; سنڌي شخصيتون: خانصاحب الھڏنو نوناري

30 August, 2019

خانصاحب الھڏنو نوناري


خانصاحب الھڏنو نوناري
ڪلاسيڪل سنڌي ڪافيءَ جو شھنشاھ گائيڪ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي ڪافيءَ جي ڳائڻ جو هڪ پنهنجو رنگ ٿئي ٿو. ان ڪارڻ جن به وڏن گهراڻن جي ڪلاسيڪل فنڪارن سنڌي ڪافيون ڳايون آهن، تن ۾ خيال جي گائيڪي ته بيشڪ ڪمال رهي آهي، پر سنڌي ڪافيءَ جو رنگ ڍنگ ۽ هن خطي جون ڪيفيتون سولائيءَ سان سمائي نه سگهيا آهن. اهو خيال هڪ ذاتي به آهي ۽ شايد ڪافي دوست ان سان سهمت به ٿيندا. خانصاحب الهه ڏني خان نوناريءَ کي اهو ڏانءُ ۽ ڏات مليل هئي جو هن سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ آڻي ڪمال جو درجو ماڻيو. هن درويش صفت انسان جا آواز گرجدار ۽ تان جا اعلان تمام وزندار هئا.


هن وقت به جڏهن خانصاحب نوناريءَ جون ڪلاسيڪل راڳ جي امتزاج سان سنڌي ڪافيون ٻڌجن ٿيون ته ڪوبه خانصاحب ان جي قد ڪاٺ جيترو محسوس نه ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي ته جن به خانصاحب کي روبرو ٻڌو هوندو، انهن جي ڳالهين پونئيرن تي اهڙا ته اثر ڇڏيا آهن، جو اڻ ڏٺي به خانصاحب نوناريءَ جا مداح ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ملن ٿا.
منهنجو چاچو مرحوم محمد جمن جوکيو ڳالهه ڪندو هيو ته “اسان استاد الهه ڏني خان نوناريءَ جو راڳ ٻڌڻ لاءِ سکر ويندا هئاسين ۽ جتي به سندس راڳ جو هواڻو ٻڌندا هياسين ته اتي وڃي پهچندا هياسين. خانصاحب مزاج ۾ پنهنجي خيال وارو ۽ خارباز ماڻهو هو. هڪ ڀيري سکر جي ڪنهن پروگرام ۾ سندس راڳ کان پوءِ جيوڻي ٻائيءَ کي ڳارايو ويو. اها ڳالهه خانصاحب کي ڪونه وڻي ۽ منتظمين تي صفا ڏمرجي پيو. چيائين ته توهان منهنجي اها عزت ڪئي آهي، جو هڪ خانصاحب جي مٿان هڪ عوامي فنڪاره کي ڳارائي منهنجي حيثيت کي ڌڪ هڻڻ ٿا چاهيو! آئنده اوهان وٽ ڪونه ڳائبو”.
تازو هڪ لکئي پڙهئي ۽ باذوق ماڻهو، انجنيئر سڪندر لاڙڪ سان ڪچهري ٿي. مون سندس دل ۽ دماغ تي خانصاحب نوناريءَ بابت به ساڳيا نقش محسوس ڪيا. سڪندر صاحب به شايد کيس سامهون نه ٻڌو هوندو، پر اڻ ڏٺي سندس مداح ڀانئيم.لاڙڪ صاحب جو ڏاڏو مرحوم الله بخش لاڙڪ، خانصاحب جو وڏو مداح ۽ عاشق هو. هن ٻڌايو ته “خانصاحب نوناري، ڪنڊياري جي آسپاس تمام گهڻو ايندو هو ۽ هتي سندس “آواز ۾ سمايل درد” جا مداح موجود هئا. نوشهري فيروز جي ڀرسان ڳوٺ کاهي راهوءَ ۾ ته اڪثر پيو ايندو هو. هڪ ڀيري کاهي راهوءَ ۾ ڪا محفل هئي، سردي به صفا چوٽ تي هئي. خانصاحب جيئن آيو ته پيالو پي سمهي رهيو. رات جا ۱۲ پئي ٿيا، ماڻهو اوسيئڙو ڪندي پوهه ۾ پاهه پئي ٿيا. چند ماڻهو کيس اٿارڻ ويا ته ڪا محفل مچائجي، پر ڪاوڙ ۾ هڪ- ۲ دفعا کين موٽائي ڇڏيائين. نيٺ ماڻهن جي اصرار تي ڪاوڙ جي حالت ۾ ڳائڻ ويٺو. ڳائڻ ڇا هو، ماڻهن کي سرديءَ جو احساس ئي نه رهيو. ڳاتائين صرف ۵ ڪلام، پر ان جو دورانيو ۷ ڪلاڪ رهيو. ڪلام سان گڏ تانَ جي پالوٽ ۽ سرگم جو وسڪارو هو. ماڻهن تي سڪتو طاري ٿي چڪو هو.”
لاڙڪ صاحب به ان خيال جو آهي ته سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل رنگ جيئن خانصاحب نوناريءَ ڏنو، تيئن ڪنهن ۾ به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. خانصاحب سازن وڄائڻ جو به جراح هو ۽ مائي الهه رکي ميتليءَ سان سارنگي به وڄائيندو هو. لاڙڪ صاحب ڳالهه پئي ڪئي ته: ”مڃٺ ڳوٺ، تعلقي ڪنڊيارو ۾ هڪ شاديءَ جو پروگرام هو، اتي مائي الهه رکي ميتلي ڳائڻ آئي، جيتري سهڻي اوتري ڀلي ڳائڻي هئي، سازندن ۾ خانصاحب نوناري سارنگي پئي وڄائي. ڳوٺ جي ماڻهن اصرار ڪيو ته خانصاحب نوناريءَ کي موقعو ڏيو ته اسان ٻڌون. خانصاحب وراڻيو ته؛ ”محفل ميتليءَ جي آهي، مان هتي سازندو ٿي آيو آهيان، ان سبب مائي صاحبه کي ئي ٻڌو. نيٺ ماڻهن خانصاحب کي ٻڌڻ لاءِ مائي الهه رکيءَ کي هٿ جوڙ ڪئي. مائي الهه رکيءَ خانصاحب کي ٻن ڪلامن جي ڳائڻ جو موقعو ڏنو. خانصاحب نوناريءَ اهو شرط وڌو ته انهن ڪلامن جا جيڪي ڏوڪڙ ملندا ته اهي منهنجي حصي جا الڳ ٿيندا. ڇاڪاڻ ته ڳائڻ وڄائڻ جي نسبت هر ماڻهوءَ جو حصو پتي ٿيندو آهي ۽ خانصاحب نوناريءَ جي پتي سارنگيءَ جي حوالي سان ته طئه ٿيل هئي. خانصاحب نوناريءَ کي اهو به پتو هيو ته مان جيڪي ٻه ڪلام ڳائيندس، ان دوران ڏوڪڙن جي برسات ٿيندي. ۽ ٿيو به ايئن! خانصاحب نوناريءَ ٻه ڪلام، جانڻ سوناري جو: “نينهن پڙهائي نماز، عشق ٿيو آهه امام منهنجو” ۽ سچل سائينءَ جو: “اٿ نهين تو ڪٿ نهين، اهو ڪون پيا ٻوليندا.” خانصاحب جي ڳائڻ تي ايتري ته گرفت هئي جو ڳائيندو به رهيو، سارنگي به وڄائيندو رهيو ۽ ترڪي ٽوپي رکيون ان ۾ ڏوڪڙن جي وصولي ۽ مٽي به ڏيندو رهيو ۽ تان سرگم تي به ساڳيو ملڪو رهيس. بهرحال ڳوٺاڻا خانصاحب جي راڳ جا ديوانا هئا.”
خانصاحب نوناريءَ بابت لاڙڪ صاحب وٽ ڪافي معلومات آهي، جيڪا هن مختلف رسالن توڻي رڪارڊن مان حاصل ڪئي آهي. هو خانصاحب جو راڳداريءَ ۾ اچڻ وارو قصو هيئن پيو کڻي ته: ”مير علي نواز ناز ٽالپر، خيرپور جو والي، هر سال نوروز جو ڏهاڙو ملهائيندو هو، جنهن ۾ هند سنڌ جا ڪلاسيڪل گويا اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ديسي ڳائڻن يا سدا رنگي ڳائڻ کي ڳائڻ جو موقعو ڪونه ملندو هو. اتي خانصاحب الهه ڏني جو والد لالو نوناري، مير صاحب جي هڪ نوڪر معرفت، پڻ راڳ جي محفل ۾ ٻڌيسرن جي ميڙ ۾ اچي ٻڌندو هيو. لالو نوناري پاڻ به ڳائيندو هيو، پر ڪلاسيڪل جو فنڪار نه هو، يڪتاري تي لوڪ فنڪارن جيان ڳائيندو هو. پٽهس الهه ڏنو به ساڻس گڏ سنگت ڪندو هو. هڪ ڀيري مير نازڻ جي ان نوڪر جي معرفت کين هڪ ڪلام ڳائڻ موقعو ڏنو ويو. لالي نوناريءَ پنهنجي پٽ الهه ڏني کي ڳائڻ جو موقعو ڏنو. الهه ڏني کي جوڙي ڪلامن ڳائڻ جو موقعو ملي ويو، جنهن ۾ “عام کئون پاسي ٿا اورين” وارو ڪلام به شامل هو. الهه ڏني جا اهي يڪتاري تي ڳاتل لوڪ ڪلام اهڙا ته پسند ڪيا ويا، جو کيس ڪلاسيڪل گوين توڻي مير صاحب پاران انعام و اڪرام وغيره مليا. اهڙي مڃتا ملڻ بعد الهه ڏني نوناريءَ اهو محسوس ڪيو ته هنن گوين توڻي مير صاحب وٽ جيڪڏهن عزت جوڙڻي آهي ته ڇونه ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي سکيا وٺجي.”
لاڙڪ صاحب ٻڌائي پيو ته “الهه ڏني خان پهريائين امير علي خان وٽ سکيا ورتي، ان بعد عاشق علي خان وٽ به سکيو، ليڪن آخر ۾ استاد مبارڪ علي خان وٽ راڳداريءَ جي سکيا ورتائين. استاد مبارڪ علي خان کان تيار ٿي، بعد ۾ اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ استاد مبارڪ علي خان جي ننڍي ڀاءُ استاد بيبي خان جي شاگرديءَ ۾ به رهيو ۽ ڳائڻ ۾ سنگت ڪندو رهيو.
پوءِ اڳتي هلي استاد بيبي خان خانصاحب نوناريءَ کي چيو ته “هاڻي تنهنجو منهنجو رستو الڳ آهي، تون وڃي الڳ ڳاءِ.” ان کان پوءِ خانصاحب نوناريءَ دم پچائڻ تي ڏاڍي رياضت ڪئي ۽ ايتريقدر ان ۾ محو رهيو، جو هن پنهنجو پاڻ راڳ کي ارپي ڇڏيو. ان عشق ۾ هن درويش صفت ماڻهوءَ شادي به ڪو نه ڪئي.
لاڙڪ صاحب پنهنجي ئي هڪ بزرگ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته “خانصاحب نوناري ۽ استاد خيرو خان ساڳئي جوڙ جا گويا هئا، پر خانصاحب نوناري جا آواز ڏاڍا پختا، درديلا ۽ اعلان ۾ گرج هوندي هئي. سندس اوچي ۽ وڏي اعلان سان تانَ ڪمال جي هئي.”
اڄ به سندس ڪلاسيڪل ڪافيون جڏهن جديد دور ۾ ٻڌجن ٿيون ته به تازيون ۽ رنگين لڳن ٿيون. ان لاءِ ته راڳ ۽ موسيقيءَ ۾ زندگي آهي. راڳ جيئن اڳي هو، تيئن هاڻي به آهي. جيڪي راڳڻيون ۽ ٺاٺن جون شڪليون اڳي هيون، هاڻي به ساڳي شڪل سان سکيون ۽ سيکاريون وڃن ٿيون.

No comments:

راءِ ڏيندا