; سنڌي شخصيتون: شير محمد لاشاري، استاد لغاري،
Showing posts with label شير محمد لاشاري، استاد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label شير محمد لاشاري، استاد لغاري،. Show all posts

02 August, 2019

شير محمد لاشاري - استاد لغاري


شير محمد لاشاري
پورب ويا پيهي - سندس ياد ۾ تاثر
استاد لغاري
“دُک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ،
مون لاءِ مري وئين تون، هن تار اُماڻي آ.”
(اياز گل).
بتاريخ ۰۳ جولاءِ ۲۰۱۹ع بروز اربع تي، معمول مطابق جيئن ئي صبح جو سوير چئين وڳي اُٿي، مون پنهنجو موبائيل فون کوليو، ته فورن مئسيج لڳو، “چاچا سائين! منهنجو والد صاحب شير محمد لاشاري فوت ٿي ويو آهي”. (ننڍو فرزند انيس احمد لاشاري) منهنجي روح مان هڪ اهڙي ته رڙ نڪري ويئي، جيڪا يقينن ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آئي هوندي. ليڪن ست زمينن ۽ ست آسمانن تائين ضرور پهتي هوندي. “الم، درد، حسرت، فغان، آھ، زاري. حشر هي ٿئي ٿو بپا روز روز”. (ضياءَ خياروي) امرجليل چيو هو، “زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو ظاهري گھاءُ نه ٿيندو آهي. اها گولي، انسان جي جسم کي نه، پر ان جي روح کي چيري، ان مان آرپار نڪري ويندي آهي. ان گوليءَ جو ظاهري زخم ڏسي نه سگھبو آهي، فقط محسوس ڪري سگھبو آهي. ان گوليءَ جو درد، هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو آهي”. ان صبح جو ٺيڪ چئين وڳي، منهنجي روح مان، دُک، درد، الم ۽ اندوھ جي جيڪا گولي آرپار نڪري ويئي هئي، اها ظاهر ۾ ته منهنجي جسم کي چيري ڪو نه سگھي هئي، البت اها گولي، ست زمينون ۽ ست آسمان ضرور چيري ويئي هوندي. آھ! شير محمد لاشاري!!!