اقبال رند
سماجي خدمتن جو خوبصورت
نانءُ
حفيظ چانڊيو
سينوارجي ويل سماج
۾ جتي لفاظن جي ويڙهه ۾ انسان اڪيلائي جي اس ۾ اڪيلو بيٺو هجي، سندس ڪير به پيار ۽
پنهنجائپ جو پاڇو ٿيڻ لاءِ تيار نه هُجي، اتي سماج مفاد پرستيءَ واري لوڙ ۾ لڙهي
ويندا آهن.
اهڙي سماج اندر ڪنهن
مان چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ يا رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهڙڻ جي برابر هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته
جتي چڱائي ڪرڻ به ڍنڱرن تي اٽي هارڻ برابر هجي، اتي هن سماج جي تصوير ڪنهن شاعر جي
هنن سٽن جيامن وڃي بيهي ٿي:
دور چڱائيءَ جو
زمانا ويو ٿي ختم
هٿَ گهمائي هر ماڻهو
اڳــتي ڪجـي.
اهڙي سماج اندر ڪنهن
سماج سڌارڪ جو پيدا ٿي پوڻ به ڪني پاڻيءَ ۾ ڪنول جيئن هوندو آهي، جيڪو سماج مان ڪنهن
به چڱائيءَ جي ڪا اميد رکڻ بنا ماڻهوءَ لاءِ مسيحا بڻيل هوندو آهي.
اقبال رند، ۲۲ مارچ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي ڳوٺ غُلام نبي رند جي هڪ
نيڪ مرد چاچي عبدالباقي رند جي ڪکائين گهر ۾ اکيون کوليون، جتي هن لاءِ زندگي ڪنهن
امتحان کان گهٽ نه هئي، هن پرائمريءَ جي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاهوري محلي
مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول مان پرايائين ان کان علاوه انٽر لاءِ
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي ڪئي ته سندس پوڙهي والد مٿان معاشي امتحانن جا
ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ، پر هن مسلسل پنهنجي والدين کي پڙهڻ لاءِ چيو، نيٺ سندس گهڻي
اسرار تي معصوم پٽ جي ڳالهه کي مان ڏيندي،سندن والدين کيس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
داخل ڪرايو، جتي هو وڏي محنت سان پڙهندو رهيو، هُن پنهنجي پڙهائيءَ دوران اسپتالن
اندر ميل نرسنگ جو ڪم پڻ شروع ڪيو، جنهن مان کيس ٻه چار ڏوڪڙ به ملي پوندا هئا، پٽ
جي محنتن کي ڏسي، سندس والد کي ڏاڍي سرهائي ٿي هئي ته هاڻي سندس بار هلڪا ٿيا،
سندس وزن جي هاڻي ونڍ ٿي پوندي، اهڙي نموني گهر جي ذميوارين جي بار هيٺ رهندي،
اقبال رند مسڪينن جي مدد ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، اڌ رات هجي، گرمي هُجي، کيس ڪنهن مسڪين
سڏيو ته وٽس پهچي ويندو. مسيحائي پيشي سان واڳيل لاڙڪاڻي شهر جو هيءُ خوبرو نوجوان
اقبال رند، مسلسل جدوجهد جو هڪ اهڙو نانءُ آهي، جنهن ڪٿي گهٻرايو ناهي، جيڪو ڪٿي
مايوسين ۾ ماٺو ناهي ٿيو..
جتي زندگي وهه جو وٽولڳڻ
شروع ٿي ويندي آهي، اتي اذيتن جو احساس ٿيڻ اڻٽر هوندو آهي، لاڙڪاڻي شهر سان تعلق
رکندڙ اقبال رند به اهڙن خوبرو نوجوانن مان آهي، جن اذيتن مان پار پئي، ماڻهپي جي
داعيءَ طور سينواريل سماج جي صحتمند اڏڻ جي عملي ڪوشش ڪئي آهي، هن گذريل ۱۱ سالن کان سنڌ جي بي پهچ ماڻهن جي اسپتالن
اندر مدد ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هن سنڌ جي ماڻهن کي هر ڏينهن ڪيترين اذيتن مان گذرندي ڏٺو
آهي، پر هو اهڙن نڌڻڪن ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ گهاٽي بڙ جي ٿڌيري ڇانورو بڻجي سندن ڏکن
۾ مددگار ثابت ٿيو آهي.
لاڙڪاڻي شهر سان
واسطو رکندڙ هيءُ نوجوان اقبال رند، سردي گرميءَ جي پرواهه ڪرڻ بغير مسلسل سماجي ۽
فلاحي ڪم ڪندو رهيو آهي، بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڏُکي گهڙيءَ ۾
مدد ڪرڻ جيتوڻيڪ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر هن سماج سڌارڪ نوجوان پنهنجي وت
وس آهر بي پهچ ماڻهن جو ڏڍ بڻيل آهي. سندس نيرين اکڙين ۾ انسانيت جو اعليٰ مقصد ڇلڪندو
پئي رهيو آهي. جنهن جا حوصلا هماليه ۽ هالار جيان اوچا رهيا آهن، انسانن سان پيار،
سندن واهر سندس ايمان جو جُزو آهي، بقول هن جي ته جيڪڏهن ڪو ضرورتمند انسان کيس
مانيءَ جي دوران سندس در تي ايندو آهي، ته مانيءَ کي اڌ ۾ ڇڏي، هو ساڻن هليو ويندو
آهي، ڇو جو سندس ڪڻي پيل انسانيت سان همدرديءَ ڪنهن امانت کان بنهه گهٽ ڪونهي.
انساني عظمت جي
اورچائي لاءِ هي متحرڪ وجود ڪڏهن به ناهي ٿڪيو، پرائي دردن کي پنهنجو سمجهندڙ
اقبال رند نهايت حساس قسم جو نوجوان آهي، هو پرائي ڏُک کي ڏسي ناهي سگهندو، هٿين
خالي هيءُ نوجوان ٻين لاءِ هڪ اهڙي روشن اميد بڻيل آهي، جنهن جو مذهب ماڻهن منجهه
مرڪون ورهائڻ ۽ سندن اسپتالن اندر مهل سر واهر ڪرڻ ئي آهي. سندس خدمت واري شوق کيس ماڻهن جي ميڙ ۾
اهڙو گم ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻي واپس ورڻ سندس وس ۾ ناهي رهيو. ڪنهن سخنور چواڻي
ته“ زندگيءَ جو حقيقي مقصد ئي بي سهارن جو سهارو ٿيڻ آهي” مٿي ڳالهه سان ٺهڪندڙ بي
سهارا ماڻهن جو سهارو بڻيل اقبال رند به آهي، جنهن شعوري طور بي سهارن جو سهاري ٿيڻ
لاءِ راتين جون راتيون اوجاڳا ڪيا آهن.
اقبال رند، هن ٽڪي
جي دنيا ۾ لکن جو ماڻهو آهي، جنهن ذات پات ۽ مذهبي مت ڀيد کان مٿانهون ٿي،
انسانذات جي بي لوث خدمت پئي ڪئي آهي، ان کان علاوه هن تازو پنهنجي ڳوٺ غلام نبي
رند ۾ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون پڻ هڻايون آهن، جنهن ۾ سندس اڳواڻي ڀائو
عبدالوهاب رند، قُطب الدين رند، منور رند، محمد عُثمان رند سميت انيڪ نوجوان گڏ
هئا، هن ميڊيڪل ڪئمپن ۾ سندس آسپاس ۾ رهندڙ مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو تعداد لڳ ڀڳ ۵۰۰ رهيو آهي، جن جي هن شگر، بلڊ پريشر، ڪاري ڪامڻ،
ايڇ آءِ وي جون ٽيسٽون شامل آهن، مسڪين ماڻهن لاءِ هن مهانگي دور ۾ ٽيسٽون ڪرائڻ
تي لکين رپين جو خرچ اچي ٿو، جيڪو هن پنهنجي رند اتحاد جي ذريعي هنن لاءِ بلڪل مفت
فراهم ڪيو.
گلا ۽ غيبت کان ڪوهين
ڏور رهندڙ لاڙڪاڻي شهر جو هيءُ سماج سڌارڪ نوجوان هيڻن ۽ بي پهچ مسڪينن لاءِ بڙ جي
گهاٽي ڇانوري جهڙو آهي، جيڪو ڳوٺ جي انهن نوجوانن مان آهي، جيڪو عام انسانن جي هر ڏُک
۾ ساڻن رات ۽ ڏينهن گڏ رهيو آهي، سندس انساني همدرديءَ وارو قافلو جيتوڻيڪ مختصر
ماڻهن تي مشتمل آهي، پر مخلص ۽ محبتي آهي، جيڪو ڪڏهن به خاموش ناهي ويٺو، تحرڪ
سندن خمير ۾ شامل رهيو آهي.
اقبال رند، جو
انسانيت جي خدمت جو سفر جيتوڻيڪ ڪٺن آهي، پر هو ان رستي تي هلندي ڪڏهن مايوس ناهي ٿيو،
پر هميشه ماڻهپي کي ئي مان ڏنو آهي، سندس اها همٿ ئي آهي، جنهن ۱۱ سالن کان کيس سينواريل سماج اندر نيل ڪنول
جيئن رکيو آهي، هو ته اڏول انسانن جيئن اڳ کان اڳرو آهي، سندس راهن ۾ جيتوڻيڪ نفرت
جي ناخدائن، شيشا وڇرائي ڇڏيا، ته جيئن هو پنهنجي منزل تان هٽي وڃي، پر وقت ثابت ڪيو
ته تربيتون ئي انساني زندگيءَ ۾ اهميت جون حامل ثابت ٿينديون آهن، هو وحشت ۽ دهشت
واري ماحول ۾ ماڻهپي جو داعي بڻجي، محبت ۽ ماڻهپي جي پرچار ڪندو ٿو رهي.
جيتوڻيڪ سندس عُمر
ايتري ته نه آهي، جنهن عمر ۾ هو سماج سان چڱائيءَ جو سوچي، پنهنجا هٿ ساڙي پيو، پر
خبر ناهي هن اهڙو جوکم واري ڪم ۾ هٿ وجهڻ جهڙو سودو ڪيئن ڪيو آهي. اها خبر ته ان
خوبرو نوجوان کي آهي، جنهن ٻين شعبن کي ڇڏي، وڃي عبدالستار ايڌيءَ جي پيروي واري
پنڌ جي چونڊ ڪئي آهي. ان پيرويءَ واري پنڌ سندس پير پٿون ضرور ڪيا هوندا پر سندس
حوصلا هميشه هالار جيان بلند ڏٺا ۽ محسوس ڪيا آهن.
ادا سائين نهايت معلوماتي مضمون ڇاپڻ جي لاءِ اوهان جو احسانمند آهيان
ReplyDelete