; سنڌي شخصيتون: پروفيسر غلام حسين خاصخيلي

15 August, 2019

پروفيسر غلام حسين خاصخيلي


پروفيسر غلام حسين خاصخيلي
فضل سليمان قاضي
پروفيسر غلام حسين خاصخيلي هڪ اعليٰ ظرف مثالي شخص هو، جنهن مستقل محنت ۽ مشقت سان، علم جي حصول جي ذريعي نمايان ڪاميابيءَ سان عظمت حاصل ڪئي. منهنجو پراڻو ساٿي، عزيز دلبر دوست جنهن سان منهنجي شناسائي ۽ رفاقت ۱۹۵۹ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي. پروفيسر غلام حسين هڪ قابل اعتماد، اعتبار، باهمٿ ۽ مخلص رفيق هو. اوچتو ۱۹ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۷۶ سالن جي عمر ۾ رحلت ڪري وڇوڙو ڏئي ويو.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.


پروفيسر غلام حسين سان واقفيت سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم جي حصول دوران ٿي، جڏهن مان ۱۹۵۹ع ۾ بي اي سِي پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا حاصل ڪئي. غلام حسين پڻ ۱۹۵۹ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد رهيو. هن بي اي اقتصاديات ۾ ۱۹۶۱ ۾ پاس ڪئي.M.A Economics  جي ڊگري وري ۱۹۶۳ع ۾ ماڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هو مخلص ۽ واعدي جو پڪو هو، ۱۹۵۹ع کان ۲۰۱۹ع تائين هن سان تعلقات مستقل رهيا. مان جڏهن به ڪراچيءَ مان حيدرآباد ويندو هئس ته هن سان ضرور هن جي قيام گاهه سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ڪندو هُئس. هيءُ خوش طبع ۽ خوش مزاج طبعيت جو مالڪ هو، گفتگو ۾ گامو سچار هو، رک رکا ڪونه ڪندو هو، جيڪو من ۾ ايندو هُئس اهو چئي ڏيندو هو. ڪوڙ ۽ مڪاري کان پري هو، موصوف فون ڪري منهنجي صحت جو حال احوال معلوم ڪندو هو، محبتي انداز ۾ چوندو هو ته ”اڙي قاضي ڏي خبر ڪيئن آهين؟ آئون جواب ۾ چوندو هوس ته ”الله جي فضل ۽ ڪرم سان ٺيڪ آهيان“. موصوف ورائيندي چوندو هو ”فضل تنهنجو نالو آهي، ان ڪري تو تي الله جي رحمت آهي“. مون سان هن جي گفتگو ۾ اُنسيت ۽ رغبت هُئي.
هي رشيد انصاري، لطيف انصاري ۽ منهنجو قابل اعتماد ۽ قابل اعتبار رفيق ۽ ساٿي هو. انصاري خاندان سان هن جا لاڳاپا تمام ويجها هُئا، جيڪي ٻئي ڀائر سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد هُئا. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي يونين جي اليڪشن ۽ سياست ۾ غلام حسين، رشيد انصاري ۽ لطيف انصاري معاون ۽ مددگار رهيا، جنهن جي ڪري مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿيس. اُن اليڪشن ۾ منهنجو مقابلو اڄ جي مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي سان ٿيو، جيڪو اُن وقت جنرل هسٽري (ايم اي) جو شاگرد هو. مون سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران شاگردن ۾ نئين سوچ ۽ فڪر جي تحريڪ هلائي هُئي، جنهن ۾ پڻ مٿيان حضرات شامل هُئا. ان کانپوءِ سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشنSSF  جي ٺاهڻ ۾ پڻ هنن جو بيحد گهڻو تعميري ڪردار هو. اقتصاديات شعبي جو سربراهه اين اي جيN.A.G  خان هوندو هو، جنهن کي شاگرد ”ناگ“ خان چوندا هُئا. مان هن لاءِ چوندو هُئس ته The cock that walks with measured steps
غلام حسين جي ليڪچرار شپ جي ڏنل درخواست جي هُن سخت مخالفت ڪئي پر اُن وقت هڪ سنڌي پروفيسر الياس ابڙو پڻ ان شعبي ۾ اهم استاد هو، هن جنهن جي معاونت سان غلام حسين کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جي عهدي تي رکيو ويو. مرحليوار ترقي ڪندي اقتصاديات جو پروفيسر ٿيو. غلام مصطفيٰ شاهه جي وائيس چانسلر جي دور ۾ پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن (Teachers) کي گهڻي تعداد ۾ ڏيساور جي يونيورسٽين ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيئي موڪليو، جيڪا روايت اُن کانپوءِ ختم ٿي وئي، ٻين ان پهلو تي توجهه نه ڏني ته يونيورسٽي جي تعليمي معيار کي اڳتي وڌائجي.
غلام حسينUniversity of Strathclyde Glasgow  يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۳ع ۾ ايم ايس سي اڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي، ان دوران هن سان گڏ اعجاز قريشي پڻ شامل هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ اڪنامڪس شعبي جو سربراهه رهيو ۽ ڪجهه وقتHead Of Department Faculty Of Arts جوDean  پڻ رهيو. پروفيسر غلام حسين جي والد سندس فرزند (غلام حسين) ”ڪلو“ جو اوڄ ڏٺو. هن جي والد جو انتقال ۷ فيبروري جي مهيني ۾ ۱۹۸۶ع ۾ ٿيو ۽ پروفيسر غلام حسين جو انتقال وري ۱۹ فيبروري ۲۰۱۹ع ۾ ٿيو. ڪنهن سيمينار ۾ پروفيسر غلام حسين مدلل تقرير ڪئي، ان ۾ حيدرآباد جو هڪ فوجي آفيسر پڻ موجود هو، جنهن کي هن جي تقرير بيحد پسند آئي، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪمانڊر ”ميجر جنرل“ سان ڪيو. پروفيسر غلام حسين کيStation Commander جي آفيس مان فون آيو ته فوجي سربراهه سان اچي ملي. غلام حسين فون تي هن کي ٻُڌايو ته مون وٽ گاڏي ڪانه آهي، تنهن تي هنن هن سان ملاقات لاءِ ڪار موڪلي. هن جي تقرير جي تعريف ڪندي هن کي اُها آڇ ڪئي وئي ته هو فوج لاءِ اقتصاديات جي معاملن ۾ معاونت ڪري، جنهن کان هن پنهنجي مصروفيتن جي ڪري معذرت ڪئي.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد سنڌ جي گورنر ڪمال اظفر جو هن کي ملاقات لاءِ فون آيو، گورنر ملاقات ۾ پروفيسر حسين کي ”خيرپور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا ڪجهه سببن جي ڪري هن قبول نه ڪئي. ۵ جنوري ۲۰۱۸ع تي پروفيسر غلام حسين، ذوالفقار علي ڀٽي جي جنم ڏينهن تي ٽوئيٽ ۾ بيان ڪيو. ”شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ملڪي اقتصادي صورتحال دنيا ۾ بهترين هئي، باوجود ان جي ته پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو هو، تنهن هوندي به پاڪستان جي اقتصادي پيداوار ۴.۷ سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي.“
پروفيسر غلام حسين مخلص انسان هو، هو پنهنجي وسيلن مان ڪيترن شاگردن جي مالي مدد ڪندو هو، جن اهم امتحان پاس ڪيا. اُهو هن جي ڪردار جو پڻ هڪ نمايان پهلو آهي. سنڌ يونيورسٽي جيPakistan Studies Centre  ۾ منهنجو اتفاقي وڃڻ ٿيو. ان جي سربراهه هڪ خاتون هُئي، جنهنجو نالو هاڻي ياد نٿو اچي، اُن خاتون پي ايڇ ڊي جي لاءِThesis  يونيورسٽي ۾ پيش ڪئي هُئي. بورڊ جي ميمبرن ۾ پروفيسر غلام حسين پڻ شامل هو، هن جاThesis  تي خدشاReservations  هئا، جنهن جي ڪري پي ايڇ ڊي حاصل ڪرڻ مشڪل مرحلو هو. خاتون ڳالهين ۾ مون کي ٻُڌايو ته پروفيسر غلام حسين جي اعتراض جي ڪري پي ايڇ ڊي ممڪن ناهي. مون کي ٻُڌايو ته موصوف منهنجو دوست آهي، خاتون گذارش ڪئي هن جي معاملي ۾ سفارش ڪريون، مون پروفيسر سان ان پهلوءَ تي ڳالهايو، هن اعتراض بيان ڪيا، مون کيس چيو ته خاتون کي پي ايڇ ڊي ڊگري ڏياريو، هن ان خاتون کي پي ايڇ ڊي ڏياري.
پروفيسر غلام حسين سنڌ جي اقتصاديات تي هڪ ننڍو ڪتابEconomy Of Sindh  پڻ لکيو. هو آخري ڏينهن ۾ حيدرآباد جي اداري ۾ اقتصاديات تي ليڪچر ڏيندو رهيو. پروفيسر غلام حسين باصلاحيت ۽ اورچ شخص هو، پنهنجي اولاد جي تعليمي تربيت تي توجهه ڏني، ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين کي منزل مقصود تي پهچايو. هن جي هڪ نياڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ اقتصاديات جي شعبي ۾ پروفيسر آهي ۽ ٻي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. ٻن پٽن مان هڪ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهي ۽ ٻيو پڻ ڀٽ شاهه صوفي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا