; سنڌي شخصيتون: يعقوب ذڪريا

07 August, 2019

يعقوب ذڪريا


يعقوب ذڪريا
فطري اداڪاري ڪندڙ
سيد يار محمد شاهه

سنڌ جي فن جي تاريخ ۾ يعقوب ذڪريا هڪ وڏو نالو ۽ وڏو فنڪار هو. هو غريب ڪلاس سان تعلق رکندڙ حيدرآباد ۾ فورسيٽر ۽ رڪشا هلائي پيٽ پالڻ وارو فنڪار هو. ريڊيو هجي، اسٽيج هجي، ٽي وي هجي يا سنڌي فلم هجي، نور محمد لاشاري کانپوءِ يعقوب ذڪريا اهو نيچرل فنڪار هو جنهن کان سنڌي پروڊيوسرن کان وڌيڪ اردو پروڊيوسر متاثر هوندا هئا. اردو پروڊيوسر اقبال انصاري جنهن کي آئون به پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، ان جڏهن ڊراما سيريل ”ڪاروان” ۾ يعقوب ذڪريا کان سکان جي پيءُ جو ڪردار ڪرايو، جيڪو هن نيچرل طريقي سان ڪيو. هن غريب ٿريءَ جو ڪردار، گڏهه تي چڙهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي دهل وڄائي پنڻ وارو ڪردار ايڏو نيچرل ڪيو جو سڄي ڊرامي ۾ اهو ئي ڪردار نيچرل ٿي لڳو. ان کان اڳ جرمنيءَ مان ايوارڊ ماڻيندڙ پروڊيوسر هارون رند مرحوم جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کان وٺي، پنهنجي خوبصورت اداڪاريءَ سان محبت ڪرڻ واري شخصيت کي هر ڪنهن جي بڪنگ جو کيس اونو هوندو هو. نه صرف پنهنجي لاءِ پروڊيوسرن وٽ ويندو هو، پر جڏهن به محسوس ٿيندو هو ته فلاڻو اداڪار يا اداڪاره وٽ ڪم نه آهي ۽ ان جي معاشي حالت درست نه اٿس، ڪنهن سان اظهار به نٿو ڪري سگهي ته يعقوب ذڪريا اهو محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ان جي لاءِ هر پروڊيوسر وٽ هلي وڃي ڪم حاصل ڪري، ان اداڪاره يا اداڪار کي فون ڪرائي ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي ويندو هو.


مون سان سندس بي انتها ويجهڙائپ هوندي هئي. ڪراچيءَ هجان، ٽنڊو آدم هجان يا مٽياريءَ، موقعو ڪڍي ضرور ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فن ۽ فنڪارن تي ڪچهريون ڪرڻ کانپوءِ هو سڀني بيرزوگار فنڪارن جي ڪم ڏيڻ يا ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري ويندو هو. منهنجي ٽي وي لاءِ لکيل ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين ۽ منهنجي سنڌي اسٽيج پلي ”اڄ ته خبر پوي“ جيڪو مون ٽنڊو آدم ۾ ”لطيف گولڊ ميڊل“ جي تقريب دوران پيش ڪيو هو، ان ۾ هڪ ڪاٺياواڙي سيٺ جو ڪردار ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ ۾ هيروئن جي پيءَ ۽ هڪ مظلوم هاريءَ جو ڪردار ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌي فلم ”محب شيدي“ ۾ محب جي پيءَ جو يادگار ڪردار ڪيائين ۽ جڏهن هو مرحومه ميڊم روشن عطا سان گڏ، مظلوم ڪردار ڪندو هو ته اها اداڪاري نه بلڪ حقيقت محسوس ٿيندي هئي. بلڪ هو اسانکي پنهنجي اداڪاريءَ سان روئاڙيندو هو. خوبصورت ۽ پر مزاح گفتگو سان کلائيندو به هو. مون سان گڏ هن محمد بخش سميجو صاحب جي ڪيترن ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.
بھرحال يعقوب ذڪريا نيچرل سنڌي اداڪار هو. حالانڪ هو ڪاٺياواڙي ميمڻ هو پر ڪڏهن به ڪنهن محسوس نه ڪيو ته هو نج سنڌي نه آهي. بلڪ هو اسانکان وڌيڪ نج سنڌي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. هڪ دفعو اقبال انصاري چيو ته؛ ”شاهه صاحب! يعقوب ذڪريا اگر هندوستان ۾ هوتا تو وهان کي بڙي بڙي فنڪارون کو اڙا ديتا“، خاص ڪري سندس چوڻ هو ته هو ته گهڻن هندوستاني وڏن اداڪارن کان وڏو فنڪار آهي.
ٻين اردو پروڊيوسرن ۾ ڪاظم پاشا کيس تمام گهڻي بڪنگ ڏيندو هو. هُن يعقوب ذڪريا ۽ ٻين سنڌي فنڪارن ۽ رائيٽرن جي باري ۾ هڪ ڏينهن مونکي چيو ته؛ سنڌي فنڪار ۽ رائيٽر قدرتي فنڪار آهن. ڪاش هي سڀ هالي ووڊ يا هندوستان ۾ هجن ها ته هي فنڪار بلندين جي عروج تي هجن ها، پر جيئن ته هو برگري پروڊيوسر آهي ۽ سنڌين جي ڪردار ۽ رويي کان محتاط رهندو آهي، ان ڪري صرف مون سان، شفيع محمد شاهه ۽ محمود صديقي سان ويجهڙائپ رکيائين پر اها به هڪ حد تائين.
يعقوب ذڪريا لازوال فنڪار هو. انهن ڏينهن ۾ آئون، عراق ويل هوس. واپسيءَ تي خبر پئي ته همراهه وڃي مليو ماروئڙن سان. الله کيس جنت نصيب ڪري. ڪراچي ٽي وي يا پاڪستان ٽي وي وارا يا سنڌ جي ثقافت جي کاتي وارا کيس ٻين وانگر نه به کڻي ياد ڪن، پر هو سنڌي فن جي تاريخ ۾ هميشه نمايان ئي رهندو.


يعقوب ذڪريا
فنونِ لطيفه جي ميدان ۾ ڪيترا ئي نامور ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجي ڪم سان سڄي ملڪ ۾ نالو ڪمايو. منجھن ڪي اهڙا آرٽسٽ به پيدا ٿيا، جيڪي ڄڻ ته ڄاوا ئي فن جي لاءِ هئا. اهڙن آرٽسٽن ۾ يعقوب ذڪريا جو نالو اهميت وارو آهي. ھو هڪ ليجنڊ ۽ معروف اداڪار هيو. هن پنهنجي حياتي، فن جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي.
يعقوب ذڪريا جو جنم، سال ۱۹۲۹ع ڌاري، ڪاٺياواڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ اوپليٽا ۾ ٿيو. مائٽن سندس نالو بشير رکيو. هُو ڏهن يارنهن سالن جي عمر تائين سخت بيمار رهيو. سُتيون، ڦَڪيون، دوا درمل، حڪيمن، طبيبن ۽ ڊاڪٽرن جو علاج يا مشورا ڪارآمد نه ٿيا.
هيءُ خاندان، اوپليٽا مان شفٽ ڪري هيرآباد حيدرآباد ۾ آيو. هن جي پيءُ ذڪريا کي، غريبي ۽ مفلسي ڄڻ ورثي ۾ ملي هئي. هُو ٻڌائيندو هو ته؛ ٽن ويلن جي ماني به ميسر ڪو نه هوندي هئي. وري هن ليجنڊ ۽ عظيم اداڪار جي دائما بيماريءَ، سموري خاندان کي مُنجهائي رکيو هو. هڪ ڏينهن سندس والده اوچتو اعلان ڪيو؛ ”بشير نه مري ٿو، نه منجو ٿو ڇڏي. اڄ کان وٺي هن جو نالو يعقوب آهي. خبردار! ڪو به مٽ مائٽ هن کي بشير نه سڏي. هُو منهنجو يعقوب پٽڙو آهي.“ سندس طبيعت سڌرندي ويئي ۽ هُو چاق چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو. جڏھن ته غريبي اھا ئي رھي جيڪا شايد سڀني کي ڏاج ۾ مليل هئي.
هن جو پيءُ ذڪريا، ننڍڙي يعقوب کي، جڏهن هُو لاچار ۽ يارنهن سالن جو هو ته هڪڙي دڪان تي بيهاريو. دڪاندار ظالم نڪتو. ڇو ته هُو کيس دڪان تي ۽ گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪرائيندو هو. ننڍو يعقوب، اخبارن ۽ رسالن ۾ فلمي اداڪارن جا فوٽو ڏسندو هو. ظالم دڪاندار نيٺ ننڍڙي نوڪر يعقوب کي دڙڪا ڏيئي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. غريبن جي غريبيءَ تي مصيبت جو پهاڙ ڪرِي پيو. يعقوب، ڊرائيونگ سکي ۽ جيئن حيدرآباد شهر ۾ مني ٽيڪسي آئي ته هُو ڪيترن ٽيڪسي ۽ رڪشا مالڪان جون گاڏيون هلائڻ لڳو. ٽنڊو ولي محمد واري امان الله جي مني ٽيڪسي هلائڻ لڳو. امان الله کَلُن جو واپار به ڪندو هو. نيٺ هُو ٿورا ٿورا پئسا ڪري هڪ ٽئڪسيءَ جو مالڪ ٿي ويو. حيدرآباد شهر جي ٻن وڏن روڊن تي سڄو ڏينهن مني ٽئڪسي هلائيندو هو.
مون کي ياد آهي ته يعقوب هڪ نه ٻئي ڏينهن، رستن تي ملي ويندو هو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ واري سيٽ تي ويهاريندو هو. پڪوڙا کائڻ جو شوقين، لطيف آباد جي يارهين نمبر تي مون کي چوندو هو ته؛ مان چانهه ٿو گهرايان ۽ پڪوڙا تون گھراءِ. ڪئين ڀيرا ته ۵۰-۶۰ يا ان کان به وڌيڪ جا پڪوڙا کائي ويندا هئاسين. حيدرآباد ۾ پڪوڙا ته ڇا پر هر شيءِ تڏهن تمام گهڻي سستي هوندي هئي.
ڪيترا ڀيرا ڪراچيءَ وياسين. ميڊم سيما پنهور، يعقوب ذڪريا ۽ ٻين سان بس ۾ ويهي ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ويندا هئاسين. هالي ووڊ جي فلم ’ٽرئفڪ‘ ان بعد ’جناح‘ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به يعقوب ذڪريا مون کي ڪراچي وٺي ويو هو. مون کي چوندو هو ته؛ تون انگلش ڄاڻين ٿو. هلي هنن سان انگريزي ڳالهاءِ. اسان انهن ٻنهي فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هُو سنڌي ڊراما ناٽڪ صديءَ جو آرٽسٽ هو.


يعقوب ذڪريا
سنڌ جو ليجنڊ
محمد سليمان وساڻ
يعقوب ذڪريا جو اصل نالو بشير هو پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ انڊيا جي ڪاٺياواڙ اوپليا ڳوٺ ۾ محمد ذڪريا جي غريب گهراڻي ۾ اک کولي، جڏهن ته پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ مرحوم جو خاندان ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان لڏي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. مرحوم جڏهن ۱۴ سالن جي ڄمار جو هو ته گهڻو بيمار رهڻ لڳو جنهن تي سندس والده نالو مٽائي بشير مان يعقوب رکيو ۽ مرحوم ذات جو ڪاٺياواڙي هو. مرحوم کي ۳ پٽ ۽ ۳ ڌيئرن جو اولاد آهي، سيڪنڊري تائين تعليم حاصل ڪندڙ مرحوم يعقوب ذڪريا گهريلو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، مرحوم حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي ۱۹۵۸ع ۾ آڊيشن ڏنو ان وقت حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي اداڪار مصطفيٰ قريشي ۽ مرحوم پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ، مرحوم اداڪار محمد علي به ريڊيو تي ايندا هئا. ريديو تي هن پهريون ڊرامو “بهادر” ڪيو. هن ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تي تقريبن ٻن هزارن کان مٿي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. ۱۹۷۰ع ۾ پي ٽي وي تي مرحوم پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو. عبدالڪريم بلوچ “گنهگهار” ڊرامي ۾ يعقوب ذڪريا کي ڪاسٽ ڪيو.ا ن کانپوءِ مرحوم پروڊيوسر هارون رند جي سنڌي سيريل “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ جمعدار ڪوڙو خان جو ڪردار ڪيو جيڪو تمام مشهور ويو. ان ئي سيريل کي اردو زبان ۾ “ديوارين” جي نالي سان جڏهن ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو ته ڊرامي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي پذيرائي ملي. ان وقت جي صدر جنرل ضياءَ الحق “ديوارين” ٽيم کي ايوان صدر ۾ کيس ايوارڊز ۽ ٻين اعزازن سان نوازيو هو. جڏهن ته ڊرامي “جهنگل” ۾ هن پوپري جي پيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو. يعقوب ذڪريا اڍائي سئو کان وڌيڪ اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، ڊرامن ۾ نوري چام تماچي، عورت ڪهاڻي، جانگلوس، با ادب با ملاخظه هوشيار، نجات، روز زندان، ست رنگي، اين آئي سي ڊي، ڊيڊ لائن، فٽ پاٿ، ادهورا انسان، پس آئينه، يه جدائي، ساگر ڪا آنسو، ڪونج ۽ ٻيا شامل آهن. يعقوب ذڪريا فلمن ۾ به ڪم ڪيو فلمن ۾ گهونگهٽ، ڪنوار، محبوب مٺا، مٺڙا شال ملن، محب شيدي ۽ اردو ۾ استادون ڪي استاد، خطرناڪ حسينا شامل آهن. فلمن کان سواءِ مرحوم اسٽيج جي سوين ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. اردو سيريل “ڪاروان” ۾ سکان جي پيءُ جي ڪردار کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ مرحوم يعقوب ذڪريا پنهنجا ۳۲ ڏند ڪڍرائي ڪردار کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ کيس بهترين اداڪاري تي داد مليو، هي اهڙو ڪردار هو جيڪو پي ٽي وي پاران کيس بنا مقابلي جي ايوارڊ ڏنو وڃي ها پر سنڌي هئڻ جي ڪري کيس ايوارڊ کان محروم ڪيو ويو، هڪ اهڙو ڪردار مرحوم يعقوب ذڪريا ڪيو جيڪو ڊائريڪٽر جي ڊمانڊ به نه هئي جڏهن ته سنڌي فنڪارن ۾ هن هڪ تاريخي قرباني فن لاءِ ڏئي ڪري ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو. يعقوب ذڪريا ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ۸ ڊسمبر ۲۰۰۸ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

يعقوب ذڪريا
فن سان عشق ڪندڙ
لياقت راڄپر
منهنجو اڪثر پي ٽي وي تي اچڻ ٿيندو هو، جنهن جي ڪري ڪافي عظيم ۽ سُٺن فنڪارن سان ملاقات ٿيندي رهندي هُئي، جن منجهان هڪ فن سان عشق ڪندڙ فنڪار يعقوب ذڪريا به ملندو هو، جنهن کي ڏسي ائين لڳندو هو، ڄڻ هو پيدائشي فنڪار آهي ۽ جيڪو به ڪردار هن کي ملندو هو، ان کي هو وڏي خوبيءَ سان نڀائيندو هو پر خاص ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو رول، جنهن ۾ هن سان قدم قدم تي زماني جون زيادتيون، ڏُک ۽ غمن جون پيڙاهون شامل هونديون هيون. هونئن به هو غريب هو ۽ منهن مهانڊي مان غربت، بُک ۽ تڪليفون نظر اينديون هيون، جيڪي هن جو ننڍپڻ کان پيڇو ڪنديون پئي آيون.
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بيشمار شخصيتون ۽ فنڪار آهن، جيڪي سڄي عمر جدوجهد ڪندا رهيا پر ڪجهه به پئسو ٺاهي يا گڏ ڪري نه سگهيا، جنهن جي ڪري هو پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي بُکن جي گهاڻي ۾ پيهندي ڏسندا رهيا ۽ آخر ۾ بيمارين جي ور چڙهي ڪسم پرسي واري زندگي گُذاري موت جو کاڄ بڻجي ويا. انهن ۾ اڄ هڪ يعقوب ذڪريا جي زندگيءَ جو ذڪر ڪندس، جيڪو خوشي ۽ خواهشن جي پويان ڀڄندو ڀڄندو هيءَ دنيا ڇڏي ويو. سنڌي فنڪارن ۾ ڪجهه فنڪار واقعي پيدائشي فنڪار هُئا، جن ۾ يعقوب ذڪريا، نور محمد لاشاري، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي ۽ ٻيا اڻ ڳڻت شامل آهن، جن کي آئون هن لکڻين ذريعي ياد ڪندو رهان ٿو، جڏهن ته حڪومت ۽ انهن جي پرستارن انهن کي صفا وساري ڇڏيو آهي.
يعقوب ذڪريا تقريبن ۲۵۰ اسٽيج ڊرامن، پي ٽي وي ڊرامن، فلمن کان علاوه ۲۰۰۰ ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪري چُڪو هو. هن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڊامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو هو، ڪي ڪردار ته اهڙا هئا، جن جي ڪري هن کي پرائڊ آف پرفارمنس ملڻ کپندو هو پر هن جي سفارش نه هجڻ ۽ غربت جي ڪري ڪنهن ماڻهوءَ اڳتي وڌي هن لاءِ ڪوشش نه ڪئي. بهرحال پاڻ به چوندو هو ته غربت ۽ سادگي سڀ کان وڌيڪ انسان جي ترقي ۽ حاصلات ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن کي فن سان محنت نه پر عشق هو، جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي روزي ڪمائڻ واري وقت مان وقت ڪڍي ريڊيو، اسٽيج ڊرامن جي پروڊيوسرن ۽ هدايتڪارن جي پويان ڊُڪندو رهيو. ڪيترن ڪوششن جي باوجود هو پنهنجو گهر نه ٺاهي سگهيو ۽ ٻن ڪمرن جي مسواڙ واري جاءِ ۾ گهرواري ۽ ٻارن سان گڏ رهندو هو.
لياقت ڪالوني حيدرآباد جي گهر مان هو روزانو آٽو رڪشا صبح جو کڻي ماڻهن کي منزل ڏانهن پهچائيندو رهيو، جنهن جي عيوض صرف ايتري رقم ملندي هُئي جو هو گهر جو خرچ مشڪل سان پورو ڪري سگهيو. جڏهن ٽي وي تي ڊرامن تي ڪم ملندو هو ته اهي ڏينهن هو رڪشو نه هلائي سگهندو هو، جڏهن ته اتان ايترو گهڻو معاوضو ڪونه ملندو هو جو هو ڪجهه خاص ڪري سگهي. بهرحال شوق جو ڪو ملهه نه آهي. هو چوندو هو ته خالي ساراهه مان پيٽ نٿو ڀرجي، پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ پئسا کپن ٿا، جيڪي شينهن جي وات مان ڪڍڻا پون ٿا. اهڙن وقتن ۾ به هن پنهنجي عزت ۽ احترام جو سودو نه ڪيو ۽ اصولن جي ڇانو ۾ هلندو رهيو.
هڪ ڀيرو انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هن جو قدر صرف هڪ ماڻهو ڪيو، جيڪو پاڻ وڏو عظيم ۽ محترم آهي، جنهن جو نالو امر جليل آهي، جيڪو هميشه هن سان وڏي عزت ۽ احترام سان ملندو هو ۽ هن جا هٿ چُمي چوندو هو ته تون عظيم آهين ۽ ڪڏهن ڪڏهن نرڙ تي چُمي ڏئي منهنجي فَن جو قدر ڪندو هو.
هن جو والد ڪاٺياواڙي ميمڻ هو، جيڪو ڪٽنب سوڌو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هجرت ڪري حيدرآباد شهر ۾ اچي آباد ٿيو ۽ زندگي گُذارڻ لاءِ شاهي بازار ۾ واچُون ٺاهڻ (مرمت) ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن منجهان ڪا خاص آمدني نه پئي ملي، سو وري ڪنهن تيل جي مشين تي مزدوري ڪرڻ لڳو. ذڪريه ۱۹۴۳ع ۾ هندستان جي هڪ شهر اوپلٽيا، جيڪو جهوناڳڙهه جي ڀرسان هو، اُتي ڄائو هو. هو صرف اٺن درجن تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو، هن جا چاچا به بزنس ۾ هئا پر هو به انهن ۾ ڪو خاص ڪمائي نه سگهيا. هڪ چاچي ان پيهڻ جي مشين خريد ڪئي هُئي ۽ ٻيو وري ڪپڙي جو ڪم ڪندو هو. سندس والد جڏهن ڪم کان فارغ ٿيندو هو ته وڃي گهڙين جي مرمت ڪري ٻيا ڪجهه پئسا ڪمائي گهر کي هلائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو.
هُن کي هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر هُئا، جڏهن ته هڪ ڀاءُ اُتي هندستان ۾ ئي گُذاري ويو هو. هن پاڻ جڏهن ۱۹۶۰ع ۾ شادي ڪئي ته هن کي به ٽي ڌيئرون ۽ ٽي پُٽ ڄاوا هُئا. شروع م ذڪريا پاپڙ، ڇولا، پشم مٺي ۽ قلفيون وڪڻندو هو، هو پنهنجي فنڪار ٿيڻ واري شوق کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا چڪر ڪاٽڻ لڳو ۽ پنج ڀيرا آڊيشن ۾ فيل ٿيڻ کانپوءِ ڇهين ڀيري ڪامياب ٿي ويو. سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ هن پهريون ڀيرو ريڊيو تان ڊرامي بهادر ۾ ڪم ڪيو، جيڪو ڊسمبر مهيني ۾ ريڊيو تان نشر ٿيو هو. ان ڊرامي جو پروڊيوسر هو عبدالقيوم جنهن کي ذڪريا پنهنجو استاد مڃيندو هو. ريڊيو ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن کي محمد علي، ان جي ڀاءُ ارشاد علي ۽ حمايت علي شاعر، جيڪي زرينه بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، سيد صالح محمد شاهه، مراد علي مرزا، منظور نقوي، مصطفيٰ قريشي، غلام حيدر صديقي ۽ نصير مرزا جهڙن شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن پهريون ڀيرو سنڌي فلمن گهونگهٽ لاهه ڪنوار ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته عبدالڪريم بلوچ جي ڪري هن کي پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامي گنهگار ۾ ڪم ڪرڻ جو چانس مليو، جيڪو مراد علي مرزا جو لکيل هو، جنهن جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو. هُن ان ڊرامي ۾ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو بلڪل نيچرل هو ۽ هو ڪِلڪ ٿي ويو.
هن جي فن جي محبت جي انتها ڏسو، جو هڪ ڀيرو هو هڪ ٽيبلو ”پرڇائيان“ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جنهن جي ريهرسل ۲ مهينا هلي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم ٽي بي مريضن لاءِ گڏ ڪئي پئي وڃي. جنهن ڏينهن هي ٽيبلو پيش ٿي رهيو هو ته هن جي ڌيءَ زهره جَبين جو موت واقع ٿي ويو پر هو پنهنجي ڌيءَ جي جنازي ۽ تدفين ۾ صرف انهيءَ ڪري شامل نه ٿي سگهيو ته جيڪڏهن ڊرامي مان هليو ويو ته وڏو نقصان ٿي ويندو ۽ جيڪي مريض زير علاج هُئا، انهن لاءِ دوائون خريد نه ٿي سگهنديون. جڏهن ڊرامو ختم ٿيو ته هو گهر نه وڃي سگهيو ۽ جڏهن ٻئي ڏينهن ويو ته هن کي گهر ۾ اچڻ نه ڏنو ويو ۽ برادريءَ مان ڪڍي ويو ته هو ايڏو سفاق ۽ ظالم آهي، جو پياري ڌيءَ جو منهن به ڏسي نه سگهيو. ان کانسواءِ هڪ ٻيو به اهڙو واقعو آهي، جنهن منجهان فن سان عشق جو وڏو ثبوت ملي ٿو. جڏهن اردو ڊرامو سيريل ”ڪاروان“ ٺهي رهيو هو ۽ هن کي سکان جي پيءُ ڪردار ڏيڻ لاءِ اُها شرط رکي هُئي ته هن کي پنهنجي ڏندن جي ٻَٽِيهي ڪڍرائڻي پوندي، جنهن لاءِ هن ائين ڪيو. هي ڊرامو پنهنجي وقت جو ڪامياب ڊرامو هو، جيڪو ٿر جي ڪوشل ڳائڻي مائي ڀاڳي جي زندگي تي ٺاهيو ويو هو، جنهن جي رڪارڊنگ ٿر جي علائقي نئون ڪوٽ ۾ ڪئي وئي هُئي، جنهن جو پروڊيوسر اقبال سعيد انصاري هو، جڏهن ته سکان جو ڪردار هُما اڪبر نڀايو هو. ڊرامي ۾ مائي ڀاڳي جي آواز لاءِ ٽينا ثاني چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هُئا.
يعقوب ذڪريا ڏسڻ ۾ ڪَوجهو هو پر هن جي دل سهڻي هُئي ۽ هو خُوددار هو، جيڪو ڪئين ٻوليون ڳالهائڻ ڄاڻيندو هو، جنهن ۾ سنڌي، گجراتي، اردو، مارواڙي، راجسٿاني، روتڪي، ڍڪني، هندي ۽ پنجابي شامل آهن ۽ اڃان به ٻيون ٻوليون سِکڻ جو شوق هُئس. هو پرائڊ آف پرفارمينس نه ملڻ تي وڏو اُداس ۽ مايوس هوندو هو.
سنڌي ڊراما سيريل ”راڻي“ جي ڪهاڻيءَ ۾ هن جو ڪردار هڪ پوليس واري جو هو، جيڪو هن تمام سُهڻي نموني نڀايو هو، جنهن جو پروڊيوسر پي ٽي وي هارون رند هو، جنهن ان سيريل کي اردو ۾ ديوارين جي نالي سان ٺاهيو، جنهن ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڏو نالو ڪمايو. هن جي ٻين اهم ڊرامن ۾ اردو ڊرامو ”جنگل“ به آهي. بيشمار اردو ۽ سنڌي ڊراما اهڙا آهن، جن ۾ يعقوب ذڪريا اهم ڪردار ادا ڪيا آهن، انهن ۾ ڊرامو نوري، عورت ڪهاڻي، جانگلونسJanglons  با ادب با ملاحظه، زندان، نجات، اڌورا انسان، فوٽ پاٿ، ڪونج ۽ ساگر ڪي آنسو وغيره ۽ فلمن ۾ محبوب مِٺا، مٺڙا شال ملن، محب شيدي، اردو فلمن ۾ استادون ڪي استاد، خطرناڪ حسينه، جڏهن ته هڪ هالي ووڊ جي انگريزي فلمEmulate Conception  شامل آهي، جنهن ۾ هن سان بالي ووڊ جي اداڪاره شبانا اعظمي گڏ ڪم ڪيو هو، جيڪا هن جي اداڪاريءَ مان وڏي متاثر ٿي، هن کي بالي ووڊ جي فلم ”چَٽان“ ۾ ڪردار ڪرڻ جي آڇ ڪئي هُئي، جيڪا هن ڪن سببن جي ڪري قبول نه ڪئي.
جيئن ته هو سهڻو نه هو ۽ غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري احساس محروميءَ جو شڪار هو، ان لاءِ هن کي سهڻيون شيون گهڻيون وڻنديون هيون ۽ هو خاص ڪري خوبصورت چهرن کي پسند ڪندو هو پر موٽ ۾ هميشه ناڪامي ملندي هئي. سڄي ڄمار پيٽ پالڻ ۾ ۽ فن سان عشق ۾ گذري وئي ۽ هو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ جيڪي خواب ڏٺا هُئا، اُهي پورا نه ڪري سگهيو ۽ دل تي ايترا وزن کنيا جو هو دل جو مريض ٿي ويو، جنهن جو هو خاص علاج ڪرائي نه سگهيو ۽ اوچتو ۹ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي جيڪو عيد جو ڏهاڙو هو، هن کي دل جو شديد دورو پيو ۽ کيس سول اسپتال حيدرآباد جي ايمرجنسي شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي عيد جي ڪري ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف جي گهٽتائي ڪري هن کي صحيح علاج نه ملي سگهيو ۽ هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سان هڪ حقيقي فنڪار کان سنڌ محروم ٿي وئي.
يعقوب ذڪريا اڄ هن دنيا ۾ موجود نه آهي پر هن جي فن هن کي اڄ به زندهه ۽ امر ڪري ڇڏيو آهي پر افسوس جو اسان اهڙن ڪيترن ئي فنڪارن کي وساري ويٺا آهيون ۽ انهن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪو به پروگرام نه ٽي وي تي ڪريون ٿا ۽ نه ئي وري اخبارن ۾ لکون ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا