; سنڌي شخصيتون: خيرالنساءِ جعفري

02 August, 2019

خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري
هڪڙي هئي خيرو!
جامي چانڊيو
زندگيءَ ۾ اڳتي نهارجي ٿو ته وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته اوسيئڙو ۽ انتظار ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پل يا حادثو، ڪا پوئتي رهجي ويل سار، ڪي اَڌ ۾ رهجي ويل ماضيءَ جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءَ ۾ چُهنڊي پائي زندگيءَ ۾ پٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن نڪريو وڃي، مارِ! زندگي ته بس ڪجهه يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، حسرتن ۽ اَڌ ۾ رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن اڄاتل بيوسيءَ ۽ اداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي حياتي بس ڪجهه پاڻمرادو کنيل ٻرانگهون ئي ته آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خواب جيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. خوشين کانسواءِ ڪهڙو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بي پرواهه جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻرانگهه ۾ ماڻهو پيريءَ کان ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي بي پرواهه ۽ سراپا اتساهه هوندي آهي ۽ پيريءَ ۾ بس هڪ بارُ!


اکيون ٻوٽي تصور جي اکين سان پٺتي نهاري زندگيءَ ۾ وڇڙي ويل پيارن ماڻهن کي ساريان ٿو ته روح مان سَٽَ اُڀريو وڃي. دل نه ٿي مڃي ته سنڌ جي سدا ملوڪ ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا خيرالنساءِ جعفريءَ ۽ منهنجي آپا خيروءَ کي وئي ڀريا چوڏهن سال ٿي ويا آهن. ويساهه ئي نه آيو. فون ڪري آپا خيروءَ جي ڌيءَ صائمه کان پڇيم ته؛ هن به تصديق ڪئي ته کيس وئي چوڏهن سال ٿي ويا آهن. زندگيءَ ۾ انيڪ ماڻهو گڏيا، ڪيترن سان زندگي گڏ گذري، هر رنگ ۽ ڍنگ جا ماڻهو زندگيءَ ۾ آيا ۽ ويا. پر خيرو سنڌ ته ڇا هن ڪائنات ۾ هڪ ئي هئي. خيرو ڪير سڏائي! آپا خيرالنساءِ جعفريءَ سان منهنجون ٻٽيهه نه، پر ٻٽيهه هزار دليون هيون. هن جون به مون سان جيءَ جون جڙيون هيون. خيرالنساءِ جعفري، هونئن ته سندس سڃاڻپ لاءِ اهو نالو ئي ڪافي آهي، ڀلا سنڌ ۾ ڪير نه سڃاڻي ”تخليق جو موت“، ”69،68،67“ ۽ ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ جهڙين منفرد سنڌي ڪهاڻين جي بي باڪ ليکڪا کي؟ ڪو وقت هو جڏهن حيدرآباد جي هر ادبي محفل هن کانسواءِ ٻُسي هوندي هئي، يا ڪنهن به ادبي فنڪشن جي ڪاميابيءَ لاءِ اهو ئي ڪافي هوندو هو ته ان جي دعوت نامي تي خيرالنساءِ جعفريءَ جو نالو هجي. هوءَ جڏهن ادبي محفلن ۾ تقريرون ڪندي هئي ته هال سندس ٻڌندڙن جي بي اختيار ٽهڪن سان گوجندا هئا ۽ اوچتو کلائيندي کلائيندي هوءَ ڪا اهڙي چُڀندڙ ۽ دل کي ڇهندڙ ڳالهه ڪري ويندي هئي جو ماڻهو سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو ته هوءَ ڇا ڇا نه چئي وئي! گهڻن جيان مان به کيس خيرو سڏيندو هوس ۽ نصير مرزا کان وٺي ٽنڊي ولي محمد جا موالي کيس ”ادي گُڏي“ سڏيندا هئا. هوءَ حيدرآباد ۾ مون لاءِ ڄڻ ته سڀ ڪجهه هئي، هڪ رازدان دوست، بنهه حجائتي سهيلي ۽ ماءُ جهڙي مهربان.
عبدالقادر جوڻيجي صحيح چيو آهي ته ”گڏي، خيرو ۽ خير النساءِ جعفري هڪڙو ماڻهو، هڪڙو روپ، ٽي نالا، جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، انهيءَ کڻي اهڙو نالو رکيو هوندس“. هونئن ته ماڻهن جي سوچ، زندگيءَ ۽ ڪردار تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، پر اسان جي خيرو بيان ڪرڻ کان زور آهي. هن جي شخصيت ۽ سڀاءَ جو پنهنجو هڪ تکو مِٺو ذائقو هو، جنهن کي شايد لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهجي. هڪ وجود ۾ سندس انيڪ روپ هئا ۽ سندس هر روپ هڪ ٻئي کان وڌيڪ نرالو، تخليقي ۽ عجيب هو. ڪيئن چئجي ته سندس شخصيت جو ڪهڙو روپ وڌيڪ حسين هو. زنده دل، بي ريا، ٺهه پهه منهن تي چئي ڏيڻ واري، ٺهي آيس ته وَسَ پڳي جملن جا طنز ڀريا تير هڻڻ کان مڙندي ڪو نه ۽ جي پاڻ کي لڳس ته ڌَڪُ دشمن جو به نه وڃائيندي، واهه جو ڀِير تي ڏونڪو هڻي مڃيندي پر وير وري اهڙو وٺندي (هن جو وير به سندس جيان بنهه معصوم هوندو هو) جو اڳئين کي ڀل ته ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي. ڏسڻ ۾ بنهه سادي، رڌڻي ۾ صندليءَ تي ويهي ماني پچائيندي ته لڳندو هو ڪا ڳوٺاڻي سگهڙ زال هجي، جنهن زندگيءَ ۾ ڪو هڪ اکر به ناهي پڙهيو. خيرو لکي يا ڳالهائي ته اهو ڏانءُ ڪو کانئس سکي. زندگيءَ ۾ تمام ٿورو لکيائين، پر سنڌي ادب ۾ پنهنجو اهو مقام ٺاهي وئي جو سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ سندس ذڪر کانسواءِ سدائين اڻپوري رهندي. نفسيات جي استاد هئي پر زندگيءَ جي هڪ موڙ تي پاڻ به چريائپ جو شڪار ٿي. هيءَ اُها چريائپ هئي، جيڪا دل جي بادشاهه نما فقيرن جي ڪُڻي ۾ نڪرندي آهي. هوءَ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي هڪ درويش صفت انسان هئي.
هي سماجي وهنوار، جتي ماڻهو هر ڏينهن ڇا، هر گهڙي ٻين سان ته ٺهيو پر پاڻ سان وڙهندو وتي، ٻهروپي ڪندو پنهنجي اردگرد خوشفهمين ۽ خود فريبين جا ڄارَ اُڻندو وتي ۽ پوءِ پنهنجي ئي اڻيل ڄارَ مان نڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندو وتي، پر خيرو جهڙي اندر تهڙي ٻاهر. هوءَ اهڙي مِٽيءَ مان ڳوهيل هئي جو ڪنهن سان به ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکو جي چاهي به ها ته نه ڪري سگهي ها، جو ان تي سندس ڪو وَسُ نه هو. عبدالقادر جوڻيجي هن بابت لکيو آهي ته، ”خيرو جهڙي دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي.“ مان ڀاڳ وارو هوس جو هوءَ منهنجي دل گهري دوست هئي. مان جي حيدرآباد ۾ هوندو هوس ته ٻئي ٽئين ڏينهن هن سان ضرور ملاقات ٿيندي هئي. پر جي وچ ۾ ڪا وٿي پئجي وڃي ته پوءِ سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺي گاريون ڏيندي هئي (گاريون ڏيڻ آپا جو محبوب مشغلو هوندو هو) ۽ سندس ڌيءَ صائمه کي چوندي هئي، ”اِهو مُئو جامي الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، هاڻي اچي ته ساڻس جُٺِ ڪبي.“ وري جي مان اچي نڪرندس ته ڏاڪڻ جي کڙڪي مان ئي سمجهي ويندي هئي ۽ سموري ڪاوڙ گم، ويهڻ شرط پڇندي ”چانهن ڪهڙي پيئندين؟“ ڳاڙهي يا کير واري؟ وري چانهه کڻي ايندي ته چوندي ”ڀلا اڄ ڏينهن جو ڇا کاڌئي؟“ آپا خيرو، کائڻ جي بلا جي شوقين هئي ته کارائڻ جي به. ڇا ته کاڌا ٺاهيندي هئي، جهينگن جو سنڌي پلاءُ، سيهيل پلاءُ، پلي جون تريل آنيون، ٻاڪري مغز جا چهرا پڪوڙا، بادامن ۽ پستن ۾ ٺهيل ڪڪڙن جون ڪڙهايون ۽ ٻيو الائجي ته ڇا ڇا؟ سندس والد جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار رهيو، سو به کائڻ جو بلا جو شوقين هو. مجال آهي جو بمبئي بيڪريءَ کانسواءِ ڪو بسڪيٽ يا ڪيڪ کائي.
ٽنڊي ولي محمد ۾ سندس گهر ”شيرين ڪارنر“ گُڏي-گُڏيءَ (سندس ڀاءُ کي به گڏو چوندا هئا) جو اباڻو گهر ئي نه، پر حيدرآباد جو هڪ جهان هو. مهمانن کي ماني ۽ چانهه ملندي، دوستن کي گاريون، پاڙي وارين ماين کي سفيد پَنَ جون ٻيڙيون ۽ پاڙي جي ڪُتن کي تئي تان لٿل گرم گرم مانيون ملنديون هيون. مانيءَ جو وقت ٿيو ناهي، پاڙي جا ڪُتا ”شيرين ڪارنر“ جي ڏاڪڻين جي اوٽ ۾ اچي ويهي رهندا، جو کين خبر هئي ته اهو خيروءَ جو گهر آهي، جتان ٻيو ته ٺهيو پر ڪتن لاءِ به سکڻو موٽڻ خيروءَ لاءِ عيب هو. زندگيءَ جي مادي حقيقتن کان بنهه پري، نه شهرت جي بُک نه پئسن ميڙڻ جي هٻڇ، نه وڏائي نه هَٺُ، اصل ملنگ مست. ڪُرسي گهر جي هجي يا آفيس جي، هن لاءِ عذاب هوندي هئي. پنهنجي گهر ۾ پينگهي ۾ ويهندي هئي يا آڳر ۾ رکيل صندليءَ تي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي پروفيسر هئي. جڏهن کيس ڊپارٽمينٽ جو چيئرپرسن مقرر ڪيائون ته عذاب ۾ هئي، جيسين عهدي تان استعيفيٰ نه ڏنائين، سُک جو ساهه نه کنيائين. ماڻهو ڪرسين خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ هوءَ هئي جو ڪرسي هن لاءِ عذاب هئي. پنهنجي گهر ۾ هن کي صائمه کان پوءِ ڪاٺ جي صندلي ۽ اُها دٻلي پياري هوندي هئي، جنهن ۾ ڳاڙهي چانهه ۾ وجهڻ لاءِ ايراني يا اٽليءَ جو زعفران پيل هوندو هوس.
آپا خيروءَ کي ننڍپڻ ۾ گُڏي چوندا هئا، جو هن جو اندر، زندگيءَ جي آخري پل تائين واقعي به ڪنهن گُڏيءَ جهڙو هو. خيرو، معنيٰ زندگيءَ ۾ وڏن مسئلن کي ليکيندي ڪو نه ۽ ننڍڙن مسئلن لاءِ سخت پريشان ٿي ويندي. اصل زندگي حرام هوندس، ٻارن جيان ننڍڙين ڳالهين تان خوش ٿي ويندي، ڪو دوستيءَ ۾ دغا ڪري ويس ته درگذر ڪري ڇڏيندي. حضور شرميءَ کان اڳئين کي نه چئي سگهندي ته پنهنجي منهن ويٺي ان تي عجب کائيندي يا صائمه ۽ منهنجي سامهون کين دل کولي گاريون ڏيندي ۽ پوءِ وري اهڙي هلڪي ٿي ويندي، ڄڻ ته اهي گاريون هن نه پر ڪنهن ٻئي ئي ڏنيون. ڀلا هوندو ڪو دنيا ۾ اهڙو! جتي آپا خيروءَ جون محبتون غير مشروط هيون، اُتي سندس جهيڙا به عالم آشڪار هئا. خيروءَ سان سنگت ۽ ساڻس جهيڙو نه ٿئي. اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ کوڙو ئي نٿو لڳي! جتي محبتون ڏيڻ ۾ حاتم طائي هئي، اُتي جهيڙي ۾ به هن جو ”زيب داستان“ ۽ افسانوي انداز ڏسڻ وٽان هوندو هو. اڳئين جون جملي بازيءَ سان کلون لاهي، سندس کيسي ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. ڊڄڻي اهڙي جهڙي سهي جي کَلَ، اصل جهرڪيءَ کان به هيڻي ۽ جي خيرو پنهنجيءَ تي اچي ته پوءِ خبر ناهي انهيءَ سهي جي کل ۾ اُها سگهه ڪٿان اچي ويندي هئي. خيرو پنهنجيءَ تي اچي ته سمنڊ پار ڪري ويندي ۽ جي اَٽڪي بيهي رهي ته سندس لاءِ ڪَکُ به ڳرو. پر سندس هر انداز ۾ هڪ-جهڙائپ هئي ۽ اُها ھئي سندس معصوميت. هن پنهنجي اندر جي ٻار کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏنو. هن جي کِلَ، روئڻ، رُسڻ، پرچڻ، خوش فهميون، مايوسيون، دلاسا ۽ شرارتون، سڀ ٻارن جيان ئي ته هيون ۽ جيڪو ماڻهو اهڙو معصوم هجي، ان جي دل ۾ ڪير ڪندو. هونئن ته ساڻس وابسته سوين ڇا هزارين واقعا آهن پر هڪ واقعو مون کان نه وسرندو آهي. مان هڪ ڀيري پنهنجي دوست ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي وٽس سنڌ يونيورسٽيءَ واري گهر تي وٺي ويس. ڀانيان ٿو منهنجو فلسفي دوست جاويد ڀٽو به اسان سان گڏ هو. ان ملاقات جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو دل جي دوري ۾ گذاري ويو. خيرو مون سان سخت ناراض ٿي ته جڏهن محبت کي جلد ئي مري وڃڻو هو ته پوءِ مون کيس ساڻس ڇو ملايو؟ محبت جو بي وقتائتو موت کانئس آخر تائين نه جو نه وِسريو. ايتري حساس هئي ان ڪري ئي سندس دوست ڪي گهڻا نه هئا. ڇاڪاڻ ته جنهن کي زندگيءَ ۾ دوست سمجهندي هئي، اهو/ اُها سندس ڪمزوري بڻجي ويندا هئا. ناتا وقتي طور ٽوڙيندي ٻارن وانگر هئي، پر نباهيندي عجيب انداز سان هئي، بلڪل هڪ مهربان ماءُ مثل!
آپا خيرالنساءِ جعفري گهڻو پڙهيل نه پر تمام گهڻو ڪڙهيل انسان هئي. هن زندگيءَ جي ڪتابن کي تجربن ۽ محسوسات جي اک سان پڙهيو هو. جيتوڻيڪ زندگيءَ ۾ گهڻو ۽ معياري پڙهڻ بيحد ضروري آهي. پر شايد گهڻو ڪڙهڻ ان کان به وڌيڪ اهم آهي. هوءَ سچ پچ هڪ ڪڙهيل انسان هئي. هن جتي زندگيءَ ۾ انيڪ محبتن کي ماڻيو، اتي زندگيءَ جي نٽهڻ اس جهڙين تکين حقيقتن ۽ بيرحمين کي پڻ ڀرپور ڀوڳيو. اهي حقيقتون ئي هيون، جيڪي کيس زندگيءَ جي هڪ موقعي تي چريائپ جي درجي تي پڻ وٺي ويون. آپا خيروءَ جا آخري ڏينهن گهڻو بيمارين ۽ اداسين ۾ گذريا. زندگي هن لاءِ ڄڻ ته بارُ ٿي پئي هئي. ويندي ويندي به پنهنجي زنده دلي نه ڇڏيائين. دنيا ۾ ڪو اهڙي وصيت ڪري سگهندو!
لکي وئي؛ ”مُئي کان پوءِ جيڪو به منهنجي قبر تي اچي ته خالي پنا، بال پينيون ۽ سفيد پَنَ جون ٻيڙيون کڻي اچي.“
خيرو سچ پچ به هڪ عجيب انسان هئي. ماڻهو نه هئي، ڄڻ سنڌي ادب ۾ دوستن لاءِ قدرت جو ڪو انعام هئي خيرو! هن جي لکيل ادب، ڏنل محبتن ۽ بي باڪ انوکي شخصيت کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. آپا خيرو!
“We miss you badly”



خيرالنساءِ جعفري
جيڪر ڪريان ريهه
شعبان وسطڙو
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا ماڻهو به اوپرا لڳندا اٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي ماڻهو اندر منجهه اوطاقون ڪري رهڻ لڳندا آهن، ڄڻ سالن کان انهن لاءِ سڪايل هجون، تڏهن اهڙن ماڻهن جو وجود بلڪل پنهنجو ڀاسندو آهي ائين جئين سڄڻ اوطاقون ڪري، تن سان جڏهن ملبو آهي تڏهن سوين زمانا پنهنجو ماضي ڀائنبو آهي ۽ ذهن تي اهي ماضيءَ جون يادون انڊلٺي رنگن جيان وکرجي وينديون آهن ۽ اهي انڊلٺي رنگ جهڙا سڄي وجود ۾ پيهي ويا هجن. اهي ماڻهو جن کي ڏسي من ۾ حق ۽ سچ جي صدا ٻرندي آهي، انهيءَ آسري ته شايد هن جي حصي مان ڪي سچ جون ڪڻيون اسان جي جهول ۾ به پون، اهڙا ماڻهو ارادن جا اٽل هوندا آهن، جيڪي ڪارونجهر جبل جيان ڪر کنيو ڪڏهن به نه ٿڪڻ جا وچن ڪندي آئيندي جي اميدن جا سندرا ٻڌيو بيٺا هوندا آهن. اهڙن اٽل ۽ مضبوط ارادن وارا ماڻهو، ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو جهڪي سلامي نه ڏيندا آهن، پر هو سوين سلاميون وٺندا آهن، اهڙن مجاهدن جي لسٽ ڏاڍي ننڍي هوندي آهي ڇوته هو سچ جي راهه جا راهي هوندا آهن، پر انهيءَ ننڍڙي صف ۾ هڪ مجاهدياڻي، امن، حق ۽ سچ جو علم کڙو ڪيو، سنڌي قوم جي حق ۽ سچ جي وائي ڳائيندي نظر ايندي آهي، انهيءَ مجاهدياڻي جي مک تي پوپٽن جا رنگ مون خود ڏٺا آهن، هن کي مون محبت ونڊيندي به ڏٺو آهي، جيڪا جهول ۾ کڻي هوءَ محبتي ماڻهن جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي ۽ مان به انهيءَ گس تان لنگهندي کانئس محبت جو ونڊ وٺي سگهيو آهيان، ونڊ وٺڻ کانپوءِ ائين لڳو ته هوءَ جهڙو ماڻهوءَ تي جادو ڪري، منڊي ڇڏيندي هجي ۽ ماڻهو جهڙو سندس مريد بنجيو پوي! اهو سندس محبتن ۽ قرب جو ڪمال آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته هوءَ شايد نفرتن جي پاڇن مان ڪڏهن گذري به نه آهي، محبت جي مشعل هٿ ۾ کڻندي اسان کي گس ڏسيندي آهي، حق ۽ سچ جو، ۽ اها نئين دڳ لائيندڙ سنڌي ادب جي پانڌياڻي ۽ اسان سڀني سنڌي ماڻهن جي لاڏلي، خيرالنساءِ جعفري آهي.
يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ دوران مون کي ائين لڳو ته هوءَ شاهه جي سورمي بنجي جبل جهاڳيندي هجي ۽ سچ به ته خيرالنساءَ سان جڏهن منهنجي ويجهڙائپ ٿي، تڏهن ائين لڳو ته هن به جهڙي سسئي واري ستي پيتي هجي! جو سور سندس سَنڌ سَنڌ  کي وڪوڙي ويا هجن پر پوءِ به هوءُ عورت هئڻ جي ناتي سان گڏوگڏ مڙسيءَ وارو اکر پاڻ سان رکندي هر معاملي کي منهن ڏيندي پئي آئي. ڪي دوست چوندا آهن ته خيرالنساءِ نڪ ۽ اک جي ڏاڍي پڪي آهي، پر مان چوندس ته نه، جيڪڏهن هوءَ نڪ ۽ اک جي پڪي هجي ها ته، نڪ تي نظر جو چشمو، اکين کي لڪائڻ لاءِ نه پائي ها، جن مان دکن جي لاٽ لڙندي مون خود ڏٺي، هوءَ ڏاڍي دلير ۽ بهادر هئڻ سان گڏ ڏاڍي حساس عورت به هئي، هن جي من ۾ ڪومل ۽ حسين جذبن واري هڪ دل به ڌڙڪندي هئي، تڏهن ته کيس دل جي بيماري اچي ورايو! هوءَ من جي ڏاڍي اجري ۽ صاف هئي، هن جو من شيشي جيان نازڪ هو، جيڪو ٿورڙي چوٽ لڳڻ سان پرزا پرزا ٿي ويندو هو ۽ خيرالنساءِ جي دل به ائين ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڏاڍاين جي ڪري چڪنا چور ٿي وئي. سنڌي قوم ته ازل کان وٺي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي گهاڻي ۾ پسجيندي رهي آهي، پر ڪو به ڪم جڏهن دهرائبو آهي، پوءِ اهو ۲۰ سيپٽمبر هجي يا ٺوڙهيءَ جو ڪربلائي سانحو يا سنڌ ٻرندي هجي ۽ اها باهه ڏامر يا ٽائرن وانگي اندر جي آگ بنجي جوالا ڏيندي هجي، تڏهن سچ به مون کي خيرالنساءِ ڪاري ويس ۾ ڀنل نيڻن سان مرثيه چوندي نظر آئي ۽ سندس ڀرپاسي ۾ ويٺل جو به جيءَ جهري پوندو هو.
حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن جي خون سان هولي کيڏي ويئي ۽ اهو سلسلو ڪافي وقت جاري رهيو، سنڌي ماڻهن کي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو، سنڌي ماڻهن کان اباڻا اجها کسيا ويا، سڄي حيدرآباد بارودي ڌپ ۽ سنڌي ماڻهن جي خون سان واسيل هئي، تڏهن فون تي منهنجو ساڻس ڳالهائڻ ٿيو هو، پاڻ چيو هئائين، “شعبان! هي سڀ ڪجهه منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي، مان اڳيئي دل جي ڪمزور......!!” لفظ سندس ڳلي ۾ گهٽجي پيا هئا، جهڙا برف جا ڳنڍا هجن! ۽ پوءِ آواز آيو، صرف فون جي رسيور رکڻ جو...! ۽ پوءِ حيدرآباد جون حالتون نهايت ئي خراب ٿي ويون هيون، تڏهن خبر پئي هئي ته اسان جي هيڏن اٽل ارادن ۽ مضبوط خيالن واري ڀيڻ حساس دل هئڻ جي ناتي سان، وڃي ديوان مشتاق جي حاضري ڀري، مون کي جڏهن اها خبر پئي ته مان سندس خير و عافيت پڇڻ لاءِ وڃي حاضر ٿيس، سڄي جسم تي اي سي جي جون تارون لڳل هئس، تنهن هوندي به مون کي ڏسي هلڪي مرڪ ڇائنجي وئي هيس چهري تي، پر اها مرڪ شايد منهنجي دل کي خوش رکڻ لاءِ هئي ته جيئن مان محسوس ڪري سگهان ته ادي خيرو دل وڃائي به دل جي وارڊ ۾ خوش هئي! پر پوءِ ڄاڻ پئجي ويئي ته هوءَ ڏاڍي منجهيل هئي، ان جي لاءِ نه ته هوءَ دل جي ڳولا لاءِ هتي پهتي هئي ۽ اڃان به سندس دل کيس صحيح سلامت نه ملي هئي پر ان لاءِ ته ٿڌو ساهه کڻندي مون ڏانهن نهاريندي چيائين ”شعبان!... ڪيستائين.... اهي ظالم ائين سنڌي ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريندا رهندا؟“ تڏهن مان سندس سموري دل جي راز کي پروڙي ورتو ۽ جلديءَ ۾ ڳالهه مٽائيندي چيو هيومانس ”ڪڏهن ٿا اسپتال مان گهر شفٽ ٿيو؟“  
مان اها ڳالهه ڪري ته ويٺس پر ڏٺم ته هوءَ به زمانن جي ماڻهو آهي، سڄي ڳالهه کي سمجهي وئي، تنهن هوندي به مرڪ مک تي آڻيندي چيائين، ”منهنجي دل بهلائڻ جي ڪوشش نه ڪر، مان مران ڪانه ٿي، پر اندر جهڙو پروڻ ٿيو پيو آهي، رڳي اوهان جهڙن نوجوانن جي حوصلي ۽ قرب جي ڪري اڃان به ڪي دم آهن، جنهن ڪري وقت ڪٽجي پيو، ”مان اهڙيءَ حالت ۾ سندس حوصلو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ اڃا جيتر چوڻ لاءِ ٻيو ڪجهه سوچيان، تيستائين پاڻ چيائين ”شعبان! تو کي ڪيئن خبر پئي منهنجي هتي اچڻ جي؟“
چيومانس، ”گهر فون ڪئي هيم، تڏهن خبر پئي ته دل جي درد توهان کي ديوان مشتاق اچي رسايو آهي.“ پڇيومانس ته ”ڏيو خبر ڪهڙا ڪهڙا ادب دوست پڇڻ آيوَ؟ ڪجهه نالا کنيائين، پر ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين، ”هڪ ادبي ساٿياڻي آئي هئي، پر اندر ۾ ڏنڀ ڏئي وئي آهي.“ ڪجهه وقت خاموش رهي ڇت ڏانهن گهوريندي چيائين ته انهيءِ سانئيڻ مون کي چيو، ”خيرو توکي ٻاهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪريان؟“ چيومانس ته ايتري هلندي پڄندي اٿئي ڇا چيائين، ”تون رڳو ها ڪر.“ مان چپ ٿي ويس منهنجي چپ جو فائدو وٺندي ڪافي وڌاءُ واريون ڳالهيون ڪندي رهي، تنهن تي مون چيس ته سامهون ابراهيم منشي دل جي تڪليف ۾ اچي هتي پهتو آهي، هن کان پڇيو اٿئي؟ اڻ ڄاڻائي ۾ لاتعلقيءَ واري خيال سان چيائين ”ڪهڙو ابراهيم منشي؟“ چيومانس ته جيڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ دکن جا دور آلاپيندو آهي ۽ هن وقت به سنڌي قوم تي ٿيندڙ ستم ظريفي نه سهندي، دل وڃائي اچي هتي پهتو آهي، چيائين ”اڇا، ادا ابراهيم! ها ملانس ٿي.“ پر خبر اٿئي! اها مهان ليکڪا ابراهيم منشيءَ سان ملڻ ته ٺهيو پر مون وٽ وري نه آئي! خيرالنساءِ اها ڳالهه ٻڌائي مون کي دکي ڪري وڌو، پر ڏٺومانس ته سندس نيڻ به ڀنل هئا.
خيرالنساءِ جعفري کي سخاوت ڪندي فقير لڏي جيان اکين ۾ ٽمندڙ رت واري قومپرستيءَ واري روپ ۾ مون به ڏٺو آهي، نسلي جهيڙن ۾ سنڌي ماڻهن جا لاش، جڏهن سنڌ جي هڪ هڪ ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا هئا، تڏهن هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ ڪارو ويس پائي اچڻ لڳي، انهن سنڌي ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جو ڏک سندس اندر مان ليڪا پائيندي نظر اچڻ لڳو.
حق ۽ سچ جي ڳالهه جڏهن سامهون اچي ٿي ته وڏي واڪي چئي سگهان ٿو ته سنڌي ادب ۾ ههڙي بيباڪ، سگهاري، اٽل ۽ اڏول جذبن واري ليکڪا خيرالنساءِ جعفري کانسواءِ مون کي نه سُجهي، انهن سمورين ڳالهين جو ثبوت، سندس مڙني ادبي ڪارنامن جي لکيل ڪتاب، ”منهنجو تخليقي سفر“ منجهه بلڪل ظاهر آهي بقول سندس، ته مون ته اڃان ڪجهه لکيو ئي ناهي، لفظ منهنجي ڳلي ۾ برف جي ڳنڍن جيان ڦاٿا پيا آهن.
خيرالنساءِ جعفري الائي ڇو مون کي مولا علي جي قدمن جي اها فقيرياڻي لڳندي هئي، جنهن کان مان ناد علي وٺي چانديءَ ۾ پورائي، تعويذ ٺاهي لڱائي چڱائي کان ڳلي ۾ وجهي گهمندو رهيس، ڇو ته ناد علي جي شان ۽ ان جي اهميت کان آئون واقف آهيان ۽ منهنجو ڪامل يقين آهي ته علي سائين ۾ منهنجو ايڏو ته ويساهه آهي ۽ گڏي خيروءَ کي سنڌي ادب جي فقيرياڻي سمجهي مان به پنهنجي هٿن منجهه شڪتي پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙِ دعا وٺندو رهيس ۽ هوءَ جڏهن مون کي دعائون ڏيندي هئي ته سچ به ته مان کيس پنهنجي آڏو مٺڙي امڙ جي روپ ۾ ڏسندو هئس، جا هر پل ۽ هر وقت مون کي دعائون ڏيندي هئي ۽ ڦيڻا پڙهي شوڪاريندي هئي.




آپا خيرالنساءِ جعفري
ڪڏهن به نه وسرندڙ شخصيت
مرتضيٰ سيال
ڪالھ مون عبدالقادر جوڻيجي جو خيرالنساءِ جعفري تي لکيل خاڪو پڙهيو، عبدالقادر جو انداز ۽ اسلوب ته منفرد آهي ئي پر آپا خيرو جو به ڪو جواب نه هو. ڪالھ کان وٺي مون کي آپا خيرو جون تمام گهڻيون ڳالهيون ياد اينديون رهيون آهن.
شروعاتي دور ۾ ته هوءَ حيدرآباد شهر ۾ رهي پر آخري وقت ۾ پنهنجي ڄامشوري واري گهر ۾ اچي رهي، سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ آئون پنهنجي فيملي سميت اڪثر ڪري آپا سان ملڻ ويندو هوس، سندس ڪچهري ۽ ڳالهيون وسرڻ جهڙيون آهن ئي ڪون.
عبدالقادر سورهن آنا سچ چيو آهي ته:
"خيروءَ جهڙو دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، خيروءَ جهڙو دشمن به دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. گهڻگهرائي ۾ سر ڪپي وڃ، ٻڙڪ ڪا نه ڪڍندي. ڏک سُک ۾ ٻئي ڪُلها وهي ويندي. ڦاٽل دل جي مالڪ آهي، سو به اهڙي دنيا ۾ جتي دلين جا دروازا نه رڳو بند هوندا آهن پر مٿن پنج شيرا ڪُلف به لڳل هوندا آهن. خلوص خرچ ڪرڻ وقت ٻئي هٿ کُليل هوندا اٿس. روايتي سخين وانگر هٿ لڪائي خلوص خرچ ڪو نه ڪري. جيڪا چُلھ تي سا دل تي، ڳالھ ڪبي ته کُلي ڪبي ۽ صاف صاف ڪبي ڪنهن کي وڻي نه وڻي، اُن ۾ خيروءَ جو نڪو اڌ نڪو ٽين پتي"
عبدالقادر جو پنهنجو الڳ انداز هو لکڻ جو، سندس ڪتاب ۱۹۷۹ جو شايع ٿيل آهي جنهن ۾ اهو خاڪو به شامل آهي، ممڪن آهي اهو خاڪو ان کان به ڪافي اڳ جو لکيل هُجي.
آپا خيرو جو ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا طور سنڌي ادب جي عورت ليکڪائن ۾ الڳ حيثيت هُئي پر شخصي حوالي کان به ڏاڍي نيڪ نيت، سڌي ڳالھ ڪندڙ، ٻيائيءَ کان سئو ڪوه پري رهندڙ، همدرد ۽ حساس دل رکندڙ انسان هُئي. جيڪو دل ۾ هوندو هيس زبان تي به اهو ئي هوندو هوس، جنهن کي جيڪو چوڻو هوندو هوس سو منهن تي وڏي واڪ چئي ڇڏيندي هئي، دل ۾ بلڪل نه رکندي هُئي. آپا خيروءَ لکندي ۽ ان جون ڳالهيون ياد ڪندي اڄ مون لاءِ سچ پچ ته لفظن جي چونڊ ڏکي ٿي پئي آهي. آپا زماني ۽ زندگيءَ جون سڀ تلخيون ڀوڳڻ جي باوجود ڪڏهن به انهن ڀوڳنائن جو ذڪر نه ڪندي هُئي، آپا جي گهٽ ماڻهن سان لڳندي هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ رک رکاءُ مان نه ڄاڻندي هُئي نه ئي ڪنهن جي ڪا پرواھ هوندي هيس، جنهن سان لڳندي هيس ان تي ساه صدقو ڪرڻ لاءِ به تيار هوندي هئي، زندگيءَ جون لاتعداد سختيون ڏسڻ جي باوجود پاڻ ڏاڍي نرم دل واري هئي. آپا جي گهر ويندا هئاسين ۽ ساڻس ڪچهري ۾ ويهندا هئاسين ته هن کان موڪلائڻ تي دل نه چاهيندي هئي. سوسائٽي مان سندس گهر وٽان لنگهندي سدائين آپا خيروءَ کي ياد ڪندو آهيان، سندس ان گهر ۾ هاڻي اسڪول آهي پر مون کي اهو گهر سدائين آپا خيروءَ جي ياد تازي ڪرائيندو آهي.



خيرالنساءِ جعفري

ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار

رضوان گل

سنڌي ڪهاڻيءَ جي عورت ليکڪائن جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو، اُتي خيرالنساءِ جعفري جو نالو نهايت اهميت وارو هوندو، ڇا لاءِ ته خيرالنساءِ هڪ اهڙي حقيقت پسند ڪهاڻيڪاره هئي جنهن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سوچ ۽ فڪر جا نوان دڳ ڏنا. جيئن سندس ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن تيئن اسلوب ۽ فن به ٻين ڪهاڻيڪارن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس شمار سنڌي جي بهترين ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو.

خيرالنساءِ جعفري، جنهن کي پيار مان ”خيرو“ ۽ ”گُڏي“ جي نالن سان به پُڪاريو ويندو هو، ۷ اگسٽ ۱۹۴۷ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سن ۱۹۷۰ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. باضابطا لکڻ جي شروعات ۱۹۷۴ ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ ۾ ئي ”سوجھرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. خيرالنساء جي لکڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ موجود آهن، جن ذريعي هن سماجي اڻ برابرين ۽ بُراين جو ذڪر جاندار انداز ۾ خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ٿو. هن هندوستان ياترا کان واپس ٿي هڪ سفرنامو به لکيو جنهن ۾ پنهنجي وطن جي سِڪ ۽ محبت جو ڏاڍن نفيس احساسن ۾ اظهار ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ٻارڙن جي نفسيات بابت لکيل سندس مضمون تمام ڪارائتا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس سبجيڪٽ ئي نفسيات هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين ۾ به داخلي احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ججھي انداز ۾ ٿيل آهي. انهيءَ حوالي سان هن ادب جي نفسياتي لاڙن وارين تحريرن جو اضافو ڪيو.

خيرالنساءِ ۱۹۷۴ کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري ۱۹۷۸ ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن، جن کان ٺيٺ سنڌيءَ جا تُز محاورا به چوَرايا اٿائين، جيڪا سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي آهي. خيرو جي ڪهاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي يا غير ضروري محسوس نه ٿيندو. جملا جيءُ جھنجھوڙيندڙ، ٻولي دلڪش ۽ منظر ڪشي لاجواب. هن جي تحرير ۾ گرفت ايتري جو پهرين سِٽَ پڙهڻ کان پوءِ سڄي ڪهاڻي پڙهڻ بعد ئي اُٿجي.

خيرالنساء جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تمام گھڻيون مقبول ٿيون. عبدالقادر جوڻيجو سندس ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”خيرالنساء ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. هن اهڙا ئي ڪردار کنيا آهن جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گھاٽو تعلق رکن ٿا.“

خيرالنساءِ پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت اندز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجھي سگھي ٿو. مثال ان ڪهاڻيءَ جون هي سِٽون پڙهي ڏسو:

”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارين تان سج صدين کان لنگھڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذرڻو ئي ناهي. هروقت رات ئي رات سان رُسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏي، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اُتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگھجي ٿو.“

ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي، جنهن جي جملن جي جوڙجڪ ۽ اڻت پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار عزيز هڪ آزاد خيال من موجي ماڻهو آهي، جيڪو رهندو ته هاسٽل ۾ آهي پر اڪثر و بيشتر پنهنجي ڀيڻ جي گھر حيدرآباد ۾ به رهي پوي ٿو، جتي سندس هم عمر ڀاڻيجيءَ سان جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي.

ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ جذبن جا عڪس ايڏا ته دل کي ڇُهندڙ آهن جو پڙهندي پڙهندي انهن لفظن جو مٺاج مَن کي سڪون بخشي ٿو. درد جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جا احساس علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو وٽس خاص ڏانءُ آهي، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.

”تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ٻه ڪُنڊون هئاسين، جن جا رُخ ازل کان جُدا، تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگھندو وئين. زندگيءَ جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي بي فڪر ٿي روم هليو وئين، جيئن ڀانيئه تيئن ڪيئه، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا، تو آڏو زندگيءَ جو ساز رُڳو موج ۽ مستيءَ جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساھ ڀانيئه، شايد اعتماد جي اها گھڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.“

خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“ ۱۹۹۲ ۾ سنڌيڪا پاران ڇاپيو ويو، جنهن ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”تخليق جو موت“ کان علاوه ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو.


 

خيرالنساءِ جعفري

گڏي، خيرو، خيرالنساءِ جعفري

عبدالقادر جوڻيجو

گڏي، خيرو، خيرالنساءِ. هڪ ماڻهو، ٽي نالا. جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي، انهيءَ اهڙو کڻي نالو رکيس. اک اک جو ڦير آهي، سوچ سوچ جو تفاوت آهي. نه ته خيرالنساءِ آهي ته هڪڙي ئِي روپ رنگ جي مالڪ. وقت جي نزاڪت کي اک ۾رکي، پنهنجو روپ ڪو نه بدلائي. جهڙي پر پٺ، اهڙي منهن تي.

منهن تي جيڪڏهن شينهن شير خدا جو سڏائي ته پر پٺ گدڙ وارا ڪم ڪونه ڪندي. ان ڪري مڙس ماڻهو هئڻ باوجود، شير دي بچي چورائڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي اٿس. جيتوڻيڪ انهن رسمن جو ڪاروبار، ادبي دنيا ۾ چوٽ تي چڙهيل آهي. بقول هڪ دوست جي؛ ”جنهن وچولي طبقي مان خيرو، کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتي آهي، اتي ماسڪ  سان مارڪيٽ ڀريا پيا آهن. جيڪو کپئي سو کڻي منهن تي چاڙھ!“

ننڍپڻ لاء سندس نالي گڏي رکڻ وارو ڪو مستقبل جو نجومي ٿو نظر اچي. معاملو ڪيترو به ڦاٿل هجي، ان ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪيترا به ويجها هوندس، پر سندس منهن تي اهڙي ته معصوميت سادگي ۽ لاتعلقي ڇانيل هوندي جو کيس بي اختيار گڏي چوڻ تي دل چاهيندي. پوءِ چوڻ واري جي عمر ڇا به هجي. مون کي ته شڪ آهي ته سڀاڻ جيڪو اولاد ٿيندس، اهو به کيس امان جي بدران گڏي نه چوي.

قد بت ۽ ڪپڙن ۾ به گڏي پئي لڳندي آهي. ڪنهن ڳالهه پئي ڪئي ته شاديءَ وقت، جڏهن کيس سينگاري سندس سهيلين سهرا پئي ڳايا ته انهن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو، جڏهن گڏيون پرڻائينديون هيون.

آرٽس فئڪلٽي ۾ ڪير ڪنهن کي سڃاڻي نه سڃاڻي، گهڻي خلق خدا جي ڪاريِڊور پيئي ڪڇي، پر جڏهن خيرو، ليلا ۽ تنو جو قافلو، ليڊيز روم مان نڪري، ڪاريڊار جي فرش تي پير ڌريندو آهي ته فرش وڄڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ڪڪريون اڏامنديون آهن.

ڪٿي ڪنڌ جي لوڏ، ڪٿي مٺا اکر، ڪٿي ڪڙا، ڪٿي ٿڪ بجو. کين پري کان ايندو ڏسي، ڪي ڌريون اٺ پکي وانگر واري ۾ مٿو لڪائينديون آهن. ليلا سان ته هڻي کڻي منهن ڏيئي وڃي پر خيرو، منهن جا ته ٻئي هٿ ڪنن تي آهن، مجال آهي جو خيروءَ جو جملو گسي. زبان جي ملهه جو انگ انگ سجهيس. ڪهڙو حملو ڪهڙي هنڌ تي ڪجي. ان وقت معصوم گڏي الائي ڪيڏانهن پر ڪري اڏامي ويندي آهي.

خيروءَ جهڙو دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل، خيروءَ جهڙو دشمن دنيا ۾ ملڻ مشڪل. ڏک سک ۾، ٻيئي ڪلها وهي ويندي. ڦاٽل دل جي مالڪ آهي، سو به اهڙي دنيا ۾ جتي دلين کي پنج سيرا ڪلف چڙهيل آهن. خلوص خرچ ڪرڻ وقت به ٻيئي هٿ کليل هوندا اٿس. جيڪا چلهه تي سا دل تي. صاف صاف ڪنهن کي وڻي نه وڻي، تنهن ۾ خيرو جو نه اڌ نه پتي.

خيرو دشمني جي فن کان به چڱي طرح واقف آهي دشمني کي هڪڙي ئي ڌڪ ۾ ڇڏائي ڇڏيندي آهي پوء جي رينگ رينگان مان نه ڄاڻي. ذاتي نقصان اصل نه ڏيندي. باقي زبان جي جهٽڪي سان ايترو گهرو گهاء ڏيئي ويندي جيڪو پوء ڏينهن تي وڃي ڇٽندو. منهن تي سچ چوڻ جي بندوق جي گهوڙي تي، هر وقت هٿ رکيو اٿس. نشانو ور چڙهي آيس ته گهوڙو دٻائيندي دير نه ڪندي آهي. بارود جي دونهين وچان، رڳو کنڀڙاٽيون اڏرنديون نّظر اينديون.

رسڻ پرچڻ ۾ خيرو ٻين اديبن وانگر آهي. ڪڏهن هاٿي مٿانس چڙهي وڃي ته ڪانه ڪڇندي، ڪڏهن ڀڻڪي تي ڳالهه وڃي ڏه سيڪڙو کان سو سيڪڙو تي پهچي ويندي. جڏهن سرچندي آهي ته سڀ پنا نه رڳو ڦاڙي ڇڏيندي آهي پر ساڙي ڇڏيندي آهي.

خيرو اٿڻ ويهڻ ۾ عورت بجاء مرد وڌيڪ لڳندي آهي. ڪهڙي به ڳالهه هجي ته ڪن لاٽار نه ڪندي، نڪو وٽي سٽي  عام ڇوڪرين وانگر. ذهني تحفظات، صفا ڪا نه رکي. سچ سان اک ملائيندي، اک ڇڀيندي ڪا نه. جنهن ماحول ۾ چانهن جو ڪوپ غنيمت آهي، اتي خيرو ماني کارائڻ لاء باقاعدي سازش سٽيندي آهي. اڄ نه سڀاڻ ڪو نه ڪو مهمان ڦاسي پوندو آهي. ماني کائي پوءِ هر وقت ان ڄار ۾ ڦاسڻ لاء واجهه وجهندو آهي.

هاڻ اچو خير النساءِ تي. گڏيءَ مان خيرالنساءِ ٿيڻ ۾ الائي ڪيترو وقت لڳو. پر ان لاڳيتي عمل جي رسي ۾ اهڙيون ڳنڍيون نه آهن جنهن جي نشاندهي ڪري سگهجي. پر خيرو ادب جي دنيا ۾ وڏي شان مان سان ڳائي وڄائي خيرالنساءِ ٿي ويئي آهي. سنڌي افساني جي ارتقا ۾ ماڻڪ جي نئين روپ ۾، مشتاق جي نالي کانپوءِ، ڪجهه وقت ماٺ اچي وئي هئي ۽ ڪو اهڙو نئون نالو ڏسڻ ۾ نٿي آيو، جنهن کي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳائي سگهجي. ڪهاڻي ۾ نيون فڪري راهون ڳولي لهڻ پنهنجي جاء تي، پر هڪ تازي تواني نالي جو وجود جيڪو هن پيڙهيءَ کي ڀليون ڪهاڻيون ڏيئي سگهي. وڏي خوشي جي ڳالهه آهي پوءِ چاهي کڻي ان ڪهاڻيڪارن جون فڪري راهون نه ڳولي لڌيون هجن پر سندس فن ۾ زندگي نواڻ ۽ مستقبل شيخيل آڱر هجي. سنڌي افساني جي اها ڪمي خيرالنساءِ جيتوڻيڪ ڪافي وقت کان ڪهاڻيون لکندي اچي. پر سندس تخليق جي موت ۾، سندس اندر ۾ ويٺل آرٽسٽ پڌرو ٿيو آهي. ان کانپوءِ حويلي کان هاسٽل تائين لکي اٿس، جيڪا ليکڪ جو نالي چٽن اکرن ۾ لکائي ڇڏي ٿي ۽ ايندڙ ادبي پيڙهين ۾ به ياد ڪئي ويندي.

خيرالنساءِ ڪهاڻي لکڻ وقت پنهن جي ماحول طبقي کي ۽ان طبقي جي بي پاڙي ڪردارن کي پاڻ سان سلهاڙيو اچي اهڙائي ڪردار کنيا اٿس جيڪي سندس اسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گهاٽو تعلق رکن ٿا نه ته شيرين ڪارنر ني ڪنهن ڪمري جي ٿڌي ڪنڊ ۾ ويهي هارين ناين جون ڳالهيون ڪيون اٿس ۽ نه وري ٽنڊي ولي محمد ۾ رهي ڪري جيٽ ايج جو ڀوت سوار ٿيو اٿس ۽ نه وري مغربي ادب جا چاليهارو سال اڳ ڦٽا ڪيل خيال ڊسٽ بن مان ڪڍي پنهن جي منهن تي ملي پنهن جو پاڻ زوري ماڊرن ازم جو شڪار بنايو اٿس ۽ پنهن جي اصلي شڪل ڦٽائي ويهي رهي آهي اها ئي سندس فن جي وڏي ۾ وڏي سچائي آهي ها البت ٻولي جي نڪته نگاه کان ڪن جڳهين تي مٿس اعتراض ڪري سگهجي ٿو جيڪو اڳتي هلي مسلسل لکڻ سان ختم ٿي سگهي ٿو

ڪهاڻي جي ڪردار کي جيئن به اهن جهڙا به آهن قبول ڪري پنهن  جو پاڻ کي انهن کان ڇني ڌار ڪري غير جانبدار ٿي انهن کي لکت جي سٽاء ۾ آڻي جي مڪتب فڪر ۾ اچڻ بدران خيرو پنهن جي ڪهاڻين جي ڪردارن سان نسبتًا وڌيڪ involve؛ ٿيل آهي هر ڪردار ۾ خيرو سڄي ساري ته نه پر سندس پاڇولا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ان ڪري کيس بنا شڪ شبهي جي.

جي مڪتبه فڪر ۾ڳڻائي سگهجي ٿو هت اهو به سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ٿيندڙ پرک ۾ فن جي جوڙ جڪ  جي مڪتبه فڪر جي نڪته نگاه کان تمام گهڻين ڪهاڻيڪان کي sure realistic؛ سمجهيو وڃي ٿو، حالانڪ ائين نه آهي. جمال ابڙو، غلام رباني ۽ منھنجي لاء اهو چيو وڃي ٿو ته؛ اهي شوئر ريئلسٽ آهن. حقيقت انهن ليکڪن جون ڪهاڻيون غور سان پڙهبيون ته ليکڪ جي ڪردارن

بهرحال خيرالنساءِ جو فني نڪته نگاه سان، ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق هجي، پر ڪهاڻي ڏانهن سندس سخت artistic approach هئڻ ڪري، سندس ڪهاڻيڪارن ۾ اوچو مقام آهي.


خير النساءِ جعفري

خيرو جي قلم جو ڪمال

ريحانا نظير

۲۱ هين صدي کي عورتن جي حقن جي صدي چيو وڃي ٿو، ڇو ته هن صدي ۾ سڄي دنيا اندر سجاڳي ۽ حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙ تحريڪن جنم ورتو. اڳتي هلي جيئن انسان صنعتي دور ۾ قدم رکيو، تيئن ئي سماجي ڀڃ ڊاھ نئين سر عمل ۾ آئي، جنهن مظلوم ۽ محڪوم طبقن کي ڀرپور پليٽ فارم مهيا ڪيو، عورتن به غلامي جا طوق لاهي ڦٽا ڪيا ۽ انهي شعوري ويڙھ ۾ شامل ٿيون. طبقاتي ماحول جي سوڙھ ۽ زندگي جي سکن کان ڌڪاڻيل هئڻ جي ڪري عورتن کي اهو مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته دنيا جي سمورن مظلوم طبقن ۾ عورتن جو ڪثير تعداد نظر اچي ٿو، جيڪي نه صرف مذهب پر رياست ۽ سماج جي ڏاڍ جو مسلسل شڪار رهيون آهن. ڪيئي سياسي تحريڪون هليون ۽ جاري آهن، پر پوءِ به اهي سڀ گڏجي به ان استحصال کي روڪي نه سگهيون آهن. جيستائين عورتون پاڻ اڳڀرائي ڪري اڳتي نه آيون، تيستائين اهي ويساھ گهاتيون جاري رهيون.

سنڌ ۾ سياسي توڙي سماجي تحريڪن جو فڪري پس منظر سنڌي ادب يا کڻي چئجي ته ترقي پسند ادب جي ذريعي تحرڪ ۾ آيو آهي ۽ جن عورتن ان ڏس ۾ نشانبر ٿي لکيو، انهن ۾ خير النساءِ جعفري جو پنهنجو نمايان مقام آهي. هي اهو وقت هو جڏهن اديب فرار پسند ۽ مايوس ادبي لاڙن کي ادب جو موضوع بڻائي لکي رهيا هئا، ان وقت ۾ خير النساءَ ترقي پسند رجحان ساڻ ڪري ادبي ميدان ۾ لٿي ۽ افساني ذريعي پنهنجو فڪر عام ماڻهن تائين پهچايو. سندس ڪهاڻيون ڀلي جمال ابڙي جي ڪهاڻين جيان تعداد ۾ گهٽ آهن، پر ادبي معيار ۾ ڪٿ ڪجي، ته جمال ابڙي وانگر خير النساءَ جون ڪهاڻيون به اسٽائيل، ٽيڪنڪ، فن ۽ موضوع ۾ جديد ڪهاڻين ۾ اعلى مقام رکن ٿيون، جن جا موضوع سماج سان لاڳاپيل، ڪردار سچا ۽ کرا، مقالما تکا ۽ تيز طنز سان ڀرپور نظر اچن ٿا. سندس هر افساني ۾ سندس سوچ جي پختگي ۽ زندگي جي تجربن جو باريڪ مشاهدو ۽ خيالن جي جدت ۽ وسعت گران قدر نظر اچي ٿي. هيٺ سندس مشهور ڪهاڻين جي ٽمورٽي “حويلي کان هاسٽل تائين”، “پيڙا جو پڙلاءُ” ۽ “تخليق جو موت” جو مختصر جائزو وٺون ٿا.

“حويلي کان هاسٽل تائين” ڪهاڻي سخت سماجي پابندين تي گهري چوٽ مثل آهي، جنهن جي هر هڪ سٽ ۾ حويلي جو درد ۽ دانهن سمايل آهي. مثال طور: “منهنجو اصل مسڪن منهنجي پراڻي پناھ گاھ حويلي، جنهن جي مقدس ڪنگرن تان سج ڪڏهوڪو لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. رات ويلا بين آرياڻين جيان ڪنهن بلائوزر کي ڀاڪر ۾ ڀري زندگي پئراميشم جيان پنهنجي ئي وجود جهڙي حصي سان لئي ۾ اچي لڙهڻ لڳندي آهي. انڌيرن جي خوف کان، ڪن بسترن جي ڀوءَ کان سماج، اتم پڻو ۽ ساداتي تقدس سڀ ساٿ ڇڏي پري هليا ويندا آهن. باک ڦٽڻ سان اهي نستا احساس لاشن سمان منهنجي ضمير کي ضربون هئڻ شروع ڪندا آهن، اهوئي ڪنهن اڻ ڏٺي پاپ ۽ پيڙا جو احساس، ڪنهن ڀڃ ڊاھ ۽ پڇتاءُ جي ڀوڳنا!! ڪنهن ڪاتب تقدير کان ڪا شڪايت ناهي، شايد اهو ئي اسان جو در ڀاڳ آهي”.

“تخليق جو موت” سندس ڪرداري افسانو آهي، جنهن کي پڙهندي مون کي عصمت جو لکيل پنهنجي ڀا جو خاڪو “دوزخي” ذهن تي تري اچي ٿو. الاءِ ڇو مون کي عصمت ۽ خير النساءَ جعفري جي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ مشابهت نظر ايندي آهي. سڀ کان وڏي مشابهت سندن قلم جي بي باڪي، سخت موضوعن جي چونڊ ۽ فڪر جي گهرائي آهي. مثال طور، وڏين حويلين ۾ قيد عورتن جي جذبن ۽ احساسن کي عصمت لحاف ۾ ڍڪيل پيش ڪيو، ته خيرالنساءَ وري ان کي عورت جي حويلي کان هاسٽل تائين جي سفر ۾ بيان ڪيو، جنهن ۾ هم جنس پرستي کي موضوع بڻايو آهي. جيئن عصمت پنهنجي وڏي ڀاءُ جي موت جو خاڪو “دوزخي” جي عنوان هيٺ قلمبند ڪيو آهي. ساڳي ريت، خير النساءَ جعفري وري پنهنجي مامي جي جواني مرگ کي “تخليق جو موت” جي عنوان سان ڪهاڻي ذريعي پيش ڪيو آهي، جنهن جي سٽ سٽ مان ان ڪردار جي اهميت بيان ٿيندي نظر اچي ٿي. اهي رشتا جيڪي بظاهر ته ان وزبل (نظر نه ايندڙ) لڳندا آهن پر حقيقت ۾ انهن جو وڇڙڻ ايئن هوندو آهي، جيئن جسم جو ڪو عضوو ٽٽي ويندو آهي، ته درد پيدا ٿيندو آهي. ان پل پل جي پيڙا کي هن “تخليق جو موت” جو عنوان ڏنو آهي.

خير النساءَ جعفري پنهنجي ڪهاڻين ۾ نيون فڪري راهون ڳوليون. مثال طور، “ڪهڙو برانڊ، ڪهڙو سگريٽ” ۾ هن زندگي جي ٺوس ۽ حساس روين جي اپٽار اهڙي ته ڪلاڪاري سان ڪئي آهي جنهن کي پڙهندي سندس فڪري شعور جي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي. مثال طور، هوءَ لکي ٿي ته ڪو به مرد ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته فخر ڪري سگهي ٿو پر زال بڻائي ڪڏهن به چين نه پائيندو. سندس برجسته جملا ڪهاڻي جي موضوع کي واضح ڪري ڇڏيندا آهن، ڪهاڻي “پيڙا جو پڙلا ۾ هو لکي ٿي: “ڀلا ازل کان ئي جن قسمن جي بنواس ۾ ڀڪشو جيان بن بن ڀٽڪڻ هجي، اهي ڪٿي ٿا هڪ هنڌ گوتم جيان گيان ۾ گذارين. شايد آئون به ڀڪشو آهيان ۽ مون کي به بن بن ڀٽڪڻو آهي”.

سندس تعلق جيئن ته نفسيات جي شعبي سان هو، ان ڪري هوءَ سماج جي نفسيات کي چڱي طرح سڃاڻي پئي. مثال طور “حويلي کان هاسٽل تائين” ۾ هوءَ قيد واري زندگي کي بيان ڪندي لکي ٿي: “مڃان ٿي ته مقدس آهي هي حويلي، جنهن جي اونچين ديوارن تان سج صدين کان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي، هر وقت رات ئي رات جو رسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي، پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏئي صرف رات جو ديرو دکندو رهي، اتي ناجائز مال ڪيڏو نه اپائي ۽ نپائي سگهجي ٿو”. “حويلي کان هاسٽل تائين” ڪهاڻي به مصلحتن جي زنجيرن ۾ ڦاٿل جذبن جي بغاوت ۾ کنيل انتهائي قدم، بند ڪوٽن ۾ قيد عورتن جي ذهني اذيت ۽ نفسياتي پيڙا جو عملي نمونو آهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار فرد جي ذهن جي ناآسودگي مان اڀري ٿو، تنگ دلي ۽ ڪوتاھ انديشي سان وچڙي مصلحت جون سڀئي زنجيرون ٽوڙي ٿو ڇڏي.

مان ته “تخليق جو موت” ڪهاڻي کي تخليق جو جنم چوندس، جنهن ۾ هڪ پاڪيزا رشتي جي وڇڙي وڃڻ جو درد، ڀوڳنا، پل پل جي پيڙا جو اظهار نظر اچي ٿو. هو لکي ٿي “ته حيران آهيان گوتم به ته روشنين جو ڳولائو هو، پوءِ ان کي ڇو زندگي تياڳڻ ۾ روشني ملي هئي، جڏهن ته روح زندگي جي انهن روشنين مان نور پايو وڃي ۽ من کي جا ان روشني مان آسيس ملي ٿي، سا وري تياڳڻ ۾ ڪٿي؟” گهر ۾ رهندڙ ساڳئي گهر جا ڀاتي ۽ سندن نوڪ جهونڪ ۾ به خيالن جي اڏام ۽ تخيل جي اهڙي اثرائتي رواني صرف خيرالنساءَ جي ئي قلم جو ڪمال هئي. ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ وڏيون نصيحتون ۽ تجزيا صرف هن کي ئي اچن ٿا. مثال طور، “تخليق جو موت” ۾ اهي سٽون ته “عزيز تنهنجي فڪر ۽ تدبر جي پرواز باٿ روم کان شروع ٿي وري اتي ئي دم ٽوڙي ڇڏي”، واھ واھ ڇا ته خيالن جي اڏام آهي. هڪ ٻي جاءِ تي هوءَ عزيز کي ڪنهن ڳالھ تي ٽوڪيندي چوي ٿي ته “اها ته ڪا ڳالھ ناهي، جڏهن موچڙو گهٽ، ماني ڍءُ تي هجي ته پوءِ فرسٽريشن فرار بڻجي ويندي آهي”.

هي ڪهاڻي هر پڙهڻ واري کي پنهنجي گهر جي ڪهاڻي لڳندي آهي، جنهن ۾ پيڙا جو پڙلاءَ تڏهن اڀري اچي ٿو، جڏهن عزيز جو ايڪسيڊنٽ ۾ موت واقع ٿئي ٿو، ان لمحي کي بيان ڪندي خيرو لکي ٿي ته “جڏهن اسين اسپتال پهتاسين امان بي چين ٿي وڃي وارڊ ۾ گهڙي، باقي مان در تي بيٺي هئس، مون کي ڏسي امي چادر هٽائيندي ٻاڪارائين، هي ڏس منهنجي بابي جو قعبو ڪيئن نه ڊهي پيو آ”.

مان ڪيئن ڏسان ان ٽٽل تاري کي جيڪو اڻ پوري رچنا ۽ جهريل جذبو هو، وکريل آس ۽ ڇڳل سپنو هو، ڀلا جيون جون اهي جهوريون ڪي ڏسڻ جون هيون. . .

پنهنجي لکڻين بابت سندس چوڻ آهي ته مون به ادب کي عبادت جي حد تائين پوڄيو آهي، جيڪي ڪهاڻيون لکيون اٿم سي ڪنهن پر ڪوڙيون نه آهن، سچن موتين جيان سمورو ئي سچ آهي. مون ڪابه ڪهاڻي ادب ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڪونه لکي، ڪهاڻي لکندي مان صرف پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اندر جي آرسي ۾ ڏسندي آهيان. منهنجون اڪثر ڪهاڻيون ڊگهي رات جي پيڙائن ۾ سرجنديون ۽ اسر جي ان ويل انجام تي پهچنديون آهن، جنهن وقت عام طور تي جيون سان غداري ڪندڙ قيدي ڦاهي تي چڙهندا آهن. اهڙي وقت اذان جي آواز تي ڪنهن نه ڪنهن قيدي سان گڏ منهنجي ڪهاڻي قلم جي صليب تان لهندي آهي.

 

No comments:

راءِ ڏيندا