يعقوب ذڪريا
فطري اداڪاري ڪندڙ
سيد يار محمد شاهه
سنڌ جي فن جي تاريخ ۾ يعقوب ذڪريا هڪ وڏو
نالو ۽ وڏو فنڪار هو. هو غريب ڪلاس سان تعلق رکندڙ حيدرآباد ۾ فورسيٽر ۽ رڪشا
هلائي پيٽ پالڻ وارو فنڪار هو. ريڊيو هجي، اسٽيج هجي، ٽي وي هجي يا سنڌي فلم هجي،
نور محمد لاشاري کانپوءِ يعقوب ذڪريا اهو نيچرل فنڪار هو جنهن کان سنڌي پروڊيوسرن
کان وڌيڪ اردو پروڊيوسر متاثر هوندا هئا. اردو پروڊيوسر اقبال انصاري جنهن کي آئون
به پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، ان جڏهن ڊراما سيريل ”ڪاروان” ۾ يعقوب ذڪريا کان
سکان جي پيءُ جو ڪردار ڪرايو، جيڪو هن نيچرل طريقي سان ڪيو. هن غريب ٿريءَ جو
ڪردار، گڏهه تي چڙهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي دهل وڄائي پنڻ وارو ڪردار ايڏو نيچرل ڪيو جو
سڄي ڊرامي ۾ اهو ئي ڪردار نيچرل ٿي لڳو. ان کان اڳ جرمنيءَ مان ايوارڊ ماڻيندڙ
پروڊيوسر هارون رند مرحوم جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کان وٺي، پنهنجي خوبصورت
اداڪاريءَ سان محبت ڪرڻ واري شخصيت کي هر ڪنهن جي بڪنگ جو کيس اونو هوندو هو. نه
صرف پنهنجي لاءِ پروڊيوسرن وٽ ويندو هو، پر جڏهن به محسوس ٿيندو هو ته فلاڻو
اداڪار يا اداڪاره وٽ ڪم نه آهي ۽ ان جي معاشي حالت درست نه اٿس، ڪنهن سان اظهار
به نٿو ڪري سگهي ته يعقوب ذڪريا اهو محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ان جي لاءِ هر پروڊيوسر وٽ
هلي وڃي ڪم حاصل ڪري، ان اداڪاره يا اداڪار کي فون ڪرائي ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي
ويندو هو.