; سنڌي شخصيتون: محمد ايوب عمراڻي ، خدا بخش جويو، ابراهيم لاشاري، جبران زيب، ساجد چانڊيو، محبوب سنڌي،
Showing posts with label محمد ايوب عمراڻي ، خدا بخش جويو، ابراهيم لاشاري، جبران زيب، ساجد چانڊيو، محبوب سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label محمد ايوب عمراڻي ، خدا بخش جويو، ابراهيم لاشاري، جبران زيب، ساجد چانڊيو، محبوب سنڌي،. Show all posts

11 August, 2019

محمد ايوب عمراڻي


محمد ايوب عمراڻي
تعارف
خدا بخش جويو
محمد ايوب عمراڻي ولد محمد اسماعيل ۲۲ اپريل ۱۹۶۶ع ۾ مانجهند شهر جي اولهه ۾ واقع ڳوٺ شاهه اويس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي عزيزن سان مانجهند ۾ رهيو ۽ مئٽرڪ ڪرڻ بعد ۱۹۸۱ع ۾ لطيف سنگت (ٻارڙن جي تنظيم) جو مرڪزي پريس سيڪريٽري عهديدار ٿيو. محمد ايوب عمراڻي راقم الحروف جي شاگردي ۾ ڪيليگرافي جي سکيا ورتي ۽ ۱۹۸۲ع ۾ روزانه مهراڻ ۽ ٻين مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪيليگرافيءَ طور ڪم ڪيو. ۱۹۸۵ع کان عبرت اخبار، روزانه هلال پاڪستان، روزنامه ناظم، روزانه سنڌ نيوز ۾ پڻ ڪيليگرافيءَ طور ڪم ڪيو. هن ۱۹۹۱ع کان ٽي سال روزانه سنڌ نيوز ۾”من اندر جي ڳالهه“ جي عنوان سان ڪالم لکيا. هن عبرت مئگزين ۽ عبرت اخبار ۾ سياسي تجزيا به لکيا ۽ رزانه سنڌو اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم به ڪيو. هن وقت هو سيوهڻ ڪاليج ۾ ليڪچرار هو ۽ مستقل رهائش سن ۾ اختيار ڪئي هئائين. پاڻ شاهه حيدر سوسائٽي طرفان نڪرندڙ سالياني مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان جو ميمبر پڻ هو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، اسٽيج ڊراما لکيا سندس لکيل اسٽيج ڊرامن کي سن، مانجهند، خانوٺ ۾ ڏسندڙ ماڻهن گهڻو پسند ڪيو . سندس لکيل ڊراما يونس سنائي جي هدايتڪاري ۾ ٿيا. هن ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ٻين چئنلن لاءِ به ڊراما لکيا، جيڪي ڏسندڙن ۾ مقبول ويا.