خيرالنساءِ جعفري
هڪڙي هئي خيرو!
جامي چانڊيو
زندگيءَ ۾ اڳتي نهارجي ٿو ته وقت جو احساس
ئي نه ٿيندو آهي. لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته اوسيئڙو ۽ انتظار
ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پل يا حادثو، ڪا پوئتي
رهجي ويل سار، ڪي اَڌ ۾ رهجي ويل ماضيءَ جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءَ ۾ چُهنڊي
پائي زندگيءَ ۾ پٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن
نڪريو وڃي، مارِ! زندگي ته بس ڪجهه يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، حسرتن ۽ اَڌ ۾
رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن اڄاتل بيوسيءَ ۽ اداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي حياتي بس
ڪجهه پاڻمرادو کنيل ٻرانگهون ئي ته آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خواب جيان
اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. خوشين کانسواءِ
ڪهڙو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بي پرواهه جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻرانگهه ۾ ماڻهو
پيريءَ کان ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي
بي پرواهه ۽ سراپا اتساهه هوندي آهي ۽ پيريءَ ۾ بس هڪ بارُ!
