; سنڌي شخصيتون: قاضي محمد اعظم - غلام حسين خاصخيلي

07 August, 2019

قاضي محمد اعظم - غلام حسين خاصخيلي


قاضي محمد اعظم
املهه ماڻڪ شخصيت
غلام حسين خاصخيلي
حيدرآباد سنڌ جو اهو تاريخي شهر آهي جنهن کي تاريخ ۾ اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن شهر ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ٿيون، جن پنهنجو نالو سڄي ملڪ توڙي دنيا ۾ مڃرايو. اهڙين املهه ماڻڪ شخصيتن ۾ قاضي محمد اعظم جو نالو به هڪ آهي. قاضي محمد اعظم قاضي خاندان سان واسطو رکندڙ اهم شخصيت آهي. قاضي محمد اعظم روزاني عبرت جي سرواڻ قاضي عبدالمجيد عابد جو ڀاءُ هو. قاضي محمد اعظم وڪالت جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، پاڻ وڪالت جي ميدان ۾ خدمت ڪندي هر غريب ماڻهوءَ جي سار لهندو هو. قاضي محمد اعظم پهرين جنوري ۱۹۲۹ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي شروعات ڪندي هر ان ڪيس جي پيروي ڪيائين، جنهن ۾ غريبن کي مدد گهربل هوندي هُئي ۽ ساڻن ظلم ٿيندو هو. انهن ڪيسن کي ڀرپور نموني سان عدالتن ۾ دليلن سان غريبن کي انصاف ڏياريائين.


قاضي محمد اعظم جي وڇوڙي تي هر پاسي سوڳ وارو ماحول آهي. سندس وڇوڙي سان جتي سندس خاندان کي ڏک پهتو آهي اتي ئي انهن غريبن کي به تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، جن جا هو ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. قاضي محمد اعظم جي وڇوڙي تي حيدرآباد ۾ وڪيلن سوڳ ۾ عدالتي شنوائين تي عدالتن ۾ نه ويا. جڏهن ته قاضي محمد اعظم جي خدمتن جي، پوءِ اُهو وڪيل هجي، حيدرآباد جو عام شهري هجي يا  صحافي هجي، سياستدان هجي سندس هرڪو تعريف ڪري ٿو ۽ سندس وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو. قاضي محمد اعظم هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جو صدر به رهيو. قاضي محمد اعظم سياست جي ميدان ۾ به خدمت ڪئي ۽ اوڀر پاڪستان جي وقت ۾ ان وقت جي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. قاضي محمد اعظم سياست جي ميدان ۾ ڪجهه وقت ڀرپور نموني سان خدمت ڪئي، جڏهن ته قانون جي حوالي سان عدالتن ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان جي تعريف تاريخ ۾ سنهري لفظن سان ياد رکي ويندي. قاضي محمد اعظم حيدرآباد ۾ هڪ سٺي بلڊر جي حيثيت سان به پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون. حيدرآباد ۾ بهترين سوسائٽيون قائم ڪرايائين. اهڙين شخصيتن کي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان ياد رکيو ويندو آهي ۽ اهڙيون شخصيون واقعي املهه ماڻڪ هونديون آهن ۽ انهن کي عوام هر وقت ياد رکي ٿو. قانون جي حوالي سان تاريخ هر وقت شاهد رهندي ته قاضي محمد اعظم هاءِ ڪورٽ بار جو ۹۳ ۾ جڏهن صدر هو، ان وقت هن وڪيلن جي مسئلن کان وٺي هر بهتريءَ واري ڪم لاءِ ڀرپور جاکوڙ ڪئي. سندس وڇوڙي تي هي سٽون کيس ارپي رهيا  آهيون.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
اها حقيقت آهي ته اهڙا ماڻهو جڏهن زنده هوندا آهن ته خدمت ڪندي پنهنجو نالو پنهنجي زندگيءَ ۾ ماڻهن آڏو روشن ڪري اهو ثابت ڪن ٿا ته اسان جو جيئڻ صرف غريبن جي خدمت ڪرڻ آهي. سندس وڇوڙي تي هر اک آلي آهي. اسان سندس پوري خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
هاڻي قاضي محمد اعظم اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي. سندس ڪيل خدمتون ۽ يادون هميشه تاريخ جو حصو بڻجي اسان وٽ ان وقت تائين زنده رهنديون، جيستائين هيءَ ڪائنات موجود آهي. قاضي محمد اعظم عبرت گروپ آف پبليڪشن جي سرواڻ قاضي عبدالمجيد عابد جو ڀاءُ هو ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيئرمين قاضي اسد عابد جو چاچو آهي. قاضي محمد اعظم سان منهنجون کوڙ ساريون ڪچهريون به ٿيون جنهن وقت ۾ روزاني عبرت لاءِ عدالتن مان عدالتي ڪارروائين جي رپورٽنگ ڪندو هيس، ان وقت ساڻس هاءِ ڪورٽ بار ۾ به ملاقاتن جو سلسلو رهيو. جڏهن ته سياسي توڙي حيدرآباد جي تاريخي حيثيت سان به ساڻس ڪچهريون ٿيون، حيدرآباد جي تاريخ بابت قاضي محمد اعظم اهو ٻڌايو هو ته هي اهو  شهر آهي جنهن وڏيون شخصيتون هتان پيدا ڪيون، جن ۾ مرزا قليچ بيگ کان وٺي ممتاز مرزا تائين ٻيون الاهي ساريون شخصيتون آهن. حيدرآباد جي يادن ۽ ٿڌين هوائن جو ذڪر ڪرڻ وقت قاضي محمد اعظم پنهنجي ڪچهرين ۾ اهو به ذڪر ڪيو ته حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون ڄڻ ڪنهن گهُٽيل ماحول ۾ گم ٿي ويون آهن ۽ حيدرآباد جا اهي خوبصورت رستا سوڙها بڻجي ويا ۽ حيدرآباد ۾ پلازائن جي ٺهڻ ڪري حيدرآباد جي اها خوبصورتي آهستي آهستي پنهنجي تاريخي حيثيت کي الوداع ڪرڻ لڳي. سندس اهو به چوڻ هو ته حيدرآباد جو پڪو قلعو، ڪچو قلعو ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ قلعي کان وٺي حيدرآباد جي شاهي بازار جي مک گيٽ وٽ لڳل تاريخي گهڙيال به پنهنجي ڪنهن دور جي حيثيت جا جوڀن آهستي آهستي ختم ٿيندي نظر اچن ٿا. قاضي محمد اعظم سان قانون، سياست ۽ تاريخ تي ٿيل ڪچهري بابت هن ڪالم ۾ اڄ ذڪر ڪري رهيو  آهيان، جڏهن ته تفصيلي ڪچهري کي آئون پنهنجي ان ڪتاب ۾ لکندس، جنهن ڪتاب جو مواد آخري مرحلي ۾ آهي، ان ڪتاب جو نالو ئي آهي ’عشق، محبت ۽ صحافت‘ ان ڪتاب ۾ حيدرآباد جي ٻين به کوڙ سارين اهم شخصيتن سان ٿيل ڪچهرين تي لکيو آهي. اسان دعا ڪريون ٿا ته نامياري قانوندان قاضي محمد اعظم کي الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. (آمين)

No comments:

راءِ ڏيندا