عبدالحي پليجو
سَدائِين سَفَرَ ۾،
رَمَنِ مٿي راهه
ڊاڪٽر پروين موسيٰ
ميمڻ
محترم عبدالحي
پليجو جي ذات ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هو سنڌي ادب جو هڪ مشهور و معروف
سفرناما نگار شمار ٿئي ٿو. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ کان پوءِ جنهن ليکڪ وڌ کان وڌ سفر
ناما لکيا آهن، اهو عبدالحي پليجو صاحب آهي. هن دنيا جي هڪ وڏي حصي جو سير ۽ سفر ڪيو
آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي ملڪ شامل آهن جن جو احوال سندس سفرنامن مان ملي ٿو. سفرنامو ادب
جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ هڪ مخصوص عرصي جو احوال ليکڪ جي پنهنجي زباني هجي ٿو، هڪ
طرح سان سفرنامو سوانح نگاريءَ جو حصو پڻ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ جي ذات جو وڏو ڪمال
آهي. سندس بياني قوت سان ئي هن جون شخصي خوبيون ۽ انفرادي حيثيت اڀري سامهون اچي ٿي.
ليکڪ جي ذهانت، خاص طور ٻوليءَ جو استعمال، تحرير جو شانائتو هئڻ، سندس مطالعو،
مشاهدو ۽ ٻيا سفرنامي لکڻ جا فني جزا سندس تحرير جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. انهن
مان گهڻيون خوبيون، حي پليجو جي سفرنامن ۾ ملن ٿيون. پليجو صاحب ننڍپڻ کان ئي علم
۽ ادب ڏي راغب رهيو. جنهن ۾ سندن گهرو تربيت ۽ تعليم جو هٿ آهي.
