; سنڌي شخصيتون: منظور قريشي، فضل سليمان قاضي،
Showing posts with label منظور قريشي، فضل سليمان قاضي،. Show all posts
Showing posts with label منظور قريشي، فضل سليمان قاضي،. Show all posts

15 August, 2019

منظور قريشي


منظور قريشي
ڄاڻ جي کاڻ ۽ ڪتابن جو پارکو
فضل سليمان قاضي
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه علم جي جستجو ۽ ڪتابن سان منسلڪ ٿيڻ جو جذبو ڪارفرما رهي ٿو. ڪتابن کي خريد ڪري پڙهڻ ۽ اُن جي پڙهڻ ۾ مستقل طور تي محو رهڻ وارن اهڙن انسانن مان هڪ قابل ذڪر فرد منظور قريشي آهي، جنهن کي ڪتابن جو ڪوڏيو Carouser of Books چئجي سگهجي ٿو. لڳي ٿو ته هن شخص پنهنجي زندگي جي ڪمائي ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ ۾ صَرف ڪئي آهي. مون کي هن جي گهر جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪتاب ئي ڪتاب نهايت سليقي سان رکيل نظر آيا. هن وٽ علم جي هر شعبي تي خاص ڪري تاريخ، فلسفي، مذهبن، آتم ڪٿا ۽ فنون لطيفن جا انگريزي ادب جا ڪئين ناياب بلڪي اڻلڀ ڪتاب به موجود آهن.