; سنڌي شخصيتون: نثار کوکر، ڏوڪري، لاڙڪاڻو، فيض محمد کوکر، استاد خالد چانڊيو، ڊاڪٽر فياض لطيف،
Showing posts with label نثار کوکر، ڏوڪري، لاڙڪاڻو، فيض محمد کوکر، استاد خالد چانڊيو، ڊاڪٽر فياض لطيف،. Show all posts
Showing posts with label نثار کوکر، ڏوڪري، لاڙڪاڻو، فيض محمد کوکر، استاد خالد چانڊيو، ڊاڪٽر فياض لطيف،. Show all posts

08 August, 2019

نثار کوکر

نثار کوکر
قلم قبيلي جو چي گويرا
چي گويرا جو هي قول “پنهنجي پيرن تي بيهي، سينو تاڻي مرڻ، گوڏن ڀر جيئڻ کان گهڻو مرتبي وارو آهي.” اسان جي دوست نثار کوکر جي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سموري عمر ان چوڻيءَ جي زندهه شڪل بڻجي جيئندو ۽ جي ڏيکاريندو رهيو آهي ته “دنيا ۾ جتي به ڪنهن سان ناانصافي ۽ ظلم ٿئي ٿو، ان جي پيڙا ۽ پچار، منهنجي دل تائين پهچندي آهي”. پانڌين پيڙائن جون اهي آهون داهون نه رڳو ٻڌندو ۽ محسوس ڪندو آهي پر ورنائيندي ۽ دردن جو درمان ڪندي پڻ نظر ايندو آهي. امير مينائي جي شعر ”خنجر چلے کسی پہ تڑپتے ہیں ہم امیر، سارے جہاں کا درد ہمارے جگر میں ہے“، جي عملي شڪل جهڙو هي گودڙيو فقير پر ممتاز سخن ور نثار کوکر بيشمار خوبين جو مالڪ آهي.