; سنڌي شخصيتون: عبدالحي پليجو

16 August, 2019

عبدالحي پليجو

عبدالحي پليجو
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مٿي راهه
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
محترم عبدالحي پليجو جي ذات ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هو سنڌي ادب جو هڪ مشهور و معروف سفرناما نگار شمار ٿئي ٿو. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ کان پوءِ جنهن ليکڪ وڌ کان وڌ سفر ناما لکيا آهن، اهو عبدالحي پليجو صاحب آهي. هن دنيا جي هڪ وڏي حصي جو سير ۽ سفر ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي ملڪ شامل آهن جن جو احوال سندس سفرنامن مان ملي ٿو. سفرنامو ادب جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ هڪ مخصوص عرصي جو احوال ليکڪ جي پنهنجي زباني هجي ٿو، هڪ طرح سان سفرنامو سوانح نگاريءَ جو حصو پڻ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ جي ذات جو وڏو ڪمال آهي. سندس بياني قوت سان ئي هن جون شخصي خوبيون ۽ انفرادي حيثيت اڀري سامهون اچي ٿي. ليکڪ جي ذهانت، خاص طور ٻوليءَ جو استعمال، تحرير جو شانائتو هئڻ، سندس مطالعو، مشاهدو ۽ ٻيا سفرنامي لکڻ جا فني جزا سندس تحرير جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. انهن مان گهڻيون خوبيون، حي پليجو جي سفرنامن ۾ ملن ٿيون. پليجو صاحب ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب ڏي راغب رهيو. جنهن ۾ سندن گهرو تربيت ۽ تعليم جو هٿ آهي.


عبدالحي پليجو ۳۱ جنوري ۱۹۴۵ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ٻنون ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٻنون ۾ ۽ پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهيائين. مڊل ڪلاس ۾ هو ته هن لکڻ شروع ڪيو، پر وچ ۾ ڳچ عرصو نه لکيائين. ۴ مارچ جو ڏينهن، جو سنڌ جي قومي ۽ شاگرد سياست ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. ان تحريڪ ۾ هن وڏو بهرو ورتو ٻه دفعا جيل ويو، حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نائب صدر ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس يونين جو صدر پڻ رهيو. اي جي اتم لکيو آهي ته، ”حي پليجو تي پنهنجي پيءُ نور محمد کان ورثي ۾ مليل نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو آهي.“ سندن والد سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو. عبدالحي پليجو جي تحرير ۾ مٿيون ڳالهيون موجود آهن.
عبدالحي پليجو ڪجهه وقت وڪالت ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري به ڪئي پر پنهنجي والد جي وفات بعد ۱۹۸۰ع کان پوءِ هن پنهنجي زمينداري سنڀالي ۽ لکڻ پڙهڻ جو مشغلو جاري رکيو. سندن پهريون ڪتابThey ruled sindh for fifteen years  آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ تي شروعاتي پندرنهن سالن ۾ حڪمراني ڪندڙ ڪامورن بابت آهي. پهريون سفرنامو ”ڏوريم ڏيساور“ ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو جو سنگاپور، ملائيشيا ۽ جپان بابت آهي، جنهن ۾ هُن ٻين ڪيترن معلوماتي احوالن سان گڏ جپانين جي قوميت جي جذبي کي ساراهيو آهي. ان کان سواءِ سندن ڇپيل ڪتابن ۾ ”هي وري نه ورندو وڻجارو“ (ارباب نور محمد پليجو جي وفات بعد سندن باري ۾ لکيل ليکن تي مشتمل) ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”اتر لڳا آءُ پرين“، ”ديس بديس“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ٽوئر ٽو آمريڪا“، ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون“ ۽ ٻيا سفرناما آهن. ان کان سواءِ هڪ اهم ڪتاب ”عالمي عجائبات“ آهي، جو ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ دنيا جي ۷۵ عجائبات بابت تاريخي ڄاڻ سان گڏ تصويرون پڻ ڏنل آهن. جيئن، بابل جا باغ، تاج محل، نياگرا آبشار ۽ ٻين مشهور جاين جا رنگين فوٽوز ۽ گڏ انهن بابت ڪارائتو معلوماتي احوال ڏنل آهي، جنهن سبب هي ڪتاب هڪ بلڪل منفرد ۽ مختلف انداز جو ۽ وڻندڙ آهي.
۲۰۱۶ع ۾ سندن هڪ ڪتاب ”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ مضمون نويسيءَ تي مشتمل شايع ٿيو آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته پليجو صاحب جيترو سٺو سفرناما نگار آهي. ايترو ئي سٺو مضمون نگار پڻ آهي. مضمونن جو هيءُ مجموعو ڇائيتاليهن ادبي، علمي، سماجي، سوانحي، تاريخي، طبي، سياسي ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن جو انتساب، سنڌي ٻوليءَ جي مهان محسن مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي نالي آهي. مضمونن جا عنوان سنڌي ٻولي، ٿر جو سير، ترڪ ادب، اسڪاٽش ادب، آڪسفورڊ يونيورسٽي، قرطبه خلافت جو عروج، عثمانيه سلطنت، انڊيا آفيس رڪارڊ ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون مضمون سنڌي ٻولي آهي جنهن ۾ فاضل ليکڪ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي يافته سڏيو آهي ته گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اپاءُ به ڄاڻايا آهن. پليجو صاحب موجب ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي بقا ۽ بچاءُ لا مزاحمتي قوت اعليٰ درجي جي آهي. هو لکي ٿو ته ”اها سنڌي ٻولي جي پهرئين کان ئي هڪ اهم خاصيت رهي آهي جو هن پنهنجي حاوي زبانن جن کي گهڻو ڪري سرڪاري پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، جي پريشر هيٺ به پنهنجو تشخص انتهائي اهميت سان نه صرف برقرار رکيو آهي پر ان کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. سنڌي زبان پنهنجي مٿان ٿاڦيل ٻولين کي پنهنجي زور سان ختم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن جو سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ به نه ڏنو آهي.“
پليجو صاحب جي ڪيترن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي بيتن مان سرجيل آهن ۽ سندن ڪجهه سفرنامن ۾ ته شاهه سائين ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جو سهڻو ۽ موقائتو انتخاب ڏنل آهي. جيئن ”ديس بديس“، سفرنامي ۾ هندو سنڌين جي سنڌ لاءِ لامتنا سِڪ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت معرفت هن ريت ڄاڻايو اٿن:
ڪوجو اُٺس مينهن، آريءَ جي عشق جو،
راتيان روئي رت ڦڙا، سک نه سارو ڏينهن
ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿيئي.
”ديس بديس“ سندن وڻندڙ سفرنامو آهي جنهن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن سفرنامي ۾ سنڌيت جي سُرهاڻ آهي ته تجنيس حرفيءَ جا نثر ۾ سهڻا ڪمال آهن، ليکڪ لکي ٿو ته:
”جتي سارين جي سڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندن رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙيو، جتي آکاڙ جي نٽهڻ اس، پرهه جي پارن ۽ سانوڻ جي وسڪارن، سندن جيئندان جا گس گهڙيا جتي تنبوري جي تانَ سندن مَن کي موم ڪيو تنهن ڌرتيءَ کي ڏسڻ لاءِ هو آتا هئا.“
هندستان کان سواءِ هن انيڪ ملڪن جا سفرناما لکيا آهن جيئن سريلنڪا، ٿائيلينڊ، بئنڪاڪ، ڪولمبو، فلپائين، جپان، آمريڪا، ٽوڪيو، لنڊن ۽ ٻيا ملڪ ۽ شهر آهن. سندن مطالعو ۽ مشاهدو مضبوط آهي ته هر وقت وندر سان گڏ معلومات ۽ تفريحي هنڌن جون تصويرون ۽ انهن ملڪن جي سياسي، جاگرافيائي ۽ تاريخي حالتون، ماڻهن جا رويا، معاشي حالتون، تعليم، ادب، ثقافت ۽ ٻيون ڪيتريون حقيقتون هن پيش ڪيون آهن. جن سان پڙهندڙن کي انهن ملڪن کي گهمڻ جو نه فقط اُتساهه ٿيئي پر کين انهيءَ سفرنامي پڙهڻ بعد اتي وڃڻ سان اهو هنڌ يا جڳهه اوپري نه ٿي لڳي. اهوئي سفرنامي لکڻ جو مقصد هوندو آهي. جنهن کي عبدالحي پليجو صاحب سهڻي نموني نڀايو آهي. ”ٽوئر ٽو آمريڪا“ پليجو صاحب ۲۰۱۱ع ۾ لکيو، جنهن ۾ لنڊن کان آمريڪا وڃڻ ۽ واپس اچڻ جو احوال ڏنل آهي. سين فرانسڪو، لاس اينجلس، سين ڊيگو ۽ ٻيا شهر ۽ ڪيترائي بيچ گهميائون. هن سفر نامي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي احوال سان گڏ آمريڪا جي سياست جو به ذڪر آهي ته ڪيترن هنڌن تي پليجو صاحب مختلف ڪتابن جا حوالا موضوع مطابق ڏنا آهن، جنهن ۾ انهن ڪتابن جا صفحا نمبر ۽ ليکڪ ڄاڻائڻ سان گڏ موضوع تي بحث به ڪيو اٿن. انهيءَ سان سندن مطالعي، حافظي ۽ سفري مشاهدي جي ڄاڻ ملي ٿي.
سفرنامي کان سواءِ پليجو صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي جلد لکيا آهن. ”سنڌي شاگرد سياست“، ڪتاب کي پاڻ پنهنجي شاگرديءَ جي دور جي آتم ڪٿا سڏيو اٿن ۽ ٻيو حصو ”اسان پنڌ پرين ڏي“ ۽ ٽيون حصو ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو آهي. جو ۱۹۶۵ع جي واقعن کان شروع ٿئي ٿو ته سندن تعليم، ٻنين ۽ باغن جا ذڪر آهن. ملڪ جي سياسي تاريخ جي ڪيترن رخن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ۱۹۱ صفحن جو هيءُ ڪتاب آتم ڪٿا به آهي ته ملڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو بيان پڻ آهي. جنهن ۾ ليکڪ جون چند بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. پليجو صاحب جا هن وقت پنج ڇهه ڪتاب اڻ ڇپيل آهن، جن ۾ مضمون، خاڪا، سفرناما ۽ خط شامل آهن، جيڪي پڻ جلد شايع ٿيندا ۽ سندن ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ايڪيهن تائين آهي، جي ۱۹۸۰ع کان پوءِ ڇپجڻ شروع ٿيا آهن. هو مستقل ۽ مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سنڌي نثر کي پنهنجي فن وسيلي وڌائي ۽ ويجهائي رهيو آهي.



عبدالحي پليجو

مستقل ۽ مسلسل لکندڙ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 عبدالحي پليجو جي ذات ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هو سنڌي ادب جو هڪ مشهور معروف سفرناما نگار آهي. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ کان پوءِ جنهن ليکڪ وڌ کان وڌ سفر ناما لکيا آهن. اهو  عبدالحي پليجو صاحب آهي هن دنيا جي هڪ وڏي حصي جو سير ۽ سفر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ شامل آهن جن جو احوال سندس سفر نامن مان ملي ٿو. سفرنامو ادب جي اهم صنف آهي. جنهن ۾ هڪ مخصوص عرصي جو احوال ليکڪ جي پنهنجي زباني هجي ٿو، هڪ طرح سان سفر نامو سوانح نگاريءَ جو حصو پڻ شمار ٿئي ٿو جنهن ۾ ليکڪ جي ذات جو وڏو ڪمال آهي. سندس بياني قوت سان ئي هن جون شخصي خوبيون ۽ انفرادي حيثيت اڀري سامهون اچي ٿي. ليکڪ جي ذهانت، خاص طور ٻوليءَ جو استعمال، تحرير جو شانائتو هئڻ، سندس مطالعو، مشاهدو ۽ ٻيا سفر نامي لکڻ جا فني جزا سندس تحرير جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. انهن مان گهڻيون خوبيون، حئي پليجو جي سفرنامن ۾ ملن ٿيون.

 عبدالحي پليجو ۳۱ جنوري ۱۹۴۵ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ٻنون ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٻنون ۾ ۽ پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهيائين. مڊل ڪلاس ۾ هو ته هن لکڻ شروع ڪيو، پر وچ ۾ ڳچ عرصو نه لکيائين. ۴ مارچ جو ڏينهن، سنڌ جي قومي ۽ شاگرد سياست ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. ان تحريڪ ۾ هن وڏو حصو ورتو ٻه دفعا جيل ويو، حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نائب صدر ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس يونين جو صدر پڻ رهيو. اي جي اتم لکيو آهي ته، “حئي پليجو تي پنهنجي پيءُ نور محمد کان ورثي ۾ مليل نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو آهي.” سندن والد سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو.  عبدالحي پليجو جي تحرير ۾ مٿيون ڳالهيون موجود آهن.

 عبدالحي پليجو ڪجهه وقت وڪالت ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري به ڪئي پر پنهنجي والد جي وفات بعد ۱۹۸۰ع کان پوءِ هن پنهنجي زمينداري سنڀالي ۽ لکڻ پڙهڻ جو مشغلو جاري رکيو. سندن پهريون ڪتاب (They ruled sindh for fifteen years) آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ تي شروعاتي پندرنهن سالن ۾ حڪمراني ڪندڙ ڪامورن بابت آهي. پهريون سفرنامو “ڏوريم ڏيساور” ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو جو سينگارپور، ملائيشيا ۽ جپان بابت آهي. جنهن ۾ هُن ٻين ڪيترن معلوماتي احوالن سان گڏ جپانين جي قوميت جي جذبي کي ساراهيو آهي. ان کان سواءِ سندن ڇپيل ڪتابن ۾ “هي وري نه ورندو وڻجارو”(ارباب نور محمد پليجو جي وفات بعد سندن جي باري ۾ لکيل ليکن تي مشتمل) “هو جي وڻ ولات جا”، “ڪجل ڀنل نيڻ”، “اتر لڳا آءُ پرين”، “ديس بديس”، “بندر مون ڏور ٿيا”، “ٽوئر ٽو آمريڪا”، “ٻنون ٽو ٽوڪيو”، “پريان سندي پار ڏي”، “ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون”، ڪنواريون ۽ ڪنول”، “لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون” ۽ ٻيا سفر ناما آهن. ان کان سواءِ هڪ اهم ڪتاب”عالمي عجائبات” آهي، جو ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيو هن ڪتاب ۾ دنيا جي ۷۵ عجائبات بابت تاريخي ڄاڻ سان گڏ تصويرون پڻ ڏنل آهن. جيئن، بابل جا باغ، تاج محل، نياگرا آبشار ۽ ٻين مشهور جاين جا رنگين فوٽوز ۽ گڏ انهن بابت ڪارائتو معلوماتي احوال ڏنل آهي جنهن سبب هي ڪتاب هڪ بلڪل منفرد ۽ مختلف انداز جو ۽ وڻندڙ آهي.

۲۰۱۶ع ۾ سندن هڪ ڪتاب “تن سپون سوجهي ڪڍيون” مضمون نويسيءَ تي مشتمل شايع ٿيو آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته پليجو صاحب جيترو سٺو سفرناما نگار آهي. ايترو ئي سٺو مضمون نگار پڻ آهي. مضمونن جو هيءَ مجموعو ڇائيتاليهن ادبي، علمي، سماجي، سوانحي، تاريخي، طبي، سياسي ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن جو انتساب، سنڌي ٻوليءَ جي مهان محسن مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي نالي آهي. مضمونن جا عنوان سنڌي ٻولي، ٿر جو سير، ترڪ ادب، اسڪاٽش ادب، آڪسفورڊ يونيورسٽي، قرطبه خلافت جو عروج، عثمانيه سلطنت، انڊيا آفيس رڪارڊ ۽ ٻيا موضوع شامل آهن هن ڪتاب جو پهريون مضمون سنڌي ٻولي آهي جنهن ۾ فاضل ليکڪ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي يافته سڏيو آهي ته گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اپاءُ به ڄاڻايا آهن. پليجو صاحب موجب ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي بقا ۽ بچاءُ لا مزاحمتي قوت اعليٰ درجي جي آهي. هو لکي ٿو ته “اها سنڌي ٻولي جي پهرئين کان ئي هڪ اهم خاصيت رهي آهي جو هن پنهنجي حاوي زبانن جن کي گهڻو ڪري سرڪاري پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، جي پريشر هيٺ به پنهنجو تشخص انتهائي اهميت سان نه صرف برقرار رکيو آهي پر ان کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. سنڌي زبان پنهنجي مٿان ٿاڦيل ٻولين کي پنهنجي زور سان ختم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن جو سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ به نه ڏنو آهي.”(ص-۹ ۽ ۱۰)

پليجو صاحب جي ڪيترن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي بيتن مان سرجيل آهن ۽ سندن ڪجهه سفرنامن ۾ ته شاهه سائين ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جو سهڻو ۽ موقائتو انتخاب ڏنل آهي. جيئن “ديس بديس”، سفر نامي ۾ هندو سنڌين جي سنڌ لاءِ لامتنا سِڪ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت معرفت هن ريت ڄاڻايو اٿن:

ڪو جو اُٺس مينهن، آريءَ جي عشق جو،

راتيان روئي رت ڦڙا، سک نه سارو ڏينهن

ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿيئي.

“ديس بديس” سندن وڻندڙ سفرنامو آهي جنهن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن سفرنامي ۾ سنڌيت جي سُرهاڻ آهي ته تجنيس حرفيءَ جا نثر ۾ سهڻا ڪمال آهن ليکڪ لکي ٿو ته:

“جتي سارين جي سڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندن رڳن ۾ رت، بنجي ڊوڙيو، جتي آکاڙ جي نٽهڻ اس، پرهه جي پارن ۽ سانوڻ جي وسڪارن، سندن جيئندان جا گس گهڙيا جتي تنبوري جي تانَ سندن مَن کي موم ڪيوتنهن ڌرتيءَ کي ڏسڻ لاءِ هو آتا هئا”.(ص-۲۲)

سفر نامي کان سواءِ پليجو صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي جلد لکيا آهن. “سنڌي شاگرد سياست”، ڪتاب کي پاڻ پنهنجي شاگرديءَ جي دور جي آتم ڪٿا سڏيو اٿن ۽ ٻيو حصو “اسان پنڌ پرين ڏي” ۽ ٽيون حصو”ڪيڏي نه مختصر زندگي” ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو آهي. جو ۱۹۶۵ع جي واقعن کان شروع ٿئي ٿو ته سندن تعليم، ٻنين ۽ باغن جا ذڪر آهن. ملڪ جي سياسي تاريخ جي ڪيترن رخن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ۱۹۱ صفحن جو هيءُ ڪتاب آتم ڪٿا به آهي ته ملڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو بيان پڻ آهي. جنهن ۾ ليکڪ جون چند بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. پليجو صاحب جا هن وقت پنج ڇهه ڪتاب اڻ ڇپيل آهن جن ۾ مضمون، خاڪا، سفرناما ۽ خط شامل آهن جيڪي پڻ جلد شايع ٿيندا ۽ سندن ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ايڪيهن تائين آهي، جي ۱۹۸۰ع کان پوءِ ڇپجڻ شروع ٿيا آهن. هو مستقل ۽ مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سنڌي نثر کي پنهنجي فن وسيلي وڌائي ۽ ويجهائي رهيو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل) 

No comments:

راءِ ڏيندا