; سنڌي شخصيتون: پروفيسر غلام حسين خاصخيلي، فضل سليمان قاضي،
Showing posts with label پروفيسر غلام حسين خاصخيلي، فضل سليمان قاضي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر غلام حسين خاصخيلي، فضل سليمان قاضي،. Show all posts

15 August, 2019

پروفيسر غلام حسين خاصخيلي


پروفيسر غلام حسين خاصخيلي
فضل سليمان قاضي
پروفيسر غلام حسين خاصخيلي هڪ اعليٰ ظرف مثالي شخص هو، جنهن مستقل محنت ۽ مشقت سان، علم جي حصول جي ذريعي نمايان ڪاميابيءَ سان عظمت حاصل ڪئي. منهنجو پراڻو ساٿي، عزيز دلبر دوست جنهن سان منهنجي شناسائي ۽ رفاقت ۱۹۵۹ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي. پروفيسر غلام حسين هڪ قابل اعتماد، اعتبار، باهمٿ ۽ مخلص رفيق هو. اوچتو ۱۹ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۷۶ سالن جي عمر ۾ رحلت ڪري وڇوڙو ڏئي ويو.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.