قاضي محمد اعظم
املهه ماڻڪ شخصيت
غلام حسين خاصخيلي
حيدرآباد سنڌ جو
اهو تاريخي شهر آهي جنهن کي تاريخ ۾ اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن شهر ۾ ڪيتريون
ئي اهم شخصيتون پيدا ٿيون، جن پنهنجو نالو سڄي ملڪ توڙي دنيا ۾ مڃرايو. اهڙين
املهه ماڻڪ شخصيتن ۾ قاضي محمد اعظم جو نالو به هڪ آهي. قاضي محمد اعظم قاضي
خاندان سان واسطو رکندڙ اهم شخصيت آهي. قاضي محمد اعظم روزاني عبرت جي سرواڻ قاضي
عبدالمجيد عابد جو ڀاءُ هو. قاضي محمد اعظم وڪالت جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو،
پاڻ وڪالت جي ميدان ۾ خدمت ڪندي هر غريب ماڻهوءَ جي سار لهندو هو. قاضي محمد اعظم
پهرين جنوري ۱۹۲۹ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي شروعات
ڪندي هر ان ڪيس جي پيروي ڪيائين، جنهن ۾ غريبن کي مدد گهربل هوندي هُئي ۽ ساڻن ظلم
ٿيندو هو. انهن ڪيسن کي ڀرپور نموني سان عدالتن ۾ دليلن سان غريبن کي انصاف ڏياريائين.
