; سنڌي شخصيتون: محمد ايوب عمراڻي

11 August, 2019

محمد ايوب عمراڻي


محمد ايوب عمراڻي
تعارف
خدا بخش جويو
محمد ايوب عمراڻي ولد محمد اسماعيل ۲۲ اپريل ۱۹۶۶ع ۾ مانجهند شهر جي اولهه ۾ واقع ڳوٺ شاهه اويس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي عزيزن سان مانجهند ۾ رهيو ۽ مئٽرڪ ڪرڻ بعد ۱۹۸۱ع ۾ لطيف سنگت (ٻارڙن جي تنظيم) جو مرڪزي پريس سيڪريٽري عهديدار ٿيو. محمد ايوب عمراڻي راقم الحروف جي شاگردي ۾ ڪيليگرافي جي سکيا ورتي ۽ ۱۹۸۲ع ۾ روزانه مهراڻ ۽ ٻين مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪيليگرافيءَ طور ڪم ڪيو. ۱۹۸۵ع کان عبرت اخبار، روزانه هلال پاڪستان، روزنامه ناظم، روزانه سنڌ نيوز ۾ پڻ ڪيليگرافيءَ طور ڪم ڪيو. هن ۱۹۹۱ع کان ٽي سال روزانه سنڌ نيوز ۾”من اندر جي ڳالهه“ جي عنوان سان ڪالم لکيا. هن عبرت مئگزين ۽ عبرت اخبار ۾ سياسي تجزيا به لکيا ۽ رزانه سنڌو اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم به ڪيو. هن وقت هو سيوهڻ ڪاليج ۾ ليڪچرار هو ۽ مستقل رهائش سن ۾ اختيار ڪئي هئائين. پاڻ شاهه حيدر سوسائٽي طرفان نڪرندڙ سالياني مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان جو ميمبر پڻ هو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، اسٽيج ڊراما لکيا سندس لکيل اسٽيج ڊرامن کي سن، مانجهند، خانوٺ ۾ ڏسندڙ ماڻهن گهڻو پسند ڪيو . سندس لکيل ڊراما يونس سنائي جي هدايتڪاري ۾ ٿيا. هن ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ٻين چئنلن لاءِ به ڊراما لکيا، جيڪي ڏسندڙن ۾ مقبول ويا.


سندس عبرت پبليڪيشن پاران نڪرندڙ ماهوار هزار داستان ڊائجسٽ ۾ مستقل ڪهاڻيون، افسانه ۽ ٻيون ادبي ڪاوشون ڇپيون.
هزار داستان ۾ هن جي پنهنجي آتم ڪٿا به قسط وار ڇپي.

پروفيسر ايوب عمراڻي
ناليوارو ڪهاڻيڪار وڇڙي ويو
ابراهيم لاشاري
سنڌ جي ڪهاڻي واري صنف جي هڪ لاجواب ڪهاڻيڪار نئين ٽهي جو بهترين اديب، سٺو ليکڪ، ڊراما نگار مضمون نگار پروفيسر محمد ايوب عمراڻي صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ قلندر جي نگري (سيوهڻ) کان پنهنجي جنم واري ڳوٺ سن وڃي رهيو هو ته هو آمري پل وٽ هڪ  خترناڪ  روڊ حادثي منجهه سخت زخمي ٿي رت منجهان ڳاڙهو ٿي پيو هو. سندس زخمن سڄي جسم جي حصن کي نهايت ئي نقصان پهچايو هو سنڌ ڌرتي جي هن ڀلوڙ اديب ڪهاڻيڪار پروفيسر ايوب عمراڻي کي سندس لائق فرزند ترت علاج واسطي حيدرآباد منجهه داخل ڪرايو جتي سندس جي ڌڪن زخمن جي ڊاڪٽرن ترت سڃاڻپ پڻ ڪئي جڏهن ته محترم پروفيسر ايوب عمراڻي جي دماغ جو ٽي هڏيون هڪ ٻانهن ۽ هڪ جنڳهه کي تمام گهڻو نقصان رسيو ۽ سندس جي نڪ منجهان نهايت زيادھ رت پڻ وهي چڪو هو. سندس زخمي حالت ۽ حادثي جي خبر، سڄي سنڌ جي ادبي ۽ تعليمي حلقن منجهه باهه جيان پکڙجي وئي تمام گهڻن اديبن ۽ (سپلا) استادن جي تنظيم جي سربراهه سنڌ پروفيسرس ليڪچرر ايسوشئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سپلا جي بهادر اڳواڻ جناب پروفيسر شاهجهان پنهور صاحب ۽ سپلا جي حيدرآباد جي ريجن جي صدر ڀلوڙ شاعر اديب ساگر انور ڪانڌڙي صاحب زخمي حالت منجهه حيدرآباد جي اسپتال منجهه عيادت پڻ ڪئي ۽ سندس جي فيملي سان مشوري ڪري وڌيڪ علاج واسطي سندس زخمي حالت حيدرآباد منجهان منتقل ڪري ڪراچي جي اسپتال منجهه داخل ڪرايو، جتي سنڌ جو ناليوارو اديب جناب محمد ايوب عمراڻي صاحب ۲۶ جنوري کان وٺي زير علاج هو. مگر هيتري عرصي منجهه سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري مهان اديب جناب اڪبر لغاري صاحب، جناب ايوب عمراڻي جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ هو مسلسل سندس صحت جي معلومات پڻ وٺندو رهيو. سنڌ جي ڪيترن اديبن، دانشورن ڪراچي اسپتال پهچي سندس جي عيادت ۽ صحت ۾ بهتري جون دعائون پڻ ڪندا رهيا، مگر زندگي سندس ساٿ زخمي حالت ۾ ڇڏي ڏنو. موت سندس مٿان ٽڪ ٻڌي، مهمان ٿي بيهي رهيو. پاڻ سوين اديبن، علم ادب جي ساٿين، پروفيسرن، گهروارن دوستن کان اوچتو موڪلائي ۵۲ سال ۹ مهينا ۵ ڏينهن زندگي جا گذاري ۲ فيبروري ۲۰۱۹ع ڇنڇر ڏينهن وصال ڪري وڇڙي ويو. سندس اوچتي مرتئي تي تعليمي ۽ ادبي حلقن منجهه، سوڳ واري فضا ڇانئجي وئي آهي. ھن، پنهنجي ڌرتي جي ذهين فرد محمد اسماعيل عمراڻي صاحب جي گهر منجهه ۲۸ اپريل، گرمي واري موسم منجهه، سال ۱۹۶۶ع خميس ڏينهن، جنم وٺي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو هو. سندس جنم سن ۽ مانجهند ڀرسان ڳوٺ اويس شاهه قرني، ضلع ڄامشوري ۾ ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ منجهان پرائي، مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين منجهان تعليم پرائي، پهريان ليڪچرر ٿيو، بعد ۾ اسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. پاڻ ادبي حلقن ۽ ادبي دنيا ۾ بهرو وٺي، پنهنجي قلم ۽ ڏات وسيلي وڏي ڪهاڻيڪار طور، پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس قلم جي نب منجهان، بهترين ڪهاڻين ۾ جهرڪيءَ جي اک سان دنيا ڏسو، اڇو ڪپڙو، واپسي، سفر، بمبئي، تاج محل جو موت، خودڪشي، ڳولهيان ڳولهيان م لهان، کدڙن جي اسيمبلي، معافي، ٽياڪڙ، هن ناليواري ليکڪ، اديب، ڪهاڻيڪار سنڌي ادب جي جهول منجھ ڪتاب پڻ ڏنا. سندس مجموعي جو نالو، ڌرتي جي دانهن، پڻ مشوري ماڻي. سنڌ ڌرتي جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار، اڄ جسماني طور موجود ته ناهي مگر سندس ڪم ۽ ڪردار کي، هاڻ هميشه ورسي ڏينهن ياد ڪيو ويندو. منهنجي مرحوم جي لاءِ دعا آهي ته رب سائين کيس جنت ۾ اعلي مقام عنايت ڪري ۽ پونئرن کي صبر جي تلقين عطاءَ ڪري. آ، هڪ استاد پروفيسر جي ناتي، سندس سموري خاندان سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. سنڌ حڪومت کان گهر ٿو ڪريان ته موت مار رستي- سيوهڻ کان ڄامشورو روڊ - کي ترت ون وي ڪري، حادثن کان سنڌ واسين جي جان ڇڏائي وڃي.


ايوب عمراڻي
منفرد ڪهاڻيڪار جي موڪلاڻي!
جبران زيب
حيدرآباد ۾ هر هفتي بزمِ روح رهاڻ جي گڏجاڻي ٿيندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ بزم روح رهاڻ ۾ خاص طور تي ڪهاڻي سيشن رکيو ويو، جنهن ۾ حيدرآباد کان سواءِ ٻين شهرن کان آيل ڪهاڻيڪار به شامل ٿيا هئا. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ايوب عمراڻي پنهنجي ڪهاڻي "ضميرن جو دڪان" پڙهي هئي. اها ڪهاڻي پنهنجي موضوع توڙي ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان نهايت اعلي درجي جي ڪهاڻي هئي، جنهن کي انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ڏاڍو ساراهيو هو. سينئر ليکڪن حميد سنڌي، قاضي خادم ۽ ٻين جي مجموعي راءِ اها هئي ته، ايوب عمراڻي اڄ جي دور جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو آهي، جنهن مان سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڏيون اميدون وابسته آهن. ايوب عمراڻي صاحب سان انهيءَ ادبي گڏجاڻي ۾ منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي. مون هن کي چيو هو، "مان اوهان جون ٻيون ڪهاڻيون پڙهڻ چاهيان ٿو." جنهن جي جواب ۾ ايوب وراڻيو هو، "منهنجي ڪهاڻين جو ڪو ڪتاب ته ڇپيل ناهي، پر مان اوهان کي پنهنجون ڪهاڻيون سوشل ميڊيا وسيلي موڪليندس." جنهن کان پوءِ هن مون کي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موڪليون، جيڪي سندس منفرد تحرير سبب نهايت اثرائتيون محسوس ٿين ٿيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ، شاھراهه موت جي نالي سان مشھور ٿيل انڊس هاءِ وي تي ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ ٿڏي تي ڪي انسان پنهنجين حياتين کان محروم ٿي ويا ۽ ايوب عمراڻي کي سخت زخمي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو هو. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو ته علاج لاءِ هن کي ڪراچيءَ پهچايو ويو. ڪراچي ۾ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري صاحب وقت سِر سندس واهر ڪئي ۽ سندس علاج شروع ٿيو ته هن جي طبيعت ۾ بهتري به آئي. اهڙيون اميد ڀريون خبرون پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ٿيندو هو ته، ايوب وري اسان سان گڏ هوندو پر ڪالهه هو اسان سڀني کان سدائين لاءِ جدا ٿي ويو! بيشڪ ته هو اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو آهي، پر هُو پنهنجين ادبي تخليقن وسيلي سدائين ياد رکيو ويندو.
۲۸ اپريل ۱۹۶۶ تي جنم وٺندڙ ايوب عمراڻي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جي ابتدا ڪئي هئي. هن لڳاتار چاليهه سال لکيو. سندس ڇڏيل تحريرن ۾ لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪهاڻيون، ڪيترائي ٽي وي ڊراما ۽ ست ناول شامل آهن. افسوس ته هن جي زندگي ۾ سندس ڪو هڪ ڪتاب به پڌرو نه ٿي سگهيو. سندس ڇپجندڙ پهريون ڪتاب، هن جو ناول "دوزخ" بائينڊنگ جي مرحلي ۾ هو ته، هو حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ پنهنجي پهرين ڇپيل ڪتاب کي ڏسڻ جي حسرت کڻي ڪالهه ۲ فيبروري ۲۰۱۹ تي هميشه لاءِ هليو ويو! هو ته هاڻي موٽي نه ايندو، پر سندس ٻه سئو ڪهاڻيون، ڇهه اڻ ڇپيل ناول ۽ ٻين لکڻين کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو هن ڪم ۾ اڳڀرائي ڪندو ته اهو ساراهه جوڳو ڪم ٿيندو.

(ليکڪ جي فيس بوڪ وال ذريعي، ڏيھاڙي ڪاوش ۳ فيبروري ۲۰۱۹ع تان ٿورن سان کنيل)


ايوب عمراڻي
سن جي مٽيءَ سان پاڻ ملهائيندڙ جو وڇوڙو!
ساجد چانڊيو
سن جي سرزمين، سنڌ جي هڪ اها عظيم درسگاهه آهي، جتان سنڌي قوم کي هميشه سجاڳي ۽ ساڃهه جو سبق ئي مليو آهي. سن جي پٿريلي ڌرتيءَ هڪ سن جي سيد کي ڇا جنم ڏنو، ڄڻ سنڌ جا ڀاڳ ئي نيارا ٿي ويا. سنڌ جي سينوارجي ويل سياست ۾ اهڙو ته آدرش پيدا ٿيو، جنهن سان سنڌ جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرتيءَ سان انسيت ۽ محبت جو سبق مليو. سنڌ جي ساڃهه وند طبقي اهو سبق پنهنجي هينئين سان اهڙو ته هنڊايو جو مٿس ڪيئي ڏاڍ ۽ ڏمر قومي ڪارڪنن جي دل مان سنڌ سان محبت وارو پڙهيل اهو سبق ميٽي ناهن سگهيا، جيڪو سن جي سيد جي مڪتب جو ئي ڪمال آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي سياست کان ويندي سنڌي ادب اڄ نراسائيءَ جي اُس ۾ اڪيلو سڙي رهيو آهي ۽ اٻاڻڪو بيٺل آهي. شايد سنڌ جي قومي سياست مان نظرياتي سياست ختم ٿيڻ سبب اڄ سنڌي ادب به پنهنجي منزل، اصل دڳ کان هٽي مفادن جي حاصلات جي ڊوڙ ۾ پنهنجو ڪارج وڃائي چڪو آهي، پر پوءِ به قومي ڪارڪن پنهنجي دڳ تي گامزن آهن.
سن جي پٿريلي مٽيءَ ۾ ڪاڪي محمد اسماعيل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ان الهڙ ڇوڪري جي سِر تان به سائين جي ايم سيد جيان ننڍپڻ ۾ پدري شفقت جو هٿ هٽي ويو هو. ننڍپڻ ۾ ئي يتيميءَ جو احساس کڻي جيئندڙ اُن ٻالڪ لاءِ ڪنهن سوچيو به نه هو ته هُو وڏو ٿي سنڌ جو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار ٿي اُڀرندو، جيڪو ڪهاڻيءَ کيتر ۾ پنهنجي هڪ جداگانه حيثيت مڃائي وٺندو. ”محمد ايوب“ مان ”ايوب عمراڻي“ واري سفر ۾ هن ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪيون، پر هُن ڪڏهن به پنهنجي همت ۽ حوصلي کي پست ٿيڻ نه ڏنو. ۲۸ اپريل ۱۹۶۶ع کان ۰۲ فيبروري ۲۰۱۹ع تائين وارو سندس سفر به سسئيءَ جي سورن جهڙو ئي هو، جن سان هُو عمر ڀر جهيڙيندو رهيو، پر ڪڏهن به هيڻي نه ٻوليائين. يتيميءَ جو احساس کڻي جيئندڙ ان خوبرو نوجوان ڪنهن در واجهائڻ بدران محنت تي ئي يقين رکيو، جنهن اعتماديءَ کيس مڃتا ۽ روزگار جي بُلندين تي پهچايو، توڙي جو سندس تعليمي سفر به ڪنهن عام ٻار جي روايتي تعليم جيان رهيو، پر هُن هٿ تي هٿ رکي ڪڏهن به پاڻ کي لڪيرن جي قسمت جو محتاج نه سمجهيو ۽ نه ئي وري قسمت تي ڀاڙي ماٺ ڪري ويٺو. هُن جي رات ڏينهن جي محنت ساڀ پئي ۽ هُو پرائمري استاد مان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سيوهڻ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي مضمون جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ان دوران هُن پنهنجي تعليمي سفر کي جاري رکڻ پئي گهريو، جنهن لاءِ ايم فل ۾ داخلا پڻ ورتائين، ڪورس ورڪ مڪمل ڪرڻ بعد ”جمال ابڙي ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جو تقابلي جائزو“ جي عنوان تي مقالو لکڻ جي منظوري به ورتي هيائين، پر يونيورسٽيءَ جي پنڌن کيس اهڙو ته ٿڪائي وڌو هو جو ڪڏهن ڪڏهن ٿيلهو منهنجي ٽيبل تي اڇلائي چئي وجھندو هو ته يار پاڻ ايم فل کان ئي بس ڪئي. سن کان سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ اچون ٿا، پر استاد ملڻ ۽ وقت ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن، ڪيترين ئي شڪايتن ۽ دل شڪستگين باوجود هُو پنهنجو ڪم جاري رکيو پئي آيو، پر افسوس جو زندگيءَ هن سان ساٿ نه ڏنو.
هُن کي هميشه هڪڙي شڪايت رهي ته ادب جي ميدان ۾ کيس اها مڃتا ملي ناهي سگهي، جنهن جو هُو حقدار هو. سندس اها شڪايت ڪيتري قدر درست به هئي. جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ جتي اسان کي رحمت الله ماڃوٺي، طارق قريشي، احسان دانش، ضراب حيدر، ابراهيم کرل، مٺل چانڊيي، يار محمد چانڊيي، حسيب ڪانهيي، ممتاز لوهار ۽ جهانگير عباسي جهڙا سگهارا ليکڪ ملن ٿا، اتي انهيءَ صف ۾ ايوب عمراڻيءَ جون ڪهاڻيون پڻ پاڻ مڃائين ٿيون. هُو پنهنجي ٽهيءَ جو نمائنده ڪهاڻيڪار هو، جنهن سوچن جي سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي موضوعن جا ڪيترائي نوان موتي ميڙي گڏ ڪيا.
ايوب عمراڻي، سنڌ جي انهن چند ڪهاڻيڪارن مان هو، جن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نوان موضوع ڏئي ڪهاڻيءَ ۾ جدت جا نوان رنگ ڀريا. هُن جون ڪهاڻيون سنڌ جي ان مُدي خارج ۽ دقيانوسي رسمن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ ڪردارن خلاف مزاحمت ڪندڙ هيون. هُن پنهنجي ڪهاڻي ڪردارن جي وسيلي سنڌي سماج ۾ اهڙي تبديلي ڏسڻ پئي گُهري، جنهن ذريعي سنڌ ۾ شعوري سماج جي بنيادي اڏاوت لاءِ راهون هموار ٿي سگهن ها. هُن پنهنجي ڪهاڻين ”لاهور“، ”بابِ ڪيوڙو خان“، ”بمبئي“، ”بازارِ حسن مان نيڪالي“ ۾ جديد ڪهاڻيءَ جا اهي انقلابي رُخ متعارف ڪرايا، جهڙا مزاحمتي پهلو اسان کي جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ ملن ٿا. ايوب عمراڻي، سنڌ جي انهن ٿورن سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل ڪهاڻيون لکندڙ ڪهاڻيڪارن مان صفِ اول ڪهاڻيڪار هو، جنهن وٽ سماج جا درد ڪر موڙي جاڳي پوندا هئا. هُن جي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردار مذهبي متڀيد کان پاڪ ۽ صاف هئا. هُن جون ڪهاڻيون ڪاروڪاري رواجن، وڏيرڪي ۽ جاگيرداري ريتن خلاف هڪ مثال آهن. هُو سن جي ڌرتيءَ تي رهندي جي ايم سيد جو به پرچارڪ هو. هُن جي ايم سيد جي زندگيءَ ۽ جدوجهد کان متاثر ٿي ”جيئيم“ جي عنوان سان هڪ ڀرپور ناول لکيو، جنهن ۾ هُن سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخي روشن خيال ڪردارن کي پڻ منظرِ عام تي آندو آهي، جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح سن جي سرزمين سان تعلق رهيو هو. هُن پنهنجي انهيءَ تاريخي ناول ۾ سنڌ سان عشق ڪندڙ، انهن سڀني ڪردارن کي منظرعام تي آندو آهي، جن کي سنڌي ادب ۾ سونهري اکرن طور ياد رکيو ويندو. هُن جو ٻيو ناول ”دوزخ“ پهرين ناول ”جيئيم“ جيان ئي پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ سنڌي ادب جا باذوق فيصلو ڪري کيس مڃتا ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪري سگهندا. بهرحال! ڪهاڻي ۽ ناول جي سفر ۾ ايوب عمراڻي جو قلم انتهائي متحرڪ هو، جنهن پنهنجي تخليقن ۾ سنڌ جي هر مظلوم ماڻهوءَ کي مرڪون ارپڻ پئي چاهيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته وقت جي ستم ظريفيءَ کانئس نه رڳو قلم کسيو، پر سندس مُرڪون به ڇني ورتيون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جو بيحس معاشرو ايوب عمراڻيءَ جي ڪهاڻين کي ڪيتري اهميت ڏيندو، تنهنڪري اسان سنڌ جي سڀني ساڃهه وندن سان گڏجي ثقافت کاتي کان مطالبو ٿا ڪريون ته وقت کان اڳ وڇڙي ويل هن برجستي ڪهاڻيڪار جي سڀني ڪهاڻين ۽ ناولن توڙي ٻين لکڻين کي سهيڙي ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي.

(ليکڪ جي فيس بوڪ وال ذريعي، ڏيھاڙي ڪوشش اخبار ۴ فيبروري ۲۰۱۹ع تان ٿورن سان کنيل)


ايوب عمراڻي
محبوب ڪهاڻيڪار جو وڇوڙو ..
محبوب سنڌي
سنڌي ادب، پنهنجي جهول ۾، نامور ڪهاڻيڪارن کي جنم ڏنو آهي. ٻين ٻولين جي ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ سنڌي ڪهاڻي به مضبوظ ۽ شاندار حيثيت ماڻي آهي. ورهاڱي کان اڳ يا ورهاڱي کانپوءِ جيڪا ڪهاڻي اسان وٽ لکي وئي سا فن، اسلوب ۽ تخيل جي لحاظ کان پختو مقصد ڏيندڙ رهي آهي. خاص ڪري ڪهاڻيءَ جا پلاٽ به ڀلوڙ ملن ٿا.
۱۹۸۰ع کان پوءِ جهول نه چئجي پر ڪهاڻي گهٽ لکجڻ لڳي، ان جا ڪهڙا سبب هئا، ان تي ڪنهن ٻئي دفعي ڳالهائبو، بهرحال ڪهاڻي جي دنيا ۾ ڄام شوري ضلعي کي به هڪ الڳ سڃاڻپ حاصل آهي ڇو ته ڪهاڻي کي نئون جيئدان بخشيندڙ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا جي جنم ڀومي به ڄام شوري ضلعي جو هيڊ ڪواٽر ڪوٽڙي شهر آهي ته موهن ڪلپنا به هن ساڳئي شهر ۾ ئي پيدا ٿيو، ڪهاڻيڪار ضمير زين تنيي به پنهنجي آخري ساهن جا پساھ ڪوٽڙي ۾ ئي پورا ڪيا ته ٻئي پاسي شوڪت حسين شورو، عبدالقادر جوڻيجو، محمود مغل، الطاف ملڪاڻي، نعيم ملڪ، صائب ميمڻ ۽ ڪليم ٻٽ به ڪهاڻي جي سونهن کي سينگارڻ لاءِ قلمي پورهيو ڪري رهيا آهن، اهڙن ڪهاڻيڪارن جي وچ ۾ هڪ بيباڪ شخصيت جي مالڪ ليکاري ايوب عمراڻي جو نالو جي نه کڻبو ته سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ جو پورائو نه ٿيندو.
ايوب عمراڻي سنڌي ادب ۾ سٺين ڪهاڻين جو وڌارو ڪيو، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون ۽ انهن ڪهاڻين کي پڙهندڙن ڀرپور موٽ ڏني، جنهن جي ڪري ايوب عمراڻي کي شهرت هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ملي، پر ڪجھه ادبي ويساھ گهاتي ته ڪجھه ذاتي مصروفيتن جي ڪري ايوب عمراڻي ڪجھه سال پهرين ادبي دنيا کان پاسيرو ٿي ڪري، پنهنجي نج زندگي ۽ گهر کي ٽائيم ڏيڻ لڳو پر ادبي چاھ هن کي گهڻو وقت قلمي پورهئي ڪرڻ کان پري نه رکي سگهيو ۽ هي وري نوان آدرشي خيال کڻي ادبي پيچرن جو پانڌيئڙو بڻجي ويو، جيئن ته ايوب عمراڻي سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سمجهي ورتو هو، انهي ڪري ڌرتيءَ جي سک ۽ ڏک کي پنهنجو سمجهندڙ ليکڪ هو ۽ هن جي ڪهاڻين جا موضوع به سياسي ۽ سماجي مسئلن سان سلهاڙيل رهيا آهن، جن ۾ مسئلن کان جان آجي ڪرڻ جا حل به ڏسيل ملن ٿا. ايوب عمراڻي جو شمار ڀلوڙ ڪهاڻيڪار جي صف ۾ ئي ٿئي ٿو ،ايوب کي سٺي ڪهاڻي لکڻ تي دسترس حاصل هئي ته ناول لکڻ جو ڏانءُ به هن وٽ موجود هن ”دوزخ“ ۽ ”جي ايم“ ناول لکيا جن مان ”دوزخ“ ناول ڇپائي جي مرحلي ۾آهي.
ايوب عمراڻي ۱۹۶۵ع ۾ محمد اسماعيل عمراڻي جي گهر شاھ اويس قرني تعلقي مانجهند ضلعي دادو ”هاڻوڪي ڄام شوري “ ۾ اک کولي، ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ته سندس والد شاھ اويس قرني کان هجرت ڪري اچي سن شهر ۾ رهائش پذير ٿيو ،ايوب عمراڻي ايم فل سنڌي ادب ۾ ڪئي ۽ هن وقت پروفيسر جي حيثيت ۾ سيوهڻ شريف جي ڪاليج ۾ پنهنجون تعليم جي ميدان ۾ مليل ذميواريون نڀائي رهيو ھيو. ايوب عمراڻي، طبيعتن خوش مزاج رهندڙ، مهمان نواز ۽ شفيق شخصيت جو مالڪ هو. دوستن سان پيار ڪندڙ پڻ هو. ايوب عمراڻي، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم طرفان پنهنجون ادبي خدمتون به سرانجام ڏيندو رهيو، ۽ هن وقت به سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر طور پنهنجا فرائض نڀائي رهيو هو. ايوب عمراڻي ڪيترا ئي ٽي وي ڊراما به لکيا جي مختلف خانگي چينلن تان هليا. ايوب عمراڻي صوفي منش انسان هو، سدائين پنهنجا ڏک لڪائي ٻين لاءِ جيئندو هو، ايوب جي لکڻيءَ جو هڪ الڳ ۽ پنهنجو اسلوب هو ۽ هن وٽ لفظ جو ذخيرو هو، سنڌ ۽ سنڌوءَ جي حب کي سيني ۾ سانڍي سدائين ڌرتي واسين جي خوشحالي سوچيندڙ، ايوب عمراڻي جون لکڻيون سندس ئي شخصيت جي ترجماني ڪن ٿيون.
ايوب عمراڻي ۲۵ جنوري ۲۰۱۹ع تي سيوهڻ ڪاليج مان پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري سن طرف وين ۾ اچي رهيو هو ته، آمري ويجهو وين ۽ ڊمپر جي وچ ۾ خطرناڪ حادثو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ معروف فنڪارا حسنا پروين جو پٽ، پوٽي ۽ ننهن سميت ڇھه انساني جانيون پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺيون هيون ۽ ايوب عمراڻي سخت زخمي ٿيو هو، جنهن کي علاج لاءِ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال ۾ نيون ويو هو جٿان جواب ملڻ بعد ايوب عمراڻي کي بهتر علاج لاءِ  ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ رکيو ويو پر ڪهاڻيڪار ايوب عمراڻي جي طبيعت ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۹ ع تي سنڌي ٻوليءَ جو هي ناميارو ڪهاڻيڪار ايوب عمراڻي هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو، ايوب عمراڻي جي مڙھ کي سوين آلي اکين سان سَن جي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


اخباري خبر
تاريخ ۲۵ جنوري ۲۰۱۹ع تي، آمريءَ وٽ، سيوهڻ روڊ تي، وين ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار ليکڪ ايوب عمراڻي سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي لمس اسپتال ڄامشورو ۾ طبي امداد کانپوءِ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو هو، جتي سندس بهتر علاج نه ٿيڻ تي کيس ڪراچي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن اڄ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اهڙي خبر اچڻ کانپوءِ ادبي ڌرين ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا