رضوان گل
سنڌ جو سهڻو لکاري،
تعليم دان، شاعر ۽ گهڻ گڻئو دوست
آصف رضا موريو
لاڙڪاڻو شهر جي
علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ سائين بشير احمد شاد نه رڳو اهم ڪردار رهيو آهي پر سندس شخصيت
اڌ صدي کان به وڏي عرصي کان وٺي هن وقت تائين پنهنجا پر پکيڙيندي نظر اچي ٿي. هن
شاندار شخص نه رڳو پاڻ سنڌي ادبي کيتر کي نون رنگن سان نوازيو پر اسان کي احسان دانش
۽ رضوان گل جهڙا خوبصورت تحفا پڻ ڏنا جن جون ادبي بلند پروازيون اسان جهڙن سڀني
دوستن کان گهڻيون مٿاهيون ۽ مان واريون نظر اچن ٿيون. رضوان گل جهڙي سهڻي ۽ سيبتي
سنڌ دوست اديب ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع ڌاري لاڙڪاڻو ۾ سائين شاد صاحب جي گهر ۾ جيون ورتو ٿيو.
