; سنڌي شخصيتون: علي دوست عاجز

11 August, 2019

علي دوست عاجز


علي دوست عاجز
جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو
عزيز ڪنگراڻي
ناليواري شاعر علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. سندس جنم ۲ سيپٽمبر ۱۹۶۴ع تي فريدآباد، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. پرائمريءَ کان مڊل تائين فريدآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پيارو ڳوٺ هاءِ اسڪول مان ۱۹۸۰ع ۾، انٽر ۱۹۸۳ع ۾ ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج) دادوءَ مان ۱۹۸۵ع ۾ ۽ ماسٽرس ۱۹۹۲ع رياضيءَ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.


علي دوست عاجز جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻِي زندگي ۽ ٻوليءَ کي پنهنجي تخليق وسيلي زنده رکندڙ نمائنده شاعر آهي- هُو جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم مڪتب استاد بخاريءَ جي روايت جو سڀ کان اهم شاعر آهي- جنهن ڪچي ۽ ڪاڇي جي ٻوليءَ کي ملائي وچولي جي منفرد شاعرانه روايت قائم ڪئي- علي دوست عاجز، گيت، بيت، وائي جهڙين ڪلاسيڪل صنفن، ترائيل، نظم ۽ ٽي سِٽي، ڏيڍ سِٽي جي مختلف گهاڙيٽن سميت ”اوپيرا“ به لکيا آهن، جنهن ۾ هن سنڌ جي هڪ غير روايتي رومانوي ڪهاڻي ”سوني باگو“ کي نئون جنم عطا ڪيو آهي.
ساڳي ريت هن سنڌ درياهه جي حوالي سان ”سائر جو سوداءُ“ جهڙو جديد ڪلاسِڪ رقم ڪيو. جنهن ۾ درياهه جو عروج ۽ زوال هڪ درد انگيز شڪل ۾ سامهون اچن ٿا.
علي دوست عاجز جا هن وقت تائين ۱۰ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ شاعريءَ جا نَوَ مجموعا ”خوشبو خوشبو خواب“ (۲۰۰۰ع)، اَچن ڀَنؤر ڀَنڀولئا (۲۰۰۳ع)، ”رنگ رتو آڪاس“ (۲۰۰۹ع)، ”سائر جو سوداءُ“ (۲۰۱۳ع)، ”رتا روهيڙا“ (۲۰۱۷ع)، ”سوني باگو“ (اوپيرا (۲۰۰۴ع)، ”ڪونجان“ (اوپيرا (۲۰۱۸ع) ۽ ٻارڙن لاءِ ”جهڙا تارا جرڪڻا“ (۲۰۰۲ع)، ”ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات“ (۲۰۱۸ع) ۽ نثر ۾ استاد بخاريءَ جي ذات ۽ ڏات بابت پنهنجي نوعيت ۽ معيار جو منفرد ڪتاب ”آديسي استاد“ (۲۰۰۵ع) شامل آهي، جنهن تي سنڌي ادبي سنگت (مرڪز) پاران کيس مڃتا طور ايوراڊ پڻ ڏنو ويو.
علي دوست عاجز، ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۶ع تائين سيڪنڊري استاد رهيو. ۱۹۹۶ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينير آڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت اِنلئنڊ روينيو ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور، خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا