; سنڌي شخصيتون: مظهر سلطان بخاري - منظور ڪوھيار

10 August, 2019

مظهر سلطان بخاري - منظور ڪوھيار


مظهر سلطان بخاري
گوهرِ شب چراغ
منظور ڪوھيار
استاد خالد سان فيس بوڪ تي مزاج پرسي ڪندي، لاڙڪاڻي جي ’ابو الاسد حڪيم سيد محمد مظهر سلطان بخاري قادري‘ جو به وچتي ذڪر اچي ويو. سوچيم، ته لاڙڪاڻي جي ان ’گوهرِ شب چراغ‘ تي به ڪجھ لکي ڇڏجي، الائي ڇا حياتي.....متان ڪو اها ميار ڏي ته ايڪويهين صديءَ جي هلندڙ سياه رات ۾ سڀ لاڙڪاڻوي شب ڪُوري جي مرض ۾ مبتلا هيا. جو کين وقت جا ناياب گوهر نظر ئي نه آيا.


هن گوهر شب چراغ جو پهريون تعارف اهو آهي، ته حڪمت جي حوالي سان بنھ منفرد. پنهنجي وقت جي مشهور و معروف حڪيم سيد علي شاه هٽڙي واري جو پيارو شاگرد. جنهن جي لاءِ اها چوڻي مشهور هئي، ته ” علي شاه جي دوا کان مريض مئو ڀلو“
حڪيم بخاري صاحب پاڻ ٻڌائيندو آهي، ته” هڪدفعي استاد صاحب کان مون ان چوڻي جي حوالي سان اهو سوال ڪيو هيو، ته جواب ۾ چيائين، ته:ابا، اها چوڻي لاڙڪاڻي جي ماڻهن حق تي ڏني هئي. ورهاڱي کان اڳ درياه پار جا وڏيرا مونکي مريض ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويندا هيا، پوءِ اتي مونکي به ٽي هفتا لڳي ويندا هيا، جو مريض ڏسي دوا ٺاهڻي پوندي هئي. ان ڪري پٺيان لاڙڪاڻي جا مريض رلي ويندا هيا. پر ان ڍانڍوري کانپوءِ مان هاڻي پار وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، ته متان ڪنهن جي آه نه لڳي !“
حڪيم بخاري جي شاگردي رڳو ايستائين محدود هجي ها، ته به خير هيو. پر لاڙڪاڻي جي حڪيم سراج الدين موريو مولي چوڪ دڙي محلي جي به شاگردي اختيار ڪئي هيائين. جيڪو پنهنجي دؤر جو مشهور دواساز ۽ پُڙي ساز هيو. مريض لاءِ سندس هڪ ئي پڙي ڪافي هُو الشافي هوندي هئي. جلاب ۽ ناس ٺاهڻ ۾ به سندس ڪو مَٽُ نه هيو. سندس مطب ۾ هميشه ٻه ٽي چريا کٽ سان ٻڌا پيا هوندا هيا. جيڪي چريا گندو بندر مان صحيح نه ٿيندا هيا، سي سندس ناس جي چئن چپٽن ڏيڻ کان پوء ڇڪا ڏئيِ ، کڻي ايشيا جا ڏاها نه سهي، پر لاڙڪاڻي جا سياڻا ڪانءَ ضرور ليکبا هيا. ان مان اندازو ڪيو، ته جيڪي ميمڻ ۽ شيخ چريا کريا ڀتر کڻي پنهنجي گھر اڇلينداهيا، سي سندس غير حاضر ي ۾، حڪيم صاحب جي مطب جون کٽون کڻي پنهنجي گھر پهچندا هيا. برسبيل اهو به ٻڌائيندو هلان، ته حڪيم سراج الدين موريو جو تعلق موريا گھراڻي جي شاهي خاندان سان هيو، ان ڪري وٽس لڪايل شاهي خزانن جا به انيڪ نقشا هيا. انهن نقشن منجھان هڪ نقشو محمد بن قاسم جي لڪايل خزاني جو به وٽس موجود هيو. جيڪو خزانو هن سنڌ کي لٽڻ ۽ ڏاند جي کل ۾ سبجڻ کان اڳ کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ لڪايو هيو. حڪيم موريو هر سال سياري ۾ ’ سب رنگ ڊائجسٽ‘ پڙهڻ وارن مهم جُو جوانن کي ساڻ ڪري کيرٿر ڏانهن نڪري پوندو هيو. جيئن ته مهم جُو جوانن کي اُٺن تي چڙهڻ جو تجربو نه هوندو هيو، اهي ڪٿي نه ڪٿي ڦهڪو ڏئي اهڙو ڪرندا هيا ، جو پنهنجو هڏ گُڏ ڀڃائي اچي گھر پهچندا هيا. وري نئين سال نوان مهم جوُ تيار، پر نتيجو ساڳيو....
حڪيم بخاري جي استادن منجھان هڪ حڪيم حافظ سيد شاهد علي شهيد جعفري بدايوني به هوندو هيو. جيڪو طبيه ڪاليج لکنؤ جو پڙهيل هيو. اردو ۽ فارسي جا ڀلوڙ شاعر هيو. سندن مطب اسٽِيشن روڊ تي دڙي محلي جي حد ۾ هيو. علاج با لمفردات ( معمولي جڙين ٻوٽين سان وڏين بيمارين جو ڪامياب علاج ڪندڙ) جو ماهر هيو. فريئير روڊ سکر تي رهندڙ حڪيم مختار احمد ڪوثري به وڏو نباض هيو، جنهن کان به شاگرد جي حيثيت سان مظھر سلطان بخاري مستفيض ٿيو. ڪوئٽيه جوحڪيم محمدنواز ڪلانوري جيڪو ڪامريڊ جمال الدين بخاري جو دوست هيو ان به کيس حڪمت پڙهائي ۽ نباضي سيکاري. بهالپور جو مشهور حڪيم شمس الحق صاحب به سندس استاد ٿي رهيو ، جنهن جا وڏا نواب آف بهالپور جا خانداني طبيب ٿي رهيا آهن.
اهڙن ڪامل استادن جي استادي وٺڻ کانپوءِ حڪيم بخاري صاحب کي لاڙڪاڻي جو الٽرا سائونڊ سڏيو ويندو هيو. مائي جي نبض ڏسي ٻڌائيندو ، ته عورت کي ڌيءُ آ يا پُٽ!. اهڙي طرح مرد جي نبض تي هٿ رکي سندس پراڻي بيماري جي تشخيص ڪري ويندو آهي، ته قبض جو ماريل آهي، يا غلط ڪارين جو.....
خير، هيءَ ته ٿيو سندس حڪمت جو تعارف. حڪيم بخاري صاحب نه صرف حڪمت جو صاحب، پر تعليمي حوالي سان سندس تعارف به قابل توقير آهي. ۱۹۵۴ع ۾ پي وي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائمري جي شروعات ڪيائين. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙ ڪاڻي مان، ۱۹۶۴ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر سائنس۾ ۽ ۱۹۷۰ع ۾ ايم اي انگلش سنڌ يونيورسٽِي مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي جي شعبي ۾ ميڊم امينه خميساڻي جو هونهار شاگرد ٿي رهيو آهي. کيس پنهنجي ڪاملِ استاد صاحبه جي هڪ نصيحت هميشه ياد رهي، ته: ”پڙهو يا سياست ڪيو، ٻئي گدرا مٺ ۾ نه ڪيو.“ ان ڏينهن کانپوءِ جيترو ڪامريڊ جمال الدين سياست کي ويجھو رهيو، هي سياست جا ڏک ۽ ڏجھا ڏسي اوترو ئي پري ٿي ويو. سندس هڪ وڏو تعارف اهو به آهي، ته هي ان ڪامريڊ جمال الدين بخاري جو فرزند ارجمند آهي. جنهن اشتراڪي نظريه جي پاداش ۾ پنهنجي وڏي عمر جو حصو سڄي هندوستان ۽ پاڪستان جي سخت ترين جيلن ۾ گذاريو ۽ آخري عمر تائين پنهنجي نظريي تي قائم ۽ دائم رهيو.
ديني تعليم ۽ عربي جي حوالي سان حڪيم بخاري، صرف و نحو، اصول فقه تفسير، دور حديث، دؤر تفصيل القرآن جو علم، مولانا حافظ محمد صاحب اويسي، پير محمد ڪرم شاه الازهري، مولانا شاھ محمد احمد عظمي، حڪيم حافظ پير محمد هاشم جان سرهندي مجددي ۽ حڪيم قاضي بشير الدين گوالياري وغيره جھڙن نامي گرامي استادن کان پرايو۔
فارسي جي حوالي سان، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي دؤر جي پارسيءَ جي هڪ جيد عالم خير محمد کوکر جو پڻ شاگرد ٿي رهيو. ان ڪري نه صرف عربي، انگريزي ۽ پارسي ٻوليءَ تي سندس دسترس آهي، پر اردو، سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ عربيءَ جو به ڄاڻو آهي. ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ ڳالهائي، اوهان کي سندس گفتگو ۾ بلاغت، سلاست ۽ فصاحت نظر ايندي.
اهوئي سبب آهي، جو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو آهي، ته بخاري صاحب جي زبانداني مان مستفيض ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي. نه صرف ماهرِ لسانيات آهي، پر سخن گو به آهي. في البديھ شاعري چوڻ جو وڏو ڏانءُ اٿس. مان پاڻ انگريزي، سنڌي ۽ پارسي ۾ کيس في البديھ شاعري چوندي ٻڌو آهي. هڪ دفعي ڪچهري هلندي منهنجي کنڊ جو جھاز ٻڏي ويو، (جيڪو ويٺي ويٺي اڪثر ٻڏي ويندو آھي) ته چيائين؛ ”سائين منظور توجھ کپي! انگريزيءَ ۾ ٽن سٽن جي آمد ٿي آهي!“
مون وراڻيو؛ ”ارشاد!“
ٻڌايائين:
EVERY HUMAN BEING,
NEEDS PERSONNAL ATTENTION,
LOVE AND AFFECTION
مان اشارو سمجھي چيم؛ ”واھ!“
ته چيائين؛ ”پارسيءَ ۾ به آمد ٿي آهي.“
مون چيو؛ ”بفرمائيد!“
ٻڌايائين، ته :
”حسن محجوب را عيان خواهم
جلوه خويش را نهان خواهم
من ندانم ڪه منزلِ من چيست
من زِ بينائي خود بيان خواهم
(مان چاهيان ٿو ته لڪل حسن منهنجي آڏو ظاهر ٿئي
مان پنهنجي جلوه کي ڏسڻ نه ٿو چاهيان
مونکي اها خبر ناهي ته منهنجي منزل ڪهڙي آهي
مان چاهيان ٿو ته اُهي پاڻ فرمائن ته تنهنجي منزل هي آهي)
مون وراڻيو؛ ”بسيار خوب!“
ته چيائين؛ ”اردو ۾ به ٻن سٽن جي آمد ٿي آهي!“
مون وراڻيو؛ ”همه تن و گوش هين، صاحب!“
ته ٻڌايائين؛
”مين خود تو ڪڇ نهين ٿا، دلِ مضطرب مگر،
ان ڪي نگاه ني، مجھي ايسا بناديا.“
مون جواب ۾ چيو؛ ”ڪيا ڪهني!. واه واه! آگي!“
چيائين؛ ”هاڻي هاڻي سنڌيءَ ۾ به ٻن سٽن جي آمد ٿي آهي“
مون چيو؛ ”دير نه ڪيو، جو دم تي ڀروسو ڪونهي!“
ٻڌايائين:
”نينهن دلبر سان لڳو، پوءِ عيد ٿي،
آ خوشيءَ جي رات، جنهن ۾ ديد ٿي.“
هاڻي توهان ٻڌايو، ته حڪيم مظهر سلطان بخاري، صاحبِ آمد ۽ صاحب امتياز آهي يا نه؟.....مان نه صرف ان حوالي سان سندس معترف آهيان، پر سخن شناسي ۾ به سندس مَٽيون ۽ ڪونئرا ڀريندڙ آهيان. هي نه صرف شاھ لطيف، شيڪسپيئر، غالب ۽ اقبال جي بيتن جي حوالي سان منفرد انداز ۾ تشريح ڪندو آهي. پر رودڪي، جامي، عرفي، رومي، عراقي، سعدي، حافظ، سرمد، ۽ قرت العين طاهره تائين فارسي جي ڪلاسيڪل شاعري سان والهانه عشق اٿس.قرت العين طاهره جي غزل جا بند ٻڌائيندي ڄڻ مٿائنس وجد طاري ٿي ويندو آهي. :
گر و تو افتند و نظر چهره به چهره روبرو
شرح دهم غم ترا نڪته به نڪته مه به مو
عاشقِ رسول آهي، ان ڪري ڪا نعت سُرَ سان پڙهندي مٿائنس رقت طاري ٿي ويندي آهي. اهڙي ڪيفيت جو سبب عرفي شيرازي جو هي شعر حوالي طور ٻڌائيندو آهي، ته:
هوش دار، ڪه نه توان به يڪ آهنگ سرودن
نعتِ شه ڪونين و مديحِ ڪئ و جم را
(هوش رک ته ٻنهي کي ساڳي انداز ۽ طريقي سان نه ڳاءِ
نبي پاڪ جي نعت ۽ قيقباد جمشيد جي مدح)
هڪ دفعي پڇيومانس؛ ”اوهان پارسي زبان جي حوالي سان پنهنجي استادِ محترم خير محمد کوکر کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ ٻي ڪنهن کان متاثر هيئو؟..“ وراڻيائين؛ ”هڪ قربان علي بگٽي ۽ ٻيو عبدالغفور ڀرڳڙي صاحب کان!“
هي لاڙڪاڻي جو گوهرِ شب چراغ، جيڪو تيرنهين صدي جي درويشن جيان پنهجي انداز سان عصاءِ موسى کنيون هلندو وتي ٿو، ڄڻ وقت جي طاغوتي طاقتن سان برسرِ پيڪار هجي. واٽ ويندي ڪنهن شرعي يا علمي مسئلو پڇيو، ته بخل اصلي نه ڪندو، پر کولي ٻڌائيندو. جيئن مصر ۾ سيد جمال مجرد کي ڪتب خانه جاريه سڏيو ويندو هيو، تيئن هي به لاڙڪاڻي جو ڪتب خانه جاريه آهي. نه صرف ايترو پر هر ماڻهوءَ کي دعا ۽ دوا ڏيڻ لاءِ همه وقت تيار. ڪنهن ڏنو يا نه ، موٽائبو اصل نه. ايڏي تعليم هوندي به نيچ نوڪري نه ڪيائين. نه وري ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگيائين. نه ڪنهن کان زڪوات، خيرات يا چندو ورتائين. خود داري ۽ عزت نفس سان هڪ محنت ڪش جيان پنهنجي روٽي روزي ڪمائي مجردزندگي گذاري ٿو. ’زال زحمت ٻار ٻرو، مولا ڏيئه ته گھم ڇڙو‘ جي اصول تي ڪاربند آهي. ان ڪري ڪجھ ماڻهن ۽ احبابن جي نظر ۾ ’زمين جنبد، آسمان جنبد، گل محمد نه جنبد‘ مثل آهي. پر اسان کان ڪير پڇي ته اسان لاءِ قابلِ رشڪ ۽ سرمد جي ان رباعي جيان آهي، ته:
اي دوست مرا بعلم و حڪمت به نگر
در مهر و وفا و در محبت به نگر
من صاحب ِ معنيم و صوتِ تعظيم
در من چو ڪتاب هر دو صورت به نگر
(اي دوست منهنجي علم کي ۽ حڪمت کي ڏس
تون منهنجي وفا منهنجي محبت کي ڏس
مان صاحبِ معنى آهيان، ۽ مان صوتِ تعظيم
هڪ سٺي ڪتاب جيان، ٻنهي صورتن ۾ ڏس)

(منظور ڪوھيار صاحب جي فيسبڪ وال تان ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۹ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا