; سنڌي شخصيتون: جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو
Showing posts with label جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو. Show all posts
Showing posts with label جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو. Show all posts

03 August, 2019

جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو


جبار آزاد منگي
سنڌ جو کاهوڙي ڪردار
حفيظ چانڊيو
جتي زندگي وهه جو وٽو لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي، اتي اذيتن جو احساس ٿيڻ اڻٽر ٿي پوندو آهي، اذيتن مان گذرڻ باوجود زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. ان باوجود ڪي ڪي ماڻهو زندگيءَ کي پنهنجي علمي بصيرت سان، محبت سان، ڪمٽمينٽ سان سليقي سان گهاريندا آهن، ان حوالي سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي، جن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندي، ڪٿي گهٻرايو ناهي، سنڌ دنيا جي ڌرتي آهي جيڪا قدرت جي هر نعمت سان مالامال رهي آهي، ساڳي ئي نموني هن جي ڪُک مان لاتعداد ماڻهن جنم وٺي، سندس مان مٿاهون ڪيو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي ميدان ۾ ٻوليءَ جا لاتعداد گهڻگهرا پيدا ٿيا آهن جن ۾ نامور ليکڪ، ريڊيو ڪمپيئر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالجبار “آزاد” منگي به هڪ آهي، عبدالجبار آزاد منگي جو تعلق، شهر نصيرآباد، تعلقي نصير آباد سان آهي، جنهن ۱۸ مارچ ۱۹۶۰ع تي روينيو ڊپارٽمينٽ جي سپروائيزر عبدالرحيم منگيءَ جي گهر ۾ اک کولي.