; سنڌي شخصيتون: جامي چانڊيو، شعبان وسطڙو، مرتضيٰ سيال، عبدالقادر جوڻيجو، رضوان گل، ريحانا نظير،
Showing posts with label جامي چانڊيو، شعبان وسطڙو، مرتضيٰ سيال، عبدالقادر جوڻيجو، رضوان گل، ريحانا نظير،. Show all posts
Showing posts with label جامي چانڊيو، شعبان وسطڙو، مرتضيٰ سيال، عبدالقادر جوڻيجو، رضوان گل، ريحانا نظير،. Show all posts

02 August, 2019

خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري
هڪڙي هئي خيرو!
جامي چانڊيو
زندگيءَ ۾ اڳتي نهارجي ٿو ته وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته اوسيئڙو ۽ انتظار ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پل يا حادثو، ڪا پوئتي رهجي ويل سار، ڪي اَڌ ۾ رهجي ويل ماضيءَ جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءَ ۾ چُهنڊي پائي زندگيءَ ۾ پٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن نڪريو وڃي، مارِ! زندگي ته بس ڪجهه يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، حسرتن ۽ اَڌ ۾ رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن اڄاتل بيوسيءَ ۽ اداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي حياتي بس ڪجهه پاڻمرادو کنيل ٻرانگهون ئي ته آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خواب جيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. خوشين کانسواءِ ڪهڙو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بي پرواهه جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻرانگهه ۾ ماڻهو پيريءَ کان ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي بي پرواهه ۽ سراپا اتساهه هوندي آهي ۽ پيريءَ ۾ بس هڪ بارُ!