; سنڌي شخصيتون: لياقت علي ديدڙ، علي ڏنو جروار،
Showing posts with label لياقت علي ديدڙ، علي ڏنو جروار،. Show all posts
Showing posts with label لياقت علي ديدڙ، علي ڏنو جروار،. Show all posts

10 August, 2019

لياقت علي ديدڙ - علي ڏنو جروار


لياقت علي ديدڙ
سندس وڇوڙي تي
علي ڏنو جروار
گذريل ڏينهن سنڌ واسين خاص طور تي پرائمري استادن کان سندن محبوب اڳواڻ لياقت علي ديدڙ به وڇڙي ويو، کيس دل جو دورو پيو جيڪو حقيقي راهه ڏانهن وٺي ويو. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي پرائمري استاد هئا ۽ آهن پر انهن مان ڪي شخصيتون اهڙيون به آهن جيڪي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت ۽ سگهه رکن ٿيون. لياقت علي ديدڙ به انهن مان هو. هو پرائمري استادن جي تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو ڳچ عرصي تائين ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر رهيو، تنهن کانسواءِ ٻه دفعا رفيق جروار سان گڏ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. لياقت ديدڙ سنڌ جي پرائمري استادن جي حقن لاءِ هر وقت جدوجهد ۽ لانگ مارچ ۾ مصروف رهندو هو. ڪيترائي دفعا کيس تڪليفن ۽ صعوبتن کي به منهن ڏيڻو پيو. هو انتهائي بهادر ۽ داناءُ ليڊر هو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جا استاد کيس شيرِ استاد جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ هن پنهنجي عملي ڪردار توڙي جدوجهد مان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو واقعي اڻ موٽ ۽ ارڏو انسان هو. ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ سنڌ جي استادن جڏهن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ته ان وقت ڪراچي جي سموري پوليس سنڌ جي هٿين خالي استادن تي ڪڙڪي پئي، جنهن ۾ لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. ان احتجاج ۾ لياقت ديدڙ ۲۲ استاد اڳواڻن سميت گرفتار ٿيو ۽ آرٽلري پوليس اسٽيشن ۾ قيد رهيو.