; سنڌي شخصيتون: خانصاحب الھڏنو نوناري، گائيڪ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،
Showing posts with label خانصاحب الھڏنو نوناري، گائيڪ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts
Showing posts with label خانصاحب الھڏنو نوناري، گائيڪ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts

30 August, 2019

خانصاحب الھڏنو نوناري


خانصاحب الھڏنو نوناري
ڪلاسيڪل سنڌي ڪافيءَ جو شھنشاھ گائيڪ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي ڪافيءَ جي ڳائڻ جو هڪ پنهنجو رنگ ٿئي ٿو. ان ڪارڻ جن به وڏن گهراڻن جي ڪلاسيڪل فنڪارن سنڌي ڪافيون ڳايون آهن، تن ۾ خيال جي گائيڪي ته بيشڪ ڪمال رهي آهي، پر سنڌي ڪافيءَ جو رنگ ڍنگ ۽ هن خطي جون ڪيفيتون سولائيءَ سان سمائي نه سگهيا آهن. اهو خيال هڪ ذاتي به آهي ۽ شايد ڪافي دوست ان سان سهمت به ٿيندا. خانصاحب الهه ڏني خان نوناريءَ کي اهو ڏانءُ ۽ ڏات مليل هئي جو هن سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ آڻي ڪمال جو درجو ماڻيو. هن درويش صفت انسان جا آواز گرجدار ۽ تان جا اعلان تمام وزندار هئا.