; سنڌي شخصيتون: علي دوست عاجز، عزيز ڪنگراڻي،
Showing posts with label علي دوست عاجز، عزيز ڪنگراڻي،. Show all posts
Showing posts with label علي دوست عاجز، عزيز ڪنگراڻي،. Show all posts

11 August, 2019

علي دوست عاجز


علي دوست عاجز
جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو
عزيز ڪنگراڻي
ناليواري شاعر علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. سندس جنم ۲ سيپٽمبر ۱۹۶۴ع تي فريدآباد، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. پرائمريءَ کان مڊل تائين فريدآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پيارو ڳوٺ هاءِ اسڪول مان ۱۹۸۰ع ۾، انٽر ۱۹۸۳ع ۾ ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج) دادوءَ مان ۱۹۸۵ع ۾ ۽ ماسٽرس ۱۹۹۲ع رياضيءَ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.