽ موضوعن کان روشناس ڪرايو ۽ سندس اها ادا سنڌي ادب ۾ ايتري مقبول ٿي جو هن جا پنهنجا ڇپيل ڪتاب، “اُڏارون آڪاس ۾” (شعري مجموعو) ۽ “زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو” (آکاڻين جو مجموعو)، کي سندس ئي ترجمن جي ڪتابن پنهنجي ويرن سان ڊُوهي، سمونڊ جي تري ۾ لڪل ڪنهن پهاڙيءَ جي پاڙ ۾ لڪائي ڇڏيو، جيڪي ڪنهن کي به ياد ناهن، ان حد تائين جو کيس به اها پروڙ پئجي نه سگھي آهي ته اهي ڪڏهن ڇپيا آهن.